موهن جي دڙي جون هڪ سؤ مُهرون

ڪتاب جو نالو موهن جي دڙي جون هڪ سؤ مُهرون
ليکڪ ايس. ايم. پونيڪر
سنڌيڪار / ترتيب عطا محمد ڀنڀرو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-004-3
قيمت 300    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (792) PDF  E-Pub
انگ اکر

12 September 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     102838   ڀيرا پڙهيو ويو

اَڪش پَد (اڻ – سُڃاتلَ) لپيءَ جي ڪُنجي


هن ڪتاب جو مصنف ٻڌائي ٿو، ته قديم لکتن جي ماهرن لاءِ اهو هڪ مونجهارو آهي ته سنڌو لکت آريائي آهي يا دراوڙي. سنڌو – لکت جي مُهرن ۾ ’اڪش  پَد لِپي‘ ڪتب آيل آهي. جنهن مان ناگري، برهمي، ڏکڻ هندستاني، وچ اوڀر ۽ يورپي ٻولين جي الفابيٽ جا نظام نڪتا آهن، جڏهن ته خط ميخيءَ (Cuneiform) جو اِن سان ڪو واسطو نه آهي. ليکڪ کي اهڙين ٻولين ۾ به شڪ آهي ته انهن جو اڪش پد لپيءَ سان ڪو تعلق ضرور آهي. چڱي چوکيءَ کوج کان پوءِ، قديم لکت جي علم لاءِ، هند يورپي لکت جي هڪجهڙي نموني واسطي  بنيادي تجويز ڪرڻ جي ڏس ۾، هُن مناسب حد تائين مواد گڏ ڪري ورتو آهي. منجهس ڪي گهاريون ضرور آهن، جن جي ڀرجڻ ۾ ڪن مهينن يا ورهين جي کوج گهربل آهي. رڳو مختلف لپين جو ڀيٽا ڀيٽي اڀياس  لاڀائتو نه ٿيندو. ليکڪ بگڙيل لفظن کي لپين جي آغاز واري نقطي جي، جي. آر ڊرائيور واري نظريي کي قبول نٿو ڪري سگهي. سڄيءَ دنيا جون لپيون قبوليل مفروضن تي بيهاريون ويون هيون، جن جو استعمال مختلف ٻولين ۾ مختلف رهيو هو. پاڻڻيءَ ناگريءَ کي (اوڻايون ڪڍي) مڪمل ڪيو، ۽ ائين ان ”اڪش پد لپي“ کي ريٽي ڇڏيو، جيڪا سڪندر جي حملي (واري  دور) تائين رائج رهي هئي. هن رهندو پنهنجي خطاطي، ٻٽيءَ معنيٰ  وارن تصويري لفظن (Visual double entendres)  ۽ (گرامري) اشارن جي نظام کي اوسر ڏني.