برف شهزادي

ڪتاب جو نالو برف شهزادي
ليکڪ منوج ڪمار
سنڌيڪار / ترتيب منوج ڪمار
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-32-1
قيمت 50    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     509974   ڀيرا پڙهيو ويو

سُڃو سپاهي


هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته هڪ سپاهي جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي گهر وڃي رهيو هو. سندس چيلهه سان تلوار ٻڌل هئي ۽ ڪلهي تي سامان رکيل هو. جيتوڻيڪ سپاهي جنگ ۾ ڏاڍي بهادريءَ سان وڙهيو هو، پر موٽ ۾ کيس ڪجهه به نه مليو هو ۽ هو صفا سُڃو هو. انهيءَ ڪري هو ڪنهن سواريءَ تي چڙهڻ بدران پنڌ ئي پنڌ پنهنجي گهر لاءِ روانو ٿيو هو. پنڌ ڪندي ڪندي، کيس هڪ جهنگ ۾ رات پئجي وئي. سپاهي پنهنجو سامان رکي آرام ڪرڻ واروئي هو ته هڪڙي پوڙهي ڏائڻ اچي، هن جي سامهون بيٺي. ڏائڻ سُڃي سپاهيءَ کي چيو:

”مون کي خبر آهي ته تو وٽ ڪجهه به نه آهي، آءٌ تنهنجي مدد ڪرڻ چاهيان ٿي، هي سامهون جيڪو کوهه ڏسين پيو، انهيءَ ۾ خزانو آهي، آءٌ تنهنجيءَ چيلهه ۾ رسو ٻڌي ٿي ڇڏيان ۽ تون انهيءَ وسيلي انهيءَ کوهه ۾ هيٺ لهي وڃ. جڏهن تون کوهه جي تري ۾ پهچندين ته اُتي توکي هڪڙي ڪوٺي نظر ايندي. اُن ڪوٺيءَ ۾ توکي تمام گهڻو سون ملندو. اُن سون جي رکوالي هڪڙو ٻن مُنهَن وارو جنڙو ڪندو آهي، آءٌ توکي ان ٻه مُنهين جنڙي کي قابو ڪرڻ لاءِ هڪ جادوئي چادر ڏيان ٿي. جيئن ئي اهو ٻِه مُنهو جِنڙو توکي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪري ته تون هيءَ جادوئي چادر سندس مٿان اُڇلي وجهجان ته اُن ۾ هو قابو ٿي ويندو، پوءِ تون جيترو سون کڻي سگهين، کڻي وٺجانءِ. سون کڻڻ کان پوءِ تون رڳو رسيءَ کي ڇِڪَ ڏجانءِ ته آءٌ توکي مٿي ڇڪي وٺنديس“.

اها ڳالهه ٻُڌي سُڃي سپاهيءَ چيو:

”تون هڪ ڏائڻ آهين ۽ تون بنا مطلب جي ڪنهن جي مدد نه ٿي ڪري سگهين. تنهنجي انهيءَ مدد ڪرڻ پويان ڪهڙو مطلب آهي؟“

اُن تي پوڙهي ڏائڻ چيو:

”سچ ٿو چئين ابا! بنا مطلب ڪير ٿوڪنهن جي مدد ڪري. اُن سون جي خزاني واري ڪوٺيءَ ۾ هڪڙي ننڍڙي ڪاٺ جي پيتي پيل آهي، جيڪا پيتي منهنجي ڏاڏي هيٺ وساري آئي هئي. اها پيتي منهنجن وڏڙن جي نشاني آهي. بس تون رڳو مون کي اها پُراڻي ننڍڙي ڪاٺ جي پيتي آڻي ڏجان“.

سُڃي سپاهيءَ ڏٺو ته ڪم ته خطري وارو آهي ۽ ٻه مُنهون جنڙو کيس ماري به سگهي ٿو، پر پوءِ به ڪوشش ڪرڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي. جيڪڏهن سون ملي پيو ته ٻيڙا ئي پار. سو هن پوڙهيءَ ڏائڻ کي چيو ته آءٌ اندر کوهه ۾ وڃڻ لاءِ تيار آهيان. پوڙهي ڏائڻ کيس جادوئي چادر ۽ هڪ رسو ڏنو. سُڃي سپاهيءَ اها چادر هٿ ۾ کنئي ۽ رسو چيلهه سان ٻڌي آهستي آهستي هيٺ کُوهه ۾ لهي ويو. کُوهه به ڏاڍو اونهو هو. هُو هيٺ لهندو ويو،لهندو ويو، نيٺ کوهه جو تَرو آيو. اُتي هن ڏٺو ته واقعي هڪڙي ڪوٺي آهي، جتان روشني اچي رهي آهي. سپاهي آهستي آهستي قدم کڻندو ڪوٺيءَ ۾ ويو ۽ ڇا ڏسي ته سڄي ڪوٺي سونن سِڪن سان ڀري پئي آهي ۽ اتي ئي ڪنڊ ۾ هڪ ٻن مُنهَن وارو جنڙو به سُتو پيو آهي. جيئن ئي سپاهي اندر داخل ٿيو ته سندس پير وڃي سون جي سِڪن کي لڳا. آواز تي ٻن مُنهَن وارو جِنڙو جاڳي پيو. ان جو ڏٺو ته هڪڙو انسان آيو آهي، سو هڪدم کيس کائڻ لاءِ لُوهَه پاتائين. پر سپاهيءَ وٽ جادوءَ جي چادر هئي، تنهن ڏاڍي ڦڙتيءَ سان اها چادر جنڙي جي ٻنهي منهن تي کڻي اُڇلي وڌي. ڏسندي ئي ڏسندي اها چادر هن کي وڪوڙي وئي ۽ هو انهيءَ ۾ قابو ٿي ويو. سپاهيءَ سونن سِڪن سان پنهنجا کيسا ڀريا، ٽوپي ڀري ۽ جيترو سون کڻي سگهيو، سو کنيائين. سپاهيءَ کي ڪنڊ ۾ هڪڙي پراڻي پيتي به نظر آئي. هن کي پوڙهي ڏائڻ جي ڳالهه ياد آئي، سو هن اها پيتي به کنئي ۽ ٻاهر نڪرڻ لاءِ رسيءَ کي ڇِڪ ڏنائين. کوهه جي ڪَپَ تي بيٺل ڏائڻ کيس مٿي ڇڪي ورتو. ڏائڻ کانئس پهرين اها پيتي وٺڻ جي ڪئي. سپاهيءَ کي محسوس ٿيو ته ان پيتيءَ ۾ ضرور ڪو راز آهي، سو سپاهيءَ ڏائڻ کي چيو ته ”جيسين تون اهو نه ٻڌائيندينءَ ته هن پيتيءَ جو راز ڪهڙو آهي، تيسين هيءَ  پيتي ڪو نه ڏيندس“. ڏائڻ ڏٺوته سپاهي متان کيس پيتي نه ڏئي، سوکيس مارڻ لاءِ ڏانهس ڊوڙي،پر سپاهي ڏاڍو ڦُڙِتُ هو. هُن تيزيءَ سان پنهنجي تلوارهلائي ڏائڻ جي سسي وڍي ورتي ۽ پوءِ سون ۽ پيتي کڻي اڳتي روانو ٿيو. هلندو رهيو، هَلندو رهيو، نيٺ اچي شهر مان نڪتو.

هاڻي سپاهي، سُڃو نه رهيو هو. وٽس تمام گهڻي دولت هئي. هن کوهه مان مليل سون جي سِڪن مان ڀلا ڀلا ڪپڙا ورتا ۽ روزانو بَگِيءَ ۾ سوار ٿي شهر جو چڪر هڻندوهو. ماڻهن جو ڏٺو ته هيءُ ڪو ڏاڍو امير ماڻهو آهي، سي به وٽس اچي گڏ ٿيا. ائين اُهو سپاهي وڏيون وڏيون دعوتون ڪرڻ لڳو ۽ ماڻهن ۾ ڏاڍو مشهور ٿي ويو. انهن دعوتن ۾ ماڻهن سپاهيءَ کي ٻُڌايو ته هن ملڪ جي بادشاهه کي هڪ خوبصورت ڌيءَ به آهي. سپاهيءَ کي اُن خوبصورت شهزاديءَ کي ڏسڻ جو شوق جاڳيو. ان تي ماڻهن کيس ٻڌايو ته بادشاهه اُن خوبصورت شهزاديءَ کي ڪنهن نامعلوم جڳهه تي لڪائي ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته هڪڙي نجوميءَ اڳڪٿي ڪئي آهي ته انهيءَ خوبصورت شهزاديءَ جي شادي هڪڙي سُڃي سپاهيءَ سان ٿيندي، اُن ڪري  بادشاهه پئي چاهيو ته ڪوبه ماڻهو شهزاديءَ کي ڏسي يا ساڻس ملي.

خير وقت گذرندو ويو، انهن دعوتن ۽ فضول خرچين ۾ سپاهيءَ وٽ موجود سون جا سڀ سڪا ختم ٿي ويا ۽ هڪ ڀيرو وري هو سُڃو بڻجي ويو. هن جي سُڃي ٿيڻ سان، اڳي جيڪي ماڻهو سندس چوڌاري موجود هئا، سي به آهستي آهستي ڀڄي ويا ۽ سپاهي هڪ دفعو وري اڪيلوٿي ويو.

هڪ ڏينهن هو پنهنجي ڪمري ۾ اڪيلو ويٺو هو. وٽس کائڻ لاءِ ڪجهه نه هو. هن کي ويٺي ويٺي ڪاٺ جي اُن ننڍڙي پيتيءَ جو خيال آيو، جيڪا هن ڏائڻ جي چوڻ تي کوهه مان ڪڍي هئي. هُو اها پيتي کڻي آيو ۽ اُن کي کوليائين ته اندر هڪڙي ميڻ بتي ۽ ماچيس پيل هو. هن ماچيس سان ميڻ بتيءَ کي ٻاريو. ميڻ بتي روشن ڪرڻ سان سموري ڪمري ۾ واچوڙو اچي ويو. چؤطرف واءُ گهلڻ لڳو ۽ آواز اچڻ لڳا. جڏهن واچوڙو ختم ٿيو ته سپاهي اِهو ڏسي حيران ٿيو ته اُهو ٻن مُنهَن وارو جنڙو سندس سامهون بيٺو  هو. پهرين ته سپاهي کيس ڏسي ڊڄي ويو ته متان اهو ٻه مُنهون جنڙو کيس کائي نه وڃي. پر جن کيس چيو ته

”ڊڄ نه، ڇاڪاڻ ته آءٌ اُن جو غلام ٿي ويندو آهيان، جنهن وٽ اها پيتي هوندي آهي“.

سپاهيءَ کي هاڻي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ته ڏائڻ اها پيتي ڇو ٿي حاصل ڪرڻ گهري. جنڙي، سپاهيءَ کان پڇيو ته هاڻي ڪهڙو حڪم آهي. سپاهيءَ کيس چيو:

”پهرين ته مون کي بُک لڳي آهي، تنهنڪري منهنجي لاءِ مانيءَ جو بندوبست  ڪر“.

اڃا سپاهيءَ ڳالهه ئي مس ڪئي ته ٻن مُنهن واري جِنڙي سندس اڳيان طرح طرح جا لذيذ طعام آڻي رکيا. سپاهيءَ ڍؤ ڪري ماني کاڌي. ٻن منهن واري جِنَڙي وري پڇيو:

”ڪو ٻيو حڪم آهي آقا“

سپاهيءَ وراڻيو: ”جيئن ته آءٌ سُڃو ٿي ويو آهيان، تنهنڪري تون مون لاءِ دولت جو انتظام ڪر“.

اڃا سپاهيءَ ڳالهه ئي مس ڪئي ته ٻن مُنهَن واري جنڙي هن لاءِ سون جي سڪن جا ڍير لڳائي ڇڏيا. ٻن منهن واري جنڙي هڪ ڀيرو وري به کيس چيو ته ٻيو ڪو حڪم. پر سپاهيءَ کيس چيو ته في الحال ٻيو ڪجهه نه گهرجي. اهو ٻڌندي ئي ٻن مُنهن وارو جنڙو غائب ٿي ويو. سُڃي سپاهيءَ وٽ هڪ دفعو وري دولت اچي وئي ۽ وٽس وري به ماڻهن جا ميلا مچڻ لڳا. کيس جڏهن به ڪنهن شيءِ جي ضرورت پوندي هئي، هو ڪاٺ جي پيتيءَ ۾ رکيل ميڻ بتي ٻاريندو هو ۽ ٻن مُنهَن وارو جنڙو اچي حاضر ٿيندو هو.

هڪ ڏينهن سپاهيءَ کي دل ۾ خيال آيو ته شهزاديءَ جي سونهن جي وڏي هاڪَ آهي، سو ڇونه شهزاديءَ کي ڏسجي. هن ميڻ بتي ٻاري ۽ ٻن منهن وارو جنڙو اچي حاضر ٿيو. سپاهيءَ کيس حڪم ڪيو ته هو مَحل مان شهزاديءَ کي کڻي اچي. اڃا سندس وات مان جملو مس نڪتو ته جنڙو محل ڏانهن هليو ويو ۽ اُتان ستل شهزاديءَ کي کڻي آيو. سپاهي شهزاديءَ کي ڏسي اچرج ۾ اچي ويو. شهزاديءَ جي به اوچتو اک کلي ۽ هن پنهنجو پاڻ کي ڪنهن ٻي جڳهه تي ۽ ٻن مُنهَن واري جنڙي کي ڏٺوته پريشان ٿي وئي. پر سپاهيءَ کيس آٿت ڏني ته هو ساڻس فقط ڪچهري ڪرڻ ٿو چاهي. ائين هو ڪچهري ڪرڻ لڳا. جڏهن سج نڪرڻ جو وقت ٿيو ته سپاهيءَ جنڙي کي حڪم ڪيو ته شهزاديءَ کي سندس محل ۾ ڇڏي اچي. جنڙي حڪم جي پوئواري ڪندي، شهزاديءَ کي واپس ڇڏي آيو.

ٻئي ڏينهن صبح جو شهزاديءَ بادشاهه ۽ راڻيءَ کي سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي. بادشاهه چيو ته جيڪڏهن هاڻي وري ائين ٿيو ته هو ضرور ڪو نه ڪو قدم کڻندا. بادشاهه شهزاديءَ جي چيلهه سان هڪڙي ڳوٿري ٻَڌي ڇڏي،جنهن ۾ هن چانورن جا داڻا وجهي ڇڏيا ۽ انهيءَ ڳوٿريءَ ۾ سوراخ ڪري ڇڏيو. هوڏانهن سپاهيءَ کي وري شهزاديءَ جي اچي سِڪ لڳي ۽ هن جنڙي کي حڪم ڪيو ته شهزاديءَ کي کڻي اچي. جنڙو محل ۾ ويو ۽ شهزاديءَ کي پنهنجي هٿن تي کڻي اڏامندو اچي سپاهيءَ وٽ پهتو. پر جڏهن هو اڏاميو پئي ته شهزاديءَ جي چيلهه سان ٻڌل ڳوٿريءَ مان داڻا هيٺ پئي ڪريا، جيڪي سموري رستي تي پکڙجي ويا. وري جڏهن صبح جو جنڙو شهزاديءَ کي ڇڏڻ ويو ته وري اهي داڻا رستي تي ڪرندا رهيا. صبح جو بادشاهه پنهنجي سپاهين کي حڪم ڪيوته انهن چانورن جي داڻن جي نشانيءَ تي هليا وڃن  ۽ ان ماڻهوءَ کي پڪڙي اچن، جنهن جي گهر تائين هي داڻا وڃي دنگ ٿا ڪن. سپاهي ويا ۽ انهيءَ رستي تان هلندا وڃي سپاهيءَ جي گهر جي در تائين پهتا. سپاهي سموري رات جو جاڳيل هو، انڪري ستو پيو هو. سو بادشاهه جا سپاهي زوريءَ گهر ۾ داخل ٿي کيس ستل حالت ۾ ئي کڻي آيا. سپاهيءَ کي ته اها جادوئي ميڻ بتي کڻي اچڻ جو به موقعو نه مليو. سپاهين کيس اچي بادشاهه جي درٻار ۾ پيش ڪيو، جتي شهزاديءَ به کيس سڃاتو. بادشاهه حڪم ڏنو ته سپاهيءَ کي ڦاسيءَ تي چاڙهيو وڃي. شهزاديءَ کي سپاهيءَ تي رحم آيو، ڇاڪاڻ ته ٻنهي راتين ۾ سپاهيءَ ساڻس ڏاڍو سٺو سلوڪ ڪيو هو ۽ هوءَ به کيس پسند ڪرڻ لڳي هئي. پر شهزادي، بادشاهه جي حڪم اڳيان مجبور هئي. انهيءَ رات جيل ۾ شهزادي سپاهيءَ سان لڪي ملڻ وئي ۽ پڇيائينس ته ”آءٌ تو لاءِ ڇا ٿي ڪري سگهان. سپاهيءَ کيس چيو ته هوءَ جيڪڏهن ڪيئن به ڪري اها پيتي کيس پهچائيندي، جنهن ۾ ميڻ بتي ۽ ماچيس پيل آهي، ته سندس جان بچي ويندي. پر اهو ڪم جلدي ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ٿوريءَ ئي دير ۾ سج نڪرڻ واروآهي. سج نڪرڻ کان پوءِ ترت کيس ڦاسي ڏني ويندي.

شهزادي هِڪدم محل ۾ وئي ۽ پنهنجي ڀروسي واري نوڪرياڻيءَ کي چيائين ته هوءَ سپاهيءَ جي گهر وڃي اها ميڻ بتيءَ واري پيتي کڻي اچي. نوڪرياڻي ڊوڙندي وئي ۽ اها پيتي کڻي اچي شهزاديءَ کي ڏنائين. شهزاديءَ وري محل جي هڪ چوڪيدار کي انعام جي لالچ ڏئي اها پيتي سپاهيءَ تائين پهچائي. سپاهيءَ وٽ پيتي ته پهتي، پر ان وقت تائين سج نڪري چڪو هو ۽ بادشاهه جا سپاهي کيس ڦاسي ڏيڻ لاءِ وٺي ويا. اتي بادشاهه به موجود هو. ڦاسي ڏيڻ وقت سپاهيءَ کان پڇيائون ته ”تنهنجي آخري خواهش ڪهڙي آهي“. سپاهيءَ چيو ته ”اڄ منهنجي سالگرهه آهي ۽ آءٌ ڪيڪ تي ميڻ بتي ٻاري، ان کي ڦوڪ ڏئي پنهنجي سالگرهه ملهائڻ ٿو چاهيان. سپاهين چيو ته هن وقت ڪيڪ ۽ ميڻ بتيءَ جو ڪٿان انتظام ٿيندو. ان تي سڃي سپاهيءَ چيو ته جيڪڏهن ڪيڪ جو انتظام نه ٿو ٿئي ته خير آهي، پر سندس جيل جي ڪوٺڙيءَ ۾ هڪڙي پيتي پئي آهي، جنهن ۾ هڪڙي پراڻي ميڻ بتي ۽ ماچيس پيل آهي، اها کڻي اچو. بادشاهه به ڏٺو ته اها هڪڙي بي خطر خواهش آهي، سو اهڙي اجازت ڏنائين. جيئن ئي اها ميڻ بتي آئي ۽ سپاهيءَ اها ميڻ بتي ٻاري ته ٻن مُنهَن وارو جنڙو اچي حاضر ٿيو. سڃي سپاهيءَ کيس حڪم ڪيو ته هو کيس آزاد ڪري ۽ بادشاهه کي پڪڙي اچي ڦاسيءَ جي ڦندي تي پهچائي. جنڙي ائين ئي ڪيو، جيئن سپاهيءَ بادشاهه کي ڦاسي ڏيڻ جو حڪم ڪيو ته اهو ڦاسيءَ جي ڊپ کان ڏڪڻ لڳو. هن سڃي سپاهيءَ کي منٿ ڪئي ته جيڪڏهن تون مون کي جيئدان ڏيندين ته آءٌ توکي پنهنجي بادشاهت ۽ شهزاديءَ جو سڱ ڏيندس. سپاهيءَ جنڙي کي حڪم ڪيو ته بادشاهه کي ڇڏي ڏي. بادشاهه وعدي مطابق سپاهيءَ جي شهزاديءَ سان شادي به ڪرائي ۽ کيس پنهنجي بادشاهت به ڏني ۽ پاڻ گوشه نشين ٿي ويو. ائين اهو سُڃو سپاهي ۽ شهزادي خوش ٿي مُلڪ تي حڪومت ڪرڻ لڳا.

ٻارو! هن آکاڻيءَ مان معلوم ٿيو ته ڪنهن سان چڱائي يا سُٺو سلوڪ ڪرڻ ڪيڏو نه نيڪ عمل آهي. سُڃي سپاهيءَ جن ذريعي گُهرايل شهزاديءَ سان سُٺو سلوڪ ڪيو ته ڏکئي وقت ۾ هوءَ کيس ڪم آئي. اُن نيڪيءَ اڳتي هلي کيس بادشاهه بنائي ڇڏيو.

 

 

ڏکيا لفظ

 

سڃو

مال ملڪيت کان خالي

 

واچوڙو

تيز گول ڦرندڙ هوا

لُوهه

ڊپ يا ڪاوڙ ۾ تکي ڊوڙ

 

طعام

کاڌا

ڦڙت

جسماني طرح چست يا ڦرڻو

 

دنگ ڪرڻ

ختم ٿيڻ

هاڪ

مشهوري

 

ستت

جلدي

بَگي

گهوڙي گاڏي

 

گوشه نشين

دنيا ڇڏي ڏيڻ