سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد III)
مرحوم ڊاڪٽر الھداد ٻوھيو سنڌي ٻوليءَ ۾ سماجي لسانيات (Socio-Linguistics) جي موضوع تي پھريون پي ايڇ . ڊي ڪندڙ محقق، عالم ۽ اعليٰ درجي جو نقاد ھو. سندس ٿيسز جو عنوان ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ ھو ۽ اھو ھڪ تمام اھم ۽ منفرد مقالو ھو، جنھن سنڌي ٻوليءَ ۾ تحقيق جا نوان رخ ڏنا ۽ نيون روايتون وڌيون. ان مقالي کان سواءِ به ھن تمام اھم موضوعن تي مقالا ۽ مضمون لکيا، جن مان ڪيترا ڪتابي صورت ۾ به شايع ٿي چڪا آھن. اداري طرفان ڇپجندڙ سنڌي ٻوليءَ بابت اھم موضوعن تي لکيل مضمونن ۽ مقالن تي مشتمل سلسلي جو ھيءُ ٽيون ڪتاب آھي. جيڪو لسانيات، سماجي لسانيات، ٻولي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي موضوعن جو احاطو ڪري ٿو ۽ سنڌيءَ ۾ انھن موضوعن تي ڇپيل اھم ڪتابن مان ھڪ ثابت ٿيندو. اميد ته اھو نه صرف علمي ادبي ذوق رکندڙ عام پڙھندڙن کي پسند ايندو پر ٻوليءَ خاص ڪري سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق ڪندڙن، ٻوليءَ جي استادن۽ شاگردن لاءِ پڻ تمام ڪارائتو ثابت ٿيندو. 11 جون 2008ع ڊاڪٽر فھميده حسين چيئرپرسن
- ليکڪ: ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو
- سنڌيڪار: آزاد انور ڪانڌڙو
- زمرو: لسانيات
- پبلشر: سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
- عالمي ڪتاب نمبر: 978-969-9098-09-3
- ڇپائي جو سال: 2008
- پي ڊي ايف ڊائونلوڊ: 15
- اي-پب ڊائونلوڊ: 2.2Kg







.jpg)
