(Changing Times, Changing Minds)
تاريخ شاهد آهي ته انسان جانور کي رڳو پنهنجي ذاتي فائدي لاءِ استعمال ڪيو آهي ۽ اسان اهو سمجهڻ ۾ اڪثر ناڪام رهيا آهيون ته جانورن جا به احساس ٿيندا آهن ۽ اُهي به ڊپ، ڏُک ۽ خوشي محسوس ڪندا آهن.
حصو-1:
جيڪڏهن قديم زماني ۾ به اخبارون هجن ها ته اُن وقت اسان کي هيٺين قسمن جون سُرخيون ڏسڻ لاءِ ملن ها:
مُک سُرخيون پڙهو ۽ اندازو ڪريو ته انهن واقعن سبب انسان ڪهڙن جانورن کي گهٽ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو هوندو:
- غارن ۾ رهندڙ ماڻهن هاڻي هڏن جي بدران پٿرن مان اوزار ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيا. لڳ ڀڳ 70،000 سال قبل مسيح.
- گاڏي بنان گهوڙي جي روڊ تي هلي. لڳ ڀڳ سنه 1903ع.
- اڇي ويولسو ۽ نرم مصنوعي ڪپڙو ۽ ريشمي ڪپڙي جهڙو چمڪندڙ. لڳ ڀڳ سن 1960ع.
- فئشني پوشاڪ لاءِ لينن ڪپڙو پهرين پسند. لڳ ڀڳ 400 سال قبل مسيح.
- هاڻي گهرن ۾ پيٽرول جا ڏيئا ٻرندا، نه ڪي وهيل مڇيءَ جي چرٻي. لڳ سڳ سن 1860ع.
- ڪمپيوٽر جي ماڊلن جي پٺيان محققن جي ڊوڙ. لڳ ڀڳ سن 1980ع.
- هاڻي جهنگ جي سير ۾ بندوق جي جاءِ ڪئمرا ورتي. لڳ ڀڳ سن 1980ع.
حصو- 2
جانورن لاءِ پيار ۽ محبت وڌڻ جي باوجود انسان طرفان پنهنجي ذاتي فائدي لاءِ انهن جو استعمال جاري آهي. هيٺ ڄاڻايل جانورن جي استعمال کي پڙهو ۽ انهن سان دوستي رکندي اهو ٻڌايو ته منجهانئن هرهڪ جو نعم البدل ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. اهو هڪ ڪاغذ تي لکو.
- ڪلاس ۾ ڏيڏرن جي چيرڦاڙ.
- جهنگلي جانورن جهڙوڪ: رڇ، باندر ۽ نانگ کي ڦاسائي، انهن جو تماشو ڪرڻ.
- جانورن کي ماري کائڻ لاءِ پالڻ.
- کنڀ، اُنَ ۽ چمڙي حاصل ڪرڻ لاءِ جانورن کي مارڻ.