موهن جي دڙي جون هڪ سؤ مُهرون

ڪتاب جو نالو موهن جي دڙي جون هڪ سؤ مُهرون
ليکڪ ايس. ايم. پونيڪر
سنڌيڪار / ترتيب عطا محمد ڀنڀرو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-004-3
قيمت 300    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (792) PDF  E-Pub
انگ اکر

12 September 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     102854   ڀيرا پڙهيو ويو

پيش لفظ


جڏهن آءٌ UGC پاران ڏنل  تحقيقي رٿا ”ميڊيوَل انڊين ٿاٽ ۾ هريجن حصو“  جي موضوع تي ڪم ڪري رهيو هوس، ته پس منظر جي مواد طور منهنجو واسطو سنڌو لکت جي مُهرن(Indus Seals)  سان پيو ۽ انهن ۾ منهنجي جذباتي  دلچسپي وڌي ويئي. واڊيل (Waddal) پارگٽر (Pargitter) ۽ ڊاڪٽر ايس. آر رائو (Dr.S.R Rao) جا ڪيل (تحقيقي) ڪم، جيتوڻيڪ گهڻيءَ حد تائين اطمينان بخش نه هئا، پر انهن گڏيل نموني پراچين هندستان سان ملائڻ ۽ ويجهي ٿيڻ ۾ مدد ڏني. هاڻي آءٌ پنهنجي (تحقيقي) ڪم ”هند يورپي اوائلي لکت جو هڪ عمومي نظريو“  کي پوري ڪرڻ لائق آهيان. آءٌ مٿي بيان ڪيل بنيادي ڪم ڪندڙن ۽ گهڻن ٻين جو گهڻو ٿورائتو آهيان جن جو  ثانوي مواد لاءِ ڪتاب ۾ ذڪر آهي. آءٌ خاص  ٿورا مڃيان ٿو، ناميارن عالمن، ڊاڪٽر، ڪي. وي. رميش، ڊاڪٽر اي. وي نرسمها مُرٿيءَ، ڊاڪٽر ايس. ايڇ رٽيءَ، ڊاڪٽر بي . ڪي گرو راجا ۽ ڊاڪٽر هاما نائڪحو،  جن منهنجي وقتائتي  سهائتا ڪئي.  ڊاڪٽر ڪي. راگهويِندر ۽ سرڳواسي ڊاڪٽر ڊي. آر بندريءَ جا به وڏا وڙ مڃان ٿو، جن اعرابن جي نشانن ڄاڻڻ ۾ شري سيتا رام جيهاگرداري جي  وڏي ڌيرج سان سهائتا ڪئي.

آءٌ پنهنجو هيءُ ڪتاب پنهنجين  ٻن پيارين ڌيئن کي ارپيان ٿو. هن قلمي نسخي جو آخري صفحو وڏي ڌيءَ جي وهانوَ جي موقعي تي آڌيءَ رات ويل لکي پورو ڪيو ويو.  منهنجي گهر واريءَ ۽ سالي جا به مون تي احسان آهن جن، منهنجي پتيءَ جو بار به گهڻي قدر پنهنجن ڪلهن تي کڻي مون لاءِ هن ڪم جي پوري ڪرڻ جي فرصت مهيا ڪئي.

شنڪر مُڪشي پونيڪر