سنڌي ٻولي (جون 2017ع )

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻولي (جون 2017ع )
ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN ISSN: 2519-9765
قيمت 120    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (921) PDF  E-Pub
انگ اکر

15 June 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     276854   ڀيرا پڙهيو ويو

’ر‘ سنڌي ٻوليءَ جو هڪ آواز


قاضي مقصود احمد

’ر‘ سنڌي ٻوليءَ جو هڪ آواز

‘Ray’ a Sound of Sindhi Language

 

Abstract:

 

Sindhi is the basic language of Indus (Sindhu) civilization and we could have seen un-avoidable evidence of Sindhi language in all Sindhu-European languages. But the history of Sindhi language has not been written with due justice. In this article, I have only tried to prove that in different Aryan languages, double consonants are used to create another consonant. Aryan languages are filled with such type of words. It is very clear that double consonants belong to which ancient language, i.e.  Ancient Sindhi, whom we are concerned as a nation, as a language speaker. In this context I have mentioned in this article, the views of Ibn-e-Khaldoon, how he suggested to make a double consonant for a different sounds of Barbarian or any non-Arabic language.

               As well as ‘چ’ letter (Ch) mentioned in ‘Karachi’, the Capital City of Sindh Province, is pronounced as ‘تش’ (tsh) in Arabic language. This is also an example of dual term and nobody could insist on that the letter ‘Ch’ is the deteriorated pronunciation of Arabic letter ‘tsh’. Similarly, aspirated letter ‘h’, semivowels ‘y, r, l, v’ and sibilants s, s, sh-based double consonants used in Sanskrit are indicating the actual letters, which are mentioned in Sindhi Script.

               In this article, letter r-based examples indicate that double consonants, especially impulsive sounds of Sindhi Language are very ancient and also belong to ancient Sindhu-European Language, i.e. Sindhi and due to dual use of consonants, actual sounds are becoming missing from all languages except Sindhi Language.

            Thus the evidences in this article are giving a new direction of research of the genealogy, ancient structure, and relationship of other languages with Sindhi Language.

 

’ر‘ سنڌي پٽيءَ  جو پنجويهون، عربيءَ جو ڏهون، فارسيءَ جو ٻارهون ۽ سنسڪرت جو ستاويهون اکر آهي. هي اکر، لساني لحاظ کان ،لرزيدار هڪ ڌڪو، مهارن وارو، روان اوســرگ آواز ليــکبو آهي. سنسڪرت ۾ ’ر‘ جــو استعمــال، سيــمي واويل Semi Vowel طور به ڪيو ويندو آهي. دنيا ۾ اکرن جي صورت ۾ لکجندڙ ڪي ٻوليون اهڙيون آهن، جن ۾ آوازن جيترا صوتيا آهن، جڏهن ته ڪن ۾ آوازن کان گهٽ صوتيا ٿيندا آهن. اهڙين ٻولين ۾ واڌو آوازن کي اچارڻ لاءِ ،گڏيل وينجن استعمال ڪيا ويندا آهن. خاص طور تي اوسرگ آوازن جون وسرگ صورتون ظاهر ڪرڻ لاءِ انهن جي پٺيان ’ ﮫ ‘ (h) جو صوتيو ملايو ويندو آهي. ان کان علاوه ڪيترائي صوتيا آهن، جيڪي ٻٽيءَ صورت ۾ استعمال ڪري، نون آوازن جي نمائندگي ڪئي ويندي آهي. اهڙي قسم جي صوتين ۾ نيم سرن (Semi Vowels) به شامل آهن، جيڪي آزاد صوتيا هوندي به ٻين صوتين سان گڏجي استعمال ڪيا ويندا آهن. سنسڪرت ۾ انهن جو تعداد چار آهي، جيڪي هن ريت آهن(1).

Ya

ra

la

va

جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته اوسرگ آوازن جون وسرگ صورتون ظاهر ڪرڻ لاءِ ’ ﮫ ‘ جو استعمال ڪيو ويندو آهي. اهڙا مثال هند يورپي آريائي ٻولين ۾ عام جام موجود آهن. سنڌي ٻوليءَ جي آوازي پٽيءَ ۾، انهن لفظن مان اڪثر اکرن لاءِ الڳ صوتيو مقرر ڪيو ويو آهي. البته جهه ۽ گهه لکڻ لاءِ ’ ﮫ ‘ جو استعمال ڪيو ويندو آهي. اهي صورتون هن ريت آهن.

اوسرگ

پ

ب

ت

د

ٽ

ڊ

چ

ج

ڪ

گ

وسرگ

ڦ

ڀ

ٿ

ڌ

ٺ

ڍ

ڇ

جهه

ک

گهه

آوازن جي لکت وارن صوتن ۾ وسرگائي پيدا ڪرڻ لاءِ ’ﮫ‘ جو استعمال عام هئڻ جي باوجود ڪٿي ڪٿي اهڙا لفظ به الڳ الڳ پڙهيا ويندا آهن. ان جي مقابلي ۾ اباڻي ٻولي کان سواءِ، نيم سرن (Semi Vowels) جو ٻٽن صوتين ۾ استعمال ڪرڻ، ڪا ٻي ٻولي ڳالهائڻ واري لاءِ عام فهم نه هوندو آهي. ان ڪري ٻي ٻولي ڳالهائڻ وارا ته لازمي طور تي پنهنجي ٻوليءَجي مزاج مطابق اهڙن لفظن کي اچارڻ مهل چٽيءَ طرح ٻه الڳ آواز ڪري اچاريندا آهن، جڏهن ته ساڳي ٻولي ڳالهائڻ وارا به گهڻو ڪري انهن کي الڳ الڳ صوتيا سمجهي ويهندا آهن ۽ اهڙيءَ طرح اصل آواز وڃائي ويهي رهندا آهن.

سنڌي ٻوليءَ جي چوسڻن آوازن بابت تحقيق ڪندي پروفيسر علي نواز جتوئي هن نتيجي تي پهتو آهي ته:

"منهنجي تحقيق موجب ويدڪ آرين جي اچڻ کان اڳ سنڌي زبان ۾ ب، د، ڊ، ج ۽ گ آواز ڪونه هئا ۽ انهن جي بجاءِ ٻ، ڏ، ڄ ۽ ڳ آواز استعمال ٿيندا. هئا"(2).

جتوئي صاحب جي تحقيق، چوسڻن آوازن جي لحاظ کان اهم حيثيت رکي ٿي. پر مون کي ائين سمجهه ۾ ٿو اچي ته دراصل اهي چوسڻا آواز ان ٻوليءَ جا آهن، جن کي هند يورپي آريائي ٻولين جي ماءُ چيو وڃي ٿو ۽ اها ٻولي، سنڌيءَ کان سواءِ، ٻي ڪا به ڪانهي ۽ اڄ جي سنڌي ٻولي، پنهنجي جديد روپ ۾ ان ئي قديم ٻوليءَ جي تهذيبي ۽ لساني وارث ۽ قائم مقام آهي ۽ يادگار طور اهي چوسڻا آواز جيئن جو تيئن سنڀالي ويٺي آهي، جيڪي هند يورپي ٻولين ۾ ڪٿي ٻٽي وينجن جي صورت ۾ نظر اچن ٿا ته ڪٿي متشابهه صوتيا استعمال ڪرڻ جي ڪري پنهنجي اصليت وڃائي ويٺا آهن.

اصل ٻولي هئڻ ڪري، اهي لفظ سنڌي (بشمول سرائڪي) ۾ اڄ به شامل آهن. هن صورت ۾ ڪن لفظن کي ڏسندي ائين محسوس ٿي سگهي ٿو ته انهن مان ’ر‘ غائب ٿي وئي آهي. جيئن پروفيسر علي نواز جتوئي لکي ٿو ته:

"لسانيات جي عالمن ڏٺو آهي ته ڪي آواز ڪن لفظن مان ڪڏهن نه ڪڏهن گم ٿي وڃن ٿا. پٽڙن آوازن مان ’ر‘ آواز اهڙو آهي، جيڪو پد جي پڇاڙيءَ ۾ اچڻ ڪري گم ٿي سگهي ٿو. مثال طور برپا مان بپا، گرڀ مان ڳڀ، ڪرشن مان ڪشن، ڀينر مان ڀيڻ. ’ر‘ جو اهو حال گهڻو ڪري دنيا جي سڀني ٻولين ۾ آهي"(3).

                        هن سلسلي ۾ ايترو چوڻ ڪافي آهي ته ڄاڻايل لفظن ۾ ’ر‘ جو استعمال، نئون لفظ ظاهر ڪرڻ لاءِ ٻٽي وينجن طور ڪيل آهي. لفظن مان ’ر‘ جو استعمال يا ته تڏهن غائب ٿئي ٿو، جڏهن انهن جي جاءِ تي اصل آواز ظاهر ڪندڙ اڪيلو وينجن استعمال ڪيو وڃي ٿو، يا ٻيءَ ڪنهن ٻوليءَ مان ان جي عيوضي آواز واري صورت سان لفظ داخل ٿي وڃي، يا وري تڏهن؛ جڏهن استعمال ڪندڙ ’ر‘ استعمال ڪرڻ جي ڪارڻ کان ناواقف هجن.

مثال طور: قديم فارسي (زندي)  ۾ ،’ڪ‘ ۽ ’گ‘ (توڙي ڳ لاءِ) لاءِ ساڳيو صوتيو استعمال ٿيندو هو، ۽ ڳئونءَ کي ’ڪائو‘ لکيو ويندو هو. پراڪرتڪ ٻولين ۾ ’گ‘ جو الڳ اچار موجود آهي. سنسڪرت ۾ ويدن جي رچنا دوران به اها صورت موجود آهي، جنهن ڪري ئي هن آواز کي چٽو ڪرڻ لاءِ ’گ + ر‘ جي ٻٽي صوتئي سان ’ڳ‘ جو آواز ظاهر ڪيو ويو.  

                        هيٺ اسان ’ر‘ جي استعمال سان ٻٽي وينجنن جي صورت ۾ ظاهر ٿيندڙ آوازن کي کولي بيان ڪيو آهي. جن مان ’ر‘ جي غائب ٿيڻ جا ڪارڻ به چڱيءَ طرح پروڙي سگهجن ٿا.

سنسڪرت ۾ ’ر‘ جو استعمال فارسيءَ جي ’آ‘ ۽ ’اي‘ سر جي جڳهه تي ڪيل: فارسيءَ ۾ ’نه‘ انڪار جو صيغو آهي ۽ ناڪاري حالت کي ظاهر ڪندو آهي. هن کي ’نا‘ جي صورت ۾ به اچاريو ويندو آهي. فارسي ٻوليءَ ۾ هن قسم جا لفظ ناخوش، نااميد، نادار، نادان ۽ نامناسب، وغيره آهن. فارسيءَ ۾ ئي ناڪاري حالت ظاهر ڪرڻ لاءِ ’بي‘ جو صيغو به استعمال ڪيو ويندو آهي، جهڙوڪ بيدل، بيقرار ۽ بيشڪ وغيره. سنسڪرت ۾ هن قسم جي حالت ظاهر ڪرڻ لاءِ ’نر‘ جو استعمال ڪيو ويندو آهي. جهڙوڪ: نِرْسنگهه (اڌ شينهن، اڌ ماڻهو)، نِرْڌن (بي ڌن)، نِراشا (نااميدي)، نِراليسه(چست يعني جيڪو سست نه هجي)، نِرْدئي (بي رحم)، نِربل، نِرمل (اڻ ميرو، پوتر، پاڪ، نج، خالص وغيره).

 فارسيءَ ۾ ’هه‘ جو شهبو پيدا ڪرائيندڙ ’ر‘ جو مثال: طبري، پنهنجيءَ تاريخ ۾، ايران سان تعلق رکندڙ هڪ قوم (نسل) جو ذڪر ’جامر‘جي نالي سان ڪيو آهي(4). هي دراصل ’ڄام‘ لفظ آهي، جيڪو جمشيد سان نسبت رکندڙ نسل جي شناخت آهي، ۽ ان جي پويان ايندڙ ’ر‘ ڊگهي يا ڇوٽي سر طور ڪم آندل آهي. جيئن سنسڪرت ۾ جتندره، ڌرميندره، وغيره وغيره وانگر نالا لکيا ويندا آهن.

اهڙيءَ طرح سنسڪرتي ادب ۾ جامڀ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جامڀ، اسر آهن. ويدڪ روايتن تي نظر رکندڙن کي خبر آهي ته جامڀ، ايراني آرين کي چيو ويندو هو. جيڪي سنڌ جي واديءَ تائين ڦهليل هئا. اهي هندستاني آرين سان مقابلي ۾ هئا. انهن مان هڪ سردار جو نالو جامڀ واڻ (JÀMBAVÀN)هو،  جنهن کي ڪرشن شڪست ڏيئي ان جي ڌيءَ جامڀ وتيءَ سان شادي ڪئي هئي(5). ويدڪ روايتن ۾ انهن جي رهڻ واري علائقي کي جنب ديپ، جمبو ديپ جهڙن نالن سان ڄاڻايو ويو آهي. واضح طور تي محسوس ڪري سگهجي ٿو ته طبريءَ جي ڄاڻايل ’جامر‘ کي ئي ويدڪ روايتن ۾ ’جامڀ‘ چيو ويو آهي. يعني هتي ’ڀ‘، ’ر‘ جي نعم البدل طور ڪم ڏئي رهي آهي. جيئن ته نالي جي آخر ۾ ’هه‘ جو اچار عام آهي، ان ڪري سمجهي سگهجي ٿو ته فارسيءَ جي ’ر‘، جيڪا مٿئين مثال ۾ ’ڀ‘ جو نعم البدل آهي، اها دراصل  ’هه‘  جي قائم مقام صورت آهي. جيڪا به اصل ۾ ڊگهي، يا ڇوٽي سر کي ظاهر ڪري رهي آهي.  پروفيسر علي نواز جتوئيءَ ٻين ٻولين ۾ به ’ر‘ جي استعمال جو ذڪر ڪيو آهي. جنهن مان لڳي ٿو ته سنسڪرت ۾ ’ر‘ جي مستقل ٻٽي وينجن طور استعمال ٿيڻ کان اڳ ايران ۽ وچ ايشيا جي علائقي جا ماڻهو  ’ر‘ جي اهڙي استعمال کان واقف ضرور هئا.

سنسڪرت ۾ ٻٽي وينجن طور ’ر‘ جو استعمال:

سنڌي ٻولي، پنهنجي تهذيبي قدامت جي لحاظ کان تعارف جي محتاج ڪانهي. پر ان جي لساني شناخت جا ثبوت نامڪمل آهن. مٿي اسان سنڌي ٻوليءَ کي هند يورپي ٻولين جو ماخذ قرار ڏيئي اها دعواه ڪئي آهي ته سنڌيءَ جا  چوسڻا آواز ان ئي ٻوليءَ سان تعلق رکن ٿا.

هتي انهن لفظن جي فهرست ڏجي ٿي، جن مان خبر پوي ٿي ته سنسڪرت ۾ ٻٽا وينجن، نئون آواز ظاهر ڪرڻ لاءِ جوڙيل آهن. انهن مان سنڌيءَ جا چوسڻا آواز خاص طور تي نوٽ ڪري وڌيڪ تحقيق ڪرڻ گهرجي. جيڪي ٻٽا وينجن استعمال ڪرڻ جي ڪري سنسڪرت ۽ ان مان ڦٽي نڪتل ٻولين مان غائب به ٿي ويا آهن(6).

هندي لفظ ۾ ر جو استعمال

اردو  معنيٰ

سنڌي تلفظ / معنيٰ

الف کان پوءِ جزم سان ’ر‘ جو اچار  الف سان گڏجي ’آ‘ جو آواز پيش ڪري ٿو.ان جا ڪجهه مثال هتي پيش ڪجن ٿا.

اَرْڌ

آدها، نصف

اڌ

اَرْڌ چندر

آدها چاند

اڌ چنڊ، هلال

اَرْڌناگري

اَرْدھ ناگری

اَرْڌناگري

اَرْڌ انگني

بیوی

زال (جيڪا مڙس سان گڏ گهر جي اڌ مالڪ ليکبي آهي)

اَرْڪ

آگ، سورج

باهه، سج، آگ، آڳ

اَرْگائي

خاموشی

ماٺ، خاموشي، گوڙ جو ضد

 

هندي لفظ ۾ ر جو استعمال

اردو  معنيٰ

سنڌي تلفظ / معنيٰ

’ب‘ سان جڙيل اهڙا لفظ، جن کي ڏسندي لڳي ٿو ته انهن جي اچار ۾ ’ٻ‘ هئڻ گهرجي:

برده (ورده)،

--

ٻڌ

 

برهمن

برہمن

ٻانڀڻ

فارسيءَ ۾ مختلف دورن ۾ هن لفظ جا اچار هن ريت رهيا آهن: بهمن، ڀمن، ڀامن، بامني، هنديءَ ۾ به هن جو هڪ اچار ’باهمن‘ ٿئي ٿو.

بـُرْهنل

 

نامرد

منهنجي خيال ۾ هن لفظ ، ’بـُرْهنل‘ جو صحيح اچار، ’ٻانهو‘ ٿيندو. ڇو ته قديم زماني کان اها رسم هلندڙ آهي ته ٻانهن کي نامرد ڪري پوءِ پاڻ وٽ رکيو ويندو هو. مغلن جي دور تائين ’خواجه سره‘لفظ ان ئي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو هو.

بَرْڌڻ

وردھ

وڌڻ

بَرْسَڻ

ورش، برسنا

وسڻ

ظاهري طور تي هنن لفظن مان ’ٻ‘ جو آواز نه ٿو محسوس ٿئي، پر ’ٻ‘ ۽ ’و‘ تحت ڏنل آواز ڏسي مون هنن چند لفظن کي وڌيڪ تحقيق لاءِ هتي شامل ڪري ڇڏيو آهي.جيئن (لفظ ’ورڌ‘، ‘ٻڌ‘جي اچار طور مٿي ڏنل آهي. جنهن مان لڳي ٿو ته بَرڌڻ به ان مان نڪتل لفظ آهي.

 

هندي لفظ ۾ ر جو استعمال

اردو  معنيٰ

سنڌي تلفظ / معنيٰ

 ’تِرْ‘ جو استعمال ’ٽ‘ جي اچار لاءِ ڪيل

تِرِ، تِرِي

تین

ٽي

تِرْبيد، تِرْبيدي

تین وید، تین وید جاننے والا

ٽي ويد، ٽن ويدن جو ڄاڻُ

تِرْپاد

تپائی، سہ پائی

ٽِپائي

تِرْڪُوٽ

تکون

ٽِڪنڊو

تِرْلوڪ

تین لوک

ٽي دنيائون

تِرْمارگي

سہ راہا

ٽه واٽو

هن قسم جو استعمال لفظ جي آخر ۾ به ٿيندو آهي، جنهن جا مثال هن ريت آهن.

پـُتَرْ

بیٹا

پٽ

مِتِرْ

متر

مِٽ

مـُتِرْ

پیشاب

مـُٽ، پيشاب

 

هندي لفظ ۾ ر جو استعمال

اردو  معنيٰ

سنڌي تلفظ / معنيٰ

جَرْ  جو ’ڄ‘ طور استعمال

جَرڪَ

--

ڄرڪ، (چمڪو، تجلو، چلڪو، پچ، ساڙُ)

جِرايج،

--

رحم مان پيدا ٿيندر مخلوق (ڄمڻ جي مفهوم ۾) ڄايو، ڄاول، ڄميل

جَرايو

آنول

ڄَرِ، (اها جهلي، جنهن ۾ ٻار ويڙهيل پيدا ٿيندو آهي. آنور، اور)

جلاڪا

--

ڄَرِ

جول

آنچ، شعلہ، آگ

سڙڻ، کامڻ، پچڻ، ڄَرَڻ، جرڪڻ، ڄڀي، شعلو

نوٽ: ’ر‘ ۽ ’ل‘ جو صوتيو پاڻ ۾ مٽجڻ ڪري ڪافي جڳهين تي ’ر‘ جي جڳهه تي ’ل‘ مستقل اکر جي صورت اختيار ڪري ويو آهي. ان جا ڪجهه مثال به هتي ڏنل آهن. هن قسم جا بيشمار لفظ سنڌي لغت ۾ ’ڄ‘ جي عنوان تحت ڏسي سگهجن ٿا. جن کي سنسڪرت جا لفظ ڄاڻايو ويو آهي، پر اهي اصل ۾ سنڌي  ٻوليءَ جا لفظ آهن.

 

هندي لفظ ۾ ر جو استعمال

اردو  معنيٰ

سنڌي تلفظ / معنيٰ

 ’ِهرْ‘ جو استعمال ’ڌ‘ جي اچار لاءِ ڪيل

د، دِهرْ

دهه

ڌ

دِهرْڪار

دھکار

ڌڪار

نوٽ: هن قسم جو هڪ ئي مثال مون کي مليو آهي، جنهن ۾ دهه کان پوءِ  ’ر‘ جو اچار مليو آهي. ٻين لفظن ۾ ’ڌ‘ جي آواز لاءِ ’د‘ سان گڏ ’هه ‘ ئي ملايل آهي.

 

هنديءَ لفظ ۾ ر جو استعمال

اردو  معنيٰ

سنڌي تلفظ / معنيٰ

 ’دَرْ‘ جو استعمال ’ڊ‘ جي اچار لاءِ ڪيل

چندرْ

چاند

چنڊ

چندرْ جي بنيادي لفظ سان جڙيل ٻيا آواز چندر ْوار يعني سومر (چنڊ وارو ڏينهن)، چندرْ ونسي (چندر ومسي) يعني چنڊ جو نسل، چندر گرهن وغيره وغيره به مروج آهن.

اندر دهنش

قوس و قزح

سنڌيءَ ۾ ان جو اچار انڊلٺ ٿيندو.

سمودر

سمندر

سمنڊ

نوٽ: ڌ ۽ ڊ جي باري ۾ اهو واضح ڪري ڇڏجي ته مٿي اهي آواز پنهنجي اصل آوازن سان به ٻوليءَ ۾ مروج رهيا آهن. جهڙوڪ ڊنڊوت، چنڊ، چنڊي، چنڊال،  ڀانڊ، اکنڊ. ان کان علاوه عيوضي آوازن سان به مروج رهيا آهن. جهڙوڪ دکي (ڏکي)، دنت (ڏند)،  مندل (منڊل) يعني حلقو، گهيرو، دائرو، مجلس وغيره.

نوٽ: ٻٽي وينجن جي ڪارڻ، سنسڪرت کان سواءِ اسان جي ڀرپاسي جي ڪيترين ئي ٻولين جي اچارن ۾ مستقل طور تي ’تِرْ‘ جو آواز شامل ٿي ويو آهي. جهڙوڪ پتر، متر، چندر، سنڌ جي اتر واري علائقي ۾ ڳالهائجندڙ لهجي۾ به نه رڳو اهي اچار استعمال ٿيندا آهن، بلڪه پـُٽر، مـُٽر، چنڊر جهڙا آواز به اُچاريا ويندا آهن. جنهن ڪري ڪن محققن جو خيال آهي ته ’ٽرْ‘ ۽ ’ڊرْ‘ مستقل طور تي سنڌي آوازن جي پٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ گهربا هئا. منهنجي خيال ۾ ته ائين ڪرڻ مناسب ڪونهي.

هندي لفظ ۾ ر جو استعمال

اردو  معنيٰ

سنڌي تلفظ / معنيٰ

 ’دُرْ‘ جو استعمال ’ڏ‘ جي اچار لاءِ ڪيل

دُرْ

--

ڏ

دُرْشن

دیکہنا

ڏسڻ

آدُرْشيه

ان دیکہا

اڻ ڏٺو، نظر نه ايندڙ

دِرْوهي

دوشی، گنہگار

ڏوهي

نوٽ: هن جو ضد اَدِرْوهي يعني بيڏوهي ٿيندو.

نوٽ: هنديءَ ۾ ئي هن لفظ جي ٻي صورت دوشي ۽ ان جو ضد ادوشي  ٿيندو. انهن لفظن ۾ ’ر‘ غائب ٿي وئي آهي. هن مان ٺهيل ٻيا ڪجهه لفظ هن ريت آهن، جهڙوڪ :                  دور درشن (پري جو نظارو، هيءُ لفظ ٽيليويزن لاءِ به استعمال ٿيندو آهي) دوردرشي (ڳجهه، جيڪا پري کان شيون ڏسي وٺندي آهي). دور درشتي (ڳجهه يا دوربيني) ڳجهه جي حوالي سان هيٺ لفظ گردهر به ڏنو ويو آهي. جنهن کي ٻوليءَ ۾ ٿيندڙ تبديليءَ جي تسلسل ۾ جاچڻ گهرجي.

هن لفظ مان لڳي ٿو ته قديم فارسي لکت ۾ پهرين ان جو عيوضي آواز استعمال ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ سنسڪرت جي رچنا دوران آواز جي ماهيت کي ڏسندي ٻٽن وينجنن سان اصل آواز ظاهر ڪيو ويو.

هندي لفظ ۾ ر جو استعمال

اردو  معنيٰ

سنڌي تلفظ / معنيٰ

 ’دُرْ‘ جو استعمال ’اڻ‘ جي اچار لاءِ ڪيل جنهن جو اصل اچار ’ڏ‘ ٿو سمجهه ۾ اچي

هي لفظ نيڪ جي ضد بد طور ڪم ايندو آهي. جهڙوڪ دُرْاتما (بدخصلت)، دُرْڀاگيه (بدقسمتيءَ سان) ان کان علاوه انڪاري حالت ۾ پڻ ڪم ايندو آهي. جيئن فارسيءَ جا بي، نا ۽ سنڌيءَ ۾  استعمال ٿيندڙاڳياڙي ’اڻ‘. ٿورو غور سان ڏسو ته هن جي مفهوم ۾ ڪنهن شيءِ کان ڏور هئڻ جو احساس لڪل آهي. يعني هيءُ لفظ به ڏ جو اچار ڏئي رهيو آهي. جيئن سهاڳ ۽ ڏهاڳ آهن.

دُرْتُر

لاجواب

لاجواب، هن جو مفهوم ٿيندو، جواب کان ڏور. شايد هي لفظ اُتر جو ضد هجي؟ جنهن جو هڪ ضد انرتر اڳتي به ڏنل آهي.

دُرْلڀ

نایاب

اڻ لڀ، هن جو مفهوم ٿيندو لڀجڻ کان ڏور

دُرْڀاگ

بدقسمتی

بدقسمتي، قسمت کان ڏور

 

هندي لفظ ۾ رجو استعمال

اردو  معنيٰ

سنڌي تلفظ / معنيٰ

 ’گَرْ‘ جو استعمال ’ڳ‘ طور ڪيل

گرَ

 

ڳِتَ

گَرْبهه

گابھ، پیٹ، شکم

ڳڀ، پيٽ، شقم،

گُرْدهر

گِدھ، کرگس

ڳجهه

ڳجهه جي باري ۾ دور درشي ۽ دور درشتي لفظ به مٿي ڏنل آهن، جن کي هن لفظ جي ارتقائي تسلسل ۾ جاچڻ گهرجي. گرڀ جي حوالي سان "ر" غائب ٿيڻ بابت مٿي ڄاڻايل پروفيسر علي نواز جتوئي جي راءِ کي هتي جاچڻ گهرجي.

گرَنتهه، گَرَندهه

گانٹھ، گرھ، پوٹھی، پستک

ڳنڍ(ڳنڍ چوٽيءَ جي) ڪتاب، پوٿي،

گَرْوائي

وزن، بوجھ

ڳرائي، ڳراڻ (وزن)

گُرْوي

حاملہ عورت

ڳورهاري

گرَهَ

 

ڳَڌ (وٺڻ)

 

گرْهن

لینا، پکڑنا، گہن،

ڳهڻ (سج ڳهڻ، سج گرهڻ) جهلڻ، حاصل ڪرڻ، قبول ڪرڻ،

گرِيوا

گریبان

ڳلو، ڳٿر، گلو

’گرْ‘ جو استعمال لفظ جي وچ ۽ آخر ۾ ٿيڻ جاڪجهه مثال هن ريت آهن.

اَگَرْ

 

اڳيون، پهريون،

نوٽ: هن لفظ مان ٺهندڙ ٻيا لفظ هن ريت آهن: اَگَرْ ڀاگ (اڳيون حصو)، اَگَرْ پشچات (اڳ پٺ، آڳو پيڇو). اَگَرْجا (وڏي ڀيڻ، جيڪا اڳ ۾ ڄائي هجي. اَگَرْ جنما (وڏو ڀاءُ، جيڪو اڳ ۾ ڄائو هجي). اَگَرْدوت (نقيب، يعني اڳواڻي ڪندڙ). اَگَرْسار (پهريون، رهنما، پيشوا، سردار).

ڀاڪرت

--

ڀاڳت (هڪ قديم سنڌي سماٽ ذات) جنهن جو  اچار تحفت الڪرام جي سنڌي ترجمي ۾ ’ڀاڳرت‘ ڪيو ويو آهي(7) پر ان جي تحريري صورت ڀاگرت ۽ اچار ڀاڳت صحيح ٿيندو.

 

هندي لفظ ۾ ر جو استعمال

اردو  معنيٰ

سنڌي تلفظ / معنيٰ

 ’نَرْ‘ جو استعمال ’ن‘ تي زبر سان ’نا‘ طور ڪيل

نَرْت

ناٽ نٽ، ناچ

ناچ

نَرْتڪ

نٽ، نقال، ناچنے والا

نچڻ وارو،

اصل ۾ هي لفظ ننڍي قد وارن ڪلاڪارن لاءِ جوڙيل آهي، جيڪي نچي ٽپي ماڻهن جي دل وندرائيندا هئا. پوءِ اهو مفهوم وسعت اختيار ڪري ويو.

 

هندي لفظ ۾ ر جو استعمال

اردو  معنيٰ

سنڌي تلفظ / معنيٰ

 ’نِرْ‘ جو استعمال ’ن‘تي زير سان انڪاري صيغي ’نه، بنا، بي‘ طور ڪيل

نِرْدوش

بے قصور

بيڏوهي

نوٽ: هيءُ انڪار جو صيغو آهي ۽ هن سان جڙندڙ  ڪجهه لفظ مٿي ڏنل آهن ۽ ٻيا مثال ڊڪشنرين ۾ ڏسڻ گهرجن.

 

هندي لفظ ۾ ر جو استعمال

اردو  معنيٰ

سنڌي تلفظ / معنيٰ

’و‘ ۽ ’ر ‘مان ’ٻ‘ جو آواز ظاهر ڪرڻ

وِرْ

--

ٻـُرَڻ، (وڄڻ)

وِرْدهه

--

ٻڌ

وَرْتَن

--

ٻرڪڻ، (ٻرڻ، سڙڻ، نثار ڪرڻ)

 

هندي لفظ ۾ ر جو استعمال

اردو  معنيٰ

سنڌي تلفظ / معنيٰ

’ن‘۽ ’ر ‘مان ’ڻ‘ جو آواز ظاهر ڪرڻ. نفيءَ جي صيغي ’ڻ‘ لاءِ ان جو استعمال ڪيل آهي.

اَنِرْدُهه

بے روک

اڻ روڪيل، جيڪو روڪيو نه ويو هجي. ڪرشن جي پٽ پرديومن جي پٽ جو نالو، جنهن کي انيروڌ به لکبو آهي.

اَنِرْت

بے معنی، مہمل، لغو، جہوٹ

ساڳيون معنائون، اجايو، ڪوڙ

هن مان ٺهندڙ ٻيا لفظ هن ريت آهن: اَنِرْتهه (بي معنيٰ لا حاصل، بيڪار، فضول، مهمل وغيره)، اَنَرْتهڪ (بيڪار، فضول، اجايو)،اَنَرْتهه ڪاري (نقصانڪار)، اَنَرْتهي (بدڪار، ظالم، مفسد، گنهگار، باهه لڳائڻ وارو)،

اَنِرْدِشٽ

--

جيڪو ٻڌايو نه ويو هجي، جيڪو چوڻ جي قابل نه هجي

اَنَرْگَل

بے قید، بے روک ٹوک، بیدھڑک، مسلسل

ساڳيون معنائون

اَنَرْگهه

بی بہا، لاقیمت، نہایت اعلیٰ، ارزان

اڻ + اگهه= اَنَرْگهه

اَنِرْمَل

ناپاک، ناصاف، گندہ، میلا، غلیظ

ميلا يعني ميرو، ان جو ضد اڻ ميرو ٿيندو. ٻيون به ساڳيون معنائون

اَنِرْنِت

--

بيحد، لامحدود (جنهن جو تعين ڪيل نه هجي)

اَنْ رِنِي

بے قرض

آجو

اَنِرْواَچيه

--

جيڪو چوڻ جي قابل نه هجي

’نِرْ‘، ’ڻ‘ جي تحريري صورت آهي. سنڌيءَ ۾ به اها مروج رهي آهي. جيئن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هڪ قديم تحرير جي حوالي سان لکي ٿو:

"ته آءُ پانرَ تابع پيغمبر جَو آهِيَان" (ته آءٌ پاڻ تابع پيغمبر جو آهيان) (8). هن حوالي کي ڏسي سمجهڻ گهرجي ته پروفيسر علي نواز جتوئيءَ جي مٿي ڏنل حوالي ۾ ڀينر لفظ  مان ’ر‘ ان ڪري غائب ٿي آهي،  جو ان جي جڳهه تي هڪ صوتئي وارو اصل اچار ’ڻ‘ اچي ويو آهي. ’ر‘ غائب ٿيڻ جي اهڙن ٻين مثالن لاءِ به هن طرح تحقيق ڪرڻ گهرجي.

انهن آوازن جي باري ۾ واضح طور تي محسوس ڪري سگهجي ٿو ته اهي آواز وينجنن جي ڪنهن هڪ گروهه جا نه آهن، جن جا طبعي خواص ظاهر ڪرڻ لاءِ ’ر‘  جو استعمال ڪيو ويو هجي. ’ر‘ جو آواز وسرگ آوازن کان سواءِ مختلف قسم جي ٻين آوازن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ٻٽي وينجن طور ڪيو ويو آهي. ويندي ڪٿي ڪٿي ان کي ’سـُر‘ جي اظهار جو ذريعو  به بنايو ويو آهي. ان کان علاوه آڳاٽين تحريري تنظيمن ۾ ’ر‘ جي جڳهه تي ’ڪ‘ ۽ ’ڀ‘ جي استعمال جو به مشاهدو ڪيو ويو آهي. جنهن لاءِ الڳ سان تحقيق ڪرڻ به دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندو.

هتي ’ر‘ جي استعمال لاءِ ڪجهه مثال ڏنا ويا آهن. جن جو مقصد لسانيات جي طالبن کي اهو ذهن نشين ڪرائڻ آهي ته ٻٽي وينجن جو استعمال، ڪنهن الڳ آواز جي اڳواٽ موجود هجڻ جي نشاندهي ڪري رهيو آهي. هنن مثالن مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته خاص طور تي سنڌي ٻوليءَ جا چوسڻا آواز، ٻ، ڏ، ڄ، ڳ. جيڪي هن وقت سنڌي ٻولي بشمول سرائڪي سان مخصوص آهن، اڪثر محققن جو خيال اهو آهي ته مٿي ڄاڻايل ٻٽن لفظن اڳتي هلي، سنڌيءَ جي چوسڻن آوازن ٻ، ڏ، ڄ، ڳ جي شڪل اختيار ڪئي آهي. اڪثر لساني ماهرن جو چوڻ آهي ته سنسڪرت جا ٻٽا وينجن، سنڌيءَ ۾ چوسڻا آواز بڻجي ويا آهن. اهو بلڪل ائين آهي، جيئن ڪير چوي ته اصل لفظ ’ڪراتشي‘ آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ’ڪراچي‘ ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته سنڌيءَ ۾ ڃ ۽ ڱ جي آوازن جون قديم صورتون ’نج‘ ۽ ’نگ‘ ٻڌائين پيون ته نين صورتن جي قيام سان اسان پنهنجن انهن آوازن کي گم ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي. پر اسان جي ڀر پاسي وارين ٻولين مان اڪثر ٻولين اهي آواز وڃائي به ڇڏيا آهن. سنسڪرت مان به خاص طور تي چوسڻا آواز ٻٽي وينجن جي استعمال ڪري گم ٿي ويا آهن. هتي آئون هڪ ئي آواز لاءِ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ وينجنن جي استعمال جي مثال لاءِ مقدمه ابن خلدون مان هڪڙو اقتباس پيش ڪرڻ گهران ٿو، جنهن لکيو آهي ته:

”جيئن ته منهنجي هن ڪتاب ۾ بربرين ۽ ڪن عجمين جون خبرون شامل آهن ۽ انهن جي نالن ۾ يا انهن جي ڪن جملن ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙا حرف اچي ويندا آهن، جيڪي اسان جي ٻوليءَ جي ڪتابت ۾ مروج نه آهن. نه ئي اسان جي ٻوليءَ ۾ انهن لاءِ ڪا علامت جوڙيل آهي. ان ڪري مون کي اهي لکڻ ۾ پريشاني ٿي. پر مون انهن جي مخرج وارو لفظ لکڻ تي بس ڪانه ڪئي آهي، ڇو ته اهي منهنجي نظر ۾ صحيح دلالت ڪرڻ لاءِ ناڪافي آهن. جيئن آئون ٻڌائي چڪو آهيان، ان لاءِ مون هن سلسلي ۾ اهڙن حرفن لاءِ پنهنجي ڪتاب ۾ اهو اصطلاح جوڙيو آهي ته آئون عجمي حرفن کي اهڙن ٻن حرفن جي وچ ۾ لکيو ڇڏيان، جن جي وچ ۾ ان حرف جو آواز هجي ته جيئن پڙهندڙ ان جو تلفظ انهن ٻنهي حرفن جي وچ ۾ ڪن ته جيئن (آواز صحيح) مخرج مان نڪري سگهي. اهو اصطلاح مون اهل مصحف مان اشمام جي رسم الخط منجهان ورتو آهي. جيئن اڳين جي قرئت ۾ لفظ صراط آهي. جيئن ته ان جي صاد جو مخرج عجمي لهجي ۾’ص ۽ ز‘ جي وچ ۾ آهي.  تنهنڪري اهل مصحف ’ص‘ لکي ان جي اندر’ز‘ جي علامت لکي ڇڏيندا هئا. جنهن مان خبر پوندي آهي ته اهو حرف انهن ٻنهي حرفن جي وچ پڙهيو ويندو. اهڙيءَ طرح مون هر عجمي حرف کي پنهنجي زبان جي ٻن حرفن جي وچ ۾ لکيو آهي ته جيئن وچ وارو تلفظ ڪيو وڃي.  مثال طور بربري ٻوليءَ ۾’ڪ‘، (گ) آهي . اسان ان کي پنهنجي ٻوليءَ جي ’ڪ‘ يا ’ج‘ يا ’ق‘ جي وچ ۾ لکيو آهي.  جيئن’بلگين‘ هڪڙو نالو آهي. مون ان کي هن طرح لکيو آهي. ’بلکبين‘  يعني ’ڪ‘ جي هيٺان ’ج‘جو نقطو ڏئي ڇڏيو آهي يا ان جي مٿان ’ق‘جا هڪ يا ٻه نقطا ڏئي ڇڏيا آهن. جيئن بلݢين ته جيئن خبر پئجي سگهي ته اهو حرف ’ڪ ۽ ج‘ جي يا ’ڪ ۽ ق‘جي وچ جو آهي. اهو حرف بربري ٻوليءَ ۾ گهڻو استعمال ٿيو آهي. ان کان سواءِ ٻيا جيڪي به حرف هن قسم جا آهن، مون ساڳئي طريقي سان لکي ان جو تلفظ ظاهر ڪيو آهي ته جيئن پڙهندڙن کي خبر پئجي وڃي ته اهو وچئون وچ پڙهيو ويندو.  جيڪڏهن آئون ان کي انهن ٻن حرفن مان، جن جي وچ جو اهو حرف آهي ڪنهن هڪ حرف سان لکي ڇڏيان ها ته ان کي سندس مخرج مان ڪڍي پنهنجي ٻوليءَ جي حرف واري مخرج ۾ منتقل ڪري ڇڏيان ها ۽ عجمي لغت جي ان لفظ کي مٽائي ڇڏيان ها.  ان ڪري هن ڳالهه جو ڌيان رکجو“(9).

هن مثال مان اندازو ڪرڻ گهرجي ته جن کي نئون لفظ جوڙڻ جي اهڙن اصولن جي خبر نه هوندي، اهي اهڙن لفظن کي ڪيئن پڙهندا هوندا.

انهن مثالن سان خاص طور تي چوسڻن آوازن جي قدامت تي تحقيق جو زاويو مٽجڻ گهرجي. اهي سنڌو تهذيب جي اصلوڪي ٻوليءَ جا آواز آهن، جيڪا ڪالهه به سنڌي هئي ۽ اڄ به سنڌي آهي ۽ سنسڪرت ان مان ئي ڦٽي نڪتل آهي. سنسڪرت تي سنڌي ٻوليءَ جي قدامت نه مڃڻ جي صورت ۾  اهو لازمي نتيجو نڪرندو ته سنسڪرت، سنڌي ٻوليءَ جا چوسڻن آوازن وارا لفظ کنيا آهن، جن جو ذخيرو سنسڪرتي ادب ۾ ٻٽن وينجنن جي صورت ۾ محفوظ ڪيل آهي.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

حوالا

 

  1. http://pratyeka.org/sanskrit/semi_vowels.html
  2. جتوئي، علي نواز، پروفيسر "علم اللسان ۽ سنڌي زبان"، صفحو 144، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1996ع.
  3. جتوئي، علي نواز، پروفيسر "علم اللسان ۽ سنڌي زبان"، صفحو 150، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1996ع.
  4. طبري، ابي جعفر محمد بن جرير علامه "تاريخ طبري"، (اڙدو)، ڀاڱو پهريون، صفحو 161، 165، دارالاشاعت ڪراچي، 2003ع.
  5. Vettan Mani, Puranic Encyclopedia, P-341-42, Motilal Banarasidass Publisher Delhi, 1993.
  6. هيءَ فهرست سچيت ڪتاب گهر پاران 2003ع ۾ راجيشور رائو ۽ اصغر جي مرتب ڪيل "هندي اردو لغت" ۽ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو جي پاران ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مرتب ڪيل "جامع سنڌي لغات" جي سمورن ڇاپن جي مدد سان تيار ڪيل آهي. جن ۾ اهي لفظ ڏسي سگهجن ٿا.
  7. قانع، مير علي شير "تحفت الڪرام"، صفحو 76، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 1989ع.
  8. بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر "سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ"، صفحو 266، پاڪستان اسٽڊي سينٽر ڄامشورو، سال 1990ع.
  9. ابن خلدون، علامه ، "مقدمه ابن خلدون"،  صفحو 205 ۽ 206، نفيس اڪيڊمي اردو بازار ڪراچي، 1986ع.