ڪتاب جو نالو | سنڌي ٻولي (جون 2017ع ) |
---|---|
ليکڪ | پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | ISSN: 2519-9765 |
قيمت | 120 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (958) PDF E-Pub |
انگ اکر | 15 June 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 279718 ڀيرا پڙهيو ويو |
ڊاڪٽر نُور افروز خواجه
] اسڪالر [
آغا سليم جي ناولن ۾ حقيقت نگاري
Realism in Agha Saleem’s Novels
Abstract:
Agha Saleem is one of the fine foremost novelist, authors, critics, journalist, and column writers ever born in the history of Sindhi literature. He has lived thickly associated with Sindhi music: has great deference because of having him well-versed knowledge on philosophy of Shah Lateef’s poetry. Apart from it, Agha Saleem has written down travelogues also.
He is regarded to be chief representative of his age after attaining emancipation from India in 1947. He has expertly utilized his skills and borrowed a new literary device, ‘streams of Consciousness’ from foreign literature in Sindhi. So he is regarded as pioneer of ‘streams of consciousness in Sindhi novels.
’اُونداهي ڌرتي روشن هٿ‘، ’اڻپورو انسان‘، ’همه اوست‘، ’روشنيءَ جي تلاش‘
are his popular novels, in which a reader comes to know about human values and cultural tendencies while reading them.
In this short piece of writing, revealing his literary characteristics, realism has been almost found a major peculiarity in him for what he is a successful novelist of all ages-while producing literature, he passionately controls flowing of his deep emotion to be burst out suddenly. Instead of this, he manages to sequence everything in its proper ordering so that all things for a common reader become so simple, clear, and comprehensible. His coherence and simplicity used in novels surprises readers to amaze at how to state clarity of theme, scenes and situations around him.
Being a learnt literate and well-sophisticated pen, he has used his pen on the hottest issues of society in which his heroes fight against social evils.
Believer of romanticism, Agha Saleem deals with simple happenings and commons incidents of life as well as with scheme of tasting bitter truth is compulsory for his characters-what he brings under his nib. Aga Saleem focuses diligently on brightening up real faces of characters. He transfers first-hand knowledge of his practical experience with readers through pen, as he himself is a common man, so he writes with simplicity on simple people whatsoever he finds them in human society.
آغا خالد سليم، جيڪو سنڌي ادب ۾ آغا سليم جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، شڪارپور ۾ 7 اپريل 1935ع ۾ پيدا ٿيو ۽ ڪراچيءَ ۾ 13 اپريل 2016ع ۾ وفات ڪيائين. آغا سليم ذهين ۽ صوفي منش، نهايت ئي حساس طبيعت وارو ۽ خوش اخلاق انسان هو. آغا سليم کي سنڌي ادب جي گهڻ پاسائين شخصيت طور اهم مقام حاصل آهي. پاڻ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو هڪ وڏو ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ڊراما نگار، نقاد، شاعر، مترجم، محقق، صحافي، ڪالم نويس، سنڌي راڳ جو ڄاڻو، شاهه لطيف جو پارکو ۽ سفرناما لکندڙ اديب هو. سندس لکيل ڪتابن ۾، اونداهي ڌرتي روشن هٿ (ناول)، همه اوست (ناول)، اڻپورو انسان (ناول)، روشنيءَ جي تلاش ٻه ننڍا ناول، ڌرتي روشن آهي (ڪهاڻيون)، درد جو شهر (ڪهاڻيون) لذتِ گناهه، چنڊ جا تمنائي (ڪهاڻيون)، جهولي لال (سفر نامو)، لالن لطيف ڪهي، (شاهه لطيف جي چونڊ شاعريءَ جو اردو زبان ۾ ترجمو)، بابا فريد گنج شڪر جي ڪلام مان سنڌي ڪلام جو مجموعو، دودو چنيسر (ڊرامو) ۽ ”شيخ اياز صدين جي صدا“آغاسليم جاڊراما، وغيره شايع ٿيل آهن. ان کان علاوه پاڻ ڪيترائي مقالا، مضمون، مقدمه، پيش لفظ ۽ مهاڳ وغيره پڻ لکيا.
آغا سليم جو نالو ۽ مقام، آزاديءَ (1947ع) کان پوءِ واري دور جي انهن وڏن اديبن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو، جن ون يونٽ، مارشلا، سنڌي ٻوليءَ جي تحفظ وغيره جي مسئلن تي ٻين اديبن سان گڏجي، عام ماڻهن ۾ قوميت جو جذبو اجاگر ڪيو، ساڳئي دور ۾ ئي حيدر بخش جتوئيءَ هڪ نظم لکيو، جنهن جو رديف ”جيئي سنڌ جيئي سنڌ“ رکيو، جيڪو پوءِ سنڌي نوجوانن جو نعرو بڻجي ويو. طارق اشرف اهڙي دور ۾ آغا سليم لاءِ لکي ٿو ته:
”آغا جيڪو ڪجهه چوڻ چاهي ٿو، چئي سگهي ٿو، پڙهندڙ اهوئي ڪجهه محسوس ڪندو آهي، جيڪو آغا محسوس ڪرائڻ گهرندو آهي.“ (طارق اشرف 1978ع)
سندس لکيل افسانوي ادب ۾ قوميت جو رنگ گهڻو ملي ٿو، ان کان علاوه انهن ۾ ٽيڪنڪ جا نوان نوان تجربا به ڪيل آهن،سندس فني تجربن جو پنهنجو جداگانه رنگ آهي، تخليقي ڪاوشن ۾ به هن تقليد جي بدران پنهنجي واٽ ورتي، پاڻ لکي ٿو:
”اهو دور اسان جي ڪهاڻين جو عُبوري دؤر آهي،جنهن ۾ڪهاڻيءَ جي موضوعن سان گڏ،ٽيڪنڪ ۾ به نوان تجربا ڪيا ويا.“ (آغا سليم، 1984ع)
آغا سليم پنهنجي لکيل افسانوي ادب ۾ هڪ نئين نفسياتي رخ stream of consciousness کي اهميت ڏني آهي. بلڪه اهو چئجي ته آغا سنڌي افسانوي ادب ۾ stream of consciousness جو جديد رجحان سڀ کان اول آندو. اهو سندس ذاتي تجربي جو جُز بڻجي ادب ۾ اڀريو ۽ ان مان هڪ انتهائي خوبصورت آهنگ پيدا ٿيو، جنهن سندس فن کي دلڪشيءَ سان گڏ انفراديت به بخشي آهي.
آغا سليم، سنڌي ٻوليءَ ۾ فڪشن لکندڙ منفرد ليکڪ سمجهيو ويو. هن جو شمار، ترقي پسند ليکڪن ۾ به ٿئي ٿو. ساڳئي وقت هو رومانوي ليکڪ پڻ آهي. اهڙيءَ ريت هن کي وجوديت واري نظريي تحت لکندڙ اديب به مڃيو وڃي ٿو. هو حقيقت پسند به آهي. هن هر نئين نظريي کي اپنائي، انهيءَ ۾ ادب تخليق ڪيو آهي.
آغا سليم جي لکيل افسانوي ادب جا موضوع بلڪل نوان آهن، هن پنهنجي موضوعن ۾ گهڻو تڻو پنهنجي ديس جي تهذيبي قدرن جي زوال جو ذڪر ڪيو آهي. هن رومانيت کي ۽ سنڌي تهذيب واري قدرن جي احساس کي منفرد انداز ۾ پيش ڪيو آهي.
سندس لکيل ناول ۽ ناوليٽ: اونداهي ڌرتي روشن هٿ، اڻ پورو انسان، همه اوست ۽ روشنيءَ جي تلاش، پڙهڻ سان تهذيبي قدرن جو شعور ملي ٿو. هو قوم جي تاريخي لاڳاپن کان آگاهه ڪرائي ٿو. هو قوم يا فرد جي نفسياتي ڪيفيتن يا طبقاتي يا ثقافتي پهلوءَ کي هڪ اهڙو عرفان بخشي ٿو، جنهن جي حيثيت مان ڪاميابي يا شڪست جو ڪونه ڪو رخ ظاهر ٿيندو رهي ٿو.
آغا سليم پنهنجن ناولن ۾ وڌيڪ ڪامياب نظر اچي ٿو. هن پنهنجي فڪر ۽ بيان کي قابوءَ ۾ رکيو آهي ۽ پيچيده ڳالهين کي اهڙو ته آسان ۽ سولي طريقي سان بيان ڪيو آهي، جو انهن مان هڪ صاف ۽ سلجهيل تاثر ملي ٿو.
آغا وٽ زندگيءَ کان فرار واري رومانيت نه آهي، بلڪه سندس ذهن شعور جي وهڪري ۾ لڙهندو، زمان ۽ مڪان جا تفاوت مٽائيندو، تاريخ جي مختلف تهذيبي دؤرن ۾ ڀٽڪندو رهي ٿو. سندس تصور انسان جي بلند ترين ۽ ارفع مقام تائين پهچي وڃي ٿو ۽ نيٺ اهو فن جي مثال جو اهڙو روپ ڌاري ٿو، جيڪو ابديت جو ضامن بڻجي پوي ٿو. هن اهڙين تخليقن ۾ محبت کي مرڪزي جاءِ ڏني آهي. هن انساني فطرت ۾ محبت جي جذبي کي سطحي طرح نه پر هڪ سحر آفرين جذبي جي حيثيت سان پيش ڪيو آهي ۽ محبت کي انساني تهذيب ۾ هر لطيف فن جي تخليق جو راز ڄاڻايو آهي. هو معمولي بجاءِ غير معمولي، ظاهر ۽ واضح شين جي بدران پوشيده ڳالهين کي واضح ڪرڻ جو قائل آهي. انهيءَ ڪري ئي جديد سنڌي افسانوي ادب جي تخليقارن ۾ هن کي نمايان حيثيت حاصل آهي.
ناول جي فني خوبين ۾ حقيقت نگاري به هڪ اهم خوبي آهي، ان جو واسطو به طرز بيان يا طرز تحرير سان آهي. حقيقت جو بيان ئي ڪنهن ادبي تخليق لاءِ زنده و جاويد مواد هوندو آهي، حقيقتون اهي آهن، جيڪي ڏسي سگهجن ٿيون، ٻڌي سگهجن ٿيون. اديب، حقيقتن کي ڳولهي ڦولي پنهنجي دماغ جي تجربيگاهه ۾ انهن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ٿو. سندس انهن تحرير ٿيل، تجربن کي اهڙيءَ صورت ۾ بيان ڪري ٿو، جو پڙهندڙ ان سچائيءَ جي جهلڪ کي حقيقي تصور وانگر محسوس ڪري ٿو.
آغا سليم به هڪ حقيقت نگار اديب آهي، هن سماج جي سچن مسئلن تي لکيو آهي. رومانيت واري نظريي جو هي ليکڪ، زندگيءَ جي سادن سودن واقعن ۽ ناخوشگوار موضوعن کي پنهنجي اظهار جو ذريعو بنائڻ بدران تخيل جي مدد سان رومانوي نظريي وارا منظر ۽ واقعا ۽ ڪردار واضح ڪندو رهيو آهي. طارق اشرف لکي ٿو ته:
”آغا جا ڪردار پتليون ڪونهن، سچا پچا ساهه کڻندڙ انسان آهن. آغا حقيقت نگار آهي ۽ ڳالهه ڪرڻ جو ڍنگ به اچيس ٿو“. (طارق اشرف 1978ع)
آغا سليم جي خيال مطابق، ادب براءِ ادب ٿيندو ئي ناهي، ادب آهي ئي براءِ زندگي! جيڪو ماڻهو حسن جي ڳالهه ڪري ٿو، ته اها به زندگي آهي. انهيءَ ڪري جيڪو به حسن ڏسي ٿو، جيڪي حسين شيون سندس آڏو اچن ٿيون، اهي ٻين کي ٻڌائڻ سندس آدرش، سندس ارادو ۽ پيغام هوندو آهي. هو پنهنجي انهيءَ انقلابي تصور کي بيان ڪندي چوي ٿو ته:
”مون وٽ انقلاب جو تصور رومانوي آهي. منهنجي آڏو رومانيت کان سواءِ فن اڻپورو آهي. منهنجي فن ۾ انقلاب جو تصور ڳاڙها جهنڊا، لُڙڪيل لاش يا رت جون نديون کڻي اچڻ وارو ڪونهي، مون لاءِ انقلاب جو تصور پرينءَ جي روپ ۾ ٿو اچي ۽ مان ان لاءِ ائين ٿو چوان ته منهنجو پرين ايندو، جنهن جي پيشاني پرهه جهڙي آهي. مون وٽ انقلاب جو اهڙوئي رومانوي تصور آهي ۽ سچ ته رومانيت کان سواءِ لکڻ جو تصور به ڪري نٿو سگهان“. (آغا سليم 1978)
آغا سليم وٽ هڪ خاص قسم جو تصور يا اندازِ نظر آهي. هن جون نظرون زندگيءَ ۾ اهڙن پهلوئن کي تلاش ڪري وٺن ٿيون، جيڪي سچائيءَ ۾ ترنديون ۽ رنگينيءَ جي آغوش ۾ پلجنديون رهن ٿيون.
ناول ۾ حقيقت نگاري ڏيکاريندي، ناول نگار جو خاص مقصد اهو ئي هوندو آهي ته هو معاشري جي هر برائيءَ کي اهڙي انداز سان پيش ڪري ان کي اهڙو رنگ ڏئي جو هر ڳالهه نئين معلوم ٿئي ۽ پڙهندڙ کي صحيح رستو ڏيکاري سگهجي. اهڙيءَ طرح ناولن ۾ جيڪي به حقيقتون ڏنل هجن سي سماجي ۽ سياسي حقيقتون هئڻ گهرجن، جن کي هو اصلاحي انداز ۾ پيش ڪري، ڇو ته هن جو مقصد ئي سماج جي حقيقتن کي پيش ڪرڻ هوندو آهي.
آغا سليم پنهنجي ناول ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“ ۾ تاريخ جي چڱاين تان به پردو کنيو آهي. هن پنهنجي مشاهدي، جذبات ۽ تجربن کي حقيقي روپ بخشڻ لاءِ، مختلف زمانن کي هڪ ئي ليڪ ۾ ڇڪيو آهي ۽ مڪمل تصوير سان، هڪ مجموعي تهذيبي احساس پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. منجهس زمان ۽ مڪان جي فاصلن کي مختلف ڪڙين سان ڳنڍي يڪسان ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح جو فرد جي پريشاني ساري قوم جو تهذيبي الميو ۽ درد محسوس ٿيڻ لڳي ٿو.
ناول نگار پنهنجي هن ناول ۾ جيڪا حقيقت پيش ڪري ٿو، اهو سندس زندگيءَ جي آزمودن سان حاصل ڪري، ناول جي مفهوم طور پيش ڪري ٿو. سندس ناولن جا موضوع جيئن ته زندگيءَ تي ٻڌل هوندا آهن، پوءِ ڀلي اهي زندگيءَ جي ڪهڙي به پهلوءَ سان واسطو رکندڙ هجن، هر سماج جي عام زندگيءَ مان اهڙيون حقيقتون چونڊيندو آهي، جيڪي هن جي مقصد جون هونديون آهن. هو زندگيءَ جو پارکو هوندو آهي ۽ سماج جي زندگين جو جائزو وٺي حقيقت جي لاءِ روشن راهون ڳولهيندو آهي.
آغا سليم جو مشاهدو گهڻو تيز آهي. هو جيڪي ڪجهه پنهنجي چوڌاريءَ واري ماحول ۾ ڏسي ٿو، جنهن واقعي سان هن کي خوشي يا غم حاصل ٿئي ٿو، ان کي هو ٻين سان ونڊڻ چاهي ٿو. هن پنهنجي هڪ انٽرويؤَ ۾ هن طرح ٻڌايو آهي ته:
”جيڪي ڪردار، ارادا، مقصد ۽ آدرش ليکڪ وٽ هوندا آهن، اهي ليکڪ ذهن ۾ تيار ڪري، پوءِ پلاننگ سان ويهي لکندو آهي. هر ڪهاڻي ۾ ڪانه ڪا مام، ڪونه ڪو مقصد ۽ ڪونه ڪو مسيج Message ان جي مرڪز ۾ رکيل ته ضرور هوندو آهي يا اها ڳالهه ٻي طرح سماجهايان ته: مان پنهنجي لکيل ادب ۾ فڪشن ۾، پنهنجين خوشين ۽ غمن ۽ پيڙائن کي ٻين سان ڀاڱي ڀائيوار ڪرڻ به پنهنجو آدرش سمجهان ٿو. مثال طور رات جو هلندي هلندي چنڊ جو اهڙو روپ نظر اچي، جنهن کي ڏسڻ سان منهنجي دل چوندي آهي ته مان توکي به ٻڌايان، ڏس ڏس چنڊ ڪهڙو نه سهڻو پيو لڳي. تخليقي عمل ۾ به اهوئي آهي ته ليکڪ ٻين کي حصيدار بڻائي، شيئر Share ڪري، جيڪو هن پاڻ ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي.“ (آغا سليم 1994ع).
آغا سليم پنهنجين ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ جيڪي ڪجهه پيش ڪيو آهي، سو حقيقت تي مُبني هوندو آهي. جيڪا انسان ۽ ان جي معاشري ۽ ماحول سان وابسته آهي، هو انهيءَ حقيقت کي پيش ڪندي، ان تي پنهنجي فني تخليق جو تهه چاڙهي ٿو ۽ ان کي پنهنجو پاڻ ئي پيش ڪري ٿو.
آغا سليم جو ناول ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“، سنڌ جو پنج هزار ساله تاريخ جي پس منظر ۾، انساني تهذيب، فرد ۽ سماج جي ازلي ابديءَ ڪشمڪش جو داستان آهي. موهن جي دڙي کان وٺي ننڍي کنڊ جي ورهاڱي تائين، هن ناول جو ڪئنواس پکڙيل آهي. آغا سليم جو هيءُ ناول هڪ نئين موضوع ۽ نئين ٽيڪنڪ تي لکيل آهي، جيڪو سندس هڪ ڪامياب ناول آهي. هن ناول جو پهريون حصو، جنهن ۾ موهن جي دڙي وارو عهد پنهنجي سمورين خصوصيتن سان ڄڻ ته زنده بڻجي پيو آهي. هن ناول ۾ آغا سليم جون فنڪاراڻيون صلاحيتون نقطه عروج تي پهتل نظر اچن ٿيون. هن ناول ۾ سندس طرز تحرير، اسلوب، ڪردار نگاري، سيرت نگاري نهايت ئي شاندار طريقي سان پيش ڪيل آهي مثال طور:
”سارنگ، ماڻڪ وٽ رهڻ لڳو، ماڻڪ مورتيون ٺاهيندو هو ۽ هو ماٺ ڪري هن کي مورتيون ٺاهيندو ڏسندو هو. تن ڏينهن ۾ مهاپوڄاريءَ جي مورتي ٺاهي رهيو هو. سارنگ ڏٺو ته، جيئن ماڻڪ جي هٿن ۾ ڇهاءُ سان اڻ گهڙيل پٿر مان، مورتي اڀرڻ لڳي. هن به مورتيون ٺاهڻ شروع ڪيون. مورتي ٺاهي، ماڻڪ کي ڏيکاريندو هو . ماڻڪ سندس مورتيون ڏسي، منهن ڦيري ڇڏيندو هو. هڪڙي ڏينهن ته جوش ۾ اچي، تيشيءَ سان سندس مورتيون ڀڃي ڇڏيائين ۽ چيائين، مورتيون ٺاهه نه، پر مورتين کي جنم ڏي“ (آغا سليم 1978ع ص 12).
هڪ ٻيو مثال هن ئي ناول مان پيش ڪجي ٿو:
”تنهان جون مورتيون ڏٺم ته انهن هٿن کي ڏسڻ جي آس جاڳي پئي، جن جي ڇهاءَ سان پهڻ، پساهه کڻڻ لڳندا آهن، سچ پچ ته مان تنهان جي مورتين کي ساهه کڻندي ڏٺو آهي. مان هنن جي سيني ۾ جيئري جاڳندي دل کي ڌڙڪندي ٻڌو آهي ۽ سندن رڳن ۾ ڳاڙهي ڳاڙهي رت کي ڊوڙندو ڏٺو آهي، ڏيئي مان ڏيئو ٻرندو آهي. مان به پنهنجي آڱرين جون اجهاڻيل ڏياٽيون تنهنجي آڱرين جي جوت سان جرڪائڻ جي آس کڻي آيو آن...“. (آغا سليم، 1978ع، ص12).
”همه اوست“ آغا سليم جو هي ناول صوفي شاهه عنايت شهيد جي دؤر جي پس منظر ۾ لکيل آهي، جيڪو ان دؤر جي مزاج ۽ وحدت الوجود جي فلسفي جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿو. هيءُ ناول سنڌجي تاريخ جي پس منظر، ارغون دور جي پڄاڻيءَ ۽ مغلن ۽ ڪلهوڙن جي دؤر تي لکيو ويو آهي. هن ناول ۾، ان وقت سنڌ ۾ رائج تصوف جي بنياد تي روشني وجهي ٿو. هن ۾ هندو ڌرم، اسلام ۽ عيسائين جي مذهب ۾، ان عنصر کي موجود ڏيکاريو ويو آهي ته انسانيت ئي هڪ بين الاقوامي مذهب آهي. آغا سليم هن ناول ۾ تصوف جو هڪ اهڙو موضوع کنيو آهي، جنهن تي شايد ئي هن کان اڳ ڪنهن لکيو هجي. هن انساني فطرت ۾ محبت جي جذبي کي هڪ سحر آفرين جذبي جي حيثيت ۾ پيش ڪيو آهي ۽ محبت کي انساني تهذيب ۽ هر لطيف فن جي تخليق جو راز ڄاڻايو آهي. ان کان علاوه هن سنڌ جي سماجي زندگيءَ جي، مختلف رنگن روپن جي منظر ڪشي ڪئي آهي ۽ سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شعر ۽ شاهه عنايت شهيد جي تصور جي نُڪتي جي اپٽار ڪيل آهي.
هن ناول ۾ ڪيتريون ئي نيون ڳالهيون بيان ڪيل آهن، جيڪي هن ناول جي اهم خوبين ۾ شمار ڪري سگهجن ٿيون. سي هي آهن: پهرين ته هيءُ ناول Thrid person جي صورت ۾ لکيل آهي. ٻيو اهو ته هيءُ ناول نيم تاريخي پس منظر ۾ لکيل آهي ۽ ٽين اهم خوبي اها آهي ته هيءُ ناول رومانوي ڪيفيت ۾ ليکل آهي.
”اڻ پورو انسان“ آغا سليم جو هيءُ ناول اعليٰ سوسائٽيءَ جي ماڻهن جي کوکلي زندگيءَ جو هڪ نقش آهي. هن ناول ۾ هڪ اهڙي ڪردار جي ڪهاڻي پيش ڪيل آهي، جنهن وٽ دولت، اختيار ۽ هر شيءِ ته موجود آهي، پر هن کي دلي سڪون ۽ آسودگي ڪونهي. هن نه ڪنهن دوست سان دل جي سچائيءَ ۽ خلوص سان دوستي نڀائي نه ڪنهن انسان جي ڏک کي، پنهنجي دل ۾ گهرائيءَ سان محسوس ڪيو. هن پنهنجي زال کي ڪڏهن به سچو پيار نه ڏنو، اولاد کي به ڪڏهن شفقت نه ڏنائين. انهيءَ ڪري اهي سڀ بگڙجي ويا، جنهن ڪري به سندس زندگي جهنم بڻجي وئي ۽ هو هر وقت تنهائي ۽ اڪيلائيءَ جي احساس جي ڪري بيچين رهندو هو. هو حق ۽ سچائيءَ جي واٽ اختيار نٿو ڪري. هو اعليٰ ڪلاس جو فرد بڻجڻ کان پوءِ به پاڻ کي ان ماحول ساڻ هم آهنگ (Adjust) نٿو ڪري سگهي. هن تي اها حقيقت واضح ٿئي ٿي ته اپر ڪلاس جي ظاهري زندگي ته ڏاڍي چمڪندڙ مهذب آهي پر اندروني طور اها بلڪل کوکلي ۽ خالي آهي. انهيءَ ڪري هو حالتن کان شڪست کائي، جيئڻ جا عارضي سهارا ڳوليندو، پنهنجي وجود کي پاڻ کان جدا ٿيندو محسوس ڪري ٿو. آغا سليم جوهي ناول به هڪ نئين ۽ اهم موضوع تي لکيل ۽ ڪامياب ناول آهي.
آغا سليم جي ٽنهي ناولن ۾ فن جي ارتقا، دراصل سندس ذهن جي ارتقا جي عڪاسي ڪري ٿي. هن انساني زندگي، تاريخ ۽ تهذيب جي شعور کي تخليقي فن جي انداز ۾ بيان ڪيو آهي. انهيءَ ڪري ئي هو مهذب اديب جو درجو رکي ٿو، هن زندگيءَ جي مقصديت، ان مان پيدا ٿيندڙ بيزاري، فرد جي تنهائيءَ جي محروميءَ جي شديد احساس کي ناول جي روپ ۾ پيش ڪيو آهي. حاصل مطلب ته آغا سليم پنهنجن ناولن جي ڪري، سنڌي ناول واري صنف جو هڪ مهان ناول نويس آهي.
آغا سليم سدا حيات ۽ سدابهار ليکڪ آهي، جيستائين سنڌي ٻولي، سنڌي ادب قائم و دائم رهندو، تيستائين آغا سليم رهندو.
”ڏات رت پيئندي آهي، ننڊون ۽ سپنا ڏات کي ڏان ڏيڻا پوندا آهن. تڏهن جيءَ ۾ جوت جلندي آهي“ (آغا سليم: 1978ع ص 13).
”داسين جي وچ ۾ هوءَ ائين ٿي لڳي، جيئن ديسن ۾ سنڌ ديس، جيئن شهرن ۾ مهن جو دڙو، جيئن درياهن ۾ سنڌو درياهه ۽ جيئن دلين ۾ محبت ڪرڻ واري دل“
(آغا سليم: 1978ع، ص 13).
حوالا: