برف شهزادي

ڪتاب جو نالو برف شهزادي
ليکڪ منوج ڪمار
سنڌيڪار / ترتيب منوج ڪمار
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-32-1
قيمت 50    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     509966   ڀيرا پڙهيو ويو

برف شهزادي


هڪ ڏينهن هڪڙي ملڪ جي راڻي پنهنجي محل جي دريءَ وٽ ويهي ٻاهر جو نظارو ڪري رهي هئي ته سندس اک ٻاهر پيل برف تي صُوفن جي وڻن تي پئي. اوچتو راڻيءَ جي دل ۾ خيال آيو ته ڪاش کيس ڪا ڌيءَ هجي، سا به اهڙي اڇي هجي، جهڙي برف ۽ سندس ڳل اهڙا ڳاڙها هجن، جهڙا صوف ۽ سندس وار اهڙا ڪارا هجن، جهڙي رات. بس راڻيءَ جي دعا جي قبوليت جي به ڪا گهڙي هئي. کيس سال کان پوءِ ڌيءَ ڄائي. اها ڇوڪري ايتري ته سهڻي هئي، جو کيس ڏسندي ماڻهو هڪ لمحي لاءِ پنڊ پهڻ ٿي ويندا هئا. جيئن راڻيءَ جي خواهش هئي، تيئن واقعي به شهزاديءَ جو رنگ برف جهڙو سفيد، ڳل صوف جهڙا ڳاڙها ۽ وار رات وانگر ڪارا هئا. انهيءَ سفيد رنگ جي ڪري ان ننڍڙيءَ جو نالو ئي ’برف شهزادي‘ رکيو ويو. پر خدا کي ڪو ٻيو منظور هو. راڻي گهڻو وقت پنهنجي ڌيءَ سان گڏ  رهي نه سگهي ۽ هوءَ جلد ئي خدا کي پياري ٿي وئي.

اڃا سال ئي نه گذريو ته بادشاهه ٻي شادي ڪري ڇڏي. نئين راڻي هئي ته ڏاڍي سهڻي، پر ان سان گڏ خود غرض ۽ مغرور به هئي. هوءَ سمجهندي هئي ته هن کان سواءِ دنيا ۾ ٻيو ڪو به انسانُ حَسين نه هو. اُن نئين راڻيءَ وٽ هڪ جادوئي آرسي به هوندي هئي. هوءَ آرسيءَ اڳيان اچي بيهندي هئي ۽ پُڇندي هئي:

آرسي ڙي آرسي تُون مُون کي سَچي ٻُڌاءِ

ڪو آهي دنيا ۾، سُهڻو وڌيڪ مُون کان سواءِ!

۽ آرسي جواب ڏيندي هئي:

راڻي ڙي راڻي، آرسيءَ جي اها آهي راءِ،

ٻيو نه آهي دنيا ۾ وڌيڪ سهڻو تو سواءِ!

راڻي جادوئي آرسي کان پنهنجي تعريف ٻڌي ٺرندي پئي هئي. ائين سال گذري ويا. هوڏانهن برف شهزادي به اچي جوان ٿي ۽ جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن سندس سونهن ۾ وڌيڪ نکار ايندو ويو. سندس حُسن جي هاڪ مُلڪان مُلڪ پهچي ويئي. هڪڙي ڏينهن برف شهزاديءَ جي ماٽيجي ماءُ پنهنجي جادوئي آرسيءَ کان ساڳيو سوالُ پڇيو:

آرسي ڙي آرسي تُون مُون کي سَچي ٻُڌاءِ

ڪو آهي دنيا ۾، سُهڻو وڌيڪ مُون کان سواءِ!

پر هن دفعي آرسيءَ وٽ مختلف جواب هو، آرسيءَ وراڻيو:

راڻــي ڙي راڻــي، آرســيءَ جــي اهــا آهــي راءِ،

برف شهزادي آ سڀ کان سهڻي، اهو اڄ جو سچ آهِه!

راڻيءَ جو اهو جواب ٻڌو ته بَرف شهزادي سڀني کان سُهڻي آهي، سا ڪاوڙ ۽ حَسد ۾ تپي باهه ٿي وئي، هن شڪارين کي حڪم ڪيو ته اُهي برف شهزاديءَ کي جهنگ ۾ وٺي وڃي ماري اچن.

شڪاري برف شهزاديءَ کي جهنگ ۾ مارڻ لاءِ وٺي ويا. جڏهن اهي تلوار سان برف شهزاديءَ کي مارڻ وارا هئا ته کين برف شهزاديءَ جي معصوميت تي رحم اچي ويو ۽ هنن کيس ڇڏي ڏنو. شڪارين برف شهزاديءَ بدران هڪڙي هَرڻ کي ماري، اُن جي دل کڻي وڃي راڻيءَ کي ڏيکاري ۽ راڻيءَ کي چيائون ته ’اسان برف شهزاديءَکي ماري ڇڏيو آهي‘.

هوڏانهن ويچاري برف شهزادي اچي جهنگ ۾ اڪيلي ٿي ۽ کيس ڊپ ٿيڻ لڳو. هوءَ جهنگ ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڀَٽڪڻ لڳي. اوچتوکيس جهنگ ۾ هڪڙي ننڍڙي جُهوپڙي ڏسڻ ۾ آئي. بَرف شهزاديءَ کي اهو ڏسي تعجب لڳو ته اُن جُهوپڙيءَ جو دروازو به عام دروازن کان ننڍو هو. هوءَ جهڪي اندر وئي، ڇا ڏسي ته اُن جُهوپڙيءَ جي وچ ۾ هڪ ننڍڙي ميز رکي آهي، جنهن تي طرح طرح جا طعام ننڍڙن ٿانون ۾ رکيل آهن. ميز جي چوڌاري سَت ڪرسيون به رکيل آهن. هر شيءِ صاف سٿري ۽ ترتيب سان رکي آهي، پر اهي شيون عام شين جي مقابلي ۾ ننڍيون آهن. برف شهزادي جيئن ته صبح کان بُکايل ۽ اُڃايل هئي، ان ڪري ميز تي پيل هرهڪ طعام مان ٿورو ٿورو ذرو ذرو کائي، في الحال پنهنجو پيٽ ڀريائين. ماني کائڻ کان پوءِ کيس ننڊ اچڻ لڳي. هُن نهاريو ته کيس ست ننڍڙا بسترا  رکيل نظر آيا. هن سَتن ئي بسترن کي آزمايو، پر ڪوبه بسترو کيس پورو نه آيو. نيٺ جيئن تيئن ڪري آخري بستري تي ليٽي پيئي، جتي کيس ليٽندي ئي ننڊ اچي وئي.

اڃا کيس سُتي ٿوري ئي دير مس ٿي هئي ته اُن جهوپڙيءَ جا اصل مالڪ آيا، جيڪي ست ڄامڙا هئا، جيڪي سڄو ڏينهن ڀر وارن جبلن ۾ سون کوٽيندا هئا. ڄامڙا جيئن ئي پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ پهتا، ته کين محسوس ٿيو ته سندن غيرموجودگيءَ ۾ ڪو آيو آهي، جنهن سندن ماني به کاڌي آهي، پوءِ هنن هيڏانهن هوڏانهن نهاريو ته کين آخري بستري تي ويڙهيل حالت ۾ برف شهزادي سُتل نظر آئي. ڄامڙا برف شهزاديءَ جي بستري جي چوڌاري بيهي رهيا. کين اهڙي معصوم ۽ خوبصورت شهزادي ڏسي ڏاڍو عجب لڳو. هنن برف شهزاديءَ کي جاڳائڻ مناسب نه سمجهيو. سڀئي پنهنجن بسترن تي سمهي رهيا، رڳو ستون ڄامڙو پنهنجي ڀاءُ سان گڏ ليٽي پيو. جيئن صبح ٿيو ۽ ڄامڙا جاڳيا ۽ برف شهزادي به جاڳي ته کيس اهي ننڍڙا ننڍڙا ڄامڙا ڏسي اچي ڊپ لڳو، پر پوءِ انهن ڄامڙن جو همدرداڻو رويو ڏسي سندس ڊپ لهي ويو. شهزاديءَ کين سموري وارتا ٻڌائي. ڄامڙن کيس چيو ته جيڪڏهن هوءَ سندن گهر جو خيال رکي ۽ ماني پچائي ته هوءَ سندن جهوپڙيءَ ۾ رهي سگهي ٿي. برف شهزادي انهيءَ تي راضي ٿي. ائين ڄامڙا سمورو ڏينهن سون کوٽڻ ويندا هئا ۽ برف شهزادي هنن لاءِ ماني پچائي رکندي هئي ۽ گهر جو به خيال رکندي هئي. ڄامڙن شهزاديءَ کي انهيءَ خطري کان آگاهه ڪيو هونءَ ته تون هن جهوپڙي ۾ محفوظ آهين، رڳو ڪنهن کي جهوپڙي ۾ اندر اچڻ نه ڏجانءِ.

هوڏانهن وڏي راڻيءَ سمجهيو ته برف شهزادي مري چڪي آهي، سو هڪ دفعو وري آرسيءَ کان پڇيائين ته:

آرسي ڙي آرسي تُون مُون کي سَچي ٻُڌاءِ

ڪو آهي دنيا ۾، سُهڻو وڌيڪ مُون کان سواءِ!

آرسي وري به جواب ڏنو ته:

راڻــي ڙي راڻــي، آرســيءَ جي اها آهــي راءِ،

برف شهزادي آ سڀ کان سهڻي، اهوئي سچ آهِه.

رهي ٿي هوءَ جهنگ ۾ تنهنجي ڊپ کــان،

گـــڏ  سَـــتـــن  ڄـــامـــڙن  ڀـــائـــرن  ســـان.

راڻيءَ جو اها ڳالهه ٻڌي ته برف شهزادي جيئري آهي، ته صفا ڪاوڙجي پئي. هن کي احساس ٿيو ته شڪارين ساڻس دغا ڪئي آهي. هوءَ اها حقيقت برداشت نه ڪري سگهي ته هن کان سواءِ ٻيو به ڪو سُهڻو هجي، تنهنڪري هوءَ هڪڙي ٻڍڙي مائيءَ جو ويس ڌاري، انهيءَ جڳهه تي پهتي،جتي برف شهزادي ڄامڙن سان گڏ رهندي هئي. راڻي جُهوپڙيءَ جي دروازي تي کڙڪو ڪيو ۽ هوڪو ڏنو ته ”سهڻا ڪپڙا، سَستا ڪپڙا“. برف شهزادي، جنهن جا ڪپڙا جهنگ ۾ رهي ميرا ٿي ويا هئا، تنهن سوچيو ته هن غريب ٻڍڙيءَ کان ڪهڙو ڊپ،سو هن ٻڍڙيءَ کي اندر اچڻ ڏنو. ٻڍڙيءَ برف شهزاديءَ کي چيو ته ”ڌيءَ! ويجهو ٿيءُ ته توکي ڪپڙا پهرايان“. برف شهزادي جيئن ئي ويجهو ٿي ته ٻڍڙيءَ، جيڪا برف شهزاديءَ جي ماٽيلي ماءُ هئي، اُن برف شهزاديءَ کي کڻي گهٽو ڏنو. برف شهزادي ڪري پئي. راڻيءَ سمجهيو ته برف شهزادي مري چڪي آهي، سو هوءَ اتان وٺي ڀَڳي. ٿوري دير کان پوءِ ست ئي ڄامڙا پنهنجي ڪم تان واپس آيا، تن جو برف شهزاديءَ کي پَٽَ تي ڪريل ڏٺو، ته کيس هوش ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. ڪجهه دير کان پوءِ برف شهزادي هوش ۾ اچي وئي. ڄامڙن وري به برف شهزاديءَ کي آگاهه ڪيو ته راڻيءَ کي جادوءَ جي زور تي تنهنجي جيئري هجڻ جي خبر پئجي ويندي ۽ هوءَ وري به توکي مارڻ جي ڪوشش ڪندي، اُن ڪري تون ڪنهن کي به هن جُهوپڙيءَ ۾ اندر داخل ٿيڻ نه ڏجانءِ.

هوڏانهن راڻيءَ وري به سمجهيو ته برف شهزادي مري چُڪي آهي، تنهن آرسيءَ کان ساڳيو سوال ڪيو ته:

آرسي ڙي آرسي، تُون مُون کي سَچي ٻُڌاءِ،

ڪو آهي دنيا ۾، سُهڻو وڌيڪ مُون کان سواءِ!

آرسيءَ وري به جواب ڏنو ته:

راڻــي ڙي راڻــي، آرســيءَ جــي اهــا آهــي راءِ،

برف شهزادي آ سڀ کان سهڻي، اهوئي سچ آهِه!

تنهنجي ڪوشش جي باوجود، هوءَ اڃا آهي حيات،

ڄــامــڙن کـيــس بچائي، تــوکــي ڏنــي آهــي مــات!

هن دفعي راڻيءَ، برف شهزاديءَ کي مارڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو. هن هڪ ڳوٺاڻي عورت جو ويس ڌاريو ۽ زهريلو صوف کڻي ڄامڙن جي جهوپڙيءَ وٽ پهچي هوڪو ڏيڻ لڳي: ”مٺا صوف، ڀلا صَوف“. برف شهزادي دريءَ کان اچي بيٺي. راڻيءَ اهي صوف شهزاديءَ کي آڇيا، پر برف شهزاديءَ انڪار ڪيو. ان تي ويس بدلايل راڻيءَ کيس چيو ته ”هي صوف ڏاڍا ڀلا آهن ۽ انهن ۾ ڪجهه به نه آهي، توکي اعتبار نٿو اچي ته آءٌ توکي کائي ٿي ڏيکاريان“. راڻيءَ چالاڪي ڪري هڪڙو بنا زهر وارو صوف به پاڻ سان رکيو هو، ان ڪري اُن صوف کي چڪ هڻي کائي ڏيکاريائين. برف شهزاديءَ سمجهيو ته واقعي به هنن صوفن ۾ ڪجهه نه آهي ۽ صوف وٺڻ تي راضي ٿي وئي. ائين راڻيءَ برف شهزاديءَ کي زهريلو صوف ڏئي ڇڏيو، جنهن کي هڪڙو ئي چڪ هڻڻ سان هوءَ بيهوش ٿي ڪري پيئي. سندس سمورو جسم زهر جي ڪري نيرو ٿي ويو. راڻي ٽهڪ ڏيندي پنهنجي مَحل ڏانهن واپس هلي وئي. اچي آرسيءَ کان ساڳيو سوال ڪيائين، پر هن جو وري به ساڳيو جواب ٻڌي تپي باهه ٿي وئي.

هن دفعي راڻيءَ نئون ويس پاتو ۽ وارن جي ڦڻيءَ کي زهر ۾ ٻوڙي، ڄامڙن جي جهوپڙيءَ تائين وڃي پهتي ۽ هوڪو ڏيڻ لڳي: ”ڀلا ڪنگا، سَستا ڪنگا“. هن دفعي برف شهزاديءَ اهو پڪو پهه ڪيو هو ته هوءَ ڪنهن کي به اندر اچڻ نه ڏيندي. ويس مٽايل راڻيءَ چيو ته ”ڀلي تون مون کي اندر اچڻ نه ڏي، پر ڏس ته تنهنجا وار ڪيڏا خراب ٿي ويا آهن، تون هيءَ ڦڻي وٺ ۽ وارن کي سنوار“. برف شهزاديءَ ڦڻي ورتي ۽ جيئن هن ان کي وارن ۾ وڌو ته ان جي زهر پنهنجو اثر ڏيکاريو ۽ برف شهزادي وري به بيهوش ٿي وئي.

جڏهن گهر وڃي راڻي آرسيءَ کان اچي ساڳيو سوال ڪيو ته:

آرسي ڙي آرسي تُون مُون کي سَچي ٻُڌاءِ

ڪو آهي دنيا ۾، سُهڻو وڌيڪ مُون کان سواءِ!

آرسيءَ جو ڪو به  جواب نه ٻڌي راڻيءَ جو هينئون ٺري ويو ۽ کيس هاڻي پڪ ٿي ته برف شهزادي مري چڪي آهي.

پر برف شهزادي اڃا مُئي نه هئي، زهر جي ڪري بيهوش ٿي وئي هئي. جڏهن ڄامڙا گهر آيا، ته کين برف شهزادي بيهوشيءَ جي حالت ۾ ملي. سندس اڇو جسم زهر ۾ نيرو ٿي ويو هو. ڄامڙن به اهوسمجهيو ته برف شهزادي هاڻي مري چڪي آهي، سو اهي کيس هڪڙي تابوت ۾ وجهي دفنائڻ پئي ويا. اوچتو جهنگ ۾ هڪڙي شهزادي جو گذر ٿيو، تنهن جو ڏٺو ته ست ڄامڙا تابوت کڻيو پيا وڃن، ته کيس شڪ ٿيو. هن پنهنجي سپاهين کي سندن پيڇو ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ڄامڙن ڏٺو ته سپاهي سندن پويان آهن، ته اهي به تيزيءَ سان ڀڄڻ لڳا. ڀڄڻ دوران هڪڙي ڄامڙي جو پير ٿاٻڙجي پيو ۽ هُو ڪري پيو. هڪڙي ڄامڙي جي ڪرڻ سان ٻيا ڄامڙا به ڪِري پيا. سندن هٿن مان تابُوت به ڪري پيو. تابُوت جي ڪرڻ سان برف شهزاديءَ کي جهٽڪو اچي ويو ۽ سندس بُت جو سمورو زهر هڪڙي الٽيءَ ۾ نڪري ويو ۽ هڪ دفعو وري هوءَ برف جهڙي سفيد ٿي وئي. هوڏانهن شهزادو ۽ سندس سپاهي به اچي پهتا. شهزادي جو برف شهزاديءَ کي ڏٺو ته سندس اکيون کيريون ٿي ويون. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙي خوبصورت ڇوڪري نه ڏٺي هئي. برف شهزاديءَ کيس پنهنجو سمورو قصو ٻڌايو. شهزادي برف شهزاديءَ کي پاڻ سان گڏ هلڻ ۽ شادي ڪرڻ لاءِ چيو.  هوءَ به شهزادي کان متاثر ٿي چڪي هئي ۽ ’ها‘ کڻي ڪيائين. ائين برف شهزادي ۽ شهزادو پنهنجي ملڪ اچي پهتا. شهزادي جا پيءُ ماءُ بادشاهه ۽ راڻي به برف شهزاديءَ کي ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ وڏي ڌام ڌوم سان ٻنهي جي شادي ڪرايائون.

انهيءَ شاديءَ ۾ برف شهزاديءَ جي ماٽيلي ماءُ کي به دعوت ملي، سا به تيار ٿيڻ لڳي. تيار ٿي هن آرسيءَ اڳيان ساڳيو سوال ڪيو، پرآرسيءَ وراڻيو ته:

راڻي ڙي راڻي، سَچ ٻُڌڻ لاءِ ٿيءُ تيار،

دنيا ۾ سَڀ کان سُهڻي اٿئي، شهزادي جي ڪنوار!

راڻيءَ کي اهو جواب ٻڌي اعتبار نه آيو ۽ هن جادوءَ جي آرسيءَ کي شهزادي جي ڪنوار ڏيکارڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن جادوءَ جي آرسيءَ ۾ شهزادي جي ڪُنوار جو عڪس آيو ته اها ڪا ٻي نه، پر برف شهزادي ئي هئي. راڻيءَ جو ڏٺو ته برف شهزادي مُئي ناهي ۽ اڳي کان وڌيڪ سهڻي ٿي پئي آهي ته کيس حسد وچان سخت صدمو رسيو. نتيجي ۾ ذهني دٻاءَ سبب سندس دماغ جي رڳ ڦاٽي پيئي ۽ راڻي مري وئي. هوڏانهن برف شهزادي ۽ شهزادو وڏي ڌام ڌوم سان پرڻيا ۽ ٻئي گڏجي خوش رهڻ لڳا.

 

ڏکيا لفظ

 

ڄامڙا

ننڍي قد وارا ماڻهو

 

هوڪو

وڏي آواز سان ڪا شيءِ وڪڻڻ

وارتا

کيريون

 

ٿيل واقعن جو احوال

ڪا عجيب يا وڻندڙ شيءِ ڏسي حيراني ٿيڻ

 

پنڊ پهڻ

 

هاڪ

هڪ جڳهه تي ڄمي بيهڻ،

پٿر ٿي وڃڻ

مشهوري

دغا

دوکو