شـاهه جو راڳ (جلد پهريون)

ڪتاب جو نالو شـاهه جو راڳ (جلد پهريون)
ليکڪ اُستاد امير علي خان
سنڌيڪار / ترتيب پير بهاءُ الدين ’بها‘ سرهندي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-051-7
قيمت 800    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (530) PDF  E-Pub
انگ اکر

15 November 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     37985   ڀيرا پڙهيو ويو

شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي حياتي جو مختصر احوال


 

سنڌ ڌرتيءَ جو رهنما ولي صفت بزرگ الحامي ٻولي جي وسيلي قرآن پاڪ جي آيتن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪندڙ آل رسول ۽ 22 پشت ۾ حضرت اعليٰ مقام امام موسيٰ ڪاظم جي اولاد حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه عليه پهرين رجب  1102هجري بمطابق 1689-1690ع ۾ ضلعي حيدرآباد جي تعلقي هالا حويلي ۾ سيد حبيب الله شاهه جي گهر ۾ ڄائو هو. سندس جنم کان پوءِ جلد ئي سيد حبيب شاهه هالا حويلي ڇڏي وڃي ڪوٽڙي وسائي. ڪوٽڙي هالا حويلي ڀٽ کان 9 ڪوهه پري ۽ ڪوٽڙي ڀٽ کان 2 ڪوه پري هُئي، جنهن گهر ۾ شاهه لطيف جو جنم ٿيو هو، اُتي پوءِ لؤنگ نالي هڪ لطيفي فقير مسجد ٺهرائي هئي، جا اڃا تائين نصيرواه جي ڪپ تي قائم آهي.

شاهه سائين تاڃيءَ پيٽي سيدزادو آهي. سندس ابا ڏاڏا هرات ۾ رهندا هئا. اُنهن مان سيد مير حيدر شاهه سفر سانگي اچي هالن نڪتو. اُتي سندس شادي شاهه محمد هالي جي نياڻيءَ سان ٿي. شاديءَ کان پوءِ بيبي فاطمه جو نالو بيبي سلطانه رکيو ويو. مير حيدر شاهه کي مير علي نالي فرزند پيدا ٿيو. شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو مير علي جي خاندان مان هو. شاهه عبداللطيف سيد حبيب شاهه جو پٽ عبدالقدوس شاهه جو پوٽو ۽ سيد جمال شاهه جو پڙ پوٽو هو ۽ شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو تڙپوٽو  هو.

روايت آهي ته شاهه صاحب کي تعليم سانگي وائي واري آخوند ميان نور محمد ڀٽي وٽ موڪليو ويو. وائي جو ڳوٺ ڀٽ کان 6 ڪوهه پري هو. ”تحفة الڪرام“ ۾ ڄاڻايل آهي ته شاهه صاحب اَمي (اڻ پڙهيل) هو، پر ساري عالم جو علم سندس دل جي تختي تي لکيل هو. تحفة الڪرام مير علي شير قانع ٺٽوي جو 1181هجري مطابق 1768 ۾ لکيل آهي. يعني شاهه سائين جي وفات کان صرف سورهن ورهيه پوءِ. شاهه سائين اُمي هو يا نه تنهن باري ۾ عالمن جا مختلف رايا آهن. ايترو ظاهر آهي ته مٿس علم لدني نازل ٿيل هو، جيڪو ڪامل ولين کي عطا ٿيندو آهي. ننڍي هوندي کان ئي شاهه سائين کي ايڪانت سان عشق هوندو هو. مجازي عشق جي ڪان لڳڻ کان پوءِ هرڻ ۽ هما وانگر صحرائن ۽ برپٽن ۾ سرگردان پيو ڦرندو هو. ڪوٽڙي جي مرزا مغل بيگ جنهن جو شاهه حبيب سائين تي وڏو اعتقاد هو. هو پاڻ ارغون هو ۽ سندس گهر ۾ سخت پردو هوندو هو. سندس گهر ۾ ڪو عليل ٿي پوندو هو ته هو شاهه حبيب الله کي عرض ڪري دُعا ڦيڻي لاءِ پاڻ سان وٺي ويندو هو. هڪ دفعي سندس نياڻي بيمار ٿي پئي ۽ هُن شاهه حبيب کي حويلي ۾ هلڻ لاءِ عرض ڪيو، پر حبيب شاهه پاڻ بي چاڪ هو، انهيءَ ڪري پنهنجي فرزند شاهه عبداللطيف کي اُتي وڃڻ جو امر فرمايائين. شاهه سائين ڇوڪريءَ جي حُسن کي ڏسندي ئي بي خود ٿي ويو ۽ بي خودي ۾ هي لفظ زبان سُخن مان نڪري ويا ”جنهن جي آڱر سيد هٿ ۾، تنهن کي لهر نه لوڏو.“ اهي لفظ مرزا مغل بيگ ۽ سندس عزيزن لاءِ برداشت ڪرڻ کان ٻاهر هئا. ٻاهران ته صبر اختيار ڪيائون، پر اندران اهڙي روش ورتائون جو سيدن کي مجبور ٿي ڪوٽڙي ڇڏڻي پيئي. هو پوءِ اُتر طرف ڪجهه مفاصلو پري وڃي ڌار حويلي اڏي ويٺا.

چون ٿا ته هڪ دفعي عشق جي غلبي هيٺ شاهه تي ڏينهن سانده هڪ هنڌ غش ئي غش پيو هو ۽ مٿس واري جا تهه چڙهي ويا. واريءَ وچان رڳو هڪ ڪپڙي جو پاند ظاهر هو، اِها خبر هڪ پنوهار وڃي شاهه حبيب الله کي ٻڌائي. شاهه حبيب الله اچي اُتي نڪتو ۽ نهايت دردانگيز نوع ۾ چيائين:

لڳي لڳي واءُ، ويا انگڙا لٽجي

اِنهيءَ تي شاهه لطيف سائين محويت جي حالت ۾ چيو:

پيئي کڻي پساهه، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي.

هڪ ڏينهن شاهه سائين اوچتو مائٽن کي چِتائڻ بنا جوڳين ۽ سناسين جي صحبت ۾ سفر لاءِ نڪري ويو ۽ سندن سُنگ ۾ گهڻيئي ملڪ جي بي بها روحاني توڙي جهاني تجربا پرايائين. شاهه سائين جوڳين سان گنجي ٽڪر جي رستي هنگلاج جي ياترا تي ويو هو. سسئي جا سفر خود شاهه جا سفر آهن.

سندس ڪلام ۾ ٿرن، برن، ڏونگرن ۽ جهنگلن جا اکين ڏٺا احوال آيل آهن. رسالي ۾ لکپت، گرنار، کنڀات ۽ پوربندر، هالار ۽ جهُوناڳڙهه دوارڪا، هنگلاج گنجي ۾ هاڙهي، پٻ ۽ حب ندي واري وندر وڻڪار، لسٻيلي، لاهوت لامڪان، جيسلمير ۽ ٿر، ڪابل ۽ قلات وغيره جو ذڪر ٿو اچي. مومل، نوريءَ جون ماڙيون، مارئي ۽ سسئي جا آستان، توڙي راءِ ڏياچ، سپڙ سخي جا مڪان اکين سان ڏٺا هئائين. ٽن ورهين جي سفر کانپوءِ هڪ ڏينهن اوچتو شاهه سائين اچي پنهنجي گهر سهڙيو. شاهه حبيب جي خوشيءَ جي حد نه رهي. ستت ئي پوءِ هڪ عجيب واقعي ڪري شاهه سائين جي شادي مرزا مغل بيگ جي ئي نياڻي سيده (سده) بيگم سان ٿي.

اهو واقعو هيئن آهي ته هڪ ڏينهن دَل ذات جا ڪي ماڻهو، مردن جي غير حاضري ۾ مرزا مغل بيگ جي گهر ۾ ڪاهي پيا ۽ سارو قيمتي اسباب کڻي رمندا رهيا. پوءِ مغل ڌاڙيلن جي ڪڍ لڳا ۽ ويڙهه ۾ مرزا مغل بيگ پنهنجن ساٿين سميت مارجي ويو. اهو واقعو 1703ع ۾ ٿيو. جڏهن شاهه سائين جي ڄمار 22 ورهين جي هئي. مغلن جي زالن سيدن جي رنج مِٽائڻ لاءِ کانئن معافي ورتي ۽ اهڙي طرح مرزا مغل بيگ جي نياڻي جي شادي شاهه لطيف سائين سان ڪرائي وئي. بيبي صاحبه هڪ نهايت نيڪ ۽ سُلڇڻي عورت هئي. هو پاڻ سان پنهنجو ننڍو ڀاءُ گُلو وٺي آئي هئي، جيڪو پوءِ جلد گُذر ڪري ويو.

شاهه صاحب کي اولاد ڪونه ٿيو. شاهه سائين جا مريد ادب وچان بيبي صاحبه کي ”تاج المخدرات“ يعني ستين جو ڇٽ ڪري سڏيندا هئا. سفر جي دورن ۾ شاهه سائين ڪڙا (ڪراڙ) ڍنڍ جي ويجهو هڪ واريءَ جو دڙو جاچي ڇڏيو هو، جو سندس نظر ۾ هڪ آدرشي آستان هو. چون ٿا ته هڪ دفعو شاهه عبدالڪريم هالن ڏانهن ويندي، اُتي اچي نماز پڻ ادا ڪئي هئي ۽ پيشنگوئي ڪئي هئائين ته اسان جي اولاد مان هڪ وڏو ولي شاعر جي روپ ۾ هِتي آستان وسائيندو. شاديءَ کان جلد ئي پوءِ شاهه صاحب وڏا ڪشالا ڪري ان دڙي کي ”ڀٽ“ جي  صورت ڏني.

شاهه سائين پنهنجن فقيرن سان ڀٽ جي اڏاوت ۾ ئي لڳل هو ته جلد ئي کيس پنهنجي والد جي نازڪ حالت جو پيغام پهتو. شاهه صاحب بروقت روانو ٿيو، پر سندس پهچڻ کان اڳ ۾ ئي شاهه حبيب الله دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. سندس والد جي وفات دل کي نهايت گهڻو صدمو رسايو. شاهه حبيب الله 1155هجري، بمطابق 1742ع ۾ هي جهان ڇڏيو. چيو وڃي ٿو ته حبيب شاهه جي وفات کان 10 سال اڳ ۾ سندن اهليه. بيبي تاج المخدرات به سندس ئي هٿن ۾ وڃي سرهي ٿي. خلق شاهه سائين جي پٺيان حيران. اهو حال ڏسي وقت جو حاڪم نور محمد ڪلهوڙو 1719- 1754 هالن واري مخدوم نوح جا پويان ۽ مٽيارين وارا اَجناڻي سيد حسد وچان نفاق رکڻ لڳا. اهڙي طرح ميان نور محمد ته کيس صفحهء هستي تان ميسارڻ جون به ڪوششون ورتيون، مثلاً جڏهن شاهه صاحب، شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي مقبري جوڙائڻ جي ارادي سان ملتان مان ڪاشيءَ جون سرون کڻائي خداآباد پهتو. تڏهن ميان نور محمد کيس معجون جي دٻلي نذراني طور ڏياري موڪلي. معجون ۾ قاتل زهر ملايل هو. شاهه صاحب دٻلي وٺي بروقت دريا ۾ داخل ڪري ڇڏي ۽  فرمايائين ته ڀل سارو عميق هن معجون جو فيض وٺي.

ٻئي دفعي وري نور محمد ڪلهوڙي دعوت ڏئي، سونن سنجن سان سنجيل هڪ سرڪش گهوڙي کيس تحفي طور ڏني. شاهه سائين لغام پري اُڇلي، گهوڙي تي چڙهي طوفان جيئان اُتان غائب ٿي ويو ۽ ٿوري وقت کانپوءِ صحيح سلامت وري اُتي اچي ظاهر ٿيو ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙو انهيءَ تي نهايت پشيمان ٿيو ۽ دشمن مان ڦري عقيدت مند ۽ معتقد ٿيو، پوءِ ميان غلام شاهه ڪلهوڙو به شاهه جي دُعا سان ميان نور محمد کي ڄائو، جنهن جي نالي ۾ هڪ رنگ رکيل آهي.  غلام- شاهه- ڪلهوڙو، يعني (شاهه جو غلام ڪلهوڙو) شاهه سائين ملتان مان اچي شاهه عبدالڪريم جو قبو جوڙايو. تن ڏينهن ۾ بلڙي جو سجاده نشين مخدوم عبدالواسع هو. شاهه سائين هڪ سِر دروازي جي مٿان لڳرائي هئي، جنهن تي ’لطيف‘ لکيل هو. مخدوم عبدالواسع کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ اها سِر ڪڍائي ڇڏيائين. اها خبر شاهه سائين کي سيد محمد صلاح اچي سُڻائي جو شاهه ڪريم جي اولاد مان هو. لطيف سائين فرمايو عبدالواسع کي ائين مناسب نه هو. لطيف ته ڌڻي سائينءَ جو اسم آهي، جنهن جو مان ٻانهو (عبد) آهيان. چون ٿا ته عبدالواسع بنا اولاد جي وفات ڪري ويو. ان کان پوءِ گاديءَ جو وارث سيد محمد صلاح شاهه ٿيو ۽ اڄ تائين سندس اولاد جو سلسلو جاري ساري آهي. حياتيءَ جي پڇاڙيءَ ۾ شاهه سائين جي اندر ۾ ڪربلا مُعليٰ جي زيارت جي سِڪ اچي پيدا ٿي. انهيءَ خيال سان سنڀري سفر تي نڪتو، واٽ تي ونگ ولاس ۾ منزل ڪيائين، جتي سندس ڀائيٽي جي پُٽ سيد جمال شاهه استقبال ۽ خدمت جا حق نهايت سهڻي نموني بنجا آندا.

شاهه صاحب ڪڇ اورانگهي گجرات ۾ ٿي ويو. تن ڏينهن ۾ عراق ڏانهن ٻيڙا ويندا هئا. سيد جمال شاهه جي خاطرداري مان ڏاڍو خوش ٿيو. چون ٿا ته اشارو ڪيائين ته کانئس پوءِ هو ئي سجاده نشين ٿيڻو هو. شاهه سائين اُتان اڳتي وڌيو ته واٽ تي هڪ خدا رسيد ۽ مُريد گڏيس، جنهن چيس ته سائين اوهين فرمائيندا آهيو ته اوهان جو دفن ڀٽ تي ٿيندو ته پوءِ هينئر پڇاڙيءَ جي وقت ۾ ڪيئن هيڏي سفر تي نڪري پيا آهيو؟ اهي لفظ ٻُڌي شاهه صاحب ڀٽ ڏي واپس وريو ۽ ڪارا ڪپڙا ڪري، اِمامن جي ماتم ۾، سُر ڪيڏارو چيائين. پورا ايڪيهه ڏينهن حُجري ۾ ايڪانت ۾ رهيو ۽ انهيءَ سموري وقت ۾ ٻن ڏينهن جيترو کاڌو مس کاڌائين. پوءِ ٻاهر نڪري غصل ڪيائين ۽ هڪ چادر مٿان وجهي مراقبي ۾ ويهي رهيو. فقيرن کي سماع ۽ سرود جو اشارو فرمائين، برابر ٽي ڏينهن اهو رنگ هليو. راڳ آخر پورو ٿيو، فقيرن ويجهو وڃي ڏٺو ته شاهه صاحب جو روح مبارڪ وڃي حق سان واصل ٿيو هو.

شاهه صاحب سنه 11هجري مطابق 1752ع ۾ صفر مهيني جي 14 چوڏهين تاريخ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيو. چون ٿا ته غسل جو ڪم سندس اُستاد نور محمد ڀٽي جي فرزند ميان ولي محمد آخوند ادا ڪيو. شاهه سائين جي جسد مبارڪ کي وصيعت ۽ سندس ئي نشان ڪيل جاءِ تي محمود شاهه جي سيراندي کان دفن ڪيو ويو. شاهه جي وفات کان پوءِ سندس ڀائيٽي جو پُٽ سيد جمال شاهه گادي نشين ٿيو.