Video

سماجياتي لسانيات (مختصر تعارف)

جڏھن ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ شايع ٿيو تڏھن اِھا ڳالھھ پڌري ٿي تھ سماجياتي لسانيات جي مضمون جو تعارف بھ تمام ضروري ھو، جو ان کان سواءِ رڳو عام پڙھندڙن جي لاءِ نھ پر اديبن، عالمن ۽ ڪن لسانيات جي ڄاڻن لاءِ بھ ھي ڪتاب نئون ھو ۽ ان ڪري انھن مان تمام گھڻا ھن ڪتاب ۾ ھڪدم دلچسپي وٺي نھ ٿي سگھيا. اِھا ڳالھھ ھن ڪري بھ معلوم ٿي جو جن ٽن صاحبن ڪتاب تي تبصرو لکيو (جن مان ھڪ ھن ڪتاب کي کلڻ جھڙو سڏيو) انھن مان صرف ھڪڙي صاحب اھو ڄاڻايو تھ ھن کي ڪتاب پڙھي اھو معلوم ٿيو ھو تھ ھي سماجياتي لسانيات تي پھريون ڪتاب ھو ۽ ان ڪري ڪتاب جو پڙھڻ گھڻو مشڪل ۽ نئين قسم جو ھو، جنھن جي لاءِ بنيادي مطالعي کان مٿي مضمون جي واقفيت ان جي ٽيڪنيڪي حدن تائين ھئڻ ضروري ھئي. اسان انھيءَ مشوري کي ڪارائتو سمجھيو.

ان وقت اصل ۾ ھن ڪتاب جي واقفيت نھ پر ھن مضمون جي واقفيت ٽن پروفيسرن جي حد تائين محدود ھئي، جن ۾ ھڪڙو تھ منھنجو رھبر استاد (Guide) ڊاڪٽر الانا ھو، جنھن منھنجي ڪتاب کي مون کان بھ وڌيڪ سمجھيو ھوندو. البت ھن باري ۾ مھتمن حضرات مان ھڪڙي صاحب کي تمام وڏي ڄاڻ ھئي، جيڪو پروفيسر تھ نھ ھيو پر ھن ھن مضمون جو چڱو مطالعو ڪيو ھو.

بھرحال انھيءَ ڪري بھ پر ھونئن بھ اسان اِھو ضروري سمجھيو آھي تھ پاڻ سماجياتي لسانيات جي مضمون جو ھڪ مختصر تعارف بھ لکي وٺون جو ھن طرح سماجياتي ۽ سماجياتي لسانيات جي باري ۾ ۽ انھن جي ڄاڻ ۾ لاڳاپي جي باري ۾ ٿوري گھڻي معلومات ملي ويندي، پر ھن طرح پنھنجي مقالي جي باري ۾ بھ وضاحت ڪري سگھنداسون.

اھڙيءَ معلومات سنڌي ٻوليءَ جي لسانياتي سوال تي تحقيق ڏيڻ جي وقت ان سبب جي ڪري ڏني نھ وئي ھئي جو اھو ڪتاب ابتدائي طور تي نفس مضمون کي سمجھائڻ جي لاءِ لکيو نھ ويو ھو، پر ان ۾ اِھو لحاظ رکيو ويو ھو تھ ھي ڪتاب عالمن ۾ فني طور تي مضبوط پڙھندڙن جي ڪم ايندو ۽ ان جي تحقيقي حيثيت کي بھ ھر طرح بھتر رکڻو ھو.§ جنھن ۾ يونيورسٽيءَ جون تقاضائون بھ خيال ۾ رکڻيون ھيون. بھرحال ڪجھھ تھ تجربي جي ڪري ۽ ڪجھھ ضرورت جي ڪري ھي تعارف ھن ھيٺ ڏئي رھيا آھيون. ھن مضمون جا ٻيا مقصد ھي آھن:

(١) نئين پڙھندڙ جي لاءِ معلومات ۽ چاھھ پيدا ڪرڻ.

(٢) نظرياتي ڪم جيڪو ھن  مضمون تي ڪيو ويو آھي، ان جو تعارف ڏيڻ.

(٣) سماجيات، سماجي نفسيات ۽ علم الانسان جي واقفيت جي لاءِ لسانيات جو لاڳاپو، ھن مضمون سان واضح ڪرڻ.

(٤) جوڙجڪي لسانيات Structural Linguistics، صوتيات (Phonetics) ۽ ٻين اھڙن مضمونن جي واقفيت جي لاءِ اھو ڄاڻائڻ تھ ھي مضمون انھن سان گھڻو تعلق رکي ٿو.

بيشڪ ڪتاب ۾ تھ مون اِھو لکيو آھي تھ لسانيات جو اھم ترين سوال آھي ئي اِھو تھ ان جو باقي علمن سان ۽ زبان جي عملي ڪم ڪار سان تعلق ڪھڙو آھي ۽ ان کي سنڌي زبان جي حالت ۾ ڪيئن سمجھي ٿو سگھجي، پر جيئن مون نھ لکيو آھي. سماجيات ۽ لسانيات جي مضمونن ۽ ان وقت تائين ڪيل ڪم، سنڌي زبان جي حالت ۾ گھڻو گھٽ بھ ھو ۽ عملي طور تي ھڪدم ضروري بھ نھ ھو. اسان ھن طرح ھن مضمون کي انھيءَ خيال کان بھ معلومات ڏيڻ جي لاءِ لکي رھيا آھيون. پر اڳيون روايتي تحقيقون بھ ھروڀرو اجايون نھ ھيون. البت انھن سان گھڻي حصي جو تعلق مستقبل جي سنڌي زبان ۽ زبان جي بين الاقوامي مقبوليت سان گھڻو ھو. انھن تحقيقن جي باري ۾ بھ اسان ڪتاب ۾ مھاڳ ۾ ئي ڄاڻايو آھي.

پھرين ڳالھھ تھ جڏھن حالت اِھا ھئي تڏھن آخر مون کي انھيءَ مضمون سان دلچسپي ڪيئن پيدا ٿي ۽ ھن باري ۾ فني ۽ ٽيڪنيڪي حد تائين منھنجي معلومات جو وسيلو ڪھڙو ھو. ھن باري ۾ سچي ۽ سڌي ڳالھھ اھا آھي تھ لسانيات جي ڪيترن ئي رخن سان منھنجو تعارف ان وقت ٿيو ھو جڏھن آءٌ ماريو پي ۽ اوٽو جيپسرمن جو معالعو ڪري رھيو ھوس، جيڪو مون لاءِ ھڪ مجبوري ھو. جو مون کي انگريزيءَ جي مضمون ۾ ايم اي جو امتحان پاس ڪرڻو ھو. پوءِ مون امتحان تھ پاس ڪيو، پر ھن مضمون سان منھنجي ھڪ دلچسپي اھڙي قائم ٿي وئي، جو مون سنھ ١٩٧١ع ڌاري لسانيات تي لکڻ بھ شروع ڪيو. ان وقت بھ مون کي لسانيات جو تھ ڪجھھ پتو ھو، پر مون کي سماجياتي لسانيات جي باري ۾ گھڻو معلوم ڪونھ ھو. ھونئن بھ مان اعتراف ٿو ڪريان تھ مان گھٽ پڙھيل ماڻھو آھيان، مان ھڪڙي مسڪين ھاريءَ جو ٻار آھيان. مون ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪانھ ڪئي آھي، مان ڄڻ تھ ”اسڪول کان ٻاھر پڙھيو آھيان.“ سنڌي زبان ۾ جو چيو ويندو آھي تھ ڪو جڏو پڙھيل آھي تھ ڄڻ تھ اھو ”ان ڏئي پڙھيو آھي“ سو مون سان اِھا ڳالھھ لفظي طور تي بھ لاڳو ٿئي ٿي، جو اسڪول جي تعليم مون پنھنجي پيءُ جي ”ان“ُ مان ھٿ آيل ڏوڪڙن تي بھ حاصل ڪئي ھئي.

بھرحال اھڙيءَ حالت ۾ مون دنيا جي ۽ دنيا جي لسانيات جي ھڪ اھم سوال تي سنڌي زبان ۾ ڪتاب لکي ڊاڪٽريٽ حاصل ڪئي تھ سچ پچ تھ اھو ڪم بھ مون ڄڻ اسڪول کان ٻاھر پڙھي ڪيو جو آءٌ نوڪري ۾ ھوس ۽ سائين الانا کي مون سان رابطي رکڻ ۾ ڏاڍي تڪليف ٿيندي ھئي.

اھڙين حالتن ۾ ھن مضمون سان منھنجي دلچسپيءَ جو پھريون ڪارڻ ساڀر ۽ ھورف جو مشھور نظريو ھو، جيڪو Whorfian Hypothesis جي نالي سان مشھور آھي. اھوئي نظريو مون کان اڳ ۾ سائين الانا کي بھ متاثر ڪري چڪو ھو. جڏھن ڊاڪٽر صاحب جن سان لسانيات تي ڳالھھ ٻولھھ ٿي، تڏھن ھنن اِھو سمجھي ورتو تھ مان انھيءَ نظريي جو ”ھنيل“ آھيان. ان ڪري پاڻ ڏاڍو ھمٿايائون. ھوڏانھن تنوير کڻي چئي ڏنو، چي ”ناحق ٿو وتين رلندو ميان ڪجھھ ڪر“©.

پنھنجن حالتن کان اسان سڀ واقف آھيون. اھڙن قسمن جا ڪم ادارا يا اڃا بھ يونيورسٽيون ڪنديون آھن. ھڪڙو لکندو، ٻيو پڙھندو، ٽيون صلاحون ڏيندو، چوٿون سڌاريندو، پنجون نقل ڪندو، ڇھون ايڊٽ ڪندو، ستون مسودي کي آخري شڪل ڏيندو، اٺون ٽائيپ ڪندو، نائون پروف پڙھندو ۽ ڏھون مھاڳ لکندو ۽ تعارف لکندو ۽ يارھون انڊيڪس ۽ ببليوگرافيءَ جو ڪم ڪندو. تڏھن وڃي ڪو ڪتاب جڙندو. وري اھي سڀ ھوندا بھ پنھنجي پنھنجي ڪم جا ماھر ماڻھو. ھاڻي مون کي ڏسو بنھن ڪورو نڪورو. آھي نھ عجب جھڙي ڳالھھ! ھي سڀ ڪجھھ ٿيندو تھ بھ ڪتاب مسودي لکڻ واري جو سڏبو ۽ ڪريڊٽ بھ رڳو ان کي ئي ملندو. بيشڪ مھذب دنيا ۾ ھڪ ليکڪ وڏي شيءِ آھي، پر مون لاءِ لکيو ويو آھي تھ مون سنڌي ڊپارٽمينٽ جي ھڪ پروفيسر سان تڪرار ڪري، ھڪ کلڻ جھڙو ڪتاب لکيو ۽ ڊاڪٽر الانا ان جھيڙي ۾ منھنجي مدد ڪئي.

جي گاريون ئي ڏيڻيون ھجن تھ بھ غالب جي زبان ۾ ڏجن، جنھن چيو تھ ”ڪوئي آپ ڪو دو لاتين ماري تو ڪيا آپ بھي اس ڪو دونون مارينگي؟“

ھيءُ گار ھڪ ادبي گار آھي، جو غالب مخالف کي گڏھھ بھ سڏيو، جيڪو ٻئي اٽون ھڻي ٿو، پر ان حالت ۾ بھ غالب ادب کي ھٿان نھ ڇڏيو. افسوس جو اسان جي نقادن کي گار ڏيڻ جيترو ادب بھ نھ ٿو اچي. پر انھن سماجياتي لسانيات جي ھڪ ڪتاب تي ھڪ مضمون نھ رڳو لکيو، پر شايع بھ ڪرائي ورتو.

١- سماجياتي لسانيات جي وصف:

”سماجياتي لسانيات ٻوليءَ جو اھو علم آھي، جنھن جو موضوع لسانيات سان گڏ سماجيات يا علم سماج بھ آھي ۽ جنھن جو تعلق سماج (Society) سان آھي.“ حوالو نمبر(١). ايتريءَ ٿوريءَ ڳالھھ ھن مضمون کي نھ رڳو سماجيات جي ٻين شاخن کان نرالو ۽ جدا ڪري ڇڏيو آھي، پر ان ڳالھھ لسانيات کي سماجيات ۽ ٻين سڀني عمراني علمن سان بھ جوڙي ۽ ملائي ڇڏيو آھي. اِھوئي سبب آھي جو سماجياتي لسانيات جي مطالعي ۽ ان باري ۾ تحقيق جي لاءِ علوم عمرانيءَ جو نھ رڳو مطالعو، پر انھن جي مھارت جي ضرورت بھ پوي ٿي، اِھا ڳالھھ ھن مضمون کي نھ رڳو مشڪل پر نھايت ئي اھم ۽ ڪشادو بھ ڪري ٿي ڇڏي.“

انھيءَ ڳالھھ جي ڪري جناب ھڊسن (Hudson) لکي ٿو تھ، ”اڄڪلھھ سماجياتي لسانيات کي يونيورسٽيءَ جي ڪيترن ئي مضمونن جو حصو تسليم ڪيو ويو آھي، جن جو تعلق نھ رڳو لسانيات سان آھي، پر انھن جو تعلق ٻوليءَ جي وڌندڙ رخن سان ۽ تعليم توڙي تحقيق سان بھ آھي.“ ھيءَ راءِ ١٩٧٨ع ۾ ڏني وئي ھئي. ھيءَ راءِ ان وقت ڏني وئي ھئي. جڏھن بھ تمام اھم ۽ وڏا جرنل:

(1) Language in Society

(2) International Journal of Sociology of Language

 شايع ٿي رھيا ھئا.

ان وقت ١٩٧٨ع ۾ جيڪي ٽيڪسٽ بڪ ھن مضمون تي پاڙھيا ٿي ويا، سي بھ ھيٺ ڏيون ٿا:

(١) برلنگ (Burling) جو ڪتاب جيڪو ١٩٧٠ع ۾ شايع ٿيو ھو.

(٢) پرائيڊ (Pride) جو ڪتاب جيڪو ١٩٧١ع ۾ شايع ٿيو ھو.

(٣) فشمن (Fishman) جو ڪتاب جيڪو ١٩٧٢ع ۾ شايع ٿيو ھو.

(٤) رانبسن جو ڪتاب جيڪو بھ ١٩٧٢ع ۾ شايع ٿيو ھو.

(٥) ٽرجل (Trudgil) جو ڪتاب جيڪو ١٩٧٤ع ۾ شايع ٿيو ھو.

(٦) پلاٽ ۽ پلاٽ Platt and Platt جو ڪتاب جيڪو ١٩٧٥ع ۾ شايع ٿيو ھو.

(٧) ڊٽمار (Dittmar) جو ڪتاب جيڪو پڻ ١٩٧٦ع ۾ شايع ٿيو ھو.

(٨) وارڊوف جو ڪتاب (Wardhaogh) جيڪو پڻ ١٩٧٦ع ۾ شايع ٿيو ھو. اھي ابتدائي ۽ درسي ڪتاب، ھن مضمون جي نوعيت، وسعت، افاديت ۽ تعليمي ڪم ڪار جي باري ۾ لکيا ويا ھئا. پر اسان ١٩٧٨ع ۾ ڊاڪٽريٽ حاصل ڪري چڪا ھئاسون.

ھي تھ ھئا درسي ڪتاب ۽ سڀ يونيورسٽين ۾ پاڙھيا ٿي ويا پر ھنن کان اڳ ۾ ابتدائي ڪتاب بھ لکيا ويا ھئا. مضمون پاڻ ھن صدي جي ڇھين ڏھاڪي جي آخر ۾ علمن ۾ شمار ٿيڻ لڳو ھو ۽ جڏھن اسان پنھنجو ڪم ھٿ ۾ کنيو يعني ١٩٧٥ع ۾ تڏھن ھي مضمون اڃا پاڻ ٻارڙو ھو. البتھ ان جو بنياد گھڻو اڳ پئجي چڪو ھو. ان وقت اِھو مضمون ”معنيٰ“ Meaning ۽ ڪلچر جي نون مضمونن جي مدد سان پيدا ٿي رھيو ھو. ھاڻي يا اڄ ڪلھھ اِھي ٻئي مفھوم سماجياتي لسانيات ۾ سمائجي ويا آھن.

البتھ جيڪا ڳالھھ نئين آھي سا اِھا آھي تھ سماجياتي لسانيات جو مطالعو نھ رڳو ٻوليءَ کي پر سماج کي سمجھڻ ۾ بھ مدد ڪري ٿو. ھاڻي انھيءَ نئين ڳالھھ کي خيال ۾ رکي ۽ اسان جي تحقيق کي خيال ۾ رکي اھو فيصلو ڪري ٿو سگھجي تھ سن ١٩٧٧ع ۾ اسان ھن معاشري کي ۽ سنڌي زبان کي ڪيترو ڏنو، جو اسان ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ لکي ورتو.

ھن وقت تھ اِھو سمجھي ٿو سگھجي تھ سماجياتي لسانيات اڳي ضمير جو، پوءِ نظريي جو، پوءِ حقيقت جو ۽ پوءِ عملي زندگيءَ جو ھڪ علم آھي. پر ١٩٧٥ع ۾ ائين ڪنھن ٿي چيو ۽ ١٩٧٧ع ۾ اِھا ڳالھھ ڪنھن مڪمل ڪري ڇڏي ھئي تھ سنڌي زبان جو سوال سماجياتي لسانيات جو سوال آھي؟

ڇا ان وقت ذھن ۽ سماجي تجربي کان سواءِ بھ اِھو ڪم ڪو سنڌي زبان ۾ ڪري ٿي سگھيو؟ بھرحال اِھوئي ننڍڙو ڪم ھو، جنھن کي ڪن دوستن محسوس ڪيو ھو، پر ڪن دوستن ان کي ”کلڻ جھڙو“ بھ سڏيو ھو.

اِھو برابر ھڪ سچ آھي تھ ٻوليءَ جي باري ۾ ھرڪا تحقيق وري بھ ٻوليءَ جي ئي مدد سان ممڪن ھئي، ان ڪري ان جو ھڪ سائنس ھئڻ ھڪ مشڪل ڪم ھو، پر ان حالت ۾ بھ جن موضوعات کي بحث ھيٺ رکيو ويو آھي، انھن تي نظر وجھڻ مان معلوم ٿئي ٿو تھ سنڌي زبان جو شايد ئي ڪو اھڙو سوال آھي، جنھن جو تعلق سماج سان بھ ھجي، پر ان کي ڪتاب ۾ نھ آندو ويو ھجي.

برابر اِھا ھڪ ڊاڙ ئي سمجھي ويندي، پر اھو ھڪ سچ آھي تھ ان دور ۾ ڪنھن بھ ھڪ مڪمل زبان تي سماجياتي لسانيات جي علم تحت ھي ڪتاب جيڪو سنڌالاجيءَ ڏانھن منسوب ڪيو ويو ھو. سو دنيا جو پھريون ڪتاب ھو ۽ اھو ڪتاب ھڪ بيمار ۽ تنگ حال انسان جي ڪوشش جو نتيجو ھو، جيڪو يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ پڙھي نھ سگھيو ھو ”پر ان ڏئي پڙھيو ھو“ يا ”اسڪول کان ٻاھر پڙھيو ھو.“

ھت انھيءَ ڳالھھ جي وضاحت ضروري آھي تھ ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ صرف سنڌي زبان ۽ معاشري تي بحث ڪري ٿو، ان کي سنڌي معاشري ۾ سنڌي زبان کان ٻاھر ڪنھن بھ اسٽڊيءَ جي سوال تي پورو لاڳو ڪري نھ ٿو سگھجي. معاشرا مختلف ٿين ٿا ۽ زبانون بھ مختلف ٿين ٿيون، البتھ انھن معاشرن ۽ زبانن جو ڪارج گھڻي قدر ھڪ جھڙو ٿئي ٿو.

بھرحال ھن مضمون تي ابتدائي جيڪو ڪم ٿيو، سو عام ماڻھوءَ جي زبان تي ٿيو ھو، جيڪو مالي طور تي ڪمزور Unprivilaged ھو. ھي ڪم انھن ماڻھن ڪيو، جيڪي انسان جي سماجي ۽ معاشرتي مسئلن ۾ دلچسي رکندا ھئا، جيئن ماھرين تعليم. ھن طرح ھي ڪم آمريڪا ۾ وڌيڪ ٿيو، جتي مسئلو اِھو ھو تھ وڌيڪ بھتر تعليم جو نصاب ڪيئن ٿو ڏئي سگھجي. ھن طرح ھن مضمون جا تمام وڏا پروجيڪٽ آمريڪا جي پئسي تي ڪيا ويا.

٢- سماجياتي لسانيات ۽ لسانيات:

برابر انھيءَ جي اھميت ڪا خاص نھ آھي تھ سماجياتي لسانيات جو ماھر ڪير آھي ۽ لسانيات جو ماھر ڪير آھي جو اِھو سوال ڪجھھ مسئلو حل ڪونھ ٿو ڪري. البت اھو سوال خاصو اھم آھي تھ سماجياتي لسانيات ۽ لسانيات جي مضمونن ۾ ڪھڙو فرق آھي ۽ جيڪڏھن ڪو فرق آھي تھ اھو ڪھڙو آھي.¨

فرق آھي ۽ وڏو فرق تھ اِھو آھي تھ لسانيات رڳو ٻوليءَ جي نوعياتي ۽ علمي (Scholastic) سوالن سان تعلق رکي ٿي، جڏھن تھ سماجياتي لسانيات سماج، علم تعليم، سماجي نفسيات ۽ علم الانسان سان وڌيڪ واسطو رکي ٿي. ان ڪري سماجي لسانيات گھڻن علمن جو ھڪ علم آھي، جڏھن تھ لسانيات پنھنجي ليکي ھڪ نرو علم آھي يا ان کي ھڪ علم بڻايو ويو آھي.

ٻي ڳالھھ تھ لسانيات تعليمي سوال ۽ تعليم جي وسيلي سان تعلق ڪونھ ٿي رکي، پر سماجياتي لسانيات جو وڏو فائدو ئي اِھو آھي تھ ان جي مدد سان بھتر تدريسي ڪتاب لکي ٿا سگھجن. سماجياتي لسانيات جي وسيلي نھ رڳو تعليم بھتر ڏئي ٿي سگھجي، پر سماج جو، انسان جو ۽ سماجي نفسيات جو اڀياس بھ بھتر طور سان ڪري ٿو سگھجي.

وڏي ڳالھھ تھ زبان جي اندر جيڪو انساني، نفسياتي، تھذيبي، سماجي ۽ ادبي ”روح“ آھي، ان کي سمجھڻ ۽ سمجھائڻ جي لاءِ سماجياتي لسانيات کان سواءِ اسان وٽ ٻيو ڪوبھ وسيلو نھ آھي.

ھنن ڳالھين کي اسان زيرنظر ڪتاب جي ھر صفحي تي واضح ڪيو آھي ۽ سڄي ڪتاب ۾ ھن طرح جا گھڻو ڪري سڀ مسئلا بحث ھيٺ رکيا اٿئون. لسانيات ۽ زبان جا قانون ٻڌايا ويا آھن، پر سماجياتي لسانيات ۾ ابتدا ئي اتان ٿي ٿئي تھ ھي قاعدا سماج ۾ ڪھڙو ڪم ڪن ٿا يا ھنن جو تعلق سماج سان ڪھڙو آھي. سو سماجياتي لسانيات جو سوال سڌوسنئون سماجي ڪارڪردگيءَ سان آھي. اسان چئون ٿا تھ ٻوليءَ جو مطالعو سماجياتي لسانيات کان ٻاھر ڪبو تھ ان جو مطلب ٿيندو زال جو مطالعو مرد کان سواءِ ۽ مرد جو مطالعو زال کان سواءِ. ڄڻ تھ شادي تھ ٿي آھي، پر نھ زال جو ڪو مرد آھي ۽ نھ مرد جي ڪا زال.

وليم لاجوف پنھنجي ڪتاب ۾ چوي ٿو تھ ”ھن حالت ۾ زبان الڳ ٻي شيءِ آھي ۽ گروھي زبان الڳ ٻي.“ پھرينءَ کي ھو ”لئنگوئيج ٿو سڏي. ۽ ٻيءَ کي ڊائليڪٽ“، اسان پنھنجي مقالي ۾ سماجي زبان کي بحث ھيٺ رکيو آھي ۽ نھ گروھي زبان کي.

لسانيات جا ٻئي حصا جدا جدا ٿا سمجھيا وڃن ۽ ھاڻي سماجياتي لسانيات جي ماھر کي ماھر لسانيات نھ پر ماھر سماجياتي لسانيات ٿو سڏيو وڃي. آر- اي ھڊسن بھ ايئن چيو آھي. (Page 4)

٣- سماجياتي لسانيات ۽ ٻوليءَ جي سماجيات:

مٿي اسان جيڪا وصف سماجياتي لسانيات جي ڏني آھي، ان مان ئي پڌرو آھي تھ اسان لسانيات جو اھو اڀياس ڪري رھيا آھيون، جنھن جو تعلق سماج جي سماجيات سان آھي، پر ان جو مطلب اِھو بھ نھ آھي تھ ھاڻي صرفي توڙي نحوي مسئلا ۽ مطالعا سماجياتي لسانيات ۾ شامل ڪونھ ٿا ٿين. اصل ۾ ھاڻي تھ صرفي ۽ نحوي سوال سڀ سماجيات جي اثر ھيٺ ھڪ نرالو وجود رکن ٿا ۽ ھاڻي انھن سوالن جو جواب بھ سماجياتي لسانيات کان وٺڻو پوي ٿو.

پر سوال آھي تھ پوءِ ڀلا سماجياتي لسانيات کي ٻوليءَ جي سماجيات ڇونھ ٿو چيو وڃي! ٺيڪ انھيءَ جو جواب اھو آھي تھ سماجياتي لسانيات شروع ئي ان جاءِ تان ٿي، جتي لسانيات اچي ڇيھھ ڪيو ھو. ان ڪري جڏھن عمارت جو ذڪر ڪبو، تڏھن رڳو پيڙھھ جي پٿر جو ذڪر ڪونھ ڪبو. ھن طرح سوال آھي اصل ڪوشش جي عمل ۽ تاڪيد جو نھ تھ ھونئن برابر سماجياتي لسانيات ٻوليءَ جي سماجيات سان ئي گھڻو واسطو رکي ٿي.

سماجياتي لسانيات ۾ مضمون گھڻا آھن، جڏھن تھ لسانيات ۾ مضمون ھڪ آھي، ان ڪري گھڻن کي ھڪ جي برابر چوڻ واري ڳالھھ جي منطق جو سوال بھ اڳيان آھي. وري جو چئون ٿا تھ ”ٻھ تھ ٻارھن“ تھ اھا ڳالھھ بھ سماجياتي لسانيات سان تعلق رکي ٿي، جو جنھن مضمون ۾ بھ مضمون ٻھ شامل ڪيا ويا آھن تھ ان ۾ ھڪ ڏينھن ٻارھن بھ شامل ٿي سگھندا. ھن وقت تائين تھ تعليم، علم انسان، علم بيان، علم معنيٰ، علم ڪلچر، علم علامت، تاريخي لسانيات، علم لغت، علم سماج ۽ سماجي نفسيات عام طور تي سماجياتي لسانيات ۾ شامل ٿي چڪا آھن. پر منھنجي ڪتاب ۾ علم ادب ۽ علم الارض بھ توھان کي ملي ويندا. اسان وٽ سنڌ ۾ ھاڻي جيڪي ٻھ ھئا سي واقعي ٻارھن آھن. آءٌ وري بھ عرض ڪندس اِھو ڪم ١٩٧٥ع ۾ شروع ٿيو ھو ۽ ١٩٧٧ع ۾ پورو ٿيو.

٤- آخر سوسائٽي يا سماج کي اسان ڪيئن ٿا سمجھون:

ڳالھھ ھيئن آھي تھ سماجياتي لسانيات جي دائري ۾ اسان ٻن قسمن جا سماج خيال ۾ رکون ٿا. (١) خيالي ۽ تصوراتي (٢) حقيقي ۽ واقعي. پوءِ اسان پنھنجي طريقي ۾ ھنن ٻنھين کي پاڻ ۾ ملائي انھن جي سماجيات ڏيکاريون ٿا ۽ پوءِ ان سماجيات جو تعلق لسانيات سان ڏيکارڻو پوي ٿو. ھن طرح اسان جو ڪم مختلف بھ آھي ۽ مان تھ عرض ڪندس تھ ڏکيو بھ آھي. ھن طرح اسان جي مضمون مطابق سماج جي وصف اھا نھ آھي، جيڪا سماجيات جي عام ڪتابن ۾ ۽ درسي ڪتاب ۾ گھڻو ڪري عام طور تي ملي ٿي، جو اسان جو مضمون سماجيات نھ پر سماجياتي لسانيات آھي.

ھاڻي اچو تھ ڏسون خيالي معاشرو ڪھڙو آھي.

خيالي معاشرو اسان ان سماج کي ٿا چئون، جنھن کي زبان پنھنجي آھي نھ تھ آخر اھو معاشرو ڪيئن سمجھيو ويندو. ڳالھھ رڳو اِھا آھي تھ ان خيالي معاشري جي زبان کي اسان گروھي زبان ٿا سڏيون، جنھن ۾ اِھو تسليم ٿا ڪريون تھ ھن گروھھ جھڙا گھڻائي گروھھ ھن سماج ۾ رھن ٿا ۽ ھر گروھھ جي زبان ۾ ٿورو گھڻو اختلاف ٻين گروھن جي زبان کان آھي ئي آھي. ھاڻي سماج جو اِھو تصور خيالي آھي، جو ان تصور تي سماجياتي لسانيات ڪم ڪري نھ ٿي سگھي، پر ان سماج کي اھا تسليم ڪري ٿي. ان ڪري ھڪ سماج جي اندر جيڪي ٿورا گھڻا يا اڻ لکا گروھي لسانياتي فرق آھي، انھن تي ممڪن آھي تھ سماجياتي لسانيات وارا اصول لاڳو نھ ٿيندا ھجن، پر اسان ايئن ٿا سمجھون تھ انھن گروھن جي ٻولين تي بھ اسان جا قانون لاڳو ٿين ٿا. ھن طرح سماجياتي لسانيات ۾ اھڙو سماج اسان وٽ خيالي سماج آھي، جو اسان جو حقيقي سماج اھو آھي، جنھن تي اسان جا لسانياتي سڀ نظريا لاڳو ٿين ٿا. اِھا ڳالھھ تحقيق ۾ سھولت جي ڳالھھ آھي جو اسان کي رڳو سماج تي تھ تحقيق ڪرڻي آھي ئي ڪانھ. اسان کي سماجي لسانيات تي سوچڻو آھي، ان ڪري ھڪ سماجياتي لسانيات جي شاگرد ۽ ھڪ سوشالاجيءَ ۾ پروفيسر جي خيالن ۾ ڪجھھ فرق ھئڻ گھرجي، جيڪو پڻ علمي ۽ لساني توڙي سماجي نظرين تي ٻڌل ھوندو آھي. ھن طرح اسان ھن خيالي سماج کي ڄڻ تھ خاص اھميت ئي ڪا نھ ٿا ڏيون. مثال بھ ڏيون ٿا. فرض ڪريو تھ سنڌ ھڪ سماج آھي ۽ ان جون سياسي ۽ ملڪي حدون آھن. ھاڻي جڏھن اسان سماجياتي لسانيات جو اڀياس ڪريون ٿا، تڏھن فرض اِھو ٿا ڪريون تھ انھن حدن ۾ سماج بھ ھڪ آھي ۽ زبان بھ ھڪجھڙي ۽ عام آھي. جيتوڻيڪ سماجيات ۾ ان ھڪ سماج ۾ بھ گروھھ آھن ۽ اسان وٽ بھ گروھن کي جدا جدا مت، داستان، ڪھاڻي، تاريخ، لھجو، پرولي، پھاڪو، محاورو، رسم، ٽوٽم، ٿابو، نسل ۽ قوميت آھن.

ظاھر آھي تھ ڪوبھ سماجيات جو پروفيسر ھن سوال تي ڳالھھ پنھنجي ڪندو ۽ سماجياتي لسانيات جو شاگرد دائرو بھ پنھنجو ٺاھيندو، جيڪڏھن سماجيات جو ٺاھيل دائرو سماجياتي لسانيات وارو بھ قبول ڪندو تھ سماج جي وصف جدا لکندو ۽ جيڪڏھن سماجي لسانيات جو دائرو اختيار ڪبو تھ وصف اھا ھوندي، جيڪا سوشالاجيءَ جي ڪتابن ۾ ھوندي. ڳالھھ سماج جي نھ پر سماج جي دائري تي اچي ٿي ٺڪاءُ ڪري.

اسان جيڪڏھن ڪنھن بھ گروھھ جي ڳالھھ ٿا ڪريون تھ پوءِ تھ اسان جو ڪم نھايت ئي مختلف ٿي ٿو وڃي ۽ اھو سماجي ٿي نھ ٿو سگھي. ان ڪري اسان جي مجبوري اِھا آھي تھ اسان وڏيءَ ۽ ويڪريءَ دنيا جو ھڪ سماج ۽ ان جي وڏي ۽ ويڪري ٻوليءَ کي خيال ۾ رکون. آخر ڇو؟ اِھو ان ڪري جو اسان سماج جا نھ پر سماجياتي لسانيات جا شاگرد آھيون. مھارتن جي ھن دنيا ۾ ننڍيون ننڍيون ڳالھيون جدا جدا اھميت جوا ختيار ڪري ويون آھن! ھائو اسان ڪنھن بھ ھڪ گروھھ جي زبان جو بھ سماجياتي اڀياس ڪري ٿا سگھون، پر اھو ان سماج کان مختلف ھوندو، جيڪو ساپر ۽ ھورف جي نظريي ۾ ويچار ھيٺ رکيو ويو ھو. ان ڪري ھن ليکڪ جي حالت ۾ بھ سماج جو دائرو پوريءَ سنڌ جي لسانياتي سماج وارو ھو ۽ نھ ٿر، لاڙ، وچولي، سري، ڪاڇي ۽ ڪوھستان وارو.

ٻيو خيال اسان اِھو ٿا رکون تھ رسمي ۽ غير رسمي زبان جو فرق اسان وٽ ڪونھي. اسان زبان کي صرف زبان ئي سمجھون ٿا نھ تھ ڪتابي، ڪھاوتي ۽ عام ڳالھھ ٻولھھ واري زبان کي جدا جدا زبانون مڃڻو پوندو. جيڪا ڳالھھ عملي طور تي ممڪن بھ نھ آھي.

ٽين ڳالھھ جيڪا تصوراتي طور تي اسان جي اڳيان آھي، سا اِھا تھ اسان اِھو ڪونھ ٿا مڃون تھ ڪنھن ماڻھوءَ جو گروھي ڪلچر ھن لاءِ اِھو ضروري بڻائي ٿو ڇڏي تھ ھو صرف پنھنجي گروھھ جي زبان ئي ڄاڻي ۽ ڳالھائي. ٿر جا تمام گھڻا گروھھ ساھتيءَ جھڙي سنڌي ڳالھائين ٿا. ان ڪري اسان اِھو ئي تصور ڪريون ٿا تھ ھڪ معاشري جي ٻولي ھڪ آھي. پر اسان مڃون ٿا تھ اِھو ضروري نھ آھي. اِھو رڳو تصوراتي عمل آھي. ھڊسن لکي ٿو ”ڪجھھ بھ ھجي، پر عام طور تي سماج جو اسان وارو تصور حيرانيءَ جھڙو آھي، جو ھن حالت ۾ اسان ھڪ تصوراتي سماج کي جنم ڏنو آھي، جيڪو اندر پاڻ ۾ ننڍا گروھھ ۽ ٻوليءَ جا اختلاف بھ رکي ٿو. اھو سڀ ڪجھھ اسان انھيءَ ڪري ڪيو آھي، جو جڏھن اسان سماج جو اڀياس ڪريون ٿا، تڏھن گروھھ جي ڳالھھ ڪري نھ ٿا سگھون تھ متان گروھھ جي زبان جو اڀياس جدا جدا ڪرڻو پوي. جي ايئن ڪنداسون تھ پوءِ ڪوبھ سماج اسان کي دنيا ۾ ھڪ ٻوليءَ وارو ڪونھ ملندو.“ اسان جو اعتراف ڏسو! ڪيڏو نھ صاف! ڪيڏو نھ واضح!

گروھي زبان جي ڳالھھ تھ صرف لسانيات وارا ڪري سگھن ٿا. مثال طور مسٽر ھوويل يا (ھئائل) پارڪري ٻوليءَ کي سنڌيءَ کان جدا سمجھو ھو.§

سندس اھو اڀياس لسانياتي ھو، سماجياتي لسانياتي نھ ھو. اھڙيون ڳالھيون لسانيات وارا ڪندا آھن. اسان تھ ائين چونداسون تھ سردار گل محمد خان دل سنڌي زبان جو ڄاڻو آھي، اسان ايئن ڪونھ چونداسون تھ ھو اصل ۾ پارڪر جو آھي. (مثال طور)

ھن طرح اسان رائچند راٺوڙ مرحوم کي ۽ استاد اجيم داس کي بھ سنڌي ڳالھائيندڙ مڃينداسون. (افسوس جو دل صاحب ھن مضمون جي لکڻ کانپوءِ ۽ اشاعت کان اڳ گذاري ويو)

پر اسان مڃون ٿا تھ ھنن ماڻھن کي پنھنجو ڪلچر بھ آھي ۽ ھنن کي ھڪ گروھي ٻولي بھ آھي، پر پوءِ بھ اھا گروھي ٻولي سماجي ٻولي نھ آھي جو سماج گروھھ کان گھڻو وڏو ٿو ٿئي ۽ پاڻ ۾ ڪيترائي گروھھ رکي ٿو. سنڌ ۾ بھ گروھي زبانون تمام گھڻيون آھن. بروھي، بلوچي، سرائڪي تھ تمام وڏي تعداد لاءِ موجود آھن، پر سماجياتي لسانيات ۾ ٻولي صرف سنڌي آھي.

سماجياتي ٻوليءَ جو مطلب سرڪاري زبان بھ نھ آھي ۽ قومي زبان بھ نھ آھي، جو ھي لفظ سماجياتي لسانيات جي بنياد وجھندڙ عالمن جي اڳيان ڪونھ ھئا. ٻيءَ حالت ۾ بھ سماج جي زبان جو تعلق سرڪاري ھئڻ سان يا قومي ھئڻ سان ڪونھ آھي. ان ڪري اسان بھ پنھنجي مقالي ۾ اھڙو ڪوبھ سوال ڪونھ اٿاريو آھي. اِھي سوال بھ لسانيات وارن جا موضوع بھ بڻجي نھ ٿا سگھن. البت لسانيات جا ماھر براھوي، بلوچي، سرائيڪي، ملتاني، پنجابي، (جنھن جا گھڻا ئي گروھھ آھن) پوٺھاري، ھندڪو ۽ ٻين اھڙين زبانن جي باري ۾ اسان کان وڌيڪ دلچسپي رکن ٿا.

ھن طرح برابر اسان کي ڪن مخصوص حالتن ۾ وڏو ۽ وسيع نڪتو يعني صرف سماج ئي نظر ۾ رکڻو پيو آھي. وري ھي سماج بھ اھو نھ آھي، جيڪو گروھي سماج ھجي، ھت اِھو بھ واضح ھئڻ گھرجي تھ سماجياتي لسانيات ۾ لفظ، آواز ۽ معنيٰ جو جيڪو معيار آھي، اھو عام رواجي لغت، معنيٰ، لفظ ۽ تلفظ يا آواز کان مختلف بھ ٿي سگھي ٿو جو سماجياتي لسانيات جا نظريا لسانيات جي نظرين کان گھڻو مختلف آھن. جيئن اسان مٿي بيان ڪري بھ آيا آھيون.ª

ھنن حالتن جو نتيجو ڪجھھ اھو بھ نڪتو آھي جو ڪن لسانيات جي ڄاڻن منھنجي مقالي کي پڙھيو ئي نھ آھي. اِھو نتيجو فطري ۽ سڀاويڪ آھي جو منھنجو مقالو ھنن جي مضمون کان ڪجھھ پري آھي.·

اھڙيءَ طرح علامت نگاريءَ جي سوال تي بھ ڪن دوستن کي مون سان اختلاف انھيءَ بنياد تي آھن جو آءٌ ھنن جي لسانياتي مفھومن کي خيال ۾ رکڻ جي بجاءِ سماجياتي لسانيات جو مفھوم خيال ۾ رکان ٿو. اسان ۾ وڏو فرق آھي، مثال طور ڪوبھ لسانيات جو عالم ھروڀرو پنھنجي مضمون جي اندر رھي انھيءَ سوال جو جواب ضروري نھ سمجھندو تھ ”لفظياتي دائرو“ Lexical Field ڇاکي ٿو چئجي. پر اسان ھرھڪ لفظ جي باري ۾ اِھو ضروري سمجھنداسون تھ ان جو دائرو جيڪو ھو سماج ۾ والاري ٿو، اھو مقرر ڪريون. ھي سوال منھنجي طرفان ڪيترن ئي سوالن سان گڏ بنيادي ۽ منھنجي پنھنجيءَ تحقيق جو نتيجو آھي، پر آھي سماجياتي.

ڪنھن بھ لسانيات جي ماھر جي لاءِ اِھو ضروري نھ آھي تھ ھو ”ڍڳو پير پيران“ جو مفھوم واضح ڪري، پر اسان لاءِ ھيءَ ڳالھھ وڏيءَ اھميت واري آھي. اھڙيءَ ريت ”ڀيڻ منھنجو ڇلڙو پاڻيءَ ۾“ وارو لوڪ گيت بھ صرف اسان جو ئي موضوع آھي. اسان تھ ”وڻ وڻ ھيٺ آڏو ويٺي واجھايان“ يا ”مل معشوقان مصلحت ڪيتي“ کي بھ بيان ڪرڻ کان سواءِ رھي نھ ٿا سگھون. اسان ڏانھن ڪوبھ دوست ڪو لوڪ گيت لکي موڪلي ۽ ان جو مطلب معلوم ڪرڻ گھرجي تھ اسان انڪار ڪري ئي نھ ٿا سگھون جو اِھو ميدان ئي اسان جو آھي، جيئن ڪو لسانيات وارو ماھر ”سور انھيءَ ساڙي ھو جي ويا ھليا“ کي ھڪ سٺي ڪافيءَ جي سٺي مصرع سڏيندو، تيئن اسان ھن ھڪ سٽ کي سماجيات جي اندر وڃي اڪيلائيءَ جي عذاب، ڊپ، ڌاريائپ ۽ ٻين اھڙن تصورن ۾ ڳولينداسين.

ٿورو غور ڪري توھان معلوم ڪري سگھندا تھ ھڪڙي ڪافيءَ جي سٽ مثال طور ”منھنجي مٺڙن مارن ڏي الا ڪڪر ڇانو ڪجا“ جي باري ۾ اسان ڇو فڪرمند آھيون! اھڙيءَ طرح ”سڌين سيڻ نھ ھون، نينھن نياپي نھ ٿئي، جي باري ۾ اسان کي نفسيات جو اڀياس ڇو ٿو ڪرڻو پوي. ظاھر آھي تھ سڌ، نينھن، نياپو، ۽ ”نياپي ٿيڻ“ لسانيات جا نھ پر سماجي لسانيات جا سوال آھن ۽ انھن کي حل ڪرڻ جي ذميواري بھ اسان جي ئي آھي. اھڙيءَ طرح ”سائيان دي گھڙولي ڀردي“ جو سوال بھ اسان جو آھي تھ ”ھڪ لله ڪنون مين ڏردي“ جو سوال بھ اسان جو ئي آھي. ھنن سوالن جو تعلق تھ نھ ڌاتوءَ سان، نھ ڇيد سان، نھ پريوڳ سان نھ فاعل سان ۽ نھ ئي صفت سان آھي.

ان ڪري لسانيات وارا ڇٽا ويٺا آھن ۽ اسان مٺا ويٺا آھيون، جو مستقبل جو بار اسان تي آھي. برابر اِھا ذميواري تمام وڏي آھي، پر ان جو مطلب اِھو بھ نھ آھي تھ اسان چئون تھ اسان جو انھيءَ ڳالھھ سان ڪو واسطو ڪونھي. ڀلا ”والي واري اڻ الا او ٻاروچا ڀنڀور ۾“ واريءَ سٽ ۾ صرف ھڪ لفظ ”او“ اسان جي لاءِ مھينن جي پورھئي جو سبب بڻجي ٿو تھ ان جو مطلب آخر ڇا آھي. ڇا ان جو مطلب اِھو نھ آھي تھ اسان سماجياتي لسانيات سان تعلق رکون ٿا؟ اسان ٿا چئون تھ سڀ ڪا پريان ڪون پوڄي.، نينھن نيڻن، ڳڻ ڳالھھ: ۽ ”وو“.

ھاڻي توھان ڪنھن بھ لسانيات واري عالم کان پڇو تھ ھي ”وو“ ڪھڙي بلا آھي تھ ھو، جيڪو جواب ڏيندو اسان اھو ئي ڏئي نھ سگھنداسون. اسان وٽ ھن جو جواب ھڪ گھرو لسانياتي سوال آھي ۽ اسان ان کي سماجيات جي مدد کان سواءِ حل ڪرڻ نھ گھرنداسون.

سو اسان سمجھون ٿا تھ ھن وقت تائين اسان اِھا ڳالھھ واضح ڪري چڪا آھيون تھ لسانيات ۽ سماجياتي لسانيات جي نفس مضمون، دائري ۽ تحقيق جي طريقن ۾ فرق آھي. ھاڻي اِھا ڳالھھ بھ آسان ٿيندي تھ لسانيات وارن جي اسان تي تنقيد ۽ اسان جي لسانيات وارن تي تنقيد ائين آھي ڄڻ ڪو لوڙھو ٽپي ٻئي جي گھر ۾ ڪاھي پوي ۽ غيرقانوني طور تي قبضو ڄمائڻ گھرندو ھجي. اسان جي مقالي تي تھ (افسوس جي ڳالھھ آھي جو) ڪنھن لسانيات جي ماھر بھ تنقيد نھ ڪئي آھي. ڀلو ٿئي ھا جي اھڙي تنقيد پاڻ ڊاڪٽر الانا ڪري يا ڊاڪٽر سائين بلوچ صاحب ڪري ھا يا سراج الحق صاحب رڳو اِھو ڪتاب ئي پڙھي ھا يا اھڙو وقت ڪڍي سگھي ھا.

اِھا ڳالھھ بھ درست نھ آھي تھ ڊاڪٽر الانا صاحب ھن مقالي ۾ مون کي منھنجيءَ مرضيءَ تي ڇڏي ڏنو ھو. مثال بھ ڏيان ٿو. ھڪ دفعي ڊاڪٽر صاحب مون کي ھوم ورڪ ڏنو، چوڻ لڳو ”ڪنھن ماڻھوءَ جي چوري ٿي وئي، ٻڌ ٻوھيا، جڏھن مون پڇيومانس تھ خير تھ آھي تھ چيائين تھ ”گھر مسيت ڪري ويا“- ايئن چئي پاڻ اٿي ھليا ويا. مون کي ان وقت اِھا ڳالھھ تھ سمجھھ ۾ نھ آئي تھ ھن محاوري يا پھاڪي جو مطلب ڇا آھي، پر مون سمجھي ورتو تھ ڊاڪٽرصاحب جن چوڻ ٿا گھرن تھ ”تو پھاڪي جي باري ۾ اڄ سوڌو ڪونھ لکيو آھي“ پوءِ مون پھاڪن وارو ڀاڱو لکيو تھ ڏاڍو خوش ٿيا، چوڻ لڳا تون اشاري سان بھ سمجھي وڃين ٿو. منھنجي مقالي جي ھٿ سان لکيل اصلي ڪاپيءَ تي ڊاڪٽر صاحب جن جا نوٽ موجود آھن، جن مان معلوم ٿي سگھي ٿو تھ ھڪ استاد جي حيثيت ۾ ڊاڪٽر صاحب ھر سوال تي منھنجي گرفت ڪئي آھي. البت ھڪ نئين ۽ سٺيءَ ڳالھھ تي داد ڏيڻ بھ ڊاڪٽر صاحب ضروري سمجھيو آھي.

جيئن اسان عرض ڪيو آھي تھ ان وقت جڏھن ھي مقالو لکجي رھيو ھو، پاڻ سماجياتي لسانيات جو مضمون ئي اڃا ننڍي ڄمار جو ٻار ھو. ان وقت ھي مقالو اصل ۾ ھڪ عجيب شيءَ ھو. ان ڪري ڊاڪٽر صاحب ھن مقالي کي ھڪدم شايع ڪرڻ جو فيصلو بھ ڪيو ھو. ڊاڪٽر صاحب جو خيال ھو تھ سماجياتي لسانيات تي ھي ڪتاب بنيادي ڪتابن مان ھڪ ھو ۽ سنڌي زبان ۾ ھي نثر بھ پھريون دفعو لکيو ويو ھو. مضمون جو سوال ئي ٻيو ھو. ھزارين نوان اصطلاح ۽ لفظ ٺاھيا آھن. ڪو دوست رڳو انھيءَ ڳالھھ جو اندازو لڳائي تھ بھ ھوند آءٌ سندس ٿورائتو ٿيان. جنھن مضمون جي پھرين سٽ ئي اسان کي لکڻي ھئي، ان جي باري ۾ سندس نثر ڪٿي ۽ لفطن جو ذخيرو ڪٿي موجود ھو.

عرض ڪندو ھلان تھ ڊاڪٽر صاحب جو نالو جو آءٌ بار بار ٿو وٺان ۽ سندس ذڪر جو آءٌ بار بار ٿو ڪريان تھ ان جو مطلب اِھو آھي تھ ڊاڪٽرصاحب جن مونکان ھي ڪتاب لکايو. ھنن ھن ڪتاب جو ھڪ ھڪ لفظ پڙھيو ۽ ٻين کان اڳ پڙھيو ۽ ھنن ھن ڪتاب جي ھڪ لفظ سان اصولي اتفاق بھ ڪيو ۽ پاڻ مونکي ھڪ سرٽيفڪيٽ جدا لکي ڏنائون، جنھن ۾ اھو ذڪر وضاحت سان ڪيائون تھ ھن ڪتاب جو تعلق سماجياتي لسانيات جي مضمون سان آھي ۽ نھ لسانيت جي مضمون سان. ھائو اِھو ڪتاب سنڌي زبان سان تعلق رکي ٿو، سنڌيءَ جي شعبي ۾ لکيو ويو ھو ۽ ھڪ لسانيات جي ماھر ان جي تياريءَ ۾ ڪم ڪيو ھو.

بھرحال ھن کان مٿي اسان جيڪو لسانيات ۽ سماجياتي لسانيات جي وچ ۾ فرق واضح ڪيو آھي، ان جي لاءِ اسان جي اڳيان ماھرن جا رايا موجود آھن. ماھرن مان پھريون نالو تھ جيڪو آءٌ نوم ڪومسڪيءَ Nam Chomsky جو وٺان، جنھن گروھن جي ٻوليءَ تي مطالعو ڪري، ھڪ نئين باب جو اضافو ڪيو. جنھن ۾ ھن مختلف نمونا ڏنا. اھو ڪم ١٩٥٧ع کان شروع ٿيو ۽ ان کي غيرملڪي زبان پاڙھڻ جي باري ۾ ڪم آندو ويو. ھن سوال تي پرنير رابرٽ لارڊ جو مشھور ڪتاب Linguistic Across Coltvres ھڪ بھترين تصنيف ۽ تحقيق آھي. ھنن صاحبن جي تحقيق کي ٽرنسفارشينل جنريٽو Trans for scetional Generative لسانيات چيو ويو آھي.

ان وقت ھنن عالمن جي خيالن مان جيڪو اختلاف پيدا ٿيو، ان سماجياتي لسانيات کي جنم ڏنو. مان تھ ان دور ۾ رڳو گرئجوئيٽ ھوس. اختلاف رکڻ وارن چيو تھ ”ٻولي ھڪ سماجي ڪارڪردگي آھي“. ھنن تھ مسٽر مڊسن مطابق اِھو بھ چيو تھ ”ٻوليءَ تي لکجي، پر ان ڳالھھ کي سماجيات سان نھ ملائجي تھ پوءِ اِھو ڪم ايئن ٿيندو ڄڻ تھ زال مڙس ملي بستري واري عمل کي تھ لکجي، پر ذڪر رڳو ھڪڙي جو ڪجي ۽ ٻن جو نھ ڪجي.“ (صفحو٣)

ھنن اختلافي خيالن جو بنياد وجھندڙ محقق مسٽر لابوف آھي، جنھن جي ڪتاب جو ٻيو ايڊيشن ١٩٧٠ع ۾ شايع ٿيو ھو. ان ڪتاب جو اٺون ڀاڱو ھنن خيالن جو اظھار ڪري ٿو.

وري اِھو خيال تھ ٻوليءَ جو سچو ڪارج سماجي ٿئي ٿو ۽ اھا ھڪدم بھ ڪارناما سرانجام ڏئي ٿي يعني:

(١) ٻولي اظھار جو وسيلو آھي، ھر ڪو اظھار سماجي آھي.

(٢) ٻولي پاڻ پنھنجي سماج جو تشخص بڻجي ٿي.

جناب J.R. Firth جو خيال آھي، جنھن جو ڪتاب ٻيو ڀيرو ١٩٦٤ع ۾ شايع ٿيو ھو. فرٿ صاحب جو تعارف اِھو آھي، ھو صاحب ”لنڊن اسڪول آف لنگئسٽڪس“ London School of Linguistics جو پايو وجھندڙ آھي. ھن جي پوئلڳن مان برائون ۽ ليوسن (Levison) ان وقت يعني ١٩٧٨ع ۾ لکي رھيا ھئا، جڏھن آءٌ پنھنجو مقالو لکي ۽ ڊاڪٽريٽ بھ وٺي چڪو ھوس.

مسٽر ھدشن جيڪو پاڻ بھ ھڪ ڌر ۽ اسان واري ڌر آھي. اھو لکي ٿو ”لسانيات جا ماھر سماج کي درگذر ڪري لسانيات جي تباھيءَ جو بندوبست ڪري رھيا آھن. مان ھيءَ ڳالھھ ھن ڪري ٿو لکان جو مان پڙھندڙن کي خبردار ڪرڻ ٿو گھران تھ ممڪن حد تائين جيڪو اختلاف آھي، اھو تعصب بھ ٿي سگھي ٿو، پر ان کي زور وٺڻ نھ ڏجي (بيشڪ لسانيات وارا بھ لکن ٿا) پر انھيءَ ڳالھھ کي ھر حال ۾ ڏسي ٿو سگھجي ۽ قبول بھ ڪري ٿو سگھجي تھ اسان جي ۽ لسانيات وارن جي وچ ۾ وڏو اختلاف آھي ۽ اھو انھيءَ ڳالھھ تي آھي تھ اسان چئون ٿا تھ ٻوليءَ جو مطالعو سماج جي حدن اندر ڪرڻ گھرجي ۽ انھيءَ لاءَ طريقا بھ مختلف اختيار ڪرڻ گھرجن.“ (صفحو٤)

مسٽر ھڊسن تھ اڳتي ھلي تاڪيد ٿو ڪري تھ روايتي لسانيات جا عالم پاڻ کي لسانيات جا ماھر ڀلي سڏائين، پر ھو پاڻ کي سماجياتي لسانيات جا ماھر نھ سڏائين. روايتي لسانيات مان مسٽر ھڊسن جو مطلب آھي تھ اھا لسانيات، جنھن کي صرفي، نحوي يا وياڪرڻي يا جوڙجڪي Structural لسانيات چيو ٿو وڃي. لسانيات وارا سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق ڪندا، لکي لکي پوءِ رڳو اِھو لکندا تھ سنڌي ٻولي سنڌي ماڻھو ڳالھائيندا آھن،“ اھا دريافت بھ وڏي آھي، پر رڳو تڏھن جڏھن ماھر بھ معلوم ھجي.“ سنڌي ماڻھو ڪھڙا ماڻھو آھن ۽ اھو ڪم اسان ڪريون ٿا. ھڊسن چوي ٿو تھ اھڙا عالم فني طور تي نھ پر رڳو لکندڙ ماڻھن جيان (Laymen) ايئن لکن ٿا. بھرحال ھن حالت کي استاد ڪومسڪيءَ نظرياتي يا تصوراتي لسانيات سڏيو آھي.

٥- سماجياتي لسانيات تي پھريون باضابطي تحريرون:

ٻوليءَ کي سماج جي حوالي سان مطالعي ھيٺ رکڻ وارن ۾ اي- پي سورنسن A. P Sorenson بھ شامل آھي، جنھن اتر اولھھ امازان جي علائقي جي زبان جو اھڙو مطالعو ڪيو. اھو مطالعو ١٩٧١ع ۾ ڪيو ويو. اھڙو مطالعو جناب جئڪسن Jackson ١٩٧٤ع ۾ ڪيو. ١٩٧١ع واري سال ۾ ئي مون پنھنجو مضمون ”ٻولي ۽ آواز“ لکيو ھو. جنھن ۾ منھنجو اختلافي رويو ظاھر آھي. سچ پچ تھ ان وقت تائين مون سماجياتي لسانيات تي ڪوبھ مضمون يا ڪتاب ڪونھ پڙھيو ھو. پھريون علائقو جنھن جي زبان جو اھڙو اڀياس ڪيو ويو ھو. سو ھڪ اڌ برازيل جو ۽ اڌ ڪولمبيا جو آھي، پر ٻولي جيڪا بحث ھيٺ آئي آھي، سا ھن علائقي جي گڏيل زبان آھي. ان جو نالو آھي. توڪانو (Tukano). ھن علائقي ۾ رھندڙ تمام گھڻا گروھھ ھڪ ئي ٻولي ڳالھائيندا ھئا ۽ اھي شاديون بھ رڳو پنھنجن ئي خاندانن مان نھ ڪندا ھئا. ھن طرح ھنن ھڪ طرف گروھي ٻوليءَ کي قائم رکيو ھو تھ ٻئي طرف وري سماجي ٻوليءَ توڪانو کي. ھن طرح اِھو تھ ممڪن ھو تھ زال جي ٻولي ھڪڙي ۽ مرد يا مڙس جي ٻولي ٻي ھجي، پر ”توڪانو“ پوءِ بھ ھو ٻئي ڄاڻندا ھئا. اصل ۾ اھڙي ئي دنيا آھي، جيڪا حقيقي آھي ۽ جيڪا سماجياتي لسانيات وارا خيال ۾ رکن ٿا.

ھت اِھو معلوم ھئڻ گھرجي تھ سنڌ جي حالت ۾ اسان بھ اھڙيون ڳالھيون خيال ۾ رکون ٿا، پر ان جون حالتون بھ آھن:

(١) زال کي اتي ئي رھڻو پوندو، جتي سندس مڙس رھندو ھوندو.

(٢) زال ٻارن کي پنھنجي نھ پر مڙس جي زبان سيکاريندي ۽ پاڻ بھ اھا ئي سکندي.

ان ڪري سنڌي زبان اسان جي لاءِ رڳو مادري نھ پر ”پدري“ بھ آھي. ھن طرح ايئن چوڻ ڪجھھ اڻ سونھائتو آھي تھ سنڌيءَ جي حالت ۾ اھا سنڌي زبان ماڻھن جي رڳو مادري زبان آھي. ظاھر آھي تھ سنڌ ۾ پنھنجي خاندان کان ٻاھر شاديون ڪرڻ جو رواج آھي ۽ اڄڪلھھ تھ پنھنجي خاندان مان شاديءَ کي سٺو بھ نھ ٿو سمجھيو وڃي.

اسان اِھا ڳالھھ پنھنجي مقالي ۾ اصولي طور تي اختيار ڪئي آھي. بھرحال توڪانو جي اڀياس جا نتيجا ھيٺ ڏجن ٿا. ھي نتيجا تحقيق جي آڌار تي ڏنا ويا ھئا:

(١) ٻوليءَ جي سکڻ جي عمل ۾ ھن حالت ۾ ڏکيائي پيدا ڪانھ ٿي ٿئي.

(٢) اھڙو رويو ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ ڪونھ ٿو بڻجي.

(٣) ٻوليءَ جو ڦھلاءُ بھتر ۽ پورو پورو ٿئي ٿو.

(٤) اھو ڦھلاءُ پيءُ، پيءُ جي وڏن ٻارن ۽ پيءُ جي خاندان جي ماڻھن جي اثر ھيٺ آھي ۽ اھي ئي ان کي برقرار بھ رکن ٿا، جو ماءُ جا مائٽ يا زال جا پيڪا پري ٿا رھن.

ھن طرح ترقي ڪرڻ واري ٻولي ”ساھري“ ٻولي آھي ۽ نھ پيڪاڻي. (اسان ھن باري ۾ اٺن جوڙن جا مثال خيال ۾ رکيا ھئا) ھن حالت ۾ زال ۽ ٻارن جي اڳيان نھ رڳو ماءُ پر مڙس جو يا پيءُ جو سڄو خاندان موجود آھي، ان ڪري تعلق (Contact) جي سوڙھي ھئڻ جو سوال ئي پيدا نھ ٿو ٿئي. ذاتي طور تي جيڪر اسان ايئن چئون تھ مادري ۽ ”پدري“ زبان جي اصطلاحن جي جاءِ تي اسان کي Native ”مقامي يا گھريلو“ ٻوليءَ جو لفظ ڪم آڻڻ گھرجي، پر اسان انھيءَ پوزيشن ۾ نھ آھيون جو اسان جي مٿان سماج جي ھڪ يڪي ڪلچر کان سواءِ مختلف گروھي اختلافن جو دٻاءُ بھ آھي. ان ڪري اسان ”ڪلچر“ جي سوال کي خاص اھميت ڏني آھي ۽ سماجياتي لسانيات جا ليکڪ بھ ايئن ئي ڪن ٿا.

پوءِ بھ ھر حالت ۾ اسان کي مقامي ماڻھن جي وطن يا زمين جي باري ۾ تحقيق ڪرڻي ھئي، ان ڪري اسان سنڌ جي سرزمين، ان جي ماڻھن جي اوائلي حالت، انھن جي پاڻ ۾ سٻنڌ ۽ تعلق جا فطري ۽ سماجياتي اسباب ۽ انھن جي مختصر تاريخ علم الانسان جي خيال کان ڏني آھي. (ياد رکڻ گھرجي تھ ھن طرح جو رويو ان دور جي دنيا جو ڪوبھ سماجياتي لسانياتي ماھر اختيار ڪونھ ٿو ڪري).

ھاڻي اسان پڙھندڙ حضرات جو ڌيان ھڪ ٻيءَ مشڪل جي طرف بھ ڇڪايون ٿا. ھن حالت ۾ فرض ڪيو ويو آھي تھ ھڪ لاڏو قبيلو ھڪڙي گروھھ مان نڪري وڃي ٿو، ٻئي گروھھ جي حدن ۾ رھي. ھاڻي ڏسڻو آھي تھ ان قبيلي جا ماڻھو نئين گروھھ ۾ اچي ڪھڙي ٻولي ڳالھائيندا. اسان ھن سوال تي سوچيو آھي. اسان چيو آھي تھ ھن حالت ۾ جيڪڏھن ٻنھي گروھن جون ٻوليون بلڪل ئي جدا آھن تھ پوءِ اظھار اشارن جي وسيلي ئي ممڪن آھي. ان ڪري اسان سنڌ جي حالت ۾ ڪم ايندڙ گڏيل اشارا بھ اڀياس ھيٺ رکيا ۽ انھيءَ سوال تي اسان ھڪ سڄو باب لکي ڏنو. ھن طرح اسان ٻن اھڙن گروھن جي دشواريءَ جو حل بھ فراھم ڪيو، جيڪي نسلي طرح نھ سھي، پر ٻوليءَ جي خيال کان ھڪ ٻئي لاءِ اجنبي آھن. ھن حالت ۾ اسان ڄاڻايو آھي تھ سماجي زبان اشارن جي زبان کي ئي چيو وڃي ٿو.

پر ھن حالت ۾ فرض ڪريو تھ نئون آيل لاڏو قبيلو اڳ ۾ آباد قبيلي ۾ اھڙا مرد لھي ٿو، جيڪي سندن زبان سمجھن ٿا ۽ ڳالھائن ٿا تھ پوءِ لاڏو قبيلو ھڪدم وڃي، انھن سان تعلقات قائم ڪندو ۽ ڳالھھ ٻولھھ ڪندو. ھن طرح وقت گذرڻ سان ھڪ سماج بھ ٺھندو ۽ ٻولي بھ ھڪ ئي بڻجي پوندي. پوءِ سماجي زبان جو سوال ئي پيدا ڪونھ ٿيندو. اسان لڏ پلاڻ جي سببن تي بھ لکيو آھي.

پر پوءِ بھ ھڪ تحقيق ۾ ڪي ٿوريون ۽ معمولي ڳالھيون خارج از بحث سمجھڻيون پونديون آھن. مثال طور اھو ماڻھو ڪھڙي زبان ٿو ڳالھائي، جيڪو سنڌ ۾ ٻھ يا ٻن کان بھ وڌيڪ زبانون ٿو ڳالھائي. اسان انھيءَ ڳالھھ تي ڳنڍ ٻڌي ڪونھ ويھي رھيا ھئاسون. اسان ”سھولت“ جو بھ خيال رکيو ھو ۽ اِھو فرض ڪري ورتو ھو سون تھ ھر عمراني تحقيق ۾ اھڙا سوال ھوندا آھن.

دنيا ۾ تھ ڪي چار پنج ھزار زبانون ھونديون، پر ملڪن ۽ سماجن جو تعداد ايترو آھي ئي ڪونھ. پوءِ ڇا ڪجي؟ اسان تھ اِھو ٿا چئون تھ اسان رڳو سماجن جون ٻوليون خيال ۾ رکون ٿا. اِھا ڳالھھ اسان جي لاءِ خاص مشڪل آھي تھ جڏھن تمام ٿورا ماڻھو دنيا ۾ اھڙا آھن، جيڪي رڳو ھڪ زبان ڄاڻن ٿا، تڏھن ڪنھن بھ ھڪ زبان کي سماجي زبان ڇوٿو مڃيو وڃي تھ ان لاءِ اسان وضاحت ڪري آيا آھيون تھ اسان انھن گھڻين زبانن مان جيڪي ڪو فرد ڄاڻي ٿو، سماجي زبان بھ ورتي آھي، ان ڪري اسان ان فرد کي پاڻ کان جدا ڪونھ سمجھيو آھي. ھن باري ۾ ڪابھ مشڪل حالت پيدا ڪانھ ٿي ٿئي. اسان پاڻ اِھا ڳالھھ گروھھ ۽ سماج جي حالت ۾ ۽ سماجي درجي بنديءَ ۽ گروھيءَ ڪارڪردگيءَ جي حالت ۾ پنھنجي مقالي ۾ ڏني آھي. ان ڪري اسان جو ڪيس تمام وڏيءَ حد تائين مڪمل آھي (ھن ڳالھھ تي حيراني پاڻ ھن ليکڪ کي بھ آھي.)

ھت پڙھندڙن جي خدمت ۾ ھڪ خاص گذارش ھيءَ آھي تھ جيستائين اصل مقالي (سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج) جي متن کي حرف بھ حرف پڙھيو نھ ويو آھي. ھن تعارف کي بھ پوريءَ ريت سمجھندي دشواري ضرور ٿيندي. مثال طور ادب ۽ ادب جي گھڻين جنسن تي اسان جي تحقيق جو مثال ئي وٺجي. اسان ھر صنف کي نھ رڳو ادبي پر لسانياتي بھ سمجھيو آھي، جو ادب آخر ٻوليءَ کان ٻاھر تھ ڪنھن شيءِ جو نالو نھ آھي. ان حالت ۾ اسان ٻوليءَ جي سماجياتي ڪارج ۾ ادب جو سماجياتي ڪارج بھ بيان ڪيو آھي، ھن ڳالھھ جا فائدا بھ ٿيا آھن:

(١) سڄي ساري ٻولي جيئن آھي، تيئن بحث ھيٺ آئي آھي.

(٢) ان وقت ٿيندڙ تحقيق کان اسان گھڻو اڳتي ھليا ويا آھيون ۽ پنھنجي ڪيس کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو ڪم ڪري سگھيا آھيون، وري سڄي زبان جو اڀياس اسان ھن طرح بھ ڪيو آھي جو نھ رڳو ٻوليءَ جون عام صورتون ڏنيون ويون آھن، پر ان جي باري ۾ نشاني، علامت ۽ اھڃاڻ سان گڏ علم علامت ۽ علم معنيٰ بھ اسان لکيو آھي. حيرت نھ لڳي تھ اسان عرض ڪريون تھ ادب جو اھڙو اڀياس بھ اسان ئي شروع ڪيو ھو. اھڙيءَ طرح اسان سنڌي ٻوليءَ جي بنيادي معاشري جي حالت ۾ ان جا بنيادي آواز بھ ڏنا آھن ۽ ھن طرح تاريخي لسانيات جيان اسان تاريخي سماجياتي لسانيات بھ بحث ھيٺ آندي آھي. اِھو ڪم بھ ان وقت دنيا ۾ ڪونھ ٿيو ھو. ھن طرح ڪيترائي نڪتا اھڙا آھن، جو انھن جي باري ۾ اسان بين الاقوامي طور تي پھريون دفعو لکيو ھو.

وري ھي سڀ ڪجھھ سنڌي زبان ۾ جو لکيو ويو تھ ھن ڳالھھ جي ڪري اسان کي اِھو اعزاز بھ حاصل آھي تھ سماجياتي لسانيات ۾ پھريون ڪتاب جيڪو سنڌي زبان ۾ لکيو ويو ھو سو وڌيڪ ويڪرو ۽ وڌيڪ متن وارو تحقيقي ڪتاب ھو.

ھي سڀ ڪجھھ تھ ڪتاب ۾ موجود آھي، پر اسان کي رڳو اھو اقرار ڪرڻو آھي تھ تحقيق جي خيال کان ڪتاب ۾ اوڻايون آھن. اسان اھو اقرار ان وقت بھ ڪيو ھو. ان اوڻائيءَ واري ڳالھھ جا سبب ھن مضمون ۾ ئي موجود آھن.

ھن ڪتاب جو مصنف تمام ٿورو پڙھيل ماڻھو ھو. ھن جا وسيلا ايترا تھ گھٽ ھئا جو جيڪڏھن ھن ڪتاب جو ڪوبھ انگريزي مسودو شايع ٿيو تھ سماجياتي لسانيات وارا ان کي حيرانيءَ جھڙو ڪارنامو ضرور سمجھندا.

خير بھرحال ھن مضمون ۾ اسان سماجياتي لسانيات جو تعارف ڏيندي، ان کي پنھنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ جي پس منظر ۾ بيان ڪيو آھي تھ ان جو مطلب ھي آھي تھ نفس مضمون کي سمجھڻ لاءِ مثال بھ اڳيان رھي. بس.

مون کي پاڻ کي ھن ڪتاب جي نتيجي ۾ جيڪو ڪجھھ بھ مليو آھي، اھو ٻيو داستان آھي، پر اھو بھ حيرانيءَ جھڙو آھي ۽ ھڪ دنيا ان تي بھ حيران ٿيندي.

آخر ۾ مان انھن سڀني دوستن جو شڪرگذار آھيان، جن ھن مضمون کي ۽ منھنجي محبت کي پڙھيو آھي. پر مان ھت اِھو عرض بھ ڪندس تھ ھنن ڳالھين ۽ سوالن کان سواءِ مون لسانيات جي ڪن ٻين سوالن تي بھ ھن ڪتاب کان بھ اڳ ۾ لکيو ھو. اھو بھ خيال ۾ رکجي. مثال طور:

(١) ٻولي ۽ آواز

(٢) ٻوليءَ جو ٻٽو سرشتو

(٣) ٻولي ۽ ٻار

(٤) ٻوليءَ ۾ تبديل جا طريقا

(٥) ٻولي ۽ ڪلچر ۽ ان کان سواءِ

(٦) مادري زبان ۽ ان جي تعليم تي ھڪ ضخيم ڪتاب جيڪو شايع ٿيو آھي، پر پوءِ بھ مان اھوئي چوندس تھ:

جان دي، دي ھوئي اس کي تھي،

حق تو يھ ھي کھ حق ادا نھ ھوا.

(ماھوار ”ساڃاھھ“ حيدرآباد، ١٩٩٢ع)

 

  • بۑڛڥ ڶڝڶۆڷ ضۑ بإڎۑ ۾ ێڥ ڶڝڶۆڷ ڷیۑڷ ڐڷڈڧۑ٪ ضۑ ڶڠڎڢج إښإڷ ڛإۑڠ ڥڎإۑۆ ێۆ، صڎ إڷ ۆڤج إښإڷ ۆڎۑ بێ ڶڝڶۆڷ ضۑ ڷۆڠۑج ۽ ۆڜڢ ضۑ بإڎۑ ۾ ڥضێێ بێ ڷێ ڵڦۑۆ ێۆ.

©  ښإ صڎ۝ ێۆڎڢ ضۑ ڷڟڎۑۑ جۑ ڶۆڷ ضڈإ ڶڝڶۆڷ ڵڦۑ ڎڦۑۆ آێۑ، جڷۆۑڎ ڦۑ جێ إٔێۆ بێ ڶڠڵۆڶ ێۆ جێ ڶإڷ إێڏۑ٪ بۑڶإڎۑ٪ ۾ ۆڎجڵ ێۆښ ضجإڷ بغڼ ڶڛڥڵ ێۆ ضۆ ڶۆڷ ۆخ ۆښۑڵإ ڥۆڷێ ێیإ. ێّڷ ڧێخ ۾ ڧێخ بێ تێ ڈڢڠإ ڢڎڝ ښڶضێۑ إٔێإ کإڵێێ ڶۆڷ ڦۑ غیۑ ێیۑ ضۆ ێۆ ڋإڥخڎ بێ ێۆ.

¨  إڷێۑ٪ یۑ ڶڝڶۆڷ ڦۑ كۑإڵ ۾ ڎڦۑ ضڊێڷ ڶڎبۆڞ ڷڜإبۑ جڠڵۑڶ جۑ ێڷ ڵۑڦڥ ێڥ ڈڎښۑ ڥجإب ڵڦۑۆ جڊێڷ ڥڷێڷ ڵإیڤ إڈإڎۑ ضۑ ڵإیڤ غۑیڎڶۑڷ إڷ ڥجإب ڦۑ ڝبڞ ڥۑۆ. إڷ ضۑ ڶڠإۆڝۑ ڊۑڼ ڦإڷ إڷڥإڎ ڥۑۆ، ڥڷێڷ بێ ښبب طإڼإیڼ ڦإڷ إڷڥإڎ ڥۑۆ ۽ ڶښۆڈۑ ڦۑ ۆإصښ ڥڎڼ ڦإڷ بێ إڷڥإڎ ڥۑإیۑڷ.

  • ێۑ٪ کإڵێێ ڎکۆ ښڶإضۑإجۑ ڵښإڷۑإج ضۑ قڈ جإیۑڷ ڈڎښج آێۑ.

ª  ڶښخڎ ێیإیڵ بۑڷ إڵإڤۆإڶۑ ښڷډۑ ڥإڷڢڎڷښ ۾ ښڷډۑ ڐبإڷ ۽ صإڎڥڎۑ٪ ضۆ جڠڵڤ ڊۑڦإڎۑۆ ێۆ.

  • ێج صڏێڷڈڏڷ ڦۑ ۑإڈ ڊۑإڎڼۆ آێۑ جێ ڥڷێڷ ڈۆښج ڶڷێڷضۑ ڶڤإڵۑ جۑ جبڜڎۆ ڥڷڈۑ بإڎ بإڎ طإڼإۑۆ ێۆ جێ ڶۆڷ ڦۑ ڵڢڟڷ ضۑ ڶڠڷۑٰ ڷحۑ إغۑ ۑإ ڶإڷ ڵڢڟڷ ڶإڷ ڶڈڈ ۆسۑ ڷحۆ ڵڦإڷ.