سنڌو لکت ايڪيهين صديءَ ۾ ٿيل نئين تحقيق

هن ڪتاب ۾ ايڪيهين صديءَ ۾ ڇپيل اهڙن ڪجهه مقالن جو ترجمو پيش ڪيو ويو آهي، جيڪي نه صرف تحقيق جا نوان ڏس ۽ گس ڏيکارين ٿا، بلڪ ان موضوع تي سنڌ جي نوجوانن کي پڻ تحقيق لاءِ اتساهي سگهن ٿا. سنڌو ماٿريءَ مان مليل مهرن تي جيڪي نشانيون ملن ٿيون هنن مقالن ۾ انهن لاءِ ڪيترائي جدا جدا اصطلاح ڪتب آيل آهن، جيئن: اڪريل لکتون (Inscriptions)، متن (Texts)، عبارتون (Manuscripts) وغيره، جيڪي جنهن لپيءَ ۾ لکيل آهن، ان کي رسم الخط (Script) ۽ تحرير جو نظام يا لکڻ جو سرشتو (Writing System) وغيره چيو ويو آهي. انهن جو ترجمو مفهوم جي مناسبت سان ڪيل آهي ته جيئن ڪو مونجهارو نه رهي، پر جيئن ته اسان وٽ سنڌ ۾ عام طور ”سنڌو لکت“ جو اصطلاح مروج آهي ۽ ڪيترائي ڪتاب ان اصطلاح سان ڇپيل به آهن، ان ڪري هن ڪتاب جو نالو پڻ ”سنڌو لکت- ايڪيهين صديءَ ۾ ٿيل نئين تحقيق“ رکيو ويو آهي ته جيئن سلسلو قائم رهي.

  • پي ڊي ايف ڊائونلوڊ: 15
  • اي-پب ڊائونلوڊ: 2.2Kg
قيمت

250 روپيا

ڊائونلوڊ ڪريو

ھارڊ ڪاپِي ۾ خريد ڪرڻ چاھيو ٿا؟ رابطو ڪريو