(Making Human Choices)
اسين سڀ پنهنجي زندگيءَ ۾ تبديليون آڻي، انهيءَ ڳالهه کي يقيني بنائي سگهون ٿا ته جانورن سان اسان جو سلوڪ همدردي وارو ۽ پيار ڀريو هوندو. اسين ٻين کي به اهو احساس جاڳائڻ لاءِ همٿ ٻڌائي سگهون ٿا. اسين انساني رشتن ۽ هڪٻئي جي لاءِ جيڪي سونهري اصول (Golden Principle) لاڳو ڪريون ٿا، اسان کي گهرجي ته اُهي جانورن سان به لاڳو ڪريون. اهو بنيادي ”سونهري“ اصول آهي:
”اوهين جيڪي پنهنجي لاءِ پسند ڪريو ٿا، اُهو ئي ٻئي لاءِ به پسند ڪريو.“
هيٺ ڪجهه مثال ڏنا ويا آهن، جن ۾ جانورن سان اُهو سلوڪ نٿو ڪيو وڃي، جيئن مٿي ڄاڻايل ”سونهري اصول“ ۾ چيو ويو آهي. هيٺ ڏنل خال ڀري ٻڌايو ته اوهين انهيءَ مثال کي ڪهڙي طرح بدلائي ”سونهري اصول“ مطابق ٺاهي سگهو ٿا.
- مقامي چڙيا گهر يا سرڪس ۾ اوهان ڏسو ٿا ته هڪ رڇ بنان ڇانوَ جي، تکي اُس ۾ بي مقصد چڪر پيو کائي.
(الف) اها ڳالهه ڪهڙي طرح ”سونهري اصول“ جي خلاف آهي؟
(ب) انهيءَ صورتحال ۾ اوهان سندس ڪهڙي مدد ڪري سگهو ٿا؟
- اوهان ڏسو ٿا ته ماڻهن سان ڀريل روڊ جي ڀرسان هڪ پکي زخمي ٿي پيو آهي ۽ ماڻهو ڏانهس بنان ڌيان ڏيڻ جي اچن وڃن پيا.
(الف) اها ڳالهه ڪهڙي طرح ”سونهري اصول“ جي خلاف آهي؟
(ب) انهيءَ صورتحال ۾ اوهان سندس ڪهڙي مدد ڪري سگهو ٿا؟
- اوهان اسڪول کان ايندي يا ويندي ڏسو ٿا ته هڪ ڪتو زنجير ۾ ٻڌو پيو هو ۽ ان ڪجهه کاڌو پيتو ناهي.
(الف) اها ڳالهه ڪهڙي طرح ”سونهري اصول“ جي خلاف آهي؟
(ب) انهيءَ صورتحال ۾ اوهان سندس ڪهڙي مدد ڪري سگهو ٿا؟
- اوهان ڏسو ٿا ته اوهان جو ويجهو دوست درياهه تان هڪ ڪڇون کڻي آيو آهي.
(الف) اها ڳالهه ڪهڙي طرح ”سونهري اصول“ جي خلاف آهي؟
(ب) انهيءَ صورتحال ۾ اوهان سندس ڪهڙي مدد ڪري سگهو ٿا؟
- اوهان ڏسو ٿا ته ڪو ماڻهو ڪڪڙِ جي چوزي کي اُبتو لڙڪائي کڻي وڃي رهيو آهي.
(الف) اها ڳالهه ڪهڙي طرح ”سونهري اصول“ جي خلاف آهي؟
(ب) انهيءَ صورتحال ۾ اوهان سندس ڪهڙي مدد ڪري سگهو ٿا؟