برف شهزادي

ڪتاب جو نالو برف شهزادي
ليکڪ منوج ڪمار
سنڌيڪار / ترتيب منوج ڪمار
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-32-1
قيمت 50    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     509991   ڀيرا پڙهيو ويو

ٽي ٻوليون


پراڻي زماني جي ڳالهه آهي ته ڪنهن مُلڪ ۾ هڪ سوداگر رهندو هو. کيس هڪڙو ئي پُٽ هو، جنهن جو نالو ظفر هو. سوداگر جي دلي خواهش هئي ته سندس پُٽ واپار ۾ دلچسپي وٺي ۽ هُن وانگر سوداگر ٿئي. پر ظفر جي دل وڻج واپار سان بلڪل نه لڳندي هئي. نيٺ انهيءَ سوداگر اهو فيصلو ڪيوته هو پنهنجي پُٽ کي عالِم ڪندو. سو هن ظفر کي هڪ ڏورانهين مُلڪ موڪليو ته جيئن هُو اتان عِلم حاصل ڪري اچي. ظفر پنهنجي پيءُ جي چوڻ تي ٻئي ملڪ ويو ۽ سال کان پوءِ واپس آيو. سندس واپسيءَ تي سندس والد ڏاڍو خوش ٿيو. هُن پنهنجي پُٽ کان پڇيو ته ”تو پرڏيهه ۾ ڇا سکيو آهي“. ظفر جواب ڏنوته ”مون پرڏيهه ۾، جانورن جي ٻولي سکي آهي“.

”پر اها جانورن جي ٻولي تُنهنجي ڪهڙي ڪم ايندي؟ توکي ڪو اهڙو عِلم سکڻ گهرجي ها، جيڪو توکي زندگيءَ ۾ ڪم اچي“. سوداگر پنهنجي پٽ کي چيو.

سوداگر ظفر کي اهو چئي وري کيس ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن موڪليو. ظفر اتي به سال رهيو ۽ وري پنهنجي ڏيهه موٽي آيو. سندس والد وري کانئس پڇيو ته ”تون ڇا سکي آيو آهين؟“ ظفر جواب ڏنو ته ”آءٌ هن دفعي، جيتن جي ٻولي سکي آيو آهيان“. سوداگر صفا ڪاوڙجي پيو.

”جيتن جي ٻولي سکڻ سان ماڻهوءَ جو پيٽ گذر  ته نٿو ٿي سگهي؟“ هن ظفر کي چيو.

سوداگر پنهنجي پُٽ کي وري ڪنهن ٻئي ملڪ  موڪليو ۽ کيس تنبيهه ڪيائين ته جيڪڏهن هن دفعي هن ڪو چڱو علم نه سِکيو ته هوکيس گهران ڪڍي ڇڏيندو. ظفر جڏهن وري سال کان پوءِ پرڏيهه مان واپس پنهنجي ڏيهه ۾ آيوته سندس والد کي اها اميد ٿي ته هاڻي ضرور ظفر ڪو اهڙو علم سکي آيو هوندو، جنهن سان هُو دُنيا ۾ ڪامياب ٿي سگهندو. پر جڏهن ظفر کيس ٻڌايو ته هن ڀيري پکين جي ٻولي سکي آيو آهيان ته سوداگر صَفا تپي باهه ٿي ويو ۽کيس گهر مان ڪڍي ڇڏيائين. کيس چيائين: ”هاڻي تون تڏهن ئي گهر واپس وري سگهين ٿو، جڏهن تون ڪجهه ڪري ڏيکاريندين“. ظفر مايوس ٿي گهر مان نڪري ويو.

ظفر گهران نڪري هلندو ويو، هلندو ويو. هلندي هلندي کيس رات پئجي وئي ۽ هو هڪڙي ويران قلعي ۾ اچي پهتو. قلعي جو مالڪ به انهيءَ وقت ٻاهر نڪرڻ وارو هو. ظفر مالڪ کان پُڇيو ته هو ڪيڏانهن ٿو وڃي؟ مالڪ وراڻيو ته هن قلعي ۾ رات جو رهڻ خطرناڪ آهي، جو رات جو هتي بَگهڙ ايندا آهن ۽ سڄي رات اوناڙون ڪندا آهن. بگهڙن جي انهن اُوناڙن سبب اوڙي پاڙي جا ماڻهو به هليا ويا آهن، جو کين ڊپ ٿو ٿئي ته متان اُهي بگهڙ کين کائي نه ڇڏين. ظفر قلعي جي مالڪ کي چيو ته ”آءٌ قلعي ۾ رات رهڻ لاءِ تيار آهيان، جنهن لاءِ مون کي اهڙي اجازت ڏني وڃي“. قلعي جي مالڪ کيس گهڻو ئي سمجهايو، پر ظفر نه مُڙيو. نيٺ قلعي جو مالڪ کيس قلعي جُون چاٻيون ڏئي پاڻ روانو ٿي ويو. جيئن ئي رات ٿي ته قلعي جي چوڌاري بگهڙن جو وڏو ميڙ اچي گڏ ٿيو ۽ گڏجي اُوناڙون ڪرڻ لڳا. جيئن ته ظفر ’جانورن جي ٻولي‘ ڄاڻندو هو، سو هن بگهڙن جي سردار کان پڇيو ته اُهي اوناڙون ڇو پيا ڪن؟ بگهڙن جي سردار جواب ڏنو ته ”هن قلعي جي پاڙ ۾ پراڻي زماني جو خزانو دفن ٿيل آهي، جيڪو قلعي جي ٺاهيندڙن پنهنجي پونئيرن لاءِ گڏ ڪيو هو، بگهڙ انهيءَ ڪري پيا اوناڙين، ته جيستائين اهو خزانو قلعي جو مالڪ نه ڪڍندو، تيستائين کين سُک نه ايندو.

ٻئي ڏينهن جيئن قلعي جو مالڪ آيو ته ظفر هن کي سڄي ڳالهه ٻُڌائي. قلعي جي مالڪ ۽ ظفر گڏجي قلعي جي ڀت جي پاڙ کوٽي ته کين واقعي به اتي خزانو مليو. قلعي جو مالڪ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هن انهيءَ خزاني جو اڌ ظفر کي ڏنو.

ظفر خزانو وٺي نڪتو ۽ هڪڙي ڳوٺ ۾ اچي پهتو. انهيءَ ڳوٺ جا ماڻهو ڏاڍا غمگين هئا. ظفر کانئن پڇيو ته اهي ڇو غمگين آهن. انهن وراڻيو ته هن ڳوٺ جو چڱو مڙس ڪافي وقت کان بيمار آهي ۽ حڪيمن چواڻي سندس علاج ڪاري گلاب جي رَس مان ٺهيل ماکيءَ کي چٽڻ سان ٿيندو، پر اها ماکي ڪٿان ملندي، سا ڪنهن کي به خبر نه آهي. ظفر کين چيو ته غمگين نه ٿيو، آءٌ اوهان کي اها ماکي ڳولائي ٿو ڏيان. ظفر اُتي ڀرسان ٻيلي ۾ هليو ويو. اتي کيس ماکيءَ جون مَکيون نظر آيون. جيئن ته ظفر جيتن جي ٻولي ڄاڻندو هو، سو هن ماکيءَ جي مکين کان پُڇيو ته کيس ڪاري گلاب جي رس مان ٺهيل ماکي ڪٿان ملندي. ماکيءَ جون مکيون کيس ٻيلي جي وچ ۾ هڪ وڏي وَڻ وٽ وٺي ويون، اتي ماکيءَ جي مکين جي راڻيءَ کي ظفر سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. راڻيءَ کيس بيمار ماڻهوءَ لاءِ ٿوري ماکي کڻڻ جي اجازت ڏني. ظفر اها ماکي کڻي واپس انهيءَ ڳوٺ ۾ آيو. حڪيم اها ماکي ڳوٺ جي چڱي مڙس کي چَٽائي ته ماکي چٽيندي ئي اهو شخص نوبنو ٿي ويو. ظفر جي اهڙي مدد ڪرڻ تي انتهائي خوش به ٿيو.کيس هڪ سٻاجهڙي ڌيءَ هئي،جيڪا هن ظفر کي پرڻائي ڏني.

ظفر قلعي مان مليل خزانو کڻي، پنهنجي ڪنوار کي وٺي اڳيان روانو ٿيو. هلندي هلندي هو هڪڙي شهر ۾ داخل ٿيو. جيئن ئي هو شهر ۾ داخل ٿيو ته اتي کيس هڪڙو ڪبوتر نظر آيو،جيڪو پَٽَ تي ڪِريل هو. ظفر کيس هٿ ۾ کنيو. جيئن ته هُو پکين جي ٻولي ڄاڻندو هو، ان ڪري هن ڪبوتر کان پڇيو ته کيس ڇا ٿيو آهي؟ڪبوتر وراڻيو ته ”ڪنهن شرارتي ٻار مون کي گليل سان زخمي ڪري ڇڏيو آهي  ۽ آءٌ اڏامي نه ٿو سگها، مون کي شاهي محل تائين پهچايو وڃي، جتي منهنجو آکيرو آهي“. ظفر ڪبوتر جا زخم اگهيا ۽ کيس پنهنجي ڪلهي تي چاڙهي، شاهي محل تائين وٺي ويو.

جيئن ئي هو شاهي محل ۾ پهتو ته محل جا سڀ وزير کيس وڪوڙي ويا ۽ کيس چيائون ته رات ملڪ جو بادشاهه گذاري ويو آهي ۽ پويان ڪو وارث ڇڏي نه ويو آهي. سو سڀني وزيرن اهو فيصلو ڪيو هو ته شاهي محل جو ڪبوتر جنهن ماڻهوءَ جي ڪلهي تي ويهندو، اهو ئي ملڪ جو بادشاهه ٿيندو. هاڻي اهو ڪبوتر جيئن ته توهان جي ڪلهي تي ويٺل آهي، تنهنڪري ملڪ جا بادشاهه توهان ئي ٿيندؤ.

وزيرن ظفر کي آڻي تخت تي ويهاريو ۽ هُو ملڪ جو بادشاهه ٿي عدل سان حڪومت ڪرڻ لڳو. سندس رعيت نه رڳو هن مان خوش هئي، پر جانور، جيت ۽ پکي به ظفر مان خوش هئا، جو هو سندن ٻوليون ڄاڻندو هو ۽ انهن جا مسئلا به حل ڪندو هو.

ظفر، بادشاهه ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي پيءُ وٽ ويو. پيءُ به پنهنجي پٽ کي گهر مان ڪڍي ڇڏڻ تي گهڻو پڇتايو. هن جيئن ئي ظفرکي ڏٺو ته ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ان ڳالهه کي تسليم ڪيو ته ”هر علم انسان لاءِ فائديمند آهي“.

 

 

ڏکيا لفظ

 

ڏورانهون

پرانهون

 

نوبنو

صحتياب

اُوناڙ

ڪتن يا بگهڙن جي

وڏي آواز ۾ دانهن

 

اگهڻ

عدل

صاف ڪرڻ

انصاف