موهن جي دڙي جون هڪ سؤ مُهرون

ڪتاب جو نالو موهن جي دڙي جون هڪ سؤ مُهرون
ليکڪ ايس. ايم. پونيڪر
سنڌيڪار / ترتيب عطا محمد ڀنڀرو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-004-3
قيمت 300    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (788) PDF  E-Pub
انگ اکر

12 September 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     102248   ڀيرا پڙهيو ويو

    ڪتاب بابت


    محترم عطا محمد ڀنڀري جو ترجمو ڪيل هي ڪتاب اداري ۾ منهنجي اچڻ کان به گهڻو اڳ کان ٻين ٽن ڪتابن سان پيل هو، انهن جي ڇپائيءَ جي منظوري به ٿيل هئي، جيئن ته اهي ڪتاب سنڌو لکت جي ڀاڃ جي سلسلي جا هئا، ان ڪري انهن ۾ منهنجي پنهنجي گهڻي دلچسپي هئي ۽ جڏهن پبلڪيشن ڪميٽيءَ جي هڪ ميٽنگ ۾ انهن جي لاءِ ماهرانه راءِ وٺڻ ۽ انهن جي ايڊيٽنگ ڪرڻ جو سوال اٿيو هو ته مون يڪدم انهن جو ذمو پاڻ تي کنيو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ مون اهي مسودا پاڻ وٽ گهرايا ته جيئن ڪم شروع ڪجي. ترجمو ٿيل ڪتابن جي ايڊيٽنگ لاءِ ضروري هوندو آهي ته ان اصل ڪتاب کي به سامهون رکجي جنهن جو ترجمو ڪيو ويو آهي. سو مون انهن چئن ئي ترجمن جا اصل ڪتاب گهريا. ٻڌايو ويو ته اصل ڪتاب ته مترجم ڏنا ڪو نه آهن، انهيءَ کان گهرائي ٿا وٺون. ڪيترا ڏينهن گذري ويا، مهينا گذري ويا ڪم شروع ڪري ڪا نه سگهيس. آخر گهڻين ڪوششن کانپوءِ صرف هڪ ڪتاب جي فوٽو ڪاپي ملي، ان کي سامهون رکي مون ايڊيٽنگ شروع ڪئي، ڪم تمام ڏکيو هو، مترجم محنت به تمام گهڻي ڪئي هئي، سندس ٻوليءَ جي مزاج جي مون کي ان وقت کان خبر هئي جڏهن مون سندس پهريون ترجمو ڪيل ڪتاب ڊاڪٽر سورلي جو ”ڀٽ جو شاهه“ ايڊٽ به ڪيو هو ته ان جي سوڌ سنوار به ڪئي هئي، ته به هن ڪم ۾ مون کي چڱو وقت لڳي ويو، باقي ٽي مسودا اڃا پيل هئا جن جا اصل ڪتاب نه ملي سگهيا هئا. اڳئين سال وري هڪ پبليڪيشن ڪميٽيءَ جي ميٽنگ ۾ پڇاڻو ٿيو، ته هڪ ميمبر صاحب اعتراض ڪيو ته سڀ ڪتاب هڪ محترمه کي ڏنا ويا آهن سو اهو ڪم ٿي ڪو نه سگهندو. ان ڪري اها هڪڙو ڪتاب ايڊٽ ڪري باقي ڪتاب ٻين کي ڏنا وڃن. مون چيو ’بسم الله‘، پوءِ هڪ ڪتاب جنهن تي مون ڪم پئي ڪيو اهو مون رکيو باقي ٻين جي حوالي ڪيا ويا، پر انهن محترم شخصن به اصل ڪتابن جي تقاضا ڪئي، ان ڪري اهي ڪتاب جيئن جا تيئن پيا رهيا. مون هن ڪتاب کي چڱي طرح پڙهي ضروري ايڊيٽنگ ڪئي پر ڪن ڳالهين جي حوالي سان مطمئن ڪا نه هئس، ان ڪري ان کي محترم محمد ابراهيم جويي کي آخري نظر وجهڻ لاءِ ڏنوسين ۽ جيئن جويي صاحب جي عادت آهي ته هو تمام گهڻي محنت ۽ عرق ريزي ڪندو آهي. سو هن سرسري نظر وجهڻ بدران ان تي اڃا به وڌيڪ محنت ڪئي ۽ ائين هي ڪتاب گهڻي سوڌ سنوار کانپوءِ پڙهندڙن تائين پهتو آهي، ان ڪري اميد آهي ته کين گهڻو پسند ايندو. محترم عطا محمدڀنڀرو اسان جو بزرگ آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ڀاڃ تي لکيل ڪتاب ترجمي ڪرڻ کانسواءِ پاڻ به ان ڏس ۾ ڪتاب لکيو اٿس، جنهن تي ٿيل محنت جي ادا سراج مون سان هڪ ڀيري تمام گهڻي تعريف به ڪئي هئي. ان ۾ڪو شڪ ڪونهي ته جيڪي ڪتاب هن ترجمو ڪيا آهن اهي واقعي ته تمام اهم ڪتاب آهن. هي ڪتاب انهن سڀني ڪتابن کان ڏکيو آهي، ڇاڪاڻ جو هن کي سمجهڻ لاءِ ”هندو مائٿالاجي“ يا ديومالا جي ڄاڻ ضروري آهي. هن ۾ ڏنل ديومالائي ڪردارن جا نالا شجرا، منصب، تصوراتي يا تاريخي ۽ نيم تاريخي واقعا ۽ وارداتون، ڌرمي عقيدا، ريتون، رسمون، قربانيون ۽ ٻيو گهڻو ويدن، پُراڻن مان ورتل مواد اهڙو آهي جنهن بابت اسان جو ماڻهو بلڪل اڻڄاڻ آهي، سموري ڪٿا ڪرڻ پويان اصل مصنف جو مقصد هٿ آيل مهرن تي موجود سنڌو لکت کي ڪو خاص پس منظر ڏيڻ به آهي ته ان ۾ موجود ٻوليءَ کي قديم آريائي اهڃاڻن ۽ علامتن سان لاڳاپي، ان کي آريائي ثابت ڪرڻ به آهي، ان ڪري جديد دور ۾ انهن مهرن جي لکت سمجهڻ لاءِ اهي ڳالهيون ڪيتري قدر ڪارائتيون ٿينديون اهو چئي نٿو سگهجي. اسان جو ته يقين آهي ته انهن مهرن تي اڪريل لکت هتان جي اصلوڪي ٻوليءَ جي لکت آهي، ان کي انهيءَ پس منظر ۾ سمجهڻ گهرجي. بهرحال ٻوليءَ جي ڀاڃ جي سلسلي جي هڪ ڪڙيءَ طور هي ڪتاب به پڙهي ڏسو، متان ڪو ڌڪو لڳي وڃي. مون کي اميد آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي ڀاڃ سان دلچسپي رکندڙن لاءِ هي ڪتاب گهڻي دلچسپيءَ جو باعث بڻجندو. 27جنوري 2014ع حيدرآباد، سنڌ