Video

بيت: 4

بيت: 4 هُو چَوَنئي، تُون مَ چئو، واتان ورائي، اَڳ اَڳرائِي جو ڪري، خَطا سو کائي، پاندَ ۾ پائي، وِيو ڪِيني وارو ڪِينڪي، چوَنئي: توکي چون خطا: ڀُل، چڪ، غلطي مَ: نه کائي: نقصان کڻي ورائي: موٽائي، ورندي ڏئي پاند: پلئه، جهولي اڳ: اڳ ۾، پهرين ڪينو: بغض، ساڙ، حسد اڳرائي: چڙهائي، ڏاڍائي، اُٻهرائي ڪينڪي: ڪجهه به نه، اصل نه بيت جي سمجهاڻي هيءُ بيت شاهه سائينءَ جي رسالي جي ”سريمن ڪلياڻ“ مان ورتل آهي. هن بيت ۾ شاهه صاحب اسان کي سمجهايو آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو توهان سان وڙهي يا گستاخي ڪري يا خراب هلت هلي، ته به توهان موٽَ ۾ جهيڙو نه ڪريو ۽ نه ئي موٽائي ورندي ڏيو، ڇاڪاڻ جو جيڪو ماڻهو اڳرائي ۽ ڏاڍائي ڪري ٿو، اُهو غلط آهي ۽ ان جو ئي نقصان ٿيندو آهي. جيڪو ماڻهو پنهنجي دل ۾ ساڙ ۽ حسد رکندو، ان کي پڇاڙيءَ ۾ ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿيندو آهي ۽ اهڙي ماڻهوءَ کي هميشه ناڪامي پلئه پوندي آهي.