Video

ڇا سنڌو رسم الخط واقعي ۾ لکڻ جو سرشتو ڪونهي؟

آسڪو پرپولا

 

 

ڇا سنڌو رسم الخط واقعي ۾ لکڻ جو سرشتو ڪونهي؟

(Is the Indus Script Indeed not a Writing System?)

 

سنڌو رسم الخط تحرير/لکڻ جو سرشتو آهي يا نه؟ آءٌ انهيءَ روايتي راءِ جو آهيان ته ’ها اهو آهي‘، ۽ وڌيڪ درست راءِ اها ڏيندس ته اهو سميريءَ جھڙو هڪ مخصوص پدن تي ٻڌل (Logosyllabic) تحرير/لکڻ جو سرشتو آهي. هيءُ مقالو ٻه سال اڳ ٽوڪيو ۾ پيش ڪيل منهنجي ان تنقيدي مقالي جو وڌايل روپ آهي، جيڪو بعد ۾ ڇپيو به هو (پرپولا 2005). هن مقالي ۾ آءٌ تنقيد ڪري رهيو آهيان اسٽيو فارمر، رچرڊ اسپروٽ ۽ مائيڪل وٽزل جي مقالي تي، جنهن جو عنوان آهي The Collapse of Indus Script Thesis: The Myth of a Literate Harappan Civilization (2004). يعني ’سنڌو رسم الخط واري مفروضي جو ڊهي پوڻ ۽ پڙهيل لکيل هڙپائي تهذيب جو افسانو‘، جنهن ۾ ليکڪن ان ڳالهه کي مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي ته سنڌو رسم الخط ڪو ٻولي رکندڙ لکڻ جو نظام آهي.

فارمر ۽ سندس ساٿين ڏهن مکيه نڪتن يا مفروضن کي پيش ڪيو آهي، جن لاءِ سندن چوڻ آهي ته اهي ثابت ٿا ڪن ته سنڌو رسم الخط تحرير (Writing) ڪانهي:

  1. سنڌو نشانين جي عام موجودگي ۽ سندن ورجاءُ جو شمار
  2. ’متنن‘ جو اختصار، جن ۾ ڪو پيغام هئڻ ممڪن ڪونهي.
  3. گھڻي تعداد ۾ نادر/اڻلڀ نشانيون، خاص ڪري مفرد/اڪيليون نشانيون.
  4. ڪنهن هڪ متن ۾ ڪنهن نشانيءَ جو ورجاءُ نه هئڻ.
  5. ’گم‘ ٿيل ڊگھا ’متن‘ (مينو اسڪرپٽ) ڪڏهن هئا ئي ڪونه.
  6. رسم الخط جو ڪو گڏي لکيل بدل نه اسريو، ان جو مطلب ته ڪاتب ڪونه هئا.
  7. لکڻ جو ڪو سامان ڪونه لڌو آهي.
  8. ’ رسم الخط‘ واريون نشانيون غير لساني (غير ٻوليائي) علامتون آهن.
  9. لکڻ معلوم هو، پر شعوري طرح ان کي اختيار ڪونه ڪيو ويو.
  10. هيءُ نئون مفروضو سنڌو تهذيب کي سمجھڻ ۾ تحرير واري مفروضي کان وڌيڪ مددگار آهي.

آءٌ انهن نڪتن تي هڪ هڪ ڪري بحث ڪندس:

  1. 1. نشانين جي عام هئڻ يا موجودگيءَ ۽ ورجاءَ جو شمار:

سڀ کان پهرين فارمر ۽ سندس ساٿين دعويٰ ڪئي آهي ته سنڌو نشانين جي عام موجودگيءَ جي ڀيٽ اهو ڏيکاري ٿي ته سنڌو سرشتو چيني رسم الخط جھڙو ٿي نٿو سگھي، ڇو جو ٻنهي ۾ نشانين جي موجودگيءَ ۾ تمام گھڻو فرق آهي، ۽ سنڌو علامتن جو ڪل تعداد پڻ تمام ٿورو آهي (فارمر ۽ ساٿي 2004: 29). هو اهو به نڪتو اٿارين ٿا ته مصري فرمانن وارين لکتن ۾ ڏسبو ته ڪنهن هڪ لکت ۾ نشانيون گھڻئي ڀيرا ورجاءُ ڪن ٿيون، بنسبت ساڳي ڊيگهه وارين سنڌو مهرن جي نشانين جي.

انهن مشاهدن سان سهمت ٿيڻ ۾ ڪا ڏکيائي ڪانهي، پر چيني رسم الخط ۽ سنڌو رسم الخط ۾ تمام گھڻو تفاوت آهي. چينيءَ ۾ عام ڳڻپ موجب لڳ ڀڳ 50000 نشانيون آهن. (عملي طرح استعمال ۾ اٽڪل 5000 نشانيون ٿينديون) جڏهن ته سنڌو نشانيون لڳ ڀڳ 400 اکري علامتون (Graphemes) معلوم آهن.

پر (جيئن فارمر ۽ سندس ساٿي پاڻ ٿا نتيجو ڪڍن) نشانين جي عام جام موجودگي پنهنجي ليکي پاڻ طي نٿي ڪري سگھي ته سنڌو سرشتو هڪ گڏ وچڙ (Mixed) لساني اسڪرپٽ يا رسم الخط آهي. (يعني سميرين جھڙو پدن وارو Logosyllabic) يا مڪمل طرح غير لساني نشانين جو سرشتو“. (فارمر ۽ ساٿي 2004-29).

جيئن ته اهو هڪ اهم نڪتو آهي، ڊاڪٽر ڪيمو ڪوسڪينيميءَ، جيڪو هيلسنڪي يونيورسٽيءَ جي ’ڪمپيوٽر لنگئسٽڪس‘ شعبي جو پروفيسر آهي، پاڻ اپريل 2005 ۾ اي ميل ذريعي ڊاڪٽر رچرڊ اسپروٽ کان تصديق ڪري ٻڌايو ته اهي ٻئي هن ڳالهه تي متفق آهن ته: ”نشانين جي عام جام هئڻ جي سادن شمارياتي ٽيسٽن مان، (مثلاً اهڙين نشانين جي ورهاست ۽ سادي ورجاءَ (وري وري اچڻ سان)“:

(الف) اهو ثابت نٿو ٿئي ته اهي ’تحرير‘ جي نمائندگي نه ٿيون ڪن.

(ب) ساڳيءَ ريت جعلسازيءَ کي ثابت ڪرڻ پڻ اوتروئي مشڪل آهي.

مصري تحرير جي آڳاٽن مثالن کان تصويري معما يا مورتي نشانيون (Rebuses) تمام گھڻو استعمال ٿيندا هئا. 3050 ق. م. ۾ بادشاهه نارمر/نعرمر جو نالو هيروگلفيءَ ۾ لکڻ لاءِ کڳي (Catfish) جي تصوير ٺاهيندا هئا. (کڳي کي مصريءَ ۾ ’نعر‘ چئبو آهي) ۽ ’آر‘ (awl) ٺاهيندا هئا. (مصريءَ ۾ ان ’آر‘ کي ’مر‘ چون) (ڏسو گارڊينر 1957: 7).

مصري معمائي تجنيس لفظي (Punning) ۾ سُرن/حرف علت کي بنهه نظر انداز ڪيو ويندوهو، پر وينجن/حروف صحيح هڪجھڙا هوندا هئا (ڏسو گارڊينر 1957: 9). ٻين آڳاٽن پدن وارن (Logosyllabic) رسم الخطن ۾ ٿوري گھڻي آزادي هئي، جيئن سرن ۽ وينجنن جي ڊيگهه ۾ فرق، هيروگلفيءَ ۾ لکيل مصري لفظن ۾ ٽي، ٻه يا ماڳهين هڪ وينجن ٿي سگھيو ٿي. (ڏسو گارڊينر 1956: 25). آخرڪار مصري تربيت ورتل سميري ڪاتبن صرف هڪ وينجن واريون نشانيون چونڊي پنهنجي ٻولي لکي، پر اهي ساڳيءَ ريت مصري ٻوليءَ جا متن ۽ ڌارين خاص اسمن لکڻ ۾ به استعمال ٿينديون هيون. انهيءَ ڳالهه مان مصري فرمانن واري ٻوليءَ ۽ سنڌو مهرن جي لکتن ۾ فرق واضح ٿئي ٿو.

  1. 2. متن ايترا مختصر آهن جو انهن ۾ ڪو پيغام نٿو ٿي سگھي:

فارمر ۽ ساٿين جو ٻيو دليل اهو آهي ته ”سنڌو لکتون نه ان قابل هيون ۽ نه ئي انهن جو تفصيلي ’پيغام‘ رکڻ جو مقصد ٿي سگھيو ٿي، ايتريقدر جو ٻين غير لساني سماجن ۾ حافظي يا يادگيريءَ لاءِ ٺهيل نظامن وارو ڪو ڪم ڪري نه ٿي سگھيون.“ (فارمر ۽ ساٿي 2004: 42). هن مفروضي کي ٽيڪ ڏيڻ لاءِ جيڪي ٻه سبب ڏنا ويا آهن. انهن مان هڪ اهو هو ته سنڌو لکتون تمام مختصر آهن.

 پر جيتوڻيڪ سنڌو متن سراسري ڊيگهه ۾ پنجن نشانين تي مشتمل آهن، اها خوبي ننڍڙن اسم وارن فقرن (Noun Phrases) جو اظهار ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. اسين محض مهرن ۽ ٻين محفوظ ٿيل شين تي مڪمل جملن جي توقع نٿا ڪري سگھون (ڏسو پرپولا 1994: 87)، پر پوءِ به لکيل اسمي فقرا، ٻوليءَ تي بيٺل رسم الخط جي ساک ڀرين ٿا. آءٌ ان نڪتي تي وري موٽي ايندس.

ميسوپوٽيميا جي مهرن جي لکتن ۾ هي شيون آهن: هڪ اسم خاص، نسب ۽ ڌنڌو (ڏسو: ايڊورڊ 1968). وڏن عملدارن جي واضح مهرن ۾، اهڙي معلومات بادشاهه يا ڪنهن اعليٰ منسب تي فائز عملدار کي ڪيل تمهيدي التجا ۾ خاص اسلوب سان پيش ڪيل هوندي آهي. اچو ته هتي ميسوپوٽيميا جي مهرن تي لکت جا ٻه مثال ڏسون:

“Adda the Scribe”, O Sharkali – Sharri King of Akkad:

Ibni- Shoori the Scribe (is) your servant”

”ادا، ڪاتب“، او شرڪلي- اڪاد جا شَري بادشاهه:

ابن- شوري، ڪاتب (آهي) اوهان جو خادم.“

اهي اڪادي مهرون سنڌو تهذيب جي اوج واري دؤر جون همعصر آهن، ۽ اها ڳالهه درحقيقت انهيءَ مهر سان تعلق ۾ هئڻ جي تصديق ڪري ٿي. ان مهر ۾ نظر ايندڙ مينهن (water buffalo) سنڌو ماٿريءَ کان ميسوپوٽيميا ڏانهن اڪاد جي عظيم بادشاهه سارگن جي حڪومت (2334-2278 ق. م.) دوران برآمد ٿيل هئي ۽ ان جي سٺ سالن جي ڊگھي حڪمرانيءَ جي خاتمي وقت انهيءَ جي مورتگريءَ (Iconography) ۾ شامل ٿي چڪي هئي، ۽ وري ان مورتگريءَ مان به غائب ٿي وئي ته ان جا حيواني آثار به ٻئي هزاري ق.م. ۾ غائب ٿي چڪا هئا. جڏهن سنڌو تهذيب جو به زوال اچي چڪو هو (ڏسو بوهمر 1975).

سمورا سنڌو- متن (2) ايترا مختصر ڪونه آهن. مثال طور موهن جي دڙي جي هڪ سٽ واري لکت M-355 ۾ 14 نشانيون آهن، جڏهن ته پدن واري رسم الخط (Logosyllabic) جي هڪ نشاني به ڪو پيغام ڏئي سگھي ٿي. هڪ نشانيءَ واري هڙپا جي مهر واري لکت H-94، امڪاني طور مهر جي مالڪ جي پيشي يا ڌنڌي وارو لقب رکي ٿي. هڪ نشانيءَ وارا متن اڻ ڳنڍيل نشانين تي مشتمل ٿي سگھن ٿا. هتي هيءَ نشاني ڳنڍيل/مرڪب آهي، جنهن ۾ ٻه جزا مليل آهن. ڪيترين مرڪب نشانين (94-H واري متن جھڙي) ۾ ’ماڻهو‘ آخري جزي طور شامل آهي، جنهن مان ’پوليس وارو‘، ’کير وارو‘ جھڙا ڌنڌي جا لقب منسوب ٿي سگھن ٿا.

آخر ۾، مرڪب نشانين ۽ انهن ۾ جزن طور موجود نشانين ۾ هڪ جھڙي ترتيب انهن جي وچ ۾ عملي رابطو ڏيکاري ٿي (ڏسو پرپولا 1994-81-80 تصوير نمبر 3، 5 سان). مصري رسم الخط اندازاً 3000 ق. م. ۾ ڪيترين لکتن ۾ استعمال ٿيندو هو، جيڪي تمام ننڍڙيون هونديون هيون ۽ انهن ۾ اڪثر ٻه يا ٽي نشانيون هونديون هيون. انهن ذريعي اسم خاص محفوظ  ٿيندا هئا، جن سان معماتي نشانيون به هونديون هيون، جنهن ڪري ان کي ’تحرير‘ هئڻ جو رتبو مليو آهي.

  1. 3. تمام گھڻيون نادر/ اڻلڀ نشانيون، خاص ڪري مفرد (Singleton):

فارمر ۽ ساٿين جو ٽيون دليل هنن لفظن ۾ بيان ٿيل آهي: وڌيڪ شاهدي جيڪا سنڌو- رسم الخط واري مفروضي سان ٽڪراءَ ۾ آهي، اها وڏي انگ ۾ مفرد علامتون (يا Singletons) ۽ ٻيون نادر (ڪڏهن اتفاقي نظر ايندڙ) نشانيون آهن، جيڪي لکتن ۾ اچن ٿيون. . .

لکتن مان ڪيترين ۾ هڪ کان وڌيڪ مفرد نشانيون ۽ گڏ نادر نشانيون موجود آهن، جنهن جي ڪري اهو تصور ڪرڻ مشڪل ٿي پيو آهي ته آخر اهي نشانيون ڪهڙيءَ ريت هڪ وسيع ڦهلاءُ رکندڙ ’رسم الخط‘ ۾ ڪم ڪنديون هونديون“ (فارمر ۽ ساٿي 2004: 36)

اها حقيقت آهي ته سنڌو رسم الخط جي لڳ ڀڳ 400 اکرن (Graphemes) مان 25 سيڪڙو اهڙا آهن، جيڪي صرف هڪ ڀيرو استعمال ٿيل آهن (ڏسو مهاديون 1977: 17 ۽ پرپولا 1994: 78، جدول 5.1)

پر جيڪڏهن وڌيڪ متن کوٽجن، ته انهن ’مفرد‘ نشانين مان ڪيتريون هڪ کان وڌيڪ ڀيرا نظر اينديون، ۽ ٻيون نادر نشانيون به لڀي پونديون. اڪثر سنڌوءَ واريون مفرد نشانيون ٻين بار بار ايندڙ نشانين جي وچ ۾ ٿيون اچن، جنهن سان انهن کي سمجھڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي. سمورن پدي رسم الخطن (logosyllabic) ۾ اهڙيون نادر محسوس ٿيندڙ نشانيون هونديون آهن ۽ ڪيترائي اهڙا رسم الخط آهن. چيني رسم الخط ۾ به اهڙيون نادر نشانيون آهن ۽ انهن مان ڪي ته اخبارن ۾ به ڏسبيون آهن.

  1. 4. ڪنهن به هڪ متن ۾ نشانين جي بي قاعدي نظر ايندڙ ورجاءَ جي اڻهوند:

جيتوڻيڪ فارمر ۽ سندس ساٿين روانيءَ ۾ سميرين جھڙي پدي نشانين واري لکڻ جي نظامن يا سرشتن ۽ انهن جي ڪم بابت ذڪر ڪيو آهي، پر سندن دليل بازيءَ جو اصل مقصد اهو آهي ته هڪ ٻوليءَ جي بنياد واري رسم الخط جي نمائندگيءَ لاءِ، سنڌو نشانين کي به مصري فرمانن وارين لکتن وانگر گھڻي قدر صوتياتي هئڻ گھرجي ها. بهرحال آڳاٽين پدي لکتن (logosyllabic) ۾ هڪ نشاني عموماً هڪ مڪمل لفظ برابر هوندي هئي، ايتريقدر جو صرف هڪ نشانيءَ واري مهر ان جي مالڪ جو اظهار ڪري ٿي، ۽ ان ڪري مهرن تي سميرين جھڙي پدي لکت ۾ لکيل ننڍڙن متنن ۾ نشانين جي ورجاءَ جو ڪو سبب ڪونه ٿو ٺهي. نشانين جي بي قاعده يا بنا رٿا جي نظر ايندڙ ورجاءَ جي هنن طرفان مبينا اڻهوند کي سنڌو رسم الخط جي تحرير هئڻ نه هئڻ واري معاملي ۾ چوٿين اهم شاهدي ڪري پيش ڪيو ويو آهي: ”سڀ کان اهم ڳالهه اها ته سنڌو لکتن ۾ ڪٿي به اسان کي نشانين جو اهڙو بي قاعده (Random) ورجاءُ نظر نٿو اچي، جھڙو همعصر صوتياتي يا نيم صوتياتي رسم الخطن ۾ متوقع هوندو آهي“ (فارمر ۽ ساٿي 2004: 29-30)

فارمر ۽ سندس ساٿي پاڻ مڃين ٿا ته ”ڪي سنڌو نشانيون مفرد لکتن ۾ ضرور ورجاءُ ڪن ٿيون، جن ۾ هڪ سٽ ۾ ڪيئي ورجاءَ هوندا آهن“. (ص 31). بهرحال اهي اهڙي ورجاءَ واري شاهدي قبول نٿا ڪن ۽ چون ٿا ته: ”انهن مختلف قسمن جي ورجائن جا ڪهڙا به بنياد هجن، اسان جي مقصد لاءِ وري به اهو نوٽ ڪرڻ اهم آهي ته هن ۾ بي قاعدي يا بنا رٿا جي نظر ايندڙ ورجائڻ جو ڪو اشارو به نٿو ملي، جيئن لووِين ۽ مصري هيروگلفيءَ جي

 
   


يادگار رسم الخطن لاءِ مخصوص آهي (ص 36)

تصوير 1: ٽولمي ۽ ڪلوپيٽرا جا فرمان، مصري هيروگلفي ۽ انهن جو الٿو (جنهن ۾ ورجائن کي بولڊ ڪيو ويو آهي (پرپولا 1994 ص 41- تصوير 3.1)

پهرين تصوير ۾ ڪاري رنگ ۾ ٺاهيل هيروگلفي نشانين ۾ ٽولمي (Ptolemy) ۽ ڪلوپيٽرا (قلوپطره) جي فرمانن ۾ ورجائن جي نشاندهي ڪيل آهي، جيڪي مصري رسم الخط جي ڀاڃ ۾ فيصله ڪن عنصر هئا.“

پر اهي ورجاءَ ٻنهي فرمانن جي لکتن کي گڏي پڙهڻ سان ملن ٿا. فارمر ۽ سندس ساٿي صرف هڪ فرمان واري لکت ۾ نشانين جي ورجاءَ جي ڳالهه ٿا ڪن، ان صورت ۾ ٽولمي واري لکت ۾ صرف هڪ ڀيرو نشانيءَ جو ورجاءُ ٿيو آهي، جيڪا E جي (لاءِ مخصوص) نشانيءَ جي آهي ۽ هڪ سٽ ۾ هڪٻئي پٺيان آئي آهي، جيڪا فارمر ۽ ساٿين جي نظر ۾ ’بيقاعدي نظر ايندڙ‘ ورجاءُ ۾ نٿي ڳڻي سگھجي. ڪلوپيٽرا واري فرمان جي لکت ۾ ساڳيءَ ريت صرف هڪ نشانيءَ جو ورجاءُ ٿيو آهي، جيڪو بازَ جي شڪل واري نشانيءَ جو آهي جيڪا A (جي ترجمانيءَ) لاءِ آهي. انهيءَ کي ضرور بي قاعدي لڳندڙ ورجاءُ چئي سگھجي ٿو.

پر هڪ سنڌو لکت ۾ نشانيءَ جو ورجاءُ ٿئي ضرور ٿو، سو به ’بي قاعدي نظر ايندڙ‘، جيڪو فارمر ۽ ساٿين کي ڏسڻ ۾ نه آيو آهي. اهڙو ورجاءُ ڊگھين مهرن (Bar-Seals) ۾ پڻ ڏسجي ٿو، جن کي فارمر ۽ سندس ساٿي سنڌو رسم الخط واري مفروضي لاءِ فيصله ڪن سمجھن ٿا. هيٺ اهڙا تقابلي مثال ڏجن ٿا:

 
   

  • موهن جي دڙي مان مليل ڏهن نشانين واري متن M-682 ۾ هڪ نشاني ٽن جاين تي ورجايل آهي ۽ ٻيون ٻه نشانيون به ٻه ڀيرا ورجايل آهن ۽ سڀئي جدا جدا هنڌن تي آهن، يعني هڪ قطار يا سٽ ۾ ڪونه آهن.
 
   

  • موهن جي دڙي مان مليل M-634 ۾، هڪ نشاني ٽن جاين تي ورجايل آهي. فارمر ۽ سندس ساٿين اهو مثال ڏٺو آهي، پر ان کي رد ڪيو آهي ڇو جو سندن راءِ ۾، ’سج جي علامت‘ ظاهر ٿي ڪري ته غير لساني علامتون موجود آهن، بيشڪ هيءَ نشاني سج جو گولو ڪرڻن سان ڏيکاري ٿي ۽ مون پاڻ به مشرق قريب ۽ بعد جي اهڙن هندستاني مثالن مان اهڙو اندازو بيان ڪيو هو (ڏسو پرپولا 1994: 104، 106، تصوير 5، 110، 116، 117)

پر فارمر ۽ سندس ساٿين کي ڪيئن خبر پئي ته هيءَ هڪ معمي واري نشانيءَ طور صوتياتي معنيٰ ۾ استعمال ڪانه ٿي آهي؟ آخر ان جھڙي بي قاعدي ڏسجندڙ ورجاءَ کي ئي ته هنن صوتياتي استعمال جي ثابتي قرار ڏنو آهي!

  • موهن جي دڙي مان مليل M-357 ڊگھي مهر (Bar-Seal) ۾ اٺ نشانيون آهن، هڪ نشاني ٻن مختلف جاين تي ورجايل آهي.

آءٌ فارمر ۽ سندس ساٿين سان متفق آهيان ته هڪ سٽ يا قطار ۾ نشانين جو ٻه ڀيرا اچڻ جو مقصد مقدار يا عدد ٻڌائڻ (Quantification) آهي (ڏسو فارمر ۽ ساٿي. 2004: 31) آءٌ ننڍڙين ٻن منهن وارين ٽڪين جي امڪاني ڪردار بابت پوءِ ڳالهائيندس. انهن جي هڪ طرف لکت ۾ هڪ U (انگريزي اکر) جھڙي نشاني آهي، جنهن کان اڳ ۾ اڀيون چار ليڪون هڪ کان چار تائين انگن لاءِ آهن: UI، UII، UIII، UIIII جيئن هڙپا مان مليل H-764 آهي. وري اها U جھڙي نشاني ٽي دفعا ورجايل آهي. UUU، جيڪا ظاهري طور VIII جي متبادل آهي، جتي III برابر آهي 3 جي، جيڪا عدد سان منسوب آهي (ڏسو پرپولا 1994-81). فارمر ۽ سندس ساٿي انگن جي نشانين جي عددي نسبت سان استعمال کان انڪاري آهن. سندن مطابق اهي ڪن مقرر تصورن لاءِ خودمختيار آهن، ايئن ستن ليڪن جو مطلب ’ست‘ (The Seven) هئڻ گھرجي. بهرحال ڪن نشانين جي اڳيان مختلف عدد هڪ ٻئي جي جاءِ وٺن ٿا، انهن ۾ U جھڙي نشاني، واضح طور نسبتي استعمال ڏيکاري ٿي (ڏسو پرپولا

 
   


1994، 82-81؛ ۽ 120-تصوير 1-7.12)

فارمر ۽ سندس ساٿي گمان ٿا ڏيکارين ته ٻين نشانين جي ورجاءُ جو مطلب سندن جادوئي ۽ سياسي قوت تي زور ڏيڻ آهي. اهي اهو نٿا ٻڌائين ته اهڙو نشانين جو ورجاءُ ان لساني ورجاءَ جو عڪس به ٿي سگھي ٿو، جيڪو دراوڙي (۽ ٻين هندستاني ٻولين) ۾ عام آهي، خصوصاً فطري آوازن جھڙا لفظ (صوتي لفظ) يا گرامر جي اشارن وارا، جيئن سميري اسمن جا جمع (ڏسو پرپولا 1994-82). اهڙا به مثال آهن، جن ۾ ’هڪ گولي اندر ٽٻڪي‘ واري نشانيءَ جو ورجاءُ ٿيل آهي، جنهن جو مطلب ’اک‘ به ٿي سگھي ٿو. دراوڙي لفظ ڪَن (KaN) معنيٰ ’اک‘ ۽ ڪا: ن (Ka:N) معنيٰ ’ڏسڻ‘ کي ڀيٽي  مون ان جي ورجاءَ کي جيڪا پڙهڻي ڏني آهي، ان ۾ ان کي مرڪب لفظ ڄاڻايو آهي: ڪن ڪا:ن (KaN -Ka:Ni)، تامل ۾ ان جي معنيٰ آهي نظر رکندڙ يا اوورسيئر (Overseer)، اهڙي معنيٰ جيڪا ٺهڪي ايندي هجي. مثلاً موهن جي دڙي (M-1382) جي هڪ ٺڪريءَ تي مهر جي نشان طور موجود آهي (ڏسو پرپولا 1994: 215، 275).

 
   

  1. 5. ’گم‘ ٿيل ڊگھا متن (عبارتون) ڪڏهن هئا ئي ڪونه:

’سمورين پڙهيل تهذيبن ۾ ڊگھا متن لکيا ويندا هئا، پر سنڌو ماٿريءَ ۾ هڪ به ڪونهي.‘ ان ڪري سنڌو ’رسم الخط‘ ڪو تحرير جو نظام ڪونهي. فارمر ۽ سندس ساٿي انهيءَ گھڻي ورجايل اندازي کي رد ٿا ڪن ته ڊگھا متن ٿي سگھي ٿو ته ڇوڏن، کجيءَ جي پنن، چمڙي، ڪاٺيءَ يا سوٽي ڪپڙي تي لکيا ويا هجن، جيڪي صدين جي عرصي ۾ ڳري سڙي ويا هوندا. جيئن 1931 ۾ سر جان مارشل چيو هو. فارمر ۽ هن جا ساٿي اهو ’سنڌو رسم الخط جو مفروضو‘ مڃڻ لاءِ صرف ان صورت ۾ تيار آهن. جڏهن ڪو سنڌو متن گھٽ ۾ گھٽ 50 نشانين جيترو ڊگھو لڀي پوي.

پر جيتوڻيڪ فارمر ۽ هن جا ساٿي ائين ٿا ڳالهائين ڄڻ هن وقت متنن جو ذخيرو ئي سڀ ڪجهه آهي، جيڪو موجود هو، پر اصل ۾ ائين ناهي. 2100 کان وڌيڪ سنڌو لکتون صرف موهن جي دڙي مان مليون آهن، حالانڪ ان شهر جو ڏهون حصو به ڪونه کوٽيو ويو آهي. فارمر ۽ ساٿين کي خبر ڪانهي ته هن وقت ڇا موجود آهي ۽ باقي شهر مان ڇا ملي سگھي ٿو، حالانڪه اهو به ممڪن آهي ته هاڻي به صرف فاني نه ٿيڻ جوڳو مواد ملندو رهي، جھڙو اڳئي مليل آهي. ايسٽر آئلنڊ جون رونگو رونگو ٽڪيون 50 نشانين کان ڊگھيون آهن، پر ڇا اها ڳالهه ان کي يقيني ٿي بنائي ته اهي صحيح معنيٰ ۾ ’تحرير‘ جي نمائندگي ڪن ٿيون؟

کوٽاين مان مليل ٻجن وارو ثبوت ڏيکاري ٿو ته عظيم/وسيع سنڌو ماٿريءَ ۾ پٿر ۽ ٽامي جي گڏيل (Chalcolithic) دؤر کان ڪپهه جي پوک ٿيندي آئي آهي ۽ هڙپا وارن جو سڀ کان وڌيڪ برآمدي اسم (Export Item) سوٽي ڪپڙو هوندو، تنهن هوندي به سوٽي ڪپڙي جا لکين ٽڪر موسمي سببن ڪري غائب ٿي چڪا آهن، سواءِ چئن نمونن جي جن ۾ ڌاتوءَ سان گڏ تمام سنهڙا ذرا (Microscopic Fibres) ڪپڙي جا محفوظ رهيا آهن (پوسيهل 2002- جدول 3.2 ۽ ٻين حوالن سان). سڪندر اعظم جو ائڊمرل نيئرڪس ذڪر ڪري ٿو، ان ’ٿلهي اڻيل ڪپڙي‘ جو، جنهن تي 325 ق. م. ۾ سنڌو (ماٿر) ۾ خط لکيا ويندا هئا. سنسڪرت ذريعا، جيئن ’يا: جڻوَلڪيا سمرتي‘ (Ya: jñavalkya-Smrti) (1319-1) ۾ به سوٽي ڪپڙي جو ذڪر آهي، (ڪا: ريا: سا:) پاٽا، جيڪو عيسوي سن جي شروع ۾ لکڻ جو مٽيريل هو، پر سڀ کان آڳاٽو محفوط مثال 13 صدي عيسويءَ جو آهي. (ڏسو: شوگنيشا مورٿي 1996: 46-45؛ سالومن 1998: 132)

راجا اشوڪ پٿر تي (ٿنڀن ۽ جبلن تي) ڊگھيون لکتون اڪر ذريعي لکرايون هيون، جيڪي سندس سموري وسيع سلطنت ۾ 260-250 ق. م. ۾ هيون. اهي محفوظ رهيون آهن، پر اشوڪ جي وقت ۾ به فاني/ڳرڻ جھڙين شين تي به عبارتون هونديون ۽ خود سنڌو ماٿريءَ ۾ 250 ق. م کان اشميند (Achaemenid) حڪومت به رهي آهي. اها ڳالهه پاڻينيءَ جي سنسڪرت گرامر (21، 2، 3) ۾ به لپي جي ذڪر سان معلوم ٿي آهي، جيڪو 400-35 ق. م. جو آهي. سنسڪرت ’لپي‘ قديم پارسي ’ڊپي‘ (اسڪرپٽ) مان ورتل آهي. ڇوڏن، کجيءَ جي پنن ۽ ڪاٺ جي تختين تي لکيل محفوظ رهجي ويل عبارتون ٻي صدي عيسويءَ جون آهن، جيڪي سينٽرل ايشيا جي خشڪ آبهوا مان آيل آهن (شِوَ گنيشيا مورٿي 1996-36-24، سالومن 1998: 131) اسين اهو نتيجو ڪڍي ٿا سگھون ته ڪي عبارتون فاني شين تي ضرور ڏکڻ ايشيا ۾ ايراني حڪومت کان 600 سالن تائين موجود هونديون، پر اهي محفوظ نه رهي سگھيون. اهو 600 سالن جو عرصو بنا ڪن محفوظ لکتن جي سنڌو ماٿريءَ واري عرصي سان هڪجھڙائي رکي ٿو.

  1. 6. سنڌو رسم الخط ۾ ڪو به ڳنڍيل/گڏي لکيل بدل ڪونه اسريو- معنيٰ اتي ڪي به ڪاتب ڪونه هئا:

فارمر ۽ ساٿين جو ڇهون دليل ان مشاهدي تي بيٺل آهي ته جتي ڪٿي عبارتون لکندڙ ڪاتب لکت کي ملائي گڏي لکڻ ڏانهن مائل هوندا آهن، پر سنڌو رسم الخط 600 سالن تائين رائج رهڻ باوجود تبديل ڪونه ٿيو آهي ۽ ان ۾ ڪي به ڊگھا متن ڪونه مليا آهن، ان ڪري اتي ڪي لکندڙ ڪاتب به ڪونه هوندا.

پر مصري هيروگلفيءَ ته 3000 سالن تائين پنهنجون تصويري شڪليون محفوظ رکيون. مصر جون مختصر اسٽائيل ۾ پئپرس تي لکيل عبارتون پوءِ واري يادگار هيروگلفيءَ کان گھڻيون مختلف نه آهن. مايا رسم الخط ۽ پوءِ جي يادگار لکتن ۾ فرق به ڪو ايترو وڏو ڪونه آهي.

دراصل سنڌو نشانين ۾ ڪيتريون ئي شڪل جون (graphic) تبديليون آهن (پرپولا واري ڪتاب ۾ نشانين جي فهرست ڏسو (1924: 70-78 تصوير 5.1) ۽ منهنجي خيال ۾ اها تبديلي ان جي مورتگريءَ ۽ تصويرن کي سمجھڻ لاءِ اهم ڪنجي آهي؛ ٻئي طرف، پختي هڙپائي دؤر ۾ سنڌو لکت مڪمل معياري درجي تي پهتل آهي ۽ ان وقت تائين ان جي شڪلين ۾ آساني ۽ گڏي لکيل رسم الخط جي تخليق عمل ۾ اچي چڪي هئي.

  1. 7. لکڻ جو ڪوبه سامان ڪونه مليو آهي:

جيئن ته کوٽاين مان لکڻ ۾ مددگار ڪابه شيءِ ڪانه ملي آهي ان ڪري فارمر ۽ ساٿي اهو نتيجو ٿا ڪڍن ته اتي ڪي لکندڙ ڪاتب هئا ئي ڪونه ۽ نه ئي ڪي ڊگھيون عبارتون هيون. سنڌو تهذيب تي مهارت رکندڙ چئن آثار قديمه جي ماهرن چند لڌل شين کي لکڻ جو سامان ڪري سمجھيو آهي، پر هي فعال محقق اهو قبول نٿا ڪن.

پر سنهيون ڌاتوءَ جون ڏنڊيون، جهڙيون ڏکڻ هندستان ۾ کجيءَ جي پنن تي عبارتون لکڻ ۾ ڪم اينديون هيون، ممڪن آهي ته موجود رهيون هجن، پر زنگ کائي ڳري ويون هجن يا سڃاڻڻ ۾ نٿيون اچن. هڙپا وارن ٿانون تي چٽيل سنڌو متنن (مثال Sktd3 جيڪا CISI-1، ص 392 تي سرڪوٽاڊا مان) ۽ چوڙين (CISI-2-Blk-C ص- بالاڪوٽ مان) مان اسان کي خبر پوي ٿي ته سنڌو لوڪ لکڻ لاءِ برشن جو استعمال ڪندا هئا، جيتوڻيڪ اهڙا برش محفوط نه رهيا آهن يا سڃاڻڻ ۾ نٿا اچن، پر اتر هندستان ۾ کجيءَ جي پنن تي عبارتون برشن سان ٺهيل آهن. هڙپا مان مليل ڪجهه شين کي امڪاني طور لکڻ جي سامان طور سڃاڻي (مئڪي 1938، ڊيلز 1967، ڪوشيني 1987 ۽ لال 2002)  تازو ڇپايو ويو آهي ۽ انهن محققن مان ٻه محقق ته اڃا به فعال آهن.

  1. 8. سنڌو ’رسم الخط‘ واريون نشانيون اصل ۾ غير لساني (غير ٻوليائي) علامتون آهن:

فارمر ۽ ساٿي (2004- 45) ڪنهن ٻوليءَ تي آڌار رکندڙ تحرير جي سرشتي بدران سنڌوءَ وارين نشانين کي ”مذهبي ۽ سياسي علامتن جو نسبتاً سادو سودو نظام سمجھن ٿا، جنهن کي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري سگھجي.“

ميسوپوٽيميا جي مورتي غير لساني علامتن کي خاص ڪري سنڌوءَ جي نشانين جي ويجھو ۽ برابر سمجھيو ويندو آهي، ڇو ته اهي سنڌوءَ جي نشانين وانگر باقاعدي سٽن ۾ هڪ پختي ترتيب سان رکي سگھجن ٿيون.

پر ميسوپوٽيميا جي مهرن واري مورتگريءَ ۾ غير لساني علامتون گھڻو ڪري الڳ الڳ نشانين طور آهن، مثال طور انهن ديوتائن ڀرسان آهن، جن سان واسطو اٿن. تمام ٿورن متنن ۾ اهي ڊگھين سٽن ۾ ۽ خاص ترتيب سان ملن ٿيون، خصوصاً ڪتبن ۽ حدن وارن پٿرن (Kudurru) تي. سن 1600 ۽ 600 ق. م. جي درمياني دؤر ۾ ميسوپوٽيميا ته هڪ پڙهيل تهذيب هئي ۽ حدن وارن پٿرن تي ديوين ديوتائن جي حساب سان انهن جون علامتون ميخي عبارتن ۾ گڏي لکيل فارمولي مطابق لکيل هيون. اهي علامتون انهن ديوين ديوتائن جي نمائندگي ڪندڙ هيون، جيڪي انهن حدن جي حفاظت لاءِ سمجھيا ٿي ويا.

  1. 9. سنڌو لوڪن کي ميسوپوٽيميا مان لکڻ بابت معلوم هو، پر ان کي شعوري طور اختيار نه ڪيو ويو:

آخر ۾، فارمر ۽ ساٿي پنهنجو پاڻ کان سوال ٿا ڪن ته ” فيصله ڪن سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر هڙپا وارن ’لکڻ‘ ڇو نه اختيار ڪيو، جڏهن ته سندن واپاري طبقن ۽ حڪمران شاهوڪار طبقي کي بنا شڪ جي ان بابت ڄاڻ هئي، جو اهي تمام گھڻي پڙهيل ميسوپوٽيميا تهذيب وارن سان صدين کان لهه وچڙ ۾ هئا (فارمر ۽ ساٿي، 2004: 44) انهن جو جواب اهو آهي ته هڙپا وارن ڄاڻي واڻي ’تحرير‘ کي رد ڪيو، جنهن جو سبب رومي دؤر جي سيلٽڪ پادرين جھڙو ئي ڪو سبب هوندو، جن هندستان جي ويدڪ برهمڻن وانگر نه ٿي چاهيو ته سندن مذهبي رسمن کي تحرير جي ڳجهه ۾ رکيو وڃي. (فارمر ۽ ساٿي، 2004: 44)

پر اهو ممڪن ڪونهي ته هڙپا وارن اهڙي ڪنهن سبب جي ڪري ماڳهين تحرير/لکڻ کي رد ڪيو هجي، ڇو جو لکڻ جو هروڀرو اهو مطلب ڪونه هو ته ڪو ضرور پنهنجا ڳجھا متن ظاهر ڪن، جن جي ڪنهن اندروني زباني طريقي سان به حفاظت ڪري ٿي سگھيا. بهرحال ان وقت به لکڻ پڙهڻ گھڻو ڪري محدود پيماني تي هوندو.

خود ميسوپوٽيميا ۾ ادبي متن، لکڻ جي فن جي ايجاد کان گھڻو پوءِ لکيا ويا. اهو به صحيح آهي ته ڪي پيچيده سماج تحرير کانسواءِ به خوشحال بڻيا. مثال طور انڪن سلطنت (Incan Empire) ڳنڍيون ڏنل ڌاڳن ذريعي رابطي جو نظام ٺاهي استعمال ڪيو، پر تحرير يقيناً اهڙا فائدا پهچائي ٿي، جن کي آسانيءَ سان خارج ڪري نٿو سگھجي.

اسين به الٽو هڪ سوال ڪري ٿا سگھون: آخر سنڌو رسم الخط تخليق ئي ڇو ڪيو ويو هو؟ منهنجي راءِ ۾ معاشي ۽ انتظامي سببن جي ڪري، جيئن قديم سميري رسم الخط هو. اهو ان حقيقت مان صاف پڌرو آهي ته محفوظ رهجي ويل اڪثر لکتون مهرن جي نشانن/ٺپن ۾ آهن، جيڪي واضح طور تي واپار ۽ انتظام لاءِ ڪم آيل آهن (ڏسو پرپولا 1994: 113-116) پر صحيح فيصلي لاءِ سنڌو تهذيب جي ارتقا جي باري ۾ ڄاڻ هئڻ ضروري آهي (اڳيان پوسيهل جي 2002 واري اڀياس جي بنياد تي هڪ مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو).

سنڌو سڀيتا/تهذيب، هند-ايراني سرحدي علائقن ۾ ڊگھي ثقافتي اوسر جي انتها سان وجود ۾ آئي. شروعات کان ئي، هيءَ هڪ وڏي ثقافتي علائقي جي مشرقي سرحد هئي، جنهن جي هر طرف سڀ کان وڌيڪ مرڪزي زنده اثر، ميسوپوٽيميا جو اثر هو. مغربي ايشيا ۾ جانورن ڌارڻ ۽ ٻوٽن پوکڻ جو عمل 8000 ق. م. ۾ شروع ٿيو. اهو کاڌي جي پيدائش ۾ انقلابي عمل مغربي پاڪستان جي جابلو ماٿرين ۾ 7000 ق. م. ۾ پهتو. پٿر جي نئين دؤر واري مرحلي (Neolithic Stage) کان اٽڪل 7000-4300 ق. م. ڌاري ويهارو کن ننڍڙا ڳوٺ ملن ٿا، جيڪي گھڻو ڪري سمورا مٿانهين پٽ جي ماٿرين ۾ هئا، جتي ماڻهو رڍون، ٻڪريون ۽ ٻيو مال ڌاريندا هئا، اهي ڪڻڪ ۽ جَوَ پوکيندا هئا، جن کي گدامن ۾ محفوظ ڪندا هئا. ٿانوَ هٿرادو ٺهيل هئا ۽ انساني ۽ ڍڳي جون مورتيون، زرخيزيت جي عقيدي ڏانهن اشارو ڪن ٿيون. زيورن مان ننڍي پيماني تي مڪاني واپار جي خبر پوي ٿي.

ان کانپوءِ ٽامي ۽ پٿر واري دور (Chalcolithic Phase) ۾ اٽڪل 4300-3200 ق. م. ۾ ڳوٺن ۾ ڪيترن ئي هيڪٽرن (Hectares[1]) جيتري واڌ ٿي. آبادي اوڀر طرف سنڌوءَ کان اڳتي هندستان جي آڳاٽي سرسوتي نديءَ تائين پهتي، جنهن جو سبب مندائتي لڏپلاڻ هئي. ٽامي جا اوزار ٺاهيا ويا ۽ چڪ تي ٿانوَ ٺهڻ ۽ چٽجڻ شروع ٿيا. ڏکڻ ترڪمانستان سان ۽ اتر ايران سان ڪاشيگريءَ (ڪنڀارڪي فن) ۾ هڪجھڙايون ان وقت منجھن اچ وڃ ۽ واپار ڏانهن اشارو ڪن ٿيون.

هڙپا جي شروعاتي دؤر ۾، اٽڪل 3200-2500 ق. م. ڌاري ڪئين نوان ماڳ وجود ۾ آيا، سنڌو ماٿريءَ ۾ پڻ اهڙا ماڳ وجود ۾ آيا، جنهن ۾ ساليانين ٻوڏن سبب ماحول ڪافي ڏکيو هو، پر درياهه ۾ ايندڙ لٽ سان ٻنيون زرخيز ٿي وينديون هيون. اَن جا گڏيل گدام غائب ٿي ويا ۽ وڏا وڏا برتن/گنديون گھرن ۾ ظاهر ٿيون. ڪنڀارن جا نشان ٻڌائين ٿا ته ذاتي ملڪيت جو تصور اچي ويو هو ۽ ٺپي جي مهرن تي جاميٽريءَ وارا چٽ ٻڌائين ٿا ته انتظامي ارتقا ٿي چڪي هئي. آبپاشي نهرون کوٽيون ويون  سمورن هنرن ۾ واڌارا ۽ ترقي ٿي. ٻرڻ ۾ هوا جي گھٽتائي تي مهارت سبب اعليٰ معيار جي آسائشي ڪاشي (Luxury Ceramics) وجود ۾ آئي. ٺڪر جي ٿانوَن ۾ مهرن، مورتين ۽ زيورن ۾ هڪجھڙايون، ثابت ڪن ٿيون ته سينٽرل ايشيا ۽ ايراني مٿانهن پٽن مان سيستان جي شهر سوخته تائين قافلن ذريعي واپار ٿيندو هو، جتي ڪي پراچين ايلامائيٽ جون حسابي ٽڪيون (Accounting Tablets) لڌيون آهن. ان دؤر تائين ديوارون ڏنل شهر ۽ گھٽين جي مستطيل ترتيب، جھڙي رحمان ڍيريءَ ۾ آهي، ڍڳي گاڏين جا مٽيءَ جا ماڊل، تصديق ڪن ٿا ته سنڌو ماٿر ۾ سڌريل ٽرانسپورٽ جو نظام هو، جنهن جي ڪري وسيع علائقي ۾ ثقافتي هڪجھڙائي پيدا ٿي، خاص ڪري جتي ڪوٽڏيجيءَ واري نموني جا ٺڪر جا ٿانوَ پکڙيل هئا.

ڪوٽڏيجيءَ وارو نسبتاً مختصر مرحلو 2800-2500 ق. م. ۾ هڙپا جي ابتدائي ثقافت کي هڪ پختي سنڌو سڀيتا بنائي ڇڏيو. انهيءَ مرحلي تي سنڌو رسم الخط وجود ۾ آيو، جيئن امريڪين طرفان تازو هڙپا جي کوٽاين مان ظاهر ٿيو آهي. بدقسمتيءَ سان انهيءَ تشڪيلي دؤر ۾ اسان وٽ آڳاٽي سنڌو رسم الخط جا تمام ٿورا نمونا آهن (ڏسو CISI3: pp 211). ساڳئي وقت ٻيون به گھڻئي ڳالهيون ٿيون. مثال طور: پڪل سرن جي سائيز، جيڪا ابتدائي هڙپائي دؤر ۾ هڪ معيار تي پهتل هئي. هڪ خاص تناسب موجب مقرر ڪئي وئي، جيڪو هو 4: 2: 1. جيڪا مضبوطيءَ سان ڳنڍجڻ لاءِ تمام ڪارائتي هئي. سنڌو سڀيتا دوران يا پختي هڙپائي مرحلي تي 2500-1900 ق. م ۾ هڪڙو مڪمل معياري بڻايل رسم الخط وڏن ماڳن تي استعمال ۾ هو. ايتريقدر جو گجرات ڪنمير جھڙي ننڍڙي ماڳ تان، جيڪو 115x105 ميٽرن جي ماپ جو هو، 2005-2006 ۾ کوٽائيءَ جي پهرئين مرحلي تي، هڪ اهڙو مٽيءَ جو ٽڪرو مليو، جنهن تي مهر جونشان لڳل هو ۽ سنگ سليمان جا پٿر جا پالش ٿيل ٽي (تورجا) وٽ مليا (کرڪوال ۽ ساٿي 2006-تصويرون 12-11)

ابتدا ئي کان پختي هڙپائي دؤر ۾ وڃڻ دوران، وٽ (وزن) ۽ ماپون معياري بڻايل (standardized) هئا، جيڪا ڳالهه هڪ تمام اهم انتظامي قدم آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته مالي/معاشي وهنوار يا ڏيتي ليتي ضابطي ۾ هئي. پٿر جا چوڪور سٺي طرح تراشيل وٽ ٻن قسمن جي نظامن- ٻه عددي (Binary) ۽ ڏهائي (Decimal) جي ملاپ کي ڏيکارين ٿا. انهن ۾:

،،،1 (= 13g)، 2، 4، 8، 16. . . . . ، 800 واري نسبت نظر اچي ٿي.

2500 ق. م. تائين هڙپائي سماج ايترو ته اثرائتو منظم ٿي چڪو هو جو اهو ڪيترائي وڏا منصوبا مڪمل ڪرڻ جي قابل هو. جيئن موهن جي دڙي وارو شهر ٻڌڻ. اهو هيٺانهون شهر گھٽ ۾ گھٽ 80 هيڪٽرن تي ائين ٻڌل هو جو ان ۾ مقرر طرفن واريون گھٽيون ۽ ڍڪيل نالين/مورين جو ڄار وڇايل هو. ٻه ماڙ وڏن گھرن مان ڪيترن ۾ غصل خانا ۽ کوهه ٺهيل هئا. قديم دنيا ۾ واٽر-انجينئرنگ جو ڪو ٻيو اهڙو مثال نٿو ملي، شهر ۾ 700 کن کوهه کوٽيل هئا، جن ۾ اهڙيون مضبوط سرون استعمال ٿيل هيون، جيڪي 5000 سالن ۾ به نه ڊٺيون آهن. پاڻيءَ ذريعي آمدورفت  جي ذريعن کي ائين تيار ڪيو ويو هو، جو ندين سان لڳو لڳ ڳرا وزن هڪ هنڌان ٻئي هنڌ کڻي وڃڻ ممڪن هو، ۽ نار/گلف واري خطي ۽ ميسوپوٽيميا سان سڌو واپار شروع ڪرڻ ممڪن هو. ٽيهن کان مٿي سنڌو مهرون ۽ هڙپا جو ڪيترو سامان جھڙوڪ رنگين قيمتي پٿر (ڳاڙهي پٿر) جا موتي، مغربي ايشيا مان مليا آهن ۽ ڪيتريون ئي سنڌو مهرون واپار ۽ معيشت کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ استعمال ۾ هيون. انهيءَ ڳالهه جي تصديق مٽيءَ جي ٽڪلين تي مهرن جي لڳل ٺپن مان ٿئي ٿي، جيڪي محفوظ رهجي ويون آهن، جن کي وڏين سامان جي ڳٺڙين يا ڀرين ۾ لٽڪايو ويندو هو، جيئن انهن سان مالڪيءَ جي خاطري به ٿي سگھي. انهن مٽيءَ جي ٽڪلين جي پٺيان ڳنڍ ڏنل ڌاڳي يا ڪپڙي جا نشان به آهن، ان جھڙي ٽڪلي ميسوپوٽيميا مان به هڪ ملي آهي (ڏسو پرپولا 1994: تصوير 7.16) تقريباً هڪ سؤ اهڙيون مٽيءَ جون ٽڪليون گجرات جي ساحل وٽ لوٿل جي پورٽ واري شهر مان مليون آهن (ڏسو C151-1 ص 289-268). ان آڳاٽي دور ۾ شايد هڪڙو مال جو گُدام هو، جنهن کي باهه لڳل هئي، جنهن جي ڪري ان ۾ اهڙيون ٽڪليون سڙي پڪيون ٿي محفوظ ٿي ويون هيون. انهن مان ڪيترين تي هڪ کان وڌيڪ مهرن جا نشان آهن، ڪن ۾ ته چئن مختلف مهرن جا نشان به آهن، جيئن اهڙي هڪ مٽيءَ جي ٽڪلي k-89 هڪ ٻئي ماڳ ڪالي بنگن مان به ملي آهي. انهيءَ طريقي  مان اندازو ٿئي ٿو ته شايد شاهدين (Witnesses) جو استعمال به ٿيندو هو. اهڙا انتظامي طريقا اختيار ڪرڻ جو مطلب رڪارڊ رکڻ هوندو، جن کي ميسوپوٽيميا جي معاشي ٽڪين (Tablets) سان ڀيٽي سگھجي. ڪنهن رجسٽر يا سرڪاري دستاويز جهڙا ڊگھا متن اسان کي نٿا ملن. شايد کجيءَ جي پنن تي لکبا هوندا، يا سوٽي ڪپڙي ۽ ٻئي فاني مٽيريل تي هوندا، ان ڪري آبهوائي سببن ڪري زنده بچي نه سگھيا.

مون اڳ ۾ نشانين جي ورجاءَ جي ڳالهه ڪئي هئي، جنهن مان مراد ڳڻپ/شماريت هوندي، هڙپا جي ٻن مُنهن وارين ٽڪين جو شايد ڪو معاشي ۽ مذهبي رسمن وارو ڪم هوندو. موهن جي دڙي مان مليل ٽڪي M-478 جي ساڄي پاسي (ڏسو پرپولا 1994-109-712 تصوير ۽ 115 CISI1: p). اسين هڪ پوڄا ڪندڙ کي هڪ وڻ اڳيان، جيڪو پڪ مقدس هوندو، گوڏن ڀر ڏسي سگھون ٿا ۽ تصوير ۾ به ايئن ٿو لڳي. ان سان گڏ جيڪا لکت آهي، ساڄي کان کاٻي پڙهڻ لاءِ، اها U جھڙي شڪل واري نشانيءَ سان شروع ٿئي ٿي ۽ بلڪل ان ڀيٽا واري ٿانءَ جھڙي ٿي لڳي، جنهن کان اڳ ۾ چار اڀيون ليڪون آهن، جيڪي چئن جي عدد جي نمائندگي ٿيون ڪن. هڙپا جي اڪثر مهرن ۾ هڪ پاسي ڪجهه به ڪونه هوندو آهي، پر هن ٿانءَ جھڙي نشانيءَ جي اڳ ۾ هڪ کان چئن تائين اڀيون ليڪون آهن. ڪن حالتن ۾، جيئن H-247 ۾ آهي. ٿانوَ واري نشاني هڪ گوڏن ڀر ويٺل پوڄاريءَ جي جھليل آهي، جيئن M-478 واري ٽڪيءَ واري منظر ۾ آهي. هڙپا ۾ ساڳي جاءِ تان ڪئين هڪجھڙيون ٽڪيون مليون آهن. ٿي سگھي ٿو ته اهي ٽڪيون اهڙن ماڻهن ۾ ورهائيندا هجن، جيڪي ڀيٽا جو ڪو مخصوص مقدار آڻيندا هجن، ۽ رسيد طور کين اهي ڏيندا هجن ته برابر مندر جي ادائگي ٿي وئي، يا وري ڀيٽا جي صلي طور حفاظتي تعويذ طور ڏيندا هجن. ٻنهي صورتن ۾ امڪان آهي ته اهڙي ڏيتي ليتيءَ لاءِ پروهت ڪنهن قسم جو رڪارڊ رکندا هجن. هڪڙي ڏکڻ هندستان جي ڳوٺ ۾، جتي مون ڪجهه فيلڊ ورڪ ڪيو هو (ڪيرالا ۾ پنجل)، مون ڏٺو ته ڪيئن هر هڪ گھر هڪ يا وڌيڪ ٿانون ۾ ساريون آڻي مقامي تهوار تي تبرڪ طور پيش ڪندا آهن، جنهن کي عام ماڻهن جي ڀلائيءَ لاءِ مندر جا پروهت سنڀاليندا آهن.

نتيجو

سو سنڌو رسم الخط تحرير آهي يا نه؟

اسان ڏٺو ته فارمر ۽ سندس ساٿين جون پيش ڪيل سموريون شاهديون، بي نتيجي آهن، انهن مان ڪابه سندن ان مفروضي کي ثابت نٿي ڪري ته سنڌو رسم الخط ڪا تحرير يا لکڻي ڪانهي بلڪ صرف ڪي غير لساني  يا غير ٻوليائي علامتون آهن. ”هڪ نسبتاً سادو مذهبي ۽ سياسي نشانين جو نظام، جنهن کي ڪوبه چاهي ته ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري سگھي ٿو.“ (فارمر ۽ ساٿي 2004: 45)

هن سوال جي ڪري ڪجهه ٻين معاملن تي به غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. انهن مان هڪڙو معاملو آهي غير لساني علامتن جي نظامن بابت (ڪنڀار جا ٺاهيل نشان‘ ۽ علامتون) جيڪي آڳاٽو 3300 ق. م. ۾ وجود رکندا هئا، نه صرف اتر واري سنڌو ماٿريءَ ۾ پر بلوچستان، سيستان ۽ ڪرمان ۾ جيڪي ايراني مٿانهين پٽ ۽ ڏاکڻي ترڪمانستان جي وڏي دائري ۾ اچن ٿا، پر ان بابت فارمر ۽ سندس ساٿين ذڪر ڪونه ڪيو آهي. (ڏسو وڊيل 2007)

انهن کان نسبتاً سادن غير لساني ڪنڀارڪن نشانن جي ابتڙ، سنڌو رسم الخط ۾ مختلف نشانين جو تمام وڏو انگ آهي، تقريباً نشانيون گھڻو ڪري تمام صفائيءَ سان سٽن ۾ لکيل آهن، جيئن عموماً ٻولي سان لاڳاپيل رسم الخطن ۾ هوندو آهي. عام طور لکڻيءَ جو طرف ساڄي کان کاٻي طرف آهي، جيڪي عڪسي تصوير (Mirror Image) ۾ اڪريل آهن. ڪٿي ڪٿي مهر تي اڪر ڪندڙ وٽ جاءِ کٽي ٿي پئي ته اهڙي صورتحال ۾ سٽ جي آخر ۾ هن نشانيون ڳتيل نموني لکيون آهن ته جيئن سٽ جي ترتيب خراب نه ٿئي. مثال طور M-66 موهن جي دڙي واري مهر ۾ ٻي سٽ جي اڪيلي نشاني يڪدم ان جاءِ جي بلڪل هيٺان لکيل آهي، جيڪا سوڙهي ٿي پئي هئي. ان ڪري آخري ٽن نشانين جي ترتيب بلڪل ساڳي M-12 موهن جي دڙي واري مهر جھڙي آهي.

پر سنڌو لکتن اندر ٻولي هئڻ واري نقطه نظر کان اهم ترين خصوصيت تڏهن ظاهر ٿئي ٿي جڏهن اسين نشانين جي ورجاءَ کي مفرد لکتن تائين محدود نه ڪريون، جيئن فارمر ۽ سندس ساٿين ڪيو آهي. حقيقت اها آهي ته سنڌو نشانيون باقاعدگيءَ سان ورجاءَ واري ترتيب ۽ تسلسل جا تمام گھڻا مثال پيش ڪن ٿيون. M-66 ۽ M-12 جي آخري ٽن نشانين ۾ مٿي بيان ڪيل هڪٻئي پٺيان تسلسل ۽ ترتيب سنڌو لکتن ۾ لڳ ڀڳ سؤ ڀيرا آيل آهي، جيڪو گھڻو ڪري متن جي آخر ۾ آهي. هنن ٽن نشانين جي هڪ ٻئي پٺيان اچڻ جي ترتيب هميشه ساڳي آهي ۽ اها ترتيب نون (9) مختلف ماڳن تان رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جن مان ٻه ڏکڻ ايشيا کان ٻاهر آهن، انهن مان هڪڙو ترڪمانستان ۾ ۽ ٻيو عراق ۾ آهي (ڏسو تصوير 2). جيڪڏهن سنڌو نشانيون محض غير لساني علامتون آهن، جيئن فارمر ۽ سندس ساٿي سمجھن ٿا، ته پوءِ آخر ڪهڙي سبب اهي هميشه ساڳي مقرر ترتيب ۾ لکيل آهن، ۽ آخر هيترين سارين مختلف جاين تي رهندڙ سنڌو لوڪن کي ڪيئن خبر هئي ته ڪهڙي ترتيب ۾ علامتن کي لکڻو هو؟ ڇا هنن وٽ ترتيب جي چڪاس لاءِ ڪي جدا جدا فهرستون ٺهيل هيون؟ ۽ اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گھرجي ته اهڙي باقاعدي ترتيب جا سوين مثال آهن، جيڪي متنن ۾ ڪئين ڀيرا نروار ٿين ٿا. تصوير نمبر-2 جي مٿئين حصي ۾ لکيل يارنهن نشانين جو متن (جيڪو هڙپا جي اهڙين ساڳين ٽڪين ۾ به موجود آهي: (H-279 کان H-284 تائين، ڏسو CISI-1، ص 222-223 ۽ H-279 کان H-284، ڏسو: CISI-2) اهو ننڍين ننڍين ترتيبن (sequences) ۾ ورهائي سگھجي ٿو، جيڪي سڀ ڪيترن ئي ماڳن تي مليون آهن (ڏسو تصوير-2)

 
 

تصوير- 2: سنڌو نشانيون جيڪي باقاعدي تسلسل ۽ ترتيب سان ڏسڻ ۾ اچن ٿيون ۽ مختلف ماڳن تان وري وري مليون آهن. جدول آسڪوپرپولا هن مقالي لاءِ تيار ڪئي آهي.

 

 

 

 

جيئن اهو ننڍڙو مثال ڏيکاري ٿو ۽ هونءَ ٻيءَ طرح به متنن جي باقاعدي بناوٽ ساڳي لساني فقرن (Linguistic Phrases) جھڙي آهي. سنڌو نشانيون بنا رٿا جي (Haphazardly) وجود نه ٿيون رکن، پر سخت قاعدن جي پوئواري ٿيون ڪن. ڪي نشانيون عام طور متن جي آخر ۾ اچڻ لاءِ محدود آهن ۽ جيڪڏهن اهڙي ڪا نشاني لکت جي وچ ۾ به ٿي اچي ته، اها ڪنهن بار بار ايندڙ روايتن جي تسلسل ۽ ترتيب جو اختتام ٿي ڪري، ڪي ٻيون نشانيون صرف متن جي شروع ۾ اچڻ لاءِ مخصوص آهن، پر ڪن حالتن ۾ وچ ۾ يا ٻئي ڪنهن هنڌ به اچن ٿيون. اهو سلسلو ائين هلندو رهي ٿو. (ڏسو پرپولا 1994: 101-86)

ڏکڻ هندستان جي سانر نالي وڏن پٿرن واري Mega Lithic واري دؤر جي ٿانون تي بنهه اڻ لاڳاپيل لکت (Graffiti) ۾ ان جي ابتڙ نظر اچي ٿو (تصوير نمبر- 3 ڏسو)، نشانيون ڪيترا ڀيرا گڏ ٿيون اچن، پر سندن ترتيب الڳ الڳ آهي. ڳالهه اها ڪانهي ته اهي ڪهڙي ترتيب ۾ آهن، پر غير لساني علامتن مان عام طور اها ئي توقع ڪري سگھجي ٿي. آءٌ نٿو سمجھان ته وڏن پٿرن جي آڳاٽي دؤر جي رهڙيل لکت (Graffiti) ڪا صحيح مفهوم رکندڙ تحرير آهي، پر اهي محض غير لساني علامتون آهن.

تصوير -3: ڏکڻ هندستان جي تامل ناڊو جي وڏن پٿرن واري ماڳ سانر مان، ٺڪر جي ٿانون تي لکيل نشانيون، بينر جي ۽ سائونڊرا راجن تان ورتل.

سنڌو نشانين جي هڪ ٻئي پٺيان ترتيب، ڏکڻ ايشيا ۾ پکڙيل هڙپائي سلطنت (Realm) ۾ هر هنڌ ساڳي آهي، جنهن مان اهو چئي ٿو سگھجي ته تحرير ۾ ڪا هڪ ئي ٻولي لکي وئي آهي. ان جي برعڪس مشرق قريب مان مليل سنڌو مُهرن تي اصلوڪين هڙپائي ۽ غير هڙپائي نشانين جي هڪٻئي پٺيان اچڻ واري ترتيب مختلف ملي ٿي، جنهن ۾ اها ترتيب مهر جي نموني موجب ملي ٿي، چوڪور مهرون ڏکڻ ايشيا لاءِ مخصوص آهن، گول مهرون نار واري پاسي (Gulf) ۽ ڊگھيون گول (Cylinder) مهرون ميسوپوٽيميا لاءِ مخصوص آهن. عام طرح ماڻهوءَ کي توقع هوندي آهي ته تصديق ٿيل سنڌو مهرون عموماً پنهنجي ئي علائقي جي آس پاس ملڻ گھرجن، پر سنڌو ماٿريءَ جي معاملي ۾ ائين ڪونهي. البت هڪ مشرق قريب مان مليل گلف/نار جي مهرن جھڙي هڪ گول مهر تي گڏيل قسم جي لکت ملي ٿي، جيڪا هن وقت برٽش ميوزيم ۾ رکيل آهي (BM120228) هن مهر ۾ سنڌو لکت ۾ پنج وري وري ايندڙ سنڌو نشانيون موجود آهن، پر هڪ جدا ترتيب اٿن. (ڏسو پرپولا 1994-تصوير 8.6)

هڙپا جا واپاري ايجنٽ جن گلف/نار ۽ ميسوپوٽيميا ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي، ٻه ٻوليون ڳالهائيندڙ (Bilingual) ٿي چڪا هئا ۽ مقامي نالا رکيل هئن، پر سندن ٻاهريان نالا سنڌو رسم الخط ۾ لکندا هئا ته جيئن هڙپا وارا اهي پڙهي سگھن. ميخي خط ۾ لکيل متن، حقيقت ۾ هڪ ڏورانهين ملڪ جو ذڪر ڪن ٿا، جنهن جو نالو ’ميلوها‘ (Meluha) هو، جنهن کي گھڻو ڪري اڪثر عالم عظيم سنڌو ماٿريءَ برابر سمجھن ٿا ته ڏکڻ ميسوپوٽيميا جي هڪ ڳوٺ جو نالو به ميلوها آهي، جنهن جي رهاڪن جا خالص سميري نالا هئا.

فارمر ۽ ساٿين جي دعويٰ آهي ته سنڌو رسم الخط غير لساني علامتن جو هڪ نظام آهي، جنهن کي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ سمجھي سگھجي ٿو. هو اهو به چون ٿا ته اهو اينڊريو رابنسن (30-:2002) واري تجويز ڪيل پراچين لکڻي (Proto-Writing) جي قسم سان تعلق رکي ٿو، جنهن کي هو برفاني دؤر جي غارن واري فن (Ice Age Cave Art)، اميريڊين تصويري لکتن ۽ ڪيترين جديد رستن تي لڳل نشانين (روڊ سائينز) حسابي ۽ سائنسي علامتن ۽ موسيقيءَ جي نوٽيشن جھڙو سمجھي ٿو. ٻولي رکندڙ رسم الخط يا رابنسن جي اصطلاح ۾ ’مڪمل تحرير‘ جو جنم لکيل علامتن جي صوتياتي بنجڻ سان ٿيو هوندو، جنهن جو ذريعو عام تصويري معما (Rebus) يا منجھيل ڳجھارتون (Puzzles) ٿي سگھن ٿيون.

اچو ته پدن تي مشتمل لفظن (Logosyllabic) وارن رسم الخطن ۾ استعمال ٿيل تصويري معمن (Rebus) واري قاعدي کي سمجھون. گھڻو ڪري نشانيون اصل ۾ انهن شين يا خيالن جون تصويرون هيون، جن جي انهن نمائندگي ٿي ڪئي، پر تجريدي خيال مثلاً ’زندگي‘ جو اظهار تصويرن ۾ ڪرڻ مشڪل هوندو. ان ڪري ڪنهن تصويري لکت (Pictogram) يا تصور بابت لکت (Ideogram) جي معنيٰ ۾ پيش ڪيل شيءِ لاءِ مخصوص لفظ کي ان جي سڀني هم آواز لفظن ۾ وڌائي ڇڏيو هوندائون، مثلاً سميري لکت ۾ ’تير‘ جي ڊرائنگ جو مطلب تير ته هو ئي، پر ان سان گڏ ’زندگي‘ ۽ ’پاسراٽي‘ به هو، ڇو جو اهي ٽئي لفظ سميريءَ ۾ هڪ ئي نموني اچاربا هئا. جيئن ’ٽي‘ (ti). هم آوازيت (homophony) لکڻيءَ يا تحرير ۾ استعمال کان گھڻو اڳ لوڪ ادب ۾ پنهنجو  ڪردارادا ڪيو هوندو. سميري لفظ ’ٽي-پاسراٽي‘ ۽ ’ٽي- زندگي‘ ۾ موجود تجنيس لفظي (هم آواز لفظ -Pun) سميرين جي جنت واري ڏند ڪٿا ۾ موجود آهي، جنهن ۾ بيمار ۽ مرندڙ پاڻيءَ جي ديوتا ’اينڪي‘ (Enki) جو علاج ’زندگي جي مالڪ‘ (Mistress) نن-ٽي (Nin-ti) ڪيو هو، پر بائيبل ۾ لکيل ڏندڪٿا ته: حوا آدم جي پاسراٽيءَ مان خلقي وئي هئي، مان ڪو مطلب واضح نٿو ٿئي ڇو جو اصل تجنيس لفظي ته ترجمي ۾ ڪٿي گم ٿي وئي آهي، عبرانيءَ ۾ ’پاسراٽي‘ کي ’سيلا: س‘ (Sela:c) چيو ويندو آهي ۽ ان جو تعلق حوا جي عبراني نالي ’حوّا‘ سان ڪو ڪونهي، جنهن کي بائيبل ۾ ’سڀني زندگين (زنده شين) جي ماءُ‘ (Mother of all Living) چيو ويو آهي (ڏسو پرپولا 1994: 102) اصل نڪتو اهو آهي ته هم آوازيت، اڪثر ’ٻوليءَ‘ سان مخصوص آهي، ان ڪري اهڙا تصويري معما (Rebuses) ٻوليءَ جي سڃاڻڻ ۽ صوتياتي پڙهڻيءَ ۾ مددگار ٿيندا آهن.

منهنجي 2005 ۾ ڪيل تنقيد جي جواب ۾ فارمر ۽ ساٿين زور ڏنو آهي ته اهو تصويري معماتي (Rebus) قاعدو ڪيترن اهڙن علامتي نظامن ۾ به ڪٿي ڪٿي استعمال ٿيو آهي، جيڪي ٻوليءَ سان ايترا مضبوطيءَ سان ٻڌل ڪونه آهن. (3) مثال طور هنن تصويري معماتي تجنيسن جي استعمال سان خاص نالن جو حوالو ڏنو آهي، جيڪي هونءَ صاف صاف غير لساني رابطي واري پيغام رساني (Heraldry) نظام سان واسطو رکن ٿا، پر حقيقت ۾ ڪنهن به اهڙي قديم يا جديد علامتن واري نظام جي وصف اها آهي ته اهو شعوري طور اهڙا تصويري معما (Rebuses) استعمال ڪندو آهي، جن کي گھٽ ۾ گھٽ، ٿورو ئي سهي پر صوتياتي طور پڙهي سگھجي ۽ ان کي ئي صحيح معنيٰ ۾ تحرير/ لکڻي ڳڻي سگھجي ٿو.

جيڪڏهن رسم الخط انهن تصويري معمن (Rebuses) واري قاعدي موجب ان جي ڪن نشانين کي صوتياتي حوالو ڏي ته ننڍڙا اسمي فقرا ۽ اڻپورا جملا به مڪمل تحرير سمجھي سگھجن ٿا. (ڏسو رابنسن 1995: 12). قديم سميريءَ کي هڪڙو مڪمل تحرير جو نظام سمجھيو وڃي ٿو، ڇو جو ڪڏهن ڪڏهن اهو تصويري معمن (Rebuses) واري تجنيس استعمال ڪري ٿو، جيئن هڪ ٽڪيءَ تي هڪ اڪيلو لفظ ’جي‘ (gi) لکيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي موٽائي ڏيڻ (reimburse). (اهو هڪ نشانيءَ ذريعي اظهار جنهن ۾ هڪ جھنگلي ٻوٽي (weed) ڏيکاريل آهي، جنهن کي سميريءَ ۾ ’جي‘ چوندا آهن. ان سان هڪ اڻپورو فقرو ٺهيل آهي، جيڪو متن جو ئي هڪ ايڪو آهي (ڏسو رابنسن 2002: 26). پوءِ وارن دورن ۾ پڻ سميري خط ۾ پدي نشانين کان وڌيڪ هڪ لفظ تي مشتمل (logogram) نشانيون هيون، حالانڪه وقت گذرڻ سان صوتياتي نشانيون وڌنديون رهيون. جڏهن اڪادي ٻولي لکڻ لاءِ ميخي خط اختيار ڪيو ويو، ته انهيءَ نظام کي بهتر ڪري سگھيا ۽ اهو رسم الخط تقريباً مڪمل صوتياتي ٿي ويو.

مصري رسم الخط 3100-3000 ق. م جي لڳ ڀڳ ڪيترين ننڍين ننڍين لکتن ۾ استعمال ٿيندو هو، جن ۾ اڪثر صرف ٻه نشانيون هونديون هيون، جنهن سان خاص نالا لکبا هئا، پر انهن ۾ هڪ وڏو سيڪڙو اهڙين تصويري معمن (Rebuses) طور استعمال ٿيندڙ نشانين جو هو. (ڏسو مثال(1951-Scholl . بادشاهه نارمر/نعرمر جو مشهور لکڻ جو تختو (Palette) جنهن تي مٿي بيان ڪيل لکت به هئي، ان جو هڪ سٺو مثال آهي. اهو پڪ سان هڪ تحرير جو نظام آهي. پوءِ ڀلي کڻي سراسري طور ان جا متن سنڌوءَ وارن متنن کان ننڍڙا آهن. ان ۾ ٻه تصويري معماتي نشانيون بادشاهه نارمر/نعرمر جي خاص نالي جي نمائندگي ڪن ٿيون، جنهن جا ڪارناما (feats) غير لساني طريقي سان تصويرن ۾ باقي تختي ۾ جاءِ والارين ٿا، جن ۾ ڪيئي روايتي طريقا آهن. اها ڳالهه بلڪل هڪجھڙائي رکي ٿي، غير لساني رابطي جي نظام اندر پيغام رسانيءَ سان يا هٿيارن تي نسبي خاص نالن لاءِ استعمال ٿيندڙ تصويري ڳجهين علامتن جي معمن سان.

  1. 10. اهو نئون مفروضو تحرير واري مفروضي کان وڌيڪ سنڌو سڀيتا کي سمجھڻ ۾ مددگار آهي.

فارمر ۽ ساٿين جي 2004 واري مقالي ۾ بنهه آخري اٿاريل نڪتي ۽ دعويٰ کي سچ ته آءٌ سمجھي ڪونه سگھيو آهيان ته آخر اهڙو مفروضو ته سنڌو نشانيون غير لساني علامتون آهن، اسان کي سنڌو سڀيتا کي سمجھڻ ۾ ڪيئن ٿو مدد ڪري سگھي، سو به ان مفروضي جي ڀيٽ ۾ جنهن ۾ آهي ته سنڌو رسم الخط هڪ پدي-لفظن (Logosyllabic) وارو تحرير جو نظام آهي. ڪنهن صوتي- لفظي رسم الخط ۾ نشانيون اهو ئي ڏيکارينديون، جنهن کي هو پيش ڪنديون، يا وري انهن کي تصويري ڳجھين نشانين (Rebuses) طور استعمال ڪيو وڃي. ان کان اڳ جو اسين انهن جي تصويري ڳجھين نشانين طور ٿيل استعمال تي غور ڪريون، اسان کي انهن جي مورتي معنيٰ کي چٽو ڪرڻ گھرجي. اهو پهريون ضروري مرحلو ساڳيو فارمر ۽ ٻين طرفان تصويري شڪلين کي سمجھڻ لاءِ ڪيل ڪوشش جھڙو آهي. سنڌو نشانين جي تصويري شڪلين کي سمجھڻ لاءِ پهرين آءٌ مثال ڏيندس پنهنجي ڪوشش جو، جنهن ۾ آءٌ پنهنجي طرفان ڏنل هڪ خاص نشانيءَ جي سمجھاڻيءَ تي ايندس، جنهن ۾ مون ان کي هڪ کجيءَ تي رهندڙ نوريئڙو (Palm Squirrel) سمجھيو آهي. (پرپولا 1994- 103 تصوير 7.1)، هن نشانيءَ ۾ صاف صاف هڪ جانور ڪنڌ هيٺ ڪري بيٺل آهي، جنهن جو پڇ مٿي کنيل آهي ۽ چار ٽنگون چئن اڀين ليڪن سان ڳنڍيل آهن، جيڪي وڻ جي ٿڙ جي نمائندگي ڪن ٿيون. کجيءَ وارو نوريئڙو انهيءَ حالت ۾ گھڻو ئي وقت گذاريندو آهي، ان ڪري سنسڪرت ۾ ان کي وڻ تي سمهندڙ (Tree Sleeper) سڏيو ويندو آهي. مهر جي متن ۾، اها نشاني هڪ ڳجھي معنيٰ رکندڙ تصوير (Rebus) واري معنيٰ رکي ٿي نه ڪي ان جي تصويري (Iconic) معنيٰ (منهنجي سمجھاڻيءَ لاءِ ڏسو پرپولا 1994: 230-229). ڇا فارمر ۽ ساٿي پنهنجي غير لساني مفروضي ذريعي انهيءَ نشانيءَ جي معنيٰ کي بهتر سمجھائي ٿا سگھن؟

نوٽ: هن ڪتاب ۾ جن تصويرن ۽ انهن جي نمبرن جا حوالا ڏنا ويا آهن، انهن لاءِ پرپولا جو ڪتاب ڏسڻ گهرجي‘Corpus of Indus Seals and Inscriptions’ (1994)

 

وضاحتون

 

(1) هي مقالو “Scripts, Non-Scripts and (Pseudo) Decipherment” جي موضوع تي ٿيل ورڪشاپ لاءِ لکي پيش ڪيو ويو، جيڪو لنگئسٽڪ سوسائٽي آف آمريڪاز لنگئسٽڪس انسٽيٽيوٽ جي رچرڊ اسپروٽ ۽ اسٽيو فارمر طرفان 11 جولاءِ 2007 تي اسٽيفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ ڪرايو ويو (http:/serramo.ai.uiuc.edu/2007/workshop) اهو ساڳيو چيناءِ (هندستان) جي روجا مُٿياهه رسرچ لائبرريءَ ۾ 16 فيبروريءَ تي ڏنل ليڪچر ۾ به پڙهيو ويو. آءٌ ٻنهي موقعن تي سنڌو رسم الخط بابت ٿيندڙ بحث مباحثن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ گھرائڻ تي انهن جو ٿورائتو آهيان ۽ مون کي خوشي آهي ته هي مقالو منهنجي پراڻي دوست اِرِوٿم مهاديون جي اعزاز ۾ ڇپايو ويو آهي، جيڪو قديم لکتون پڙهڻ جو وڏو ماهر آهي.

(2) هن پيپر ۾ سنڌو متن سندن نمبرن سان (Corpus of Indus Seals and Inscriptions) مان کنيل آهن. (ڏسو حوالا)

(3) اسٽيفورڊ واري ورڪشاپ ۾ پڙهيل پيپرن جي تت مان مون کي اهو تاثر ٿو ملي ته انهن ٽن ليکڪن مان گھٽ ۾ گھٽ هڪڙو سندن اصل مفروضي تان پير پٺيان ٿو ڪرڻ چاهي ۽ ان کي بدلائي ٻيو ڪجهه ڪرڻ ٿو چاهي. (ڏسو: http://serrano.ai.uiuc.edu/2007/workshop/abstracts.html)

باقي فارمر ساڳي دعويٰ ٿو دهرائي ته ”اهو نام نهاد سنڌو رسم الخط لساني مفهوم ۾ ٻولي رکندڙ يا تحرير جو نظام ڪونهي، جيئن سمجھيو ويوآهي“. وٽزل وري ائين لکيو آهي ڄڻ ته هن ۽ ساٿين صرف اهو چيو هو ته سنڌو رسم الخط نشانين ۾ باقاعدگيءَ سان (Systematically) ٻولي نٿو رکي ۽ ”انهيءَ لحاظ کان ان ۾ ڪي به مڪمل فقرا يا جملا ڪونه آهن“. (مون واري ساڳي ڳالهه-پرپولا) وٽزل اهو به مڃي ٿو ته ”سنڌو علامتن ۾ ڪي هم آواز لفظي تجنيسون (Punning) ٿي سگھن ٿيون يا ممڪن آهي ته جڏهن تازين کوجنائن جي ڳالهه ٿو ڪري ته به مون ڏانهن اشارو اٿس، جو اهي ئي منهنجا اندازا آهن، جنهن ۾ مون چيو ته سنڌو مهرن ۾ مڪمل جملا ڪونه آهن، پر انهن ۾ تجنيس لفظي آهي. بهرحال جيڪڏهن وٽزل پنهنجو اڳ وارو سخت مؤقف بدلايو آهي ته مون کي خوشي آهي ته هاڻي مون سان سهمت آهي. جڏهن مون پنهنجا اهڙا تاثرات اسٽيفورڊ ۾ ظاهر ڪيا ته مائيڪل وٽزل مون کي يقين ڏياريو ته هو پنهنجي اصل دعويٰ تان ڪونه هٽيو آهي ۽ انهيءَ ڳالهه تي ئي قائم آهي ته سنڌو رسم الخط ۾ ڪا ٻولي موجود ڪانهي. (2007)

 

حوالا:

 

* Banarjee, N. R., and Soundra Rajan, K. V. 1959. Sanur 1950 & 1952: A Megalithic site in District Chingleput. Ancient India 15: 4-42.

* Black, Jeremy, and Green, Anthony, 1992. Gods, demons and symbols of ancient Mesopotamia: An illustrated dictionary. Illustrations by Tessa Reckards. London: The British Museum Press.

* Boehmer, R. M.1975. Das Auftreten des Wasserbüffles in Mesopotamien in historischer Zeit und seine sumerische Benennung. Zeitschrift für Assyriologie un Vorderasiatische Archaologie 64: 1-19

* CISI = Corpus of Indus Seals and Inscriptions. 1987. Vol. 1: Collections in India, edited by Jagat Pati Joshi and Asko Parpola.

  1. Vol. 2: Collections in Pakistan, edited by Sayid Ghulam Mustafa Shah and Asko Parpola.
  2. Vol. 3: New material, untraced objects, and collections outside India and Pakistan. Edited by Asko Parpola, B. M. Pande and Petteri Koskikallio. Part 1: Mohenjo-daro and Harappa, in collaboration with Richard H. Meadow and Jonathan Mark Kenoyer. (Annales Academiae scientiarum Fennicae, B 239-241.) Helsinki: Suomalainen Tiedeakatemia.

* Dales, George F., Jr.,1967. South Asia’s earliest writing – still undeciphered. Expedition 9 (2): 3     0-37. Parpola Asko

* Edzard, Dietz Otto, 1968. Die Inschriften der altakkadischen Rollsiegel. Archiv für Orientforschung 22: 12-20.

* Farmer, Steve, Richard Sproat & Michael Witzel, 2004. The collapse of the Indus script thesis: The myth of a literate Harappan Civilization. Electronic Journal of Vedic Studies 11 (2): 19-57

* Gardiner, Alan, 1957. Egyptian grammar, being an introduction to the study of hieroglyphs. Third edition. London: Oxford University Press,

* Kharakwal, J. S., Y. S. Rawat and Toshiki Osada, 207. Kanmer: A Harappan site in Kachchh, Gujarat, India. Pp. 21-137 in: Toshiki Osada (Ed.), Linguistics, archaeology and the human past. (Occasional paper 2.) Kyoto: Indus Project, Research Institute for Humanity and Nature.

* Konishi, Masatoshi, 1987. Writing materials during the Harappan period. Pp. 213-217 in: B.M. Pande & B.D. Chattopadhyaya (eds.), Archaeology and History: Essays in memory of Shri A. Ghosh. Delhi: Agam Kala Prakashan.

* Lal, B.B. 2002. The Sarasvati flwos on: The continuity of Indian culture. New Delhi: Aryan Books International.

* Mackay, E.J.H.1938. Further excavations at Mohenjo-daro, I-II. Delhi: Manager of Publications, Government of India.

* Marshall, John (Ed.)1931. Mohenjo-daro and the Indus Civilization, I-III. London: Arthur Probsthain.

* Possehl, Gregory L. 2002. The Indus Civilization: A contemporary perspective. Walnut Creek, CA: Alta Mira Press. 1994. Deciphering the Indus script. Cambridge: Cambridge University Press. 2005. Study of the Indus script. Transactions of the International Conference of Eastern Studies 50: 28-66.

* Robinson, Andrew, 1995. The story of writing. London: Thames and Hudson. 2002. Lost languages: The enigma of the world’s undeciphered scripts. New York: McGraw Hill.

* Salomon, Richard, 1998. Indian Epigraphy. New York: Oxford University Press.

* Schott, Seigfried, 1951. Heiroglyphen: Untersuchungen zum ursprung der schrift. (Akademie der Wissenschaften und der LIteratur [in Mainz], Abhundlungen der Geistes- und sozial wissenschaftlichen Klasse, Jahrgang 1950, Nr. 24.) Mainz: Verlag der Akademie der Wissenschaften und der Literatur.

* Shivaganesha Murthy, R. S.1996. Introduction to Manuscriptology. Delhi: Sharada Publishing House.

* Vidale, Massimo, 2007. The collapse melts down: A reply to Farmer, Sproat & Witzel. East and West 57 (1-4): 333-366.

 

[1]  هڪ هيڪٽر ڏهه هزار چورس ميٽرن يا اٽڪل اڍائي ايڪڙن جي برابر ٿيندو آهي.