Video

بيت: 3

بيت: 3 پَڙهيو ٿا پڙهن، ڪَڙهن ڪين قُلوبَ ۾، پاڻان ڏوهَه چَڙهن، جِئن وَرقَ ورائين وِترا. ڪَڙهن: پچائين، هَنڊائين وَرقَ: پنا، صفحا قُلوب: (قلب جو جمع) دل، مَن ورائينِ: اُٿلائينِ، مٽائينِ پاڻان: پاڻ تي، پاڻيهي وِترا: گهڻا، ججها بيت جي سمجهاڻي هيءُ بيت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي ”سر يمن ڪلياڻ“ مان چونڊيو ويو آهي. هن بيت ۾ شاهه سائينءَ علم ۽ عمل جي اهميت بيان ڪئي آهي ۽ اسان کي سمجهايو آهي ته اسين جيڪي به پڙهون ۽ جيترو به پڙهون، ان کي سمجهي هِنئين سان هنڊائڻ ضروري آهي. بنا سمجهڻ ۽ عمل ڪرڻ جي ٺلها پنا اٿلائڻ مان ڪو فائدو ڪونهي. پاڻ اهو ڏوهه آهي، ان ڪري اسان کي گهرجي ته علم حاصل ڪرڻ سان گڏ ان تي عمل به ڪريون.