ڪتاب جو نالو | سنڌي ٻولي (جون 2017ع ) |
---|---|
ليکڪ | پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | ISSN: 2519-9765 |
قيمت | 120 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (958) PDF E-Pub |
انگ اکر | 15 June 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 279715 ڀيرا پڙهيو ويو |
ڊاڪٽر الطاف جوکيو
]استاد، سنڌي شعبو: غلام رباني آگرو گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪنڊيارو[
پڙهڻ (Reading) واري مهارت ۾ بي معنى
لفظ (Nonwords) جو ڪردار
(The role of non-words in Reading skill)
Abstract:
The decoding of letters to sounds and reading words with frequency connecting their sounds is very much important in the reading skill.
Such students of ECE (Early Child Education) level who are fluent in reading can easily comprehend the words. But those who are not or less skilled in reading, are unable to comprehend sentences and paragraphs completely and easily.
It is proved in various researches that the education system is impossible to be upgraded and developed until and unless the effective system of examination is not implemented and enforced. So, for assessing the level of students of decoding the words’ Formative or Ongoing assessment is significant.
Regarding decoding of words as it enhances reading skill, the Non-words activity is suggested for giving more emphasis on non-sense words which will help us to fight destructive element of cramming also.
In this paper the technique for making non-words is shared. It is highly recommended, therefore, decoding of non-words activity in ECE Level Curriculum may be included.
تعارف:
پڙهڻ واري مهارت ٻين ٽن مهارتن: ٻڌڻ، ڳالهائڻ ۽ لکڻ سان سلهاڙيل هجڻ سبب، مرڪزي حيثيت رکندي آئي آهي؛ تنهنڪري تعليم جي ميدان ۾ انهيءَ مهارت تي ڌيان ڏيڻ لاءِ ڪجهه معيار جوڙيا ويا آهن. انهن معيارن ۾ پڙهڻ جي پنجن جزوي مهارتن تي ملڪو حاصل ڪرڻ لاءِ شروعاتي ٽن جزوي مهارتن: صوتي سڃاڻپ، آوازن جي ڄاڻ ۽ روانيءَ تي مبني هڪ سرگرمي ’بي معنى لفظن جو پڙهڻ‘ متعارف ڪرائي وئي. هن سرگرميءَ ۾ ابتدائي درجن (ECE) جو ٻار اکر کان آواز ۽ انهن کي ملائي پڙهڻ جي ڪوشش وٺي ٿو؛ جنهن سان ٻار ۾ (اکر ۽ آواز جي تعلق واري سڃاڻ) ڊيڪوڊنگ (Decoding) جي سگهه وڌي ٿي. ٻارن ۾ اهڙي سگھه جانچڻ لاءِ هڪ طريقه ڪار پڻ رکيو ويو آهي. هن سرگرميءَ سان ٻار اهڙن لفظن کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو جيڪي هن ڪڏهن به نه ڏٺا يا نه پڙهيا آهن.
هن موضوع جو دائرو هيٺين سوالن تي جوڙيو ويو آهي:
پڙهڻ واري مهارت جو پس منظر:
ابتدائي درجن (Early Child Education) نسبت سنڌي ٻوليءَ ۾ بي معنى لفظ جو رواج ’سنڌ ريڊنگ پروگرام‘ جي ڪوششن جو نتيجو آهي. اهو پروگرام، يو.ايس.ايڊ ۽ سنڌ حڪومت جي تعاون سان ’پاڪستان ريڊنگ پراجيڪٽ‘ بعد خاص طور سنڌ ۾ سروي ۽ تحقيق جي بنياد تي شروع ڪيو ويو. هي پروگرام ٻولي پڙهڻ يا پڙهائڻ جي چئن مهارتن: ٻڌڻ (Listening)، ڳالهائڻ (Speaking)، پڙهڻ (Reading) ۽ لکڻ (Writing) مان رڳو پڙهڻ (Reading) تي مبني رکيو ويو آهي. پڙهڻ جي مهارت کي انهيءَ ڪري مرڪوز ڪيو ويو ته انهن ٽنهي مهارتن مان پڙهڻ (Reading) واري مهارت ان سبب مرڪزي حيثيت رکندڙ آهي جو ان جي دائري اندر ٻين مهارتن جي شموليت به رهي ٿي يا شامل ڪري سگھجي ٿي.
ٻوليءَ جون مهارتون:
ٻولي سکڻ يا سيکارڻ ۾ ٻوليءَ جون چار مهارتون ڳڻيون وينديون آهن:
ٻوليءَ جي سکيا جي مرحلن جا ٻه پاسا ٿين ٿا: (الف): لاڳت (Input) ۽ اپت (Output)، (ب): ڳالهائجندڙ (Spoken) ۽ لکجندڙ (Written)
(الف): لاڳت (Input) ۽ اپت (Output)
|
|
||
ٻڌڻ/ Listening |
ڳالهائڻ/ Speaking |
||
پڙهڻ/ Reading |
لکڻ/ Writing |
لاڳت/ Input: هن ۾ ٻڌڻ ۽ پڙهڻ جون مهارتون اچي ٿيون وڃن. لاڳت/ Input کي Reception به ڪوٺيو ويندو آهي. جنهن کي ’ملڻ‘ چئي سگھجي ٿو. يعني ٻار کي جيڪو ڏجي ٿو/ لاڳت ڪجي ٿي ته هو اهو حاصل ڪري ٿو وٺي.
اپت/ Output: هن ۾ ڳالهائڻ ۽ لکڻ جون مهارتون اچي ٿيون وڃن. اپت/ Output لاءِ Production به ڪم آندو ويندو آهي. جنهن کي ’ڏيڻ‘ چئي سگھجي ٿو. يعني ٻار تي جيڪا محنت ڪجي ٿي ۽ ان مان جيڪو ملي ٿو تنهن کي پيداوار ڪوٺي سگهجي ٿو.
(ب): ڳالهائجندڙ (Spoken) ۽ لکجندڙ (Written)
|
|
||
ٻڌڻ/ Listening |
پڙهڻ/ Reading |
||
ڳالهائڻ/ Speaking |
لکڻ/ Writing |
ڳالهائجندڙ (Spoken): هن ۾ ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ جون مهارتون اچي ٿيون وڃن. جنهن کي زباني/ Oral به سڏي سگھجي ٿو.
لکجندڙ (Written): هن ۾ پڙهڻ ۽ لکڻ جون مهارتون اچي ٿيون وڃن. جنهن کي ڇاپي/ Printed ڪوٺي سگهجي ٿو.
مٿئين پوري سلسلي جي جوڙ کي هيٺينءَ ريت ڏيکاري سگھجي ٿو:
لاڳت |
|
|
|
|||
|
|
|
|||
|
|
|
رابطي جي نسبت، ٻوليءَ جون چارئي مهارتون پاڻ ۾ ٻن پاسن/ دائرن سان سلهاڙيل آهن:
جديد تحقيق موجب انهن چئني مهارتن مان پڙهڻ (Reading) واري مهارت مرڪزي حيثيت واري ڄاڻائي وئي آهي. ڇاڪاڻ ته پڙهڻ واري مهارت ۾ جيڪي جزا شامل ڪيا وڃن ٿا، تن ۾ ٻڌڻ، ڳالهائڻ ۽ لکڻ واريون مهارتون سڌي يا اڻ- سڌيءَ طرح شامل ٿي وڃن ٿيون.
Basic literacy is the foundation children need to be successful in all other areas of education. Children first need to “learn to read” so that they can “read to learn.” That is, as children pass through the grade levels, more and more academic content is transmitted to them through text, and their ability to acquire new knowledge and skills depends largely on their ability to read and extract meaning from text. For example, math is an important skill, but using a math book requires the ability to read. Students are also increasingly required to demonstrate their learning through writing, a skill integrally tied to reading and reading comprehension. Moreover, a low level of literacy severely constrains a person’s capacity for self-guided and lifelong learning that is so important beyond the classroom walls into the world of adult responsibilities.(2)
پڙهڻ (Reading) جي مهارت جا جزا:
هن مهارت ۾ جيڪي جزا (Sub Skills) شامل ڪيا ويندا آهن، سي هن ريت آهن:
مٿيان جزا وري ٻين ننڍن جزن ۾ ڄاڻايا ويندا آهن. ان چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته مجموعي طور ٻوليءَ جون ٻيون مهارتون، پڙهڻ واري مهارت سان سلهاڙجي وڃن ٿيون؛ ان ڪارڻ پڙهڻ واري مهارت کي مرڪزي اهميت حاصل آهي.
مسئلي جو بيان:
ڄاڻايل جزا بنيادي طور ’آواز ۽ اکرن‘ جي ڊيڪوڊنگ (ذهني سڃاڻ) سان سلهاڙيل آهن. ان خيال کان انهن پنجن جزن کي هيٺين ريت ورهائي سگھجي ٿو:
بي معنى لفظ مان مراد اهڙو لفظ جيڪو سڃاڻڻ / ڊيڪوڊ ڪرڻ باوجود ٻوليءَ نسبت ڪا معنى يا مراد نه ڏئي سگھي.
A group of letters or speech sounds that looks or sounds like a word but that is not accepted as such by native speakers. (3)
اڪثر ٻار، بصري سگھه موجب معنى يا رٽي جي بنياد تي لفظ پڙهي وٺندو آهي؛ ليڪن بي معنى لفظن کي پڙهڻ وقت ٻار درست ڊيڪوڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ٻار جي اهڙي ڪوشش سان اکر ۽ آواز جي ڊيڪوڊنگ وارو عمل سگهارو ٿئي ٿي. اکر ۽ آواز جي تعلق واري سڃاڻ جي عمل کي ڊيڪوڊنگ چئبو آهي.
Decoding refers to the process of translating a printed word into a sound. First, please read the following words aloud: dog, table, jump. This is an example of decoding regular words, and is sometimes called word identification skill. Regular words are commonly used words, i.e., words frequently found in printed material. Second, please read the following words, aloud: blud, wight, frish. This is an example of decoding nonwords (or decoding pseudowords), and is sometimes called word attack skill. Pseudowords are pronounceable based on phonics rules but are not real words. A highly similar task involves asking students to read words that they have never seen before—i.e., unfamiliar words.(4)
پڙهڻ جي مهارت وارن جزن ۾ جڏهن بي معنى لفظ شامل ڪجن ٿا ته ان ۾ مٿين ڄاڻايل جزن مان هيٺيان ٽي جزا شامل ٿين ٿا:
مٿئين سلسلي کي چارٽ جي صورت ۾ هيٺين ريت رکي سگھجي ٿو:
صوتي سڃاڻ/ Phonemic awareness |
آوازن جي ڄاڻ/ Phonics |
پڙهڻ جي رواني/ Frequency |
لفظن جو ذخيرو/ Vocabulary |
پڙهي- سمجهڻ/ Comprehension |
پڙهڻ/ Reading واري مهارت جا جزا (Sub Skills) |
بي معنى لفظ
|
ڏنل چارٽ موجب اهو ڏيکاريو ويو آهي ته بي معنى لفظَ، پڙهڻ (Reading) جي ٽن جزن (Sub Skills) سان سلهاڙيل آهن. يعني بي معنى لفظَ، اکر کان آواز (Phonics) ۽ لفظي جوڙجڪ سبب، پڙهڻ جي ٽن جزن تي مرڪوز رهن ٿا.
بي معنى لفظن ۾ ڊيڪوڊنگ وارو عمل اهم آهي. فطري طور، ابتدائي درجن واري ٻار سامهون جڏهن ڪوبه اکر سامهون ايندو آهي ته ان کي ڏسندي ئي هن جو ذهن ڪم ڪرڻ شروع ڪندو آهي ۽ ان جي اکر سان گڏ آواز جو عڪس (Image) ترندي ئي اچاري وٺندو آهي. ان اهڙي عمل کي ڊيڪوڊنگ چئبو آهي.
In the very earliest stages of word reading development there may be a strong association between the rate of growth in cognitive processing, print knowledge, and decoding skills.(5)
عام طور ڏٺو اهو ويو آهي ته اڪثر ٻار پنهنجي ڪلاسن جا سنڌي سبق برزبان طوطي وانگر پڙهي ويندا آهن؛ پر جڏهن ان سبق مان ڪوبه لفظ بورڊ يا ڪاغذ تي لکي يا ڪتاب تي آڱر رکي ٻار کان معلوم ڪجي ٿو ته ٻار ان لفظ کي پڙهڻ ۾ منجهندو آهي. ان مان اهو به خيال جڙي ٿو ته استاد ٻارن کي سبق پڙهڻ ۾ رٽي واري عمل کي روڪڻ بجاءِ ڄڻڪ هٿِي ڏيندا آهن. اهڙي عمل کي روڪڻ لاءِ هيءَ بي معنى لفظ جي پڙهڻ جي سرگرمي تجويز ڪئي وئي آهي.
تحقيق مان اها ڳالهه به ثابت ٿي آهي ته جيڪي ٻار پڙهڻ ۾ وڌيڪ رواني (Fluency) رکن ٿا، انهن جي پڙهي- سمجهڻ (Comprehension) واري قوت به بهتر رهي ٿي. ان سبب ٻارن جي روانيءَ تي توجه ڏيڻ تمام لازمي آهي.
بي معنى لفظ، ’پڙهڻ‘ واري مهارت ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هن ۾ اهڙا لفظ ٻار کان پڙهايا ويندا آهن، جن جي ڪابه معنى نه هوندي آهي. هونئن فطري طور ٻار اسڪول اچڻ کان اڳ پنهنجي ماحول مان ڪافي با معنى لفظ کڻي ايندو آهي؛ ان بنياد تي ڪافي لفظن کي سماجي معنائن سان ڄاڻي ٿو. ڪي ٻار بصري قوت سان لفظ پڙهي به ويندو آهي ليڪن انهن جي ڊيڪوڊنگ واري قوت ايتري سگهاري نه هوندي آهي.
جڏهن ٻار جي سامهون اهڙا لفظ ڏجن ٿا جيڪي هن نه ڪڏهن ٻڌا يا پڙهيا، ظاهر آهي ته هو ذهن کي زور ڏيندي، ان لفظ کي پڙهڻ لاءِ ڪوشش وٺندو. هن جي ڪوشش اکر کان آواز ۽ انهن جي جوڙ (Blending) واري رهندي. يعني پهرين اکر جي آواز کي ڊيڪوڊ ڪندو ۽ بعد ۾ انهن آوازن کي جوڙي بي معنى لفظ پڙهڻ جي ڪوشش وٺندو. ان پڙهڻ دوران ٻار جي پڙهڻ جي رواني ڏسي ٻار جي اکري يا لفظي سڃاڻ جانچي بعد ۾ هن کي تاڪيد يا راه ڏئي سگھجي ٿي.
مسئلي جا سوال:
مسئلي جو اڀياس:
تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته خواندگيءَ جو سيڪڙو تڏهن درست انداز ۾ وڌندو، جڏهن امتحاني سلسلو (Assessment) سڌاريو ويندو. نهايت افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان وٽ امتحاني سرشتو اهو ساڳيو پيو هلي جيڪو پراڻو ۽ مدي خارج آهي؛ جنهن ۾ صرف لکڻ واري مهارت (Writing Skill) جانچي ويندي آهي. 80 واري ڏهاڪي کان اڳ پرائمري درجن ۾ زباني امتحان (Oral Exam) جو تصور هوندو هيو. هاڻ اهو به نه رهيو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته امتحاني سلسلي ۾ چئني مهارتن کي نظر ۾ رکي ڪو سائنسي سرشتو (Scientifical System) جوڙڻ کپي.
پاڪستان ۾ آغا خان يونيورسٽي ايگزيمنيشن بورڊ ۽ وفاقي ايگزيمنيشن بورڊ ۾ اڄڪلهه سائنسي طريقي سان سوالي پيپر جڙن پيا ۽ ان ئي ڪمپيوٽرائزد طريقي سان جوابن جي چڪاس (Assessment) ٿئي پئي. ان نظام ۾ ڪاپي ڪرڻ واري ماحول ۽ رٽي هڻڻ واري عادت کي ميسارڻ لاءِ سائنسي طريقا ڪيا ويا آهن. پر اسان وٽ ٻيا ايگزيمنيشن بورڊ ان خفي ۾ پوڻ ۽ پنهنجن رکيل مفادن تان هٿ کڻڻ نه ٿا گھرن.
پڪ ڄاڻو ته تعليم جو نظام تڏهن ئي سڌري سگھي ٿو جڏهن امتحاني طريقه ڪار کي حالتن پٽاندر تبديل ڪريون. ان معاملي ۾ سنڌ حڪومت کي سنجيدگيءَ سان سوچڻو پوندو.
ابتدائي ٻار ۾ جيڪڏهن پڙهڻ واري مهارت سڌري نه ٿي ته پوءِ اڳتي ڪلاسن ۾ ان ٻار جي حالت ڪافي مونجهارن جو شڪار رهي ٿي.
Acquiring literacy becomes more difficult as students grow older; children who do not learn to read in the first few grades are more likely to repeat grades and to eventually drop out of school. That is, if strong foundational skills are not acquired early on, gaps in learning outcomes (between students who have mastered foundational reading skills and those who have not) grow larger over time (Adolf, Catts, & Lee, 2010; Daniel et al., 2006; Darney, Reinke, Herman, Stormont, & Ialongo, 2013; Scanlon, Gelzheiser, Vellutino, Schatschneider, & Sweeney, 2008; Torgesen, 2002). The common metaphor of “the rich get richer and the poor get poorer” is often quoted in discussions of the disparities that occur between fluent and nonfluent readers for children who are unable to acquire reading and comprehension skills in the early grades (Gove & Wetterberg, 2011). (6)
اسان وٽ ڪافي ٻين ملڪن يا خاص طور تي يو.ايس.ايڊ جا پروگرام هليا آهن ۽ هلندا رهن ٿا؛ ليڪن افسوس سان چوڻو ٿو پوي ان جي ڪڍيل سائنسي نتيجن کي بجاءِ عمل ۾ آڻڻ جي صرف ڪاغذن جي صورت ۾ ڪٻٽن جي زينت بڻائي رکندا آهيون. ان صورت ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن پروگرامن جي سٺن پاسن کي کڻي تعليم يا ٻين کاتن ۾ عمل آڻڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ٿيڻ گھرجن.
تازو پرائمري سطح تي پوري ملڪ ۾ ’پاڪستان ريڊنگ پراجيڪٽ‘ ۽ خاص طور سنڌ ۾ سنڌ حڪومت جي تعاون سان ’سنڌ ريڊنگ پروگرام‘ هلي پيو. هي پروگرام پٺتي پيل، خاص طور 2010ع واري ٻوڏ ستايل علائقن جي پرائمري سطح تي سائنسي انداز سان ڪم ڪري پيو. ان پروگرام جي شروعات ابتدائي ڪلاس جي شاگردن جي چڪاس (Assessment) سان EGRA (Early Grade Reading Assessment) ڪيو ويو. ان مان مراد اها آهي ته پهرين ٻار جي سطح کي سائنسي انداز ۾ جانچي، ٻار ۾ موجود ڪمين ڪوتاهين واري خال ڀرڻ لاءِ تعليمي سرگرمين ذريعي ان کي تعليم جي ويجهو آڻجي.
ڄاڻو ٿا ته ٻارن جا به ٽي قسم هوندا آهن، جن سبب ٽي گروه جوڙڻا پوندا آهن:
هوشيار (Developing)
سست (Dormant)
جڏا (Underground) (7)
ان حوالي سان ٻارن کي گڏ کڻي هلڻ لاءِ هڪ سلسلو جوڙڻو پوندو آهي ۽ چڪاس جو به هڪ طريقه ڪار رکڻو پوندو آهي. بهرحال، پڙهڻ واري مهارت کي سڌارڻ لاءِ مٿي ڄاڻايل پنجن ئي مرحلن مان گذرڻو پوي ٿو، جنهن جو ڇوڙ ’پڙهي سمجهڻ‘ (Comprehension) تائين ٿئي ٿو.
مذڪوره موضوع (بي معنى لفظ) پڙهڻ واري مهارت جي ٽن جزن تائين محدود ٿين ٿا، يعني ’صوتي سڃاڻ‘، ’آوازن جي ڄاڻ‘ ۽ ’پڙهڻ جي رواني‘.
پڙهڻ واري مهارت (Reading skill) ۾ بي معنى لفظ جي اهميت
بي معنى لفظ مان مراد ئي اهڙو لفظ آهي جنهن جي ڪابه معنى نه هجي. پوري ننڍي کنڊ ۾ توڙي دنيا جي ٻين ٻولين ۾ سنڌي ٻولي پنهنجي حيثيت ۾ هڪ نرالي ٻولي آهي. لسانيات جي نسبت سنڌي ٻوليءَ جون اهڙيون خاصيتون آهن، جيڪي ٻين ٻولين ۾ ورلي ملنديون؛ جهڙوڪ: صوتيات موجب 4 چوسڻا آواز (ٻ، ڄ، ڏ ۽ ڳ) ۽ صرفي توڙي نحوي ڪارج موجب هر لفظ جو آخري وينجن (Consonant) متحرڪ هجڻ وغيره. ان نسبت ڪنهن به لفظ جي زير، زبر يا پيش وغيره مٽائڻ سان ڪونه ڪو بامعنى لفظ سامهون اچي ٿو وڃي. ان صورت ۾ Phonics جي بنياد تي اکرن کي ملائي اهڙو لفظ جوڙڻ جيڪو ٻوليءَ ۾ ڪابه معنى نه رکندو هجي، ڪافي مشڪل آهي! هن سرگرميءَ ذريعي ٻارن ۾ پڙهڻ واري مهارت جي نسبت Phonemic awareness، Phonics ۽ Fluency جاچي ويندي آهي.
بي معنى لفظ جي پڙهڻ واري چڪاس ۾ ٻار لفظ کي ڏسڻ سان ڪوشش وٺندو ته هن ۾ ڪهڙا اکر موجود آهن ۽ انهن جي ملائڻ (Blending of sounds) سان ڪهڙا آواز نڪرندا ۽ اهو ڪيتري رفتار سان پڙهڻ گھرجي. ٻار جي اهڙي مشق سان پڙهڻ وارا ٽئي جزا عمل ۾ ايندا.
بي معنى لفظ جڏهن ابتدائي ٻار جي سامهون اچي ٿو ته پهريون عمل اکر ۽ ان جي آواز کي ڊيڪوڊ ڪرڻ آهي، پوءِ انهن اکرن جي بنياد تي آوازن جي جوڙڻ (Blending) سان پد (Syllable) ۽ پدن ملائڻ سان لفظ جڙي ٿا پوَن. لفظ جي پڙهڻ ۾ به ’رواني‘ (Fluency) جاچڻ جو عمل تمام اهم آهي.
پڙهڻ جي حوالي سان تحقيق جي بنياد تي ان جا جزا پنج ڄاڻايا ويا آهن، جنهن جو آخري جزو پڙهي-سمجهڻ (Comprehension) آهي؛ ان جو ماقبل آخري جزو لفظن جي ذخيري (Vocabulary) جو تعلق معنادار لفظن سان ٿئي ٿو. ان سبب بي معنى لفظ جي ان اهم جزي ۽ ماقبل آخري جزي ’لفظن جي ذخيري‘ سان ڪوبه تعلق ناهي؛ ڇاڪاڻ ته Vocabulary ۽ Comprehension مان مراد ئي پڙهي، سمجهڻ آهي. ان سبب بي معنى جو تعلق پڙهڻ (Reading) جي صرف ٽن جزن سان رهي ٿو؛ جنهن ۾ ڊيڪوڊنگ واري عمل جو وڏو عمل دخل رهي ٿو. لفظ کي تيزيءَ سان پڙهڻ واري هن سرگرميءَ سان ٻار ۾ پڙهڻ واري قوت وڌي ٿي. اها ڳالهه مسلّم آهي ته جنهن صورت ۾ ٻار جي پڙهڻ واري رفتار تيز ٿئي ٿي ته ان ۾ پڙهي سمجهڻ واري صلاحيت به سگهاري بڻجي ٿي.
ٻار جي پڙهڻ واري مهارت جي رواني (Fluency) جانچڻ وارو عمل هن کان اڳ ڪڏهن به نه ٿي سگھيو آهي. اهو سڄو سارو ڪم/ Credit ’سنڌ ريڊنگ پروگرام‘ جي حصي ۾ اچي ٿو.
بي معنى لفظ جي اهميت کي ڏسندي اها ڳالهه محسوس ڪئي وئي آهي ته هن کي نصاب (Curriculum) ۾ شامل ڪرڻ گھرجي. اهڙو اسم شامل ڪرڻ سان ٻارن ۾ ڊيڪوڊنگ واري عمل کي هٿي ۽ رٽي جي عادت کي ٻنڊو ڏئي سگھجي ٿو.
Over the course of an academic year, a set of parallel word and nonword reading tasks, constructed using curriculum-base measurement techniques and administered on a monthly basis, were capable of demonstrating individual change in decoding skill. (8)
دنيا جي 100 کان مٿي ملڪن ۾، ريڊنگ پروگرامن تي ڪم ڪندي، ابتدائي درجي جي ٻارن ۾ ڊيڪوڊنگ واري سگھه وڌائڻ لاءِ اهڙي سرگرميءَ کي نصاب ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون ويون آهن.
بي معنى (Nonwords) لفظ جوڙڻ جو طريقه ڪار:
بي معنى لفظ جوڙڻ لاءِ سنڌي ريڊنگ پروگرام پاران شروع ۾ ته اهو لازمي سمجهيو ويو ته لفظ ننڍا يعني ٽي اکرا (ٽه- پدا) هجن؛ بعد ۾ ٽي اکرا، پر ٻه- پدا رکيا ويا. انگريزيءَ ۾ جيڪي لفظ چونڊيا ويندا آهن، سي بيشڪ ٽي لفظ ته هوندا آهن، ليڪن هڪ پد يا ٻه- پدا لفظ ٿين ٿا؛ تنهن ۾ به ڇوٽا سُر (Short vowel) شامل هجن ٿا. سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪڏهن ڇوٽا سر ڪم آڻي لفظ جوڙجن ٿا ته يا ٻه اکرا ۽ ٻه- پدا بيهن ٿا، يا وري ٽي اکرا ۽ ٽي پدا لفظ بيهن ٿا. اهو سبب آهي ته سنڌي ٻولي ۽ انگريزي ٻولي توڻي ٻين ٻولين جي مزاج ۾ فرق آهي.
هيٺ سنڌي ٻولي ۽ انگريزي ٻوليءَ جا لفظ صورتخطيءَ جي خيال کان تقابلي رکجن ٿا:
انگريزي لفظ |
سنڌي لفظ |
اردو/ عربي |
Duck |
بَدَڪَ |
بَطَخ |
ٽه- اکرا بي معنى جوڙڻ جا ٻه امڪاني نمونا ٿي سگھن ٿا:
امڪاني ڇوٽن سُرن سان:
ٽڀر |
ڪڌٻ |
مکج |
نثم |
ٺگهپ |
گڙخ |
يزچ |
ڇجص |
اقب |
گعڙ |
هثس |
دفڳ |
شروع ۾ جڏهن هن ٽيڪنڪ کي ڪم آندو ويو ۽ چند اسڪولن ۾ ٽيسٽ پائلٽنگ (Test Piloting) ڪئي وئي ته ان ۾ پڙهڻ واري چڪاس (Assessment) دوران ٻارن جو نتيجو تمام ڪمزور (Poor) آيو. ان بعد ان تي نظرثاني ڪئي وئي.
امڪاني ڊگھن سُرن (حرف علت: ا، و ۽ ي) سان:
ٽه- وينجن اکرن بعد گڏيل راءِ اها بيهاري وئي ته ’بي معنى لفظن ۾ هڪ ڊگھو سُر (Long Vowel) ڪم آندو وڃي؛ جنهن بعد هيٺين ريت لفظ بيٺا:
ٽيڳ |
واظ |
چوچ |
جاس |
باٽ |
سوک |
تيم |
ثاگ |
ڊيچ |
ڊاڍ |
ازو |
شاٺ |
قرو |
ثاڱ |
چزو |
ذاٿ |
صوش |
زڪو |
ڏاپ |
ڌيڪ |
توع |
ڪاڃ |
طسو |
قوٻ |
ضان |
ڀوگهه |
ضاد |
خيڄ |
عيڇ |
غاط |
ٻاش |
ڍان |
نيس |
اوڀ |
ضاجهه |
موڳ |
توج |
عوت |
مڇو |
چاڇ |
ڪفو |
تيق |
ميڪ |
ٽيش |
ٽوڀ |
لوق |
پون |
ڇوپ |
ٺاڀ |
فوش |
ڊگھن سُرن سان ٽه- اکرا بي معنى لفظ ٺاهڻ لاءِ هيٺيان ڍنگ (Techniques) رکي سگھجن ٿا:
’الف کان يي‘ تائين هر پهرئين اکر سان ڊگھو سُر ’آ‘ ملائڻ سان:
نوٽ: اهڙي ڍنگ سان پوري آئيويٽا جي اکرن سان سان ’آ‘ وارو ڊگھو سُر‘ ملائي ڪافي بي معنى لفظ جوڙي سگھجن ٿا. ان صورت ۾ اهو خيال رکيو ويندو ته جڙندڙ لفظ جيڪڏهن امڪاني طور ڪا معنى رکندا هجن ته اهي ڪٽي ڇڏبا.
’الف کان يي‘ تائين هر پهرئين اکر سان ڊگھو سُر ’او‘ ملائڻ سان:
نوٽ: اهڙي ڍنگ سان پوري آئيويٽا سان ’او‘ وارو ڊگھو سُر‘ ملائي ڪافي بي معنى لفظ جوڙي سگھجن ٿا. ان صورت ۾ اهو خيال رکيو ويندو ته جڙندڙ لفظ جيڪڏهن امڪاني طور ڪا معنى رکندا هجن ته اهي ڪٽي ڇڏبا.
’الف کان يي‘ تائين ترتيب سان هر پهرئين اکر سان ڊگھو سُر ’اي‘ ملائڻ سان:
نوٽ: اهڙي ڍنگ سان پوري آئيويٽا سان ’اي‘ وارو ڊگھو سُر‘ ملائي ڪافي بي معنى لفظ جوڙي سگھجن ٿا. ان صورت ۾ اهو خيال رکيو ويندو ته جڙندڙ لفظ جيڪڏهن امڪاني طور ڪا معنى رکندا هجن ته اهي ڪٽي ڇڏبا.
زيرن زبرن کان سواءِ ’ڊگها سُر ’آ، او، اي‘ محدود ان حوالي سان رکجن ٿا، جو هي بي معنى لفظ امڪاني پڙهڻيءَ لاءِ ٻارن جي اڳيان رکجن ٿا. ان صورت ۾ ٻار مختلف زيرن زبرن سان ’او، اُو، اَو‘ ۽ ’اي، اِي، اَي‘ وارا ڊگھا سُر ڪم آڻي سگھي ٿو. يعني صورتخطيءَ جي خيال کان ’مد، واؤ مجهول ۽ يي مجهول‘ ڪم آڻجي ٿو ان صورت ۾ ٻار ’واؤ يا يي معروف ۽ لِين‘ استعمال ڪري سگھي ٿو.
’الف کان يي‘ تائين ترتيب سان هڪ اکر کي ٻئي اکر سان ڳنڍي، آخري اکر سان ڊگھو سُر ترتيبوار ’آ، او، اي‘ ملائڻ سان:
نوٽ: اهڙي نموني الف کي ٻين اکرن سان ۽ ٻين اکرن سان هرهڪ اکر ملائيندو آخر ۾ ’آ، او يا اي‘ جو ڊگھو سُر ملائي ڏسبو، جيڪڏهن ڪو لفظ معنادار بيهي ٿو ته ان کي ڪٽي باقي رکي سگھجن ٿا. اهڙي نموني هر اکر سان ٻيو اکر رکي ڊگھا سُر ملائبا وڃبا ۽ بي معنى لفظ جوڙبا وڃبا. اهڙي انداز سان هزارين بي معنى لفظ جڙي پوندا.
نتيجو:
ٻوليءَ جي پڙهڻ واري مهارت (Reading Skill) موجب بي معنى لفظ جي اهميت ۽ ڪردار تي جيڪو اڀياس ڪيو ويو، تنهن جو حاصل مطلب هن ريت رکجي ٿو:
حوالا