سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون

دنيا ۾ مختلف ٻولين جي حوالي سان ڪيترن ئي پھلوئن تي تحقيق ٿيندي رهي ٿي. سماج جي سياسي حالتن کي آڏو رکندي ٻوليءَ جي حوالي سان بحث هڪ اهم موضوع آهي. پر اسان وٽ سنڌيءَ ۾ هن موضوع تي بنھه گهٽ لکيو ويو آهي. پروفيسر اعجاز قريشيءَ جو هي ڪتاب ٻوليءَ جي سياسي جدوجھد جي حوالي سان سندس لکيل مقالن ۽ مضمونن تي مشتمل آهي. ٻولي ۽ سياست (language & Politics) تي پاڪستان ۾ گهڻي اٿل پٿل ٿي آهي، ڪيترا سياسي وهڪرا ٻوليءَ جي هن بحث تي پنھنجا رخ بدلائيندا رهيا آهن. هن حوالي سان ڪيترا مثبت ۽ منفي پھلو به بحث هيٺ ايندا رهيا آهن، پاڪستان جي مڙني قومي زبانن کي پاسيرو به ڪيو ويو، پر آخرڪار سياسي ۽ علمي جدوجھد جي نتيجي ۾ اڄ سينيٽ آف پاڪستان جي ٻولي بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي پاڪستان جي چئن مک زبانن کي قومي ٻوليون قرار ڏيڻ جي بل کي منظور ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي ۽ اميد آهي ته سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي گڏيل راءِ سان اهو بل منظور ڪري وٺندا ۽ پاڪستان ۾ رهندڙ قومن جي ٻولين کي قومي ٻولين وارو جائز حق ملي ويندو. هي ڪتاب لسانيات جي شاگردن لاءِ تحقيق جا نوان دروازا کوليندو. اميد ته ٻوليءَ جا شاگرد ۽ نوان محقق هن ڪتاب مان لاڀ پرائيندا. 22 جون 2017ع ادارو حيدرآباد

  • پي ڊي ايف ڊائونلوڊ: 15
  • اي-پب ڊائونلوڊ: 2.2Kg
قيمت

200 روپيا

ڊائونلوڊ ڪريو

ھارڊ ڪاپِي ۾ خريد ڪرڻ چاھيو ٿا؟ رابطو ڪريو