شـاهه جو راڳ (جلد پهريون)

ڪتاب جو نالو شـاهه جو راڳ (جلد پهريون)
ليکڪ اُستاد امير علي خان
سنڌيڪار / ترتيب پير بهاءُ الدين ’بها‘ سرهندي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-051-7
قيمت 800    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (530) PDF  E-Pub
انگ اکر

15 November 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     37987   ڀيرا پڙهيو ويو

تعارف


 

 

(الف) موسيقي

خداوند ڪريم جي خلقيل پوري رُوع زمين تي آباد مُلڪن ۾ رهندڙ سوين ٻولين جي ڳالهائيندڙن وٽ ڪنهن نه ڪنهن رُوپ ۾ علم موسيقي جو وجود ملي ٿو ۽ علم موسيقيءَ ۾ خاص ڪري لوڪ موسيقي اُنهن جي رهڻي سهڻي ۽ ثقافت کي اُجاگر ڪري ٿي.

پوري برصغير ۾ لکت وسيلي موسيقيءَ جو قانون رائج ڪرائڻ ۾ خاص ڪري. اسان جي پاڙيسري مُلڪ هِندُستان ۽ جرمن جي موسيقيءَ جو قانون رائج ٿيل آهي. پوءِ اهي چاهي آمريڪا جي شهرن جون گهٽيون هجن يا انگلينڊ هجي يا چاهي هُجي روس يا هُجي افغانستان يا ٿر هجي، پر جيڪڏهن راڳ ڀيرو ڳائبو ته اُنهيءَ کي ٺاٺ ڀيرو جي رُوپ ۾ ئي آلاپبو ۽  اِنهيءَ قانون کي نافذ ڪرائڻ لاءِ مختلف سنگيتن ۾ پڻ لکت وسيلي ڀيرو جي آلاپڻ جو رُوپ (شڪل) ملي ٿو. اهڙي طرح هرهڪ راڳ ۽ اُن جي آلاپڻ جو قاعدو هند جي مختلف علم موسيقيءَ جي ڇپيل سنگيتن ۾ لکت ۾ موجود هجڻ ڪري هند جي موسيقيءَ جو قاعدو ۽ قانون نافذ ٿي سگهيو آهي. هندستان کان سواءِ موسيقيءَ جي تفصيل ۽ راڳ بابت مُڪمل ڄاڻ ٻين ملڪن کي گهٽ آهي. سنڌ جي قديم تاريخ ۾ موسيقيءَ جي ماڙيچي گهراڻي  جي فرد جي حيثيت ۾ آءٌ ان تي قلم کڻي رهيو آهيان.

ڪنهن به مُلڪ جي سنگيت (نظام موسيقي) کي ڪو هڪ (1) يا ٻه (2) موسيقيءَ جا پارکو ٺاهيندڙ آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هڪ راڳيءَ کي بنيادي طرح هيٺين ڄاڻ حاصل هجي. ڌرتي جي سنگيت لاءِ علم موسيقيءَ جي هنن پنجن گڻن/ پنجن وصفن جي ڄاڻ اشد ضروري آهي.

(1) آلاپ:

هو ٻوليءَ جي پاڪيزه شاعريءَ جي راڳ جي چالي جي نوٽيشن سرگم وسيلي (Notation) ڪرڻ ۽ راڳ جي شِڪل کي سُڃاڻڻ ۾ مهارت رکندڙ هجي.

(2) ڳڻپ ڪار (گِڻتڪار)

کيس علم ابجد جي ڄاڻ هئڻ ضروري آهي، يعني ان کي تال اڌياءِ ماترائن کي هوا ۾ ڳنڍيون لڳائڻ ۽ ان عرصي ۾ کولڻ جي مهارت هُجي. تالن جي مڪمل ڄاڻ هُجي. مثلاً 16 ماترا ته معلومات هجي يعني هڪ 1 سَم جو 5 تي تاڙي 9 تي خالي معنيٰ 16 جو اڌ ۽ 13 تي تاڙي ڏيڻ جو پڻ علم هُجي. يعني 16 جا 4 گهر ٺاهبا. هرهڪ خاني ۾ 4، 4 ڏيڻ سان 16 مڪمل ٿيندا. هرهڪ تال ۾ هڪ 1 کي سَم چئبو آهي. يعني ڳڻپ اهڙي ريت ٺاهبي آهي.

 

4 = 1 + 3

8 = 5 = 3

- - -  سم

- - -  تاڙي

1.2.3.4

5.6.7.8

- - -  تاڙي

- - -  تاڙي

9.10.11.12

13.14.15.16

 

 (3) ڌُنڪار

کيس ڪنهن اعليٰ شاعريءَ کي نئين ڌن تخليق ڪرڻ ۾ مهارت حاصل هئڻ، ڪنهن ماهر ميوزڪ ڊائريڪٽر وٽان تربيت هئڻ سان گڏ راڳ جي شڪلن ۾ ڌن ڪمپوز ڪرڻ جي صلاحيت هئڻ گهرجي.

(4) ارينجر:

شاعريءَ جي لفظن کي سازن جي وڄت ڏيڻ سان گڏ اُنهن لفظن سان ٺهڪي ايندڙ سازن جي سڃاڻپ هُجي.

(5) راڳ چال:

شاعريءَ جي ڌن ظاهر ڪرڻ ۽ راڳ جي چال کي سرگم جو روپ ڏيڻ ۾ مهارت مليل حاصل هجي.

(6) راڳ ۽ لڪشڻ:

راڳ جي شڪل جي نقشي ٺاهڻ جو ماهر هجي. مثلاً:

 

شاهه جي وائي: ٿيندو تن طبيب.....

 

سم

-

-

-

تاٿڪ

-

-

-

خالي

-

-

-

تاڙي

-

-

-

1

2

3

4

5

6

7

8

9

10

11

12

13

14

15

16

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

ٿِين

-

دو

-

تَ

نَ

بِي

-

-

-

-

-

-

-

بُ

-

ٿِين

-

دو

-

ت

ن

 

هن وائيءَ جي لڪشڻ (نقشي) کي غور سان ڏسبو ته ان نقشي ۾. سَم، تاڙي، خالي، تاڙي ۽ انهن جون ماترائون پڻ لکت ۾ نظر اينديون. شاعريءَ جي لفظن کي سرگم جي ٻوليءَ سان سينگاريو ويو آهي ۽ 4.4 ماترائن جا چار چار خانا ٺاهيا ويا آهن. هن نقشي ۾ شاهه سائين جي وائيءَ جو پهرئين لفظ ’ٿيندو‘، يعني ’ٿِين‘ کي علم موسيقي الجبرا جي 11 ماترا کان شروع ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح هندستان جي موسيقيءَ ۾ اهڙا لڪشڻ ٺاهڻ کان پوءِ اِهو قانون پوري دنيا ۾ رائج ٿي سگهيو آهي. صحيح پٺڀرائي ٿيڻ سان دنيا ۾  سنڌ ۽ شاهه جي موسيقي جو سِڪو رائج ٿي ويندو.

جڏهن هندستان جي موسيقيءَ سنگيت (نظام موسيقي) لکت واري روپ ۾ وجود ورتو ته ان ۾ اِهي سڀ گُڻ ڪتب ۾ آندا ويا هئا، اُن کان پوءِ علم موسيقي سنگيت دنيا ۾ متعارف ٿي سگهجي. سنگيت يا موسيقيءَ جو نظام، علم موسيقيءَ جي ڄاڻن ٺاهيو آهي ۽ ڪتاب لکي موسيقيءَ جو قانون رائج ڪري سگهيا آهن. علم موسيقي هڪ ڊپارٽمينٽ جي حيثيت رکي ٿي ۽ باقي حصا هِن جا موضوع آهن، جن ۾ هڪ موضوع گائڪيءَ جون صنفون. مثلاً آلاپ، ڌرپد، دادرا، خيال، چئه ترنگ، تروٽ، ترانو، ٺُمري، دادرو، گيت، غزل جا رنگ وغيره آهن. ٻيو موضوع ساز آهن. سازن ۾ تانپور، سُرمنڊل، چتر بينا، سارنگي، طبلو، ڍولڪ، هارمونيم، سرود شهناءِ، دُهل، دلربا، جل ترنگ، سنتور اچي وڃن ٿا. هي ساز گهڻي ڀاڱي هند ۾ مشهور ٿيا. اهڙيءَ ريت انگريزن جي موسيقيءَ  ۾،
ڪِي بورڊ، گٽار، وائلن، جاز ڊرم، چيلو، وائيبرا فون، آڪٽوپيڊ، سيڪسافون، چيلو، ڪلارنيٽ، پيانيڪا، آڪاڊئين وغيره اچن ٿا. سنڌ جي خاص سازن ۾ بوڙينڊو، نڙيلي، ڪُماچ، سُرندو، ڏيڍ پاسري، سورنگي، نغارو، شرناءِ، ڊگ ڊگي، دُهل، ڍولڪ شامل آهن. ان کان سواءِ ڪجهه ساز سنڌ مان دُنيا ۾ متعارف ٿيا، جن ۾ خاص ڪري، بينجو، ستار، هارمونيم، الغوزو، نڙ، دنبورو، يڪتارو چپڙي، بينو، بانسري وغيره اچن ٿا.

هند جي موسيقيءَ ۾ گائڪيءَ جا روپ ٻُڌايا ويا آهن ۽ ساز به پڻ ٻڌايا ويا آهن. انهن سازن مان ڪجهه خاص سنڌ جا ساز ڏنا ويا آهن. سازن کان سواءِ سنڌ ۾ موسيقيءَ جون گائڪي وسيلي اهم صِنفون ملن ٿيون. (1) ڪلام، (2) وائي، (3) ڪافي.

(ب) شاهه جو  سنگيت

حيدرآباد شهر جنهن کي ’گُڻي خانو‘ جو اعزاز مليل آهي. گُڻي چئبو آهي، علم موسيقي جي ماهر کي، اُن ڪري ڪلام ۾ مهارت رکندڙن جو علائقو. گُڻي خانو چئبو. اڄ کان 50 سال اڳ ۾ حيدرآباد ۾ خاص ڪري گوين ۽ وڄتن جو وڏو انگ رهندو هو. موسيقيءَ جي ڪِرت وارن قبيلن مان ڪجهه جو هيٺ خلاصو ڏجي ٿو.

ميراثي: هي عربي ٻولي جو لفظ آهي ۽ هن جي لغت ۾ معنيٰ آهي. وراثت وارو، جيڪي قديمي موسيقي جي وراثت جا مالڪ آهن، تن مان خاص ڪري سنڌ ڌرتي تي ماڙيچه گهراڻي جو شروع کان اثر رسوخ رهيو آهي.

ميراثين جي قبيلن مان خاص ڪري اوائلي دور کان جڏهن ميڊيا جو وجود ڪونه هو ۽ صرف راجائن جا محل يا مندر يا اوائلي درگاهن جا اوتارا موسيقيءَ جو مرڪز بڻيل هئا. اُتي راڳ جو وڏو پرچار رهندو هو، تنهن ۾ موسيقيءَ جو ڪردار ادا ڪندڙن ۾ جيڪي ميراثي (مير عالم) فريضو ادا ڪندا هئا. اُهي پنهنجي پنهنجي رجواڙن جا مير عالم هئا، تن مان خاص ڪري ڀاٽين جا مير عالم، ٻروچن جا مير عالم، سماٽ قومن جا مير عالم، جن کي سنڌ ڌرتي تي مڱڻهار جي لقب سان به سڃاتو وڃي ٿو. هڪڙا ٿيا پنجابڪا ميراثي، تن مان گهڻي ڀاڱي سِک قوم جا ميراثي تن کي ربابي ڪري ڪوٺيو ويو آهي ۽ پنجاب ۾ گهڻي ڀاڱي سکن جي ميراثين ۾ دادا پنڊ، ڍاڍي به آهن. پاڪستان ۾ خاص ڪري لاهور واگها بارڊر وٽ جلو موڙ تي به انهن ميراثين جي قوم ملي ٿي.

سنڌ ۾ به ڪجهه پنجابڪي ميراثين جا نسل پڻ آباد آهن ۽ اُنهن جو تعلق پڻ پنجاب جي سکن واري علائقي سان آهي، تن مان خاص ڪري، امرتسر پٽيالا، فتح ڳڙهه، شام چوراسي جي علائقن جي بزرگ راڳين علم موسيقي حاصل ڪيو، خاص ڪري دهلي، يو. پي ۽ گهڻو ڪري گواليار جي معروف موسيقيءَ جي بزرگن وٽان. پوءِ اهي قبيلا ۽ قبيلن جي اڳواڻن جو نسل حيدرآباد ۾ به آباد ٿيو، اُن زماني ۾ حيدرآباد جو بازار حسن پوري مُلڪ ۾ تمام گهڻو مشهور هو. ۽ اهڙيءَ ريت حيدرآباد ۾ هڪ ئي وقت تي 200 هارمونيم نواز، 200 طبلا نواز، 100 ٽيوٽر، 50 ڪٿڪ يعنيٰ ڪلاسيڪل ڊانس سيکاريندڙ ملي پوندا هئا، ڇاڪاڻ جو بازار حُسن ۾ 1،000 جي لڳ ڀڳ ڳائڻيون پنجاب ۽ سنڌ جي مختلف شهرن مان اچي حيدرآباد جي بازار حسن ۾ رهنديون هيون. اهڙي ريت جيڪي وڏا وڏا موسيقيءَ جا ڄاڻو هوندا هئا. اُهي جڏهن ڪچهريون ڪندا هُئا ته اُنهيءَ زماني ۾ سنڌي ٻوليءَ کي راڳن جي مشڪل تالن ۾ ڪمپوز ڪري سڀ کان وڌيڪ ڳائيندڙ ماڙيچه گهراڻي جو بزرگ مُنهنجو ڏاڏو مرحوم خانصاحب حاجي خير محمد خان هو.

هڪ ڏينهن ڏاڏا مرحوم ۽ موسيقيءَ جا ٻيا وڏا بزرگ هڪ هوٽل تي ڪچهري ڪري رهيا هُئا ته اُتي مان به ڏاڏا سائين سان گڏ هوس ۽ اُن وقت منهنجي ڄمار 6 يا 7 سال هوندي، مون کي چِٽو ياد آهي ته هيءَ ڪچهري شيش محل هوٽل جي سامهون فرنٽيئر هوٽل تي ٿي هُئي، جنهن جو موضوع شاهه سائين جن جو راڳ هو، جيڪي بزرگ ويٺل هئا، تن ۾ بحث هو خاص ڪري سُر راڻي ۽ سُر ڪوهياري تي. هِن بحث جا ڪجهه لفظ ذهن ۾ ويهي رهيا، اُنهن ٻين راڳين جو چوڻ هو ته شاهه سائين جا هي سُر هند جي سنگيت ۾ ناهن،  اِهي لفظ منهنجي ذهن ۾ گهر ڪري ويهي رهيا ۽ جڏهن منهنجي ڄمار جيئن وڌڻ لڳي، تيئن تيئن هي سوال وڌيڪ مضبوط ٿيندو ويو ته شاهه جا هي سُر هندستان جي لکت واري سنگيت ۾ ڇا جي ڪري اچي نه سگهيا.

پوءِ اِها ڳالهه ذهن ۾ آئي ته شايد شاهه جا سُر ڪنهن ٻئي سنگيت ۾ هجن، ته ٻيو ڪو سنگيت سواءِ هند جي ٺهي نه سگهيو هو. پوءِ اِها جستجو جاري رکيم ته اِنهيءَ اونهي اسرار کي ڪيئن ڳولي لهجي. شاهه سائين جن جي شاعري هڪ اونهي سمنڊ جي مثل آهي، جيئن جيئن اِنسان شاهه سائينءَ جي سُر ڪلياڻ ۾ داخل ٿي اڳتي نڪرندو تيئن تيئن عشق جي لهرن جي تارن ۾ لُطف لطيف ماڻي سگهندو. جڏهن اِنهن لهرن ۾ مان به داخل ٿيس ته مون کي موسيقي جا بي بها موتي ملڻ شروع ٿي ويا، علم موسيقي جي سنگيت ۾ 6 راڳ ۽ 30 راڳڻيون ملن ٿيون يعني 36 راڳن جون شڪليون ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي سرڪار جا به 36 سُر، راڳ جي شڪل ۾ ملن ٿا.

هند جي موسيقيءَ ۾ ٽي سبطقون ملن ٿيون: مندر اسٿان، مڌ اسٿان ۽ تار اسٿان- هرهڪ سبطق ۾ 12 سُر هوندا آهن، جن مان ٻه سُر اڪيلا آهن. سا ۽ پا باقي 5 سُر ملن ٿا، جوڙن ۾ يعنيٰ نر ۽ مادي شڪل ۾، يعنيٰ ڪومل ۽ تيور- ڪومل معنيٰ لٿل (نرم) ۽ تيبر (تيور) معنيٰ چڙهيل يا تيز سُر. انهن ٽنهي سبطق ۾ مردانه ۽ زنانه آوازن جون حدون ملن ٿيون. ڪلاسيڪل راڳ جي شروعات هميشه هيٺين سُرن- کرج جي سُرن کان شروع ٿئي ٿي. ڪلاسيڪل راڳ جو چالو يعنيٰ راڳ جي هلڻ گهمڻ جو گس، هيٺين سُرن کان مندر اسٿان کان مڌ اسٿان تائين پهچي ٿو. انهيءَ طريقي سان اسان جي شاهه جو راڳ (سنگيت) جو چالو ڪلاسيڪل راڳ جي جتي سُرن جي حدن جي پرواز ختم ٿئي ٿي، اُتان شاهه سائين جن جي راڳ جو چالو شروع ٿئي ٿو. يعنيٰ مڌ اسٿان ۽ تار اسٿان جي حدن تائين آواز پهچن ٿا. شاهه سائين جي سنگيت يعنيٰ سنڌي موسيقيءَ جي سنگيت ۾ هڪ اهڙي ساز جي آمد آهي، جيڪو شاهه سائينءَ جو تخليق ڪيل 5 تارن جو ساز آهي. دنبورو المعروف تنبورو، هي پوري دنيا ۾ پهريون پنجن تارن جو ساز آهي، جنهن ۾ 5 تارن جا باقاعدي الڳ الڳ نالا به شاهه سائينءَ رکيا آهن. دنيا جي سازن جو هي پهريون 5 تارن جو سرواڻ ساز آهي. شروع واريون ٻه تارون جن کي ’جاڙيون تارون‘ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. ٽين تار جو نالو ’گهور‘ جي تار، چوٿينءَ تار جو نالو ’ٽيپ‘ جي تار آهي. پنجين تار جو نالو رکيل آهي، ’زبان‘- دنبورو سِرنهن ٽالِي، گيدوڙي ۽ ديال مان گهڙجي ٺهي ٿو.

دنبوري ۾ جيڪو هيٺيان گول حصو ٺهيل آهي، سو ٽالِيءَ جو ٺهندو آهي ۽ هن گول حصي کي لطيف سائين ڪوٺيندا هئا ’ڀانڊِي‘ جي نالي سان. گول حصي تي هڪ ننڍڙي ڪاٺ جو ٽڪر آهي، جنهن ۾ تارون لڳل آهن، تنهن کي ’گهوڙي‘ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. اهڙي طرح گولائي جي مُڪمل حصي جي ’ٿارِي‘ جي نالي سان سڃاڻپ ٿئي ٿي.

دنبوري جي آخري ڇيڙي واري حصي کي پُستنگ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. دنبوري جي مٿين حصي ۾ 5 ڪاٺ جون چاٻيون جُڙيل آهن، جن وسيلي راڳائي آڱرين سان اُنهن کي ڇِڪي ۽ سُر تار ۾ ملائيندا آهن. اُنهن ۾ تارون ملائڻ لاءِ جُڙيل هونديون آهن، تن کي ڳٽيون ڪري سڏبو آهي. دنبوري جي مٿين ٽاپ واري حصي کان هيٺين ڇيڙي واري حصي کي پڻ ’گلو‘ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. راڳين جي هڪ آڱر ۾ هڪ اسٽيل/ لوهه جو ڇلڙو پاتل هوندو آهي. اُنهي ڇلڙي وسيلي تارن مان سُر نڪري سگهندو آهي. اِنهيءَ ڇلي ۾ 4 گولائي وانگر ننڍڙا خانا ٺهيل هوندا آهن ۽ مٿيون هڪ گهر ڊگهائي واري روپ ۾ ٺهيل آهي، جنهن وسيلي ٻُڌندڙن جي ڪنن تائين دنبوري جو آواز پهچندو آهي.

ساز دنبورو شاهه سائين جن پنهنجي ولايت واري ڪيميائي نظر سان ٺاهي ۽ ڪرامتن واري رُوپ ۾ پيش ڪيو، منهنجي اڳ ۾ لکيل ڪتاب ’سُر شاهه سمنڊ‘ ۾ مون ماڙيچه گهراڻي جي ٻن بزرگ راڳين جي حقيقت بيان ڪئي آهي ته هُو لطيف سائين جن جا اُستاد نه پر معتقد هئا، آنٽڙيو ۽ چئنچڙيو، جن  کي هن دور ۾ آنٽل خان ۽ چئنچل خان جي نالن سان زوريءَ سڃاڻپ ڪرائي وئي آهي. اهي ٻئي ڀائر ضلعي جيسلمير ۽ ٻاڙ مير ۾ پڻ شاهه سائينءَ جي سُرن جي وڏي مقدار ۾ خدمت ڪندا رهيا هئا. منهنجي عملي ريسرچ ۾ سڀ کان پهريائين مون کي شاهه جو سنگيت ٺاهڻ ۾ 22 سالن جو عرصو لڳي ويو.

شاهه سائين جي آلاپ جو رنگ پڻ هند ۽ سنڌ جي ٿر واري ماڙيچه راڳين وٽان ملي ٿو. لوڪ موسيقيءَ جا سوين سال اڳ جا لوڪ گيت جن ۾ خاص ڪري، سوئٻ هينڊامڙي، پپئيا، توڏي، ڏُئا ۽ شُب راج، اڄ به ماڙيچه گهراڻي ۾ راڳ آلاپڻ وسيلي موجود آهن.

جيئن ته مون اڳ ۾ ذڪر ڪيو آهي ته سنگيت ٺاهڻ لاءِ سڀ کان پهريائين، پاڪيزه صاف سُٿري ۽ درسِ انسانيت واري شاعريءَ جو ملڻ تمام ضروري آهي. جڏهن هوش و حواص ۽ موسيقي کي سمجهڻ واري ٿورڙي اک ملي ته شاهه سائين جن جي بياض مقدس کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ جو موقعو مليو ته هرهڪ فلسفي سان جُڙيل شاهه سائين جن جي ٻولي پڙهڻ ۽ راڳ وسيلي عملي طور ٻُڌڻ کان بعد ۾ اِهو فيصلو ڪيم ته جيڪڏهن هند ۽ جرمن وٽ علم موسيقيءَ جو سنگيت ٺهي سگهي ٿو ته پوءِ مان پنهنجي شاهه ۽ ڌرتيءَ جو هڪ الڳ ٿلڳ سنگيت، شاهه سائين جي ڏنل راڳ جي چالن سان ٺاهي سگهان ٿو. اِهي ويچار کڻي وڃي ڀٽائي پير گادي نشين سيد نثار حسين شاهه ۽ سندن ننڍي ڀاءُ سيد غلام رضا شاهه سان حال اوريم ته سيد تمام گهڻو خوش ٿيا ته ڇا سنڌ جو سنگيت ٺهي سگهي ٿو. پوءِ سيد جمن شاهه (راڳائي) منهنجي هِن ڪم ۾ مدد ڪئي تنهن کان بعد ۾ خان محمد چانڊيي (راڳائي) شاهه جي راڳ ۾ خاص سهڪار ڪيو. سنڌ يونيورسٽي ۾ سينٽر فار ميوزڪ ايجوڪيشن کلڻ تي خان محمد چانڊيو فقير ۽ مان ڪجهه عرصي کان پوءِ وري گڏجي پياسين. ڪڏهن ڪڏهن جمعرات تي ڀٽ شاهه تي به وڃي خان محمد فقير کان داستان ڳارائيندو هوس. خان محمد جڏهن شاهه سائين جي ڪنهن به سُر کي آلاپيندو هو ته مان هارمونيم تي شاهه جي سُرن جي سرگم وسيلي (Notation) ڪندو هوس، تنهن کان پوءِ شاهه سائين جي ڏنل راڳ جي شڪل جي چالي مان سُر ۽ راڳ ظاهر ٿيڻ شروع ٿي پيا. اهڙي ريت شاهه سائينءَ جي هرهڪ داستان  مان ڪلاسيڪل پيدا ٿيندڙ راڳ به ملڻ شروع ٿي پيا. شاهه سائينءَ جي رسالي ۾ ڪجهه داستان راڳ جي نالن سان متعارف ڪرائڻا آهن ته ڪجهه داستانن ۾ راڳ جي ڳجهارت رکيل آهي.

شاهه سائينءَ جي رسالي بابت خاص ڪري نظم ۽ نثر صنفن ۾ بي بها ڪم ٿي چڪو آهي، پر علم موسيقيءَ ۾ پيدا ٿيندڙ داستانن مان راڳ تي ڪڏهن به ڪنهن موسيقيءَ جي گهراڻي جي ڪنهن به راڳيءَ ڪم ڪرڻ جي همت نه ڪئي آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ هي پهريون ڀيرو ماڙيچه گهراڻي جي باني خانصاحب حاجي خير محمد خان جي پوٽي جي حيثيت سان مالڪ راڳ وسيلي لکت جي سوڀ ڏني آهي ۽ هي سنڌ جي تاريخ ۾ علم موسيقيءَ تي پهريون قدم آهي.

هاڻي شاهه جو سنگيت مڪمل ٿيڻ لاءِ سڀ کان پهريائين شاهه سائين جن ڏنل ڏوهيڙن کي داستان ۾ راڳ جي شڪل ۾ راڳ جي چالي کي نوٽيشن جو رُوپ ڏئي لفظ لفظ تي سرگم جي Notation ڏني آهي، ته جيئن موسيقي کي ٿورو گهڻو سمجهڻ وارا جيڪڏهن سرگم ۾ ڳوليندا ته گهر ويٺي شاهه جو راڳ آساني سان آلاپي سگهندا.

شاهه جي سنگيت جو ٺهڻ

  • هرهڪ داستان ۽ اُن مان پيدا ٿيندڙ راڳ جي شِڪل بابت مڪمل سمجهاڻي ڏنل آهي.
  • هرهڪ داستان جي هرهڪ الڳ الڳ لفظ جي مٿان سرگم جي نوٽيشن، سرگم جا سُر ڏنل آهن.
  • واين جا لڪشڻ (نقشا) ٺاهيا ويا آهن.
  • ماترن جا ڄار ۽ اُنهن ۾ ورهايل شاهه سائين جي واين جا الڳ الڳ الفاظ سينگاريا ويا آهن.
  • خانن ۾ سرگم جا سُر ۽ ماترا ڏنل آهن.
  • تال جون تاڙيون ۽ خانا ٺاهيل آهن.

 

هي مُڪمل شاهه سائين جي سنگيت ٺهڻ جو رُوپ آهي ۽ پهريون ڀيرو لکت سنگيت وسيلي شاهه جي راڳ جو قانون متعارف ٿيندو. هِن لکت کان اڳ ۾ شاهه جي راڳ جي سواءِ ڪوهياري، سورٺ ۽ سُر راڻي جي ڪنهن به راڳ جي شڪل جو قانون رائج ٿيل ڪونه هو. ڪوبه راڳي مرضيءَ سان ڪنهن به راڳ جي شڪل ۾ ڏنل شاهه سائينءَ جي راڳ کان هٽِي ڪري راڳ آلاپيندا هئا. مثلاً ماضيءَ ۾ استاد مرحوم محمد جمن خان، ڪارون وس ڪِئام، راڳ پوريا ڪلياڻ ۾ ڳايو، جڏهن ته شاهه سائين هن وائيءَ کي پنهنجي تخليقي راڳ جي چالي مطابق راڳ سُر حسيني ۾ فرمايو آهي. راقم الحروف جي ڪوشش سان شاهه سائين جي ڏنل راڳ جي قانون مطابق پورو سنگيت ٺهي راس ٿيو آهي. اُستاد محمد جمن خان کان علاوه خانصاحب استاد منظور علي خان سُر مارئي جي وائي ”پرچن شال پنهوار“ کي سُر مارئي جي بجاءِ مانجهه ۽ آسا ۾ ڪمپوز ڪري ڳائي جيڪا تمام گهڻي مقبول ٿي.

هاڻ شاهه جو سنگيت (راڳ) نظام موسيقي تحت ڏنل شاهه سائين جي راڳ جي چالن مطابق ٿيوريڪل اينڊ پرئڪٽيڪل انگن سان سجائي پوري دنيا ۾ شاهه جي سنگيت کي، هند جي سنگيت وانگر رائج ڪرائڻ لاءِ حڪومت سنڌ ۽ خاص ڪري ڪلچر ڊپارٽمينٽ دلچسپي ڏيکاري ته پوري دنيا ۾ هند ۽ جرمن جي سنگيت ۾ شاهه جو سنگيت ۽ سنڌي موسيقيءَ جو قانون اُڀري- راڳين جي لاءِ مددگار ثابت ٿي پوندو ۽ خاص ڪري شاهه سائين جي سُرن کي وقت سان آلاپڻ جو قانون پڻ ظاهر ٿي پوندو.

ماضيءَ ۾ شاهه سائينءَ جي وفات کان لڳ ڀڳ 37 سال بعد، مير علي شير قانع ٺٽوي ٽن فارسي ڪتابن ۾ شاهه سائينءَ بابت مختصر بيان قلمبند ڪيا. اهڙي طرح 1880ع ۾ مير عبدالحسين خان سانگي شاهه سائين جي ڪلام جو مواد گڏ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ 1888ع ۾ ’لطائف لطيفي‘ نالي سان ڪتاب لکيو. مرزا قليچ بيگ 1887ع ۾ شاهه سائين جي سوانح بابت انگريزيءَ ۾ ڪتاب لکيو، جيڪو بعد ۾ 1897ع ۾ ’احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي‘ رحه جي نالي سان سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيو ويو. ليلارام وتڻ مل لالواڻي سنه 1889ع ۾ شاهه سائين جي زندگي، مذهب ۽ شاعري تي پڻ انگريزيءَ ۾ لکيو هو. رچرڊ برٽن ڪمشنر فريئر جي منشي ارنسٽ ٽرمپ ۽ ڏيارام گدومل پڻ ڪتاب لکيا. ٽرومپ ۽ سورلي به شاهه سائين تي ڪتاب لکيا. 1923 ۾ ڊاڪٽر هوتچند، مولچند گربخشاڻي، شاهه جو رسالو مرتب ڪيو. 1950ع ۾ برک عالم اديب مولوي دين محمد وفائي پنهنجو ڪتاب لطف اللطيف شايع ڪيو. هي سڀ احوال ۽ تاريخ مرحوم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي شاهه بابت تيار ڪيل ڏهن جلدن مان ورتل آهي.

شاهه سائين جي شاعريءَ بابت اوائلي دور کان اڄوڪي دور تائين تمام گهڻو ڪم ٿي چڪو آهي، پر هي پهريون ڀيرو آهي ته علم موسيقي وسيلي شاهه سائين جي ڏنل سُرن ۽ داستانن پويان لِڪل راڳن جي شِڪلين کي ظاهر ڪري سنگيت جي روپ ۾ سنڌي موسيقيءَ جو وجود، پوري دنيا ۾ فخر سان بلند ڪري رهيا آهيون.

شاهه جي سنگيت بابت سمجهاڻي

علم موسيقي جي شائقين ساٿين کي هِن ڪتاب جي کولي پڙهڻ کان اڳ ۾ سنگيت بابت هيءَ سمجهاڻي غور سان سمجهڻ بعد عملي طور ڪرڻ ۾ وڏي آساني ٿي پوندي. سڀ کان پهريائين سنگيت ۾ ڏنل ٽن سبطقن جو ذڪر ڪيل آهي.  هرهڪ سبطق ۾ ٻارنهن سُر ملن ٿا، جنهن ۾ ٻه سُر اڪيلا سا ۽ پا، باقي پنج سُر ڪومل ۽ پنج سُر تيبر (تيور) آهن. انهيءَ جو ذڪر راڳ ۾ ڪري آيو آهيان.

سا ۽ پا کان علاوه، ڪومل سُرن ۾ نشاني طور (الف) جو اُچار لکيل آهي. يعني، را گا ما ڌا نا

اهڙي طرح تيبر سُرن ۾ (ي) جو استعمال ڪيل آهي.

(تيبر سُر) تيز يا چڙهيل: ري. گي. مي. ڌي. ني

ڪٿي سنگيت ۾ سا جي هيٺ هڪ مائينس يعنيٰ سا ڏنل آهي، انهيءَ مان مراد آهي. پهرئين سبطق جي کرج جو سُر، (مندر اسٿان) جي سبطق جيڪڏهن اِهو ساڳيو نشان سا جي مٿي ڏنل هجي ته وچين سبطق (مڌ اسٿان) جا سُر استعمال ۾ ايندا ۽ جيڪڏهن سا جي مٿان 2 مائينس هجن ته ٽين (3) سبطق تار اسٿان جي سطبق جا سُر آلاپڻ ۾ ايندا.

لڪشڻ بابت سمجهاڻي

 

x

-

-

-

2

-

-

-

o

-

-

-

3

-

-

-

1

2

3

4

5

6

7

8

9

10

11

12

13

14

15

16

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

گي

پا

ني

ني

- گهه

سا

سا

سا

نا

ڌي

ڌي نا

ڌي

پا

پا ني

پا

گي

گي

پا

پا

ني

ڌي ني

ني

-

-

ٻا

رو

چاٻا

جهه

گهه

ڻي

-

-

ٻا

رو

چا

ٻا

جهه گهه

هاڻ اِنهيءَ ٺاهيل وائي جي نقشي کي غور سان ڏسبو ته پهريائين خانا ڳڻيا ته 4.4 ماترن جا 4 خانا ملندا. اهڙي طرح هي خانا 16 ماترن جو اُچار ڏين ٿا. 16 ماترن ۾ شاهه جي وائيءَ جو ورهايل سُرن ۾ رُوپ ملندو. وائيءَ جا ٻول آهن، ٻاروچا ٻاجَهه گهڻي. سَم معنيٰ: (1) هڪ جي نشاني ڏنل آهي. x  (5)  تاڙي، خالي جو نشان ڏنل آهي o ۽ 13 تي تاڙي ملي ٿي.

سَم               تاڙي             o                    تاڙي

x1       -    5        -        9        -        13

هڪ تي ٻنهي هٿن جي تاڙي ملائي بند ٿيل هٿن تي 4 تائين ڳڻبو، ڪنهن به لئه جي وزن ۾ 5 تي وري تاڙي ڏئي ۽ 8 تائين ڳڻبو. وري نائين ماتري تي ٻئي هٿ کولي ۽ 12 تائين ڳڻپ ڪري وري 13 ماتري تي هٿ جوڙي ۽ 16 سورنهن تائين ڳڻپ ڪري ۽ وري ساڳي ريت هڪ (1) يعني سَم x تي واپس اچڻ سان 16 ماترن جو هڪ دائرو يا سرڪل ٿي پوندو. انهيءَ جي مشق (پرئڪٽس) ڪرڻ سان لئه تي عبور حاصل ٿي پوندو. هي سمجهاڻي هُئي لڪشڻ جي نقشي مطابق تال جي لئه بابت. هاڻ اسان وري لڪشڻ تي ڏنل لفظن ۽ سرگم جي نوٽيشن کي غور سان ڏسنداسين ته اسان کي ڳالهه سمجهه ۾ سهوليت سان مثلاً ٺهيل وائي ”ٻاروچا ٻاجهه گهڻي“ کي پهرئين لفظ ”ٻا“ نقشي مطابق 12 ٻارنهن ماتري تان کڄي رهيو آهي. يعنيٰ گنڌار (گي) تيور تي ٻا لفظ کڻبو. رو چا ٻا، مڪمل ٻول ٿيندا ٻاروچا ٻا. ٻا تي آيو (گنڌار) رو تي (پا) چا تي (ني) ۽ ٻا تي وري. جهَه/ گَهه- هاڻ رهي وڃي جَهه گهه يعنيٰ هي لفظ هڪ ماتري ۾ جَهه/ گهه استعمال ڪبو.

هڪ ماتري ۾ يعنيٰ 16 ماتري تي جَهه گهه کي ڌي ني ۾ استعمال ۾ آڻبو. جتي به لفظ جي مٿان لفظ ڏنل هجي ته اهو هڪ ماتري ۾ استعمال ڪرڻو آهي ۽ سرگم به ساڳيءَ ريت سُرن وسيلي آلاپبو، جتي سُر سان ”-“ مائينس ڏنل آهن، تنهن مان مُراد آهي ته هڪ ئي سُر کي تال جي ضرب سان هلائڻو آهي. مثلن: سا- - - سا چئن ضربن سان آلاپبي ڪومل ۽ تيبر سُرن جي سڃاڻپ کي چڱي طرح حاصل ڪرڻ کان پوءِ يعنيٰ ڪومل سُرن جي اُچار جيئن ٻڌايو ويو آهي ته به (2) سُر اڪيلا سا ۽ پا کان علاوه (5) سُر ڪومل ۽ (5) سُر تيبر آهن.

ڪومل سُرن جي نشاني را. گا. ما. ڌا. نا.

تيبر سُرن جي نشاني:  ري. گي. مي. ڌي. ني

اهڙيءَ طرح ڪومل ۽ تيبر سُرن جو تعداد 10 سُرن جو آهي. باقي (2) سُر سا ۽ پا هي اڪيلا سُر آهن ۽ اُنهن جو تيبر ڪومل ناهي ۽ انهن کي سنسڪرت ٻوليءَ ۾ اَچُل جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. اَچُل جي معنيٰ آهي پنهنجي جاءِ تان نه هٽڻ وارو، يا اٽل رهڻ وارو. هاڻ شاهه جي واين جي لڪشڻ ۾ صرف باقي تال رهن ٿا، شاهه سائين جي واين جي لڪشڻ ۾ وڏي مقدار ۾ تال ڏنا ويا آهن، جن مان خاص ڪري 16 ماترا، 15 ماترا، 14 ماترا، 13 ماترا، 12 ماترا، 11 ماترا، 10 ماترا، 9 ماترا، 8 ماترا، 7 ماترا، 6 ماترا، 5 ماترا، 4 ماترا، ۽ 3 ماترن جي مختلف مختلف چالن وارن تالن ۾ وائي جا لڪشڻ ڪمپوز ڪري سنڌ ڌرتيءَ جو دنيا لاءِ هي ’سنگيت نامو‘ مون 22 سالن جي اڻٿڪ محنت کان پوءِ علم موسيقيءَ جي پارکن لاءِ تيار ڪيو آهي ۽ اهڙي طرح موسيقيءَ جي دنيا ۾ سنڌ ڌرتي طرفان پوري سنڌجي تاريخ ۾ هي پهريون قدم سمجهڻ گهرجي.

(ج) تال اڌياءِ (هوا)

علم موسيقيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪارائتو ۽ مشڪل مضمون سبجيڪٽ تال کي سمجهڻ جو آهي، چوڻي آهي ته: ”بي سُرو هلي پوندو آهي پر بي تالو موسيقيءَ جي کيتر ۾ نه هلي سگهندو“ انهيءَ ڪري تال جي سبجيڪٽ کي سمجهڻ تمام گهڻو ضروري آهي. پوري ڪائنات لئه تي ٻڌل آهي. آسمان جي بيهڪ زمين جو ٺهراءُ. زمين تي بيٺل پهاڙ، جبلن مان وهندڙ آبشار، هوا ۾ اُڏامندڙ پکي، سمنڊ ۾ هلندڙ پاڻيءَ جا جانار، پاڻيءَ ۾ بيٺل جهاز. هوا ۾ اُڏام ڪندڙ جهاز، زمين تي هلندڙ آدمي، جِيت جانور، يعنيٰ هرهڪ شيءِ جي دائري/ سرڪل ۾ ٻڌل ۽ هلندڙ آهي.

علم موسيقيءَ جي مهان نائڪن گُڻين، جون ٻڌل بندشون تن جي خبر تال وسيلي ئي پئجي سگهي ٿي.

ٻڌل راڳ ۾ بندشون هوا ۾ مصوري ڪرڻ آهي، جڏهن ڪابه موسيقيءَ جي صنف ٺهندي آهي، علم موسيقيءَ جي ٺاهيندڙ کي پهريائين خبر پوندي آهي ۽ هُو شاعريءَ ۾ ٻڌل ٻولن کي خيال ٺُمري، چئه ترنگ، ترانو، سادرا، گيت غزل يا ڪافي ڪلام جو نالو رکندا آهن. تنهن کان بعد ۾ اُنهن صنفن کي ڪن رسيا اُنهن ئي نالن سان سُڃاڻي ۽ ٻُڌڻ جو لطف حاصل ڪندا آهن. پوري دنيا جي موسيقيءَ ۾ الڳ الڳ مُلڪن جي علائقن جا مختلف تال ملن ٿا. جيئن عربستان جي موسيقيءَ جا الڳ تال آهن. هند جي ڪلاسيڪل موسيقيءَ جا الڳ تال. ته روس جي  موسيقيءَ يا ڏکڻ آفريڪا، يا نيپال يا يورپ يا پنجاب جي لوڪ موسيقي جا الڳ الڳ ٻڌل تال ملن ٿا. پنجاب ۾ خاص ڪري، هير ۽ مرزا صاحبان جي قصن جا الڳ الڳ تال ملن ٿا. سنڌ جي هزارين سال قديمي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آءٌ شاهه جي راڳ ۾ نج سنڌي تال پيش ڪري رهيو آهيان، جيڪي اوهان پڙهندڙ محترم دوستن لاءِ وڄت جي ٻن خوبصورت قديمي سازن جي آوازن تي ٻڌل آهن، هڪ ٻول آهن، سنڌ جي قديمي ساز نغاري جا، هن وقت وڏو نغارچي مرحوم استاد جمعو خان جو پوٽو اياز علي آهي. جُمعو خان ماڙيچه گهراڻي جي بزرگ ڪلاسيڪل سولو هارميونم پرفارمر استاد علي نواز خان شير سنڌ جي ڏاڏي مرحوم استاد بخشو خان جو شاگرد هو. پهريائين نغاري جي خاص وڄت جا ٻول ۽ تال پيش ڪري رهيو آهيان، جيڪي خاص ۽ نِج سنڌي تال تي ٻڌل آهن.

ماڙيچه گهراڻي جا قديمي تال

هاڻ سنڌ جي هزارين سال پُراڻي ساز دُهل تي ٻڌل سنڌ ڌرتيءَ جا نج تال پيش ڪري رهيو آهيان، جيڪي اسان جي ڌرتيءَ جي ثقافت کي هميشه موسيقيءَ وسيلي جياريندا آيا آهن. اِنهيءَ ساز جي پيدوار مان مرڌنگ جيڪا هزارين سال اڳ ڪرشن جي دور ۾ وڄت جي روپ ۾ آئي، مرڌنگ کان به قديمي ساز دُهل آهي ۽ هي ساز پڻ ماڙيچه گهراڻي جي سُونهن رهيو آهي. اهي پيش خدمت آهن. سنڌ ڌرتيءَ جا قديمي تال دُهل جي وڄت جي روپ ۾ آهن. انهن ئي تالن کي پوري شاهه سائين جي بياض مقدس (شاهه جي راڳ) ۾ واين جي نئين سر ڪمپوزيشنز ۾ استعمال طور آندو ويو آهي.

ماڙيچه قوم جو قديمي ساز  نگارو (نغارو) جيڪو راجه جيسلمير جي محل ۾ ماڙيچه گهراڻي جي نغارچين وٽ موجود هو، جيڪو پڻ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جن جي وصال تي راجه جيسلمير طرفان پهريون ڀيرو ڀٽ شاهه تي راجه گرڌيرسنگهه آندو هو، ۽ هُن جي وڄت به ماڙيچه گهراڻي جي بزرگن آنٽڙيو ۽ چانچڙيو المعروف آنٽل خان ۽ چئنچل خان ڪئي هُئي. تنهن کان بعد ۾ هي نغارو خاص ڪري محرم جي مهيني ۾ حيدرآباد جي پڙن تي استعمال ۾ آيو، هن کان اڳ ۾ درگاهن خاص ڪري لعل شهباز قلندر سرڪار جي درٻار تي صرف هڪ منهن- نر واري نوبت وڄندي هئي، جنهن تي فقير ڌمال وجهي ۽ رقص ڪندا هئا.

 

پهريائين نغارن جا تال

شاهه پنجو تال (16 ماترا)

 

x

-

-

-

2

-

-

-

o

-

-

-

3

-

-

-

جِهه

نا

ڪِ

ڙا

جِهه

نا

ڪِ

ڙا

جها

جهِن

جها

ڪِٽ ڪٽِ

جهِن

نا

ڪِ

ڙا

1

2

3

4

5

6

7

8

9

10

11

12

13

14

15

16

 

تال حُسي حُسي (2) ماترا: وصف ۽ اثر

سنڌ ڌرتي تالن جي روپ سان به مالا مال آهي. هي ٻن ماترن جو تال به صرف اسان جي ثقافت جو حصو آهن. انهيءَ تال ۾ خاص سنڌ ڌرتيءَ، جيڪي عالي مقام حضرت امام حسين عليه السلام جن جي خاص ڏهاڙن جي موقعي تي خاص ڪري محرم الحرام تي حيدرآباد مان نڪرندڙ جلوسن ۾ پڙن جي بيهڻ واري موقعي تي نغارچي خاص طور تي وڄائيندا آهن.

تال حُسي حُسي

جهِن

نا

2 ماترا

(1)

(2)

 

شاهه پنجو تال

هند جي سنگيت ۾ ’پانچ تال ڪِي سواري‘ 15 ماترن ۾ ملي ٿي. سنڌ جي پنج تال جي سواري صرف ماترن ۾ خوبصورت انداز ۾ ملي ٿي. هيءَ سواري به خاص ڪري محرم الحرام ۾ وڄت وسيلي ٻُڌڻ ۾ ايندي آهي ۽ هِن جو رنگ هند جي پنج تال جي سواريءَ ۽ 10 ماترن جي سُول فاخته يا جهپتال تال کان بلڪل مختلف آهي. هيءَ تال آلِ رسول ڪريم حضرت عالي مقام اِمام حسين عليه السلام جي ڏهاڙن تي نڪتل ذوالجناح جي پڙن واري جلوس جي ساهي واسطي وڄايو ويندو آهي.

 

جِهه

نا

ڪِ

ڙا

تٽ ڪٽ

1

2

3

4

5

مرصل خاني تال: (8 ماترا)

هي هند جي سنگيت جي خاص ڪري ڪهروي. راج تال ۽ تين تال کان بلڪل مختلف آهي، هي تال قديمي زماني ۾ راجائن مهاراجائن وٽ جڏهن ڪا وڏي شخصيت ايندي هُئي ته راجائن جا مير عالم نغارچي وڄائيندا هُئا ته جاگير ۾ خبر پکڙجي ويندي هُئي ته محل ۾ اڄ ڪو ٻيو راجا يا سندن مُرشد گُرو آيل آهي.

 

جها

ڻِ

جهِه

نا

جهَا

ڻِ گهه

نا

نا

1

2

3

4

5

6

7

8

 

اولنگهه تال:

هي تال به هند جي سنگيت جي تالن خاص ڪري ڌُمار، آڙو چؤتالو. فرودست کان بلڪل مختلف نِج سنڌ جو تال آهي. هي تال به بلڪل 7- 14- 28 ۽ 56 تائين پهچي سگهي ٿو.

 

جهِه

نا

دِگ

نا

ڪَٽ

ڪَ

تا

ڪت

ڪت

گهِنا

ڪت

گهِه

نا

ڪت

1

2

3

4

5

6

7

8

9

10

11

12

13

14

 

واهه ول تال: (16 ماترا)

 

جِهه

نا

ڪِ

جهن

ن

ڪ

جهِن

جهِن

جهِن

نڪ

تِنگ

تِنگ

جهِن

نڪ

ڌن

نڪ

1

2

3

4

5

6

7

8

9

10

11

12

13

14

15

16

 

هو جمالو تال: (8 ماترا)

جڏهن سنڌي قوم ۾ ڪا وڏي خوشي يا تقريب ٿيندي آهي ته وڏيون وڏيون محفلون منعقد ڪرائي ۽ آخر ۾ هيج مان هو جمالو ڪري خوشين کي ڀرپور طريقي سان رقص ۾ آڻي ۽ وجدانيت جهڙو مزو ماڻيندا آهن. هي تال سنڌي سنگيت جو الڳ ۽ جُدا روپ پيش ڪري ٿو.

 

جها

ڻِ جهه

نا

جهن

جها

جها

جهِن

جها

1

2

3

4

5

6

7

8

 

بهراڻو تال:

هي به 8 ماتران جو هند جي سنگيت کان بلڪل مختلف سنڌ جي سنگيت جو تال آهي.

 

جه

-

تڪ

تڪ

جهِن

-

جهِنا

جِهن

1

2

3

4

5

6

7

8

ملاکڙو تال: (16 ماترا)

سنڌ جي قديمي تاريخ ۾ پهلوانن جي ڪرتب ڏيکارڻ جو تال آهي ۽ هي اعزاز صرف اسان جي سنڌ ڌرتيءَ کي نصيب ٿيل آهي ته جنهن جي پهلواني جا هڪ ٻئي سان زور آزمائي ۽ پهلوانن جي جذبن کي مضبوط ڪري مقابلو ڪرڻ لاءِ پڻ تال ٻَڌا ويا آهن. هي پهلواني جوهر جو دنيا ۾ واحد تال آهي، جنهن جي وڄت سان اهڙو دشمن لاءِ جذبو جاڳي ٿو، جو ٻئي وڙهندڙ پهلوان هڪ ٻئي کي ملهه دسڻ لاءِ ڪوششون ڪندا آهن.

هي هند جي سنگيت جي تال کان بلڪل مختلف 16 ماترن جو تال آهي. هند جي 16 ماترن جي تال ۾ خاص ڪري تين تال تلواڙو اچن ٿا. پر هي اِنهن ٻنهي تالن کان مٿڀرو ۽ وڌيڪ خوبصورت تال آهي.

 

ڌِن

-

تا

تن

تا

ڪ

تا

تن

تا

ڪ

تا

تن

تا

ڪ

ڌن

نا

1

2

3

4

5

6

7

8

9

10

11

12

13

14

15

16

 

ڪولهڪو تال: (16 ماترا)

سنڌ جي هزارين سال پراڻي تهذيب جو هي 16 ماترن تي ٻڌل تال آهي، جيڪو اڄ به ڪولهين جي مير منگن وٽ موجود آهي، ۽ هي تال خاص ڪولهين جي خاص خوشين جي ڏيهاڙن تي استعمال ٿئي ٿو. هي تال به هند جي سنگيت کان بلڪل مختلف آهي. هي تال به 8 کان 16 32، 48 ۽ 64 تائين پرواز ۽ هيٺيائين جي حيثيت رکي ٿو، خاص سنڌي تال.

 

ڌن

ڌا

ڌن

ڌا گي

ڌن

ڌا

ڌن

ڌاگي

ڪتنگ

تا

تن

تاڪ

ڌن

ڌا

ڌن

ڌاگي

1

2

3

4

5

6

7

8

9

10

11

12

13

14

15

16

 

سنڌي لولي تال: (14 ماترا)

جيئن دنيا ۾ هند جي سنگيت جا خاص ڪري 14 ماترن ۾ ملندڙ مُشڪل تال، خاص ڪري ڌُمار. فرودست، هوري ڌمار مشهور آهن. اِنهن تالن کان وڌيڪ طاقتور ۽ خوبصورت هي اسانجي ڌرتيءَ سنڌ جو تال آهي، جنهن کي خاص ڪري محرم الحرام ۾ وڌيڪ ڪرتب ۾ آندو ويندو آهي. خاص ڪري اِنهن سنڌي تالن کي پوري دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ تاريخ سنڌ ۾ پهريون ڀيرو لکت جي روپ ۾ پيش ڪري رهيو آهيان.

 

تِن

تڪ

تِڙا

نگ

تا

گهِن

گهِه

جا

گهِن

گهِن

گهِن

گهِن

گه

تا

1

2

3

4

5

6

7

8

9

10

11

12

13

14

 

 

ڊڍ تال: (8 ماترا)

هي تال به سنڌ جو قديمي سماجي ۽ ثقافتي تال آهي، هند جي سنگيت جي 8 ماترن جي تالن مان خاص ڪري، چلت ڪهروا، آڌستارخاني، آڌتين تال کان وڌيڪ طاقتور ۽ خوبصورت تال آهن، صرف هي تال سنگيت نه هئڻ ڪري متعارف  نه ٿي سگهيا آهن، هاڻ انشاءَ الله جيڪڏهن حڪومت ڌيان ڏنو ته هي تال پوري دنيا ۾ سنڌي موسيقيءَ جو خوبصورتي سان حق ادا ڪندا.

 

جههِ

نا

ڪَ

تَڪ

جهگ

نا

جِهه

جِهه

1

2

3

4

5

6

7

8

 

شادماڻو تال: (7 ماترا)

هي تال هند جي سنگيت کان بلڪل الڳ ٿلڳ تال آهي. هند جي سنگيت ۾ خاص ڪري 7 ماترن جي تال ۾ خاص ڪري، مُغلئي، رُوپڪ، چئنچل کان وڌيڪ خوبصورت تال آهي. هند جا سنگيت انهيءَ ڳالهه کي هِن سنگيت (شاهه جو سنگيت) جي اچڻ کان اڳ ۾ مڃي رهيا آهن، ته سنگيت ٻن روپن ۾ آهن. (1) هند پرڪاش ۽ سنڌ پرڪاش، آءٌ سنڌ پرڪاش لطيف سائين جن نگاهه ڪريمي سان لکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس. اهڙي طرح هي 7 ماترن جو سنڌي تال تمام گهڻو طاقتور ۽ حسين تال آهي.

 

1

2

3

4

5

6

7

گهنا

تِن

تا

ڪِتن

تا

جها

-

 

ڀير تال: (16 ماترا)

جڏهن سنڌ جي ڪئين صديون اوائلي دور ۾ راجائن مهاراجائن ۾ جنگ لڳندي هئي ته هي ڀير تال استعمال ۾ ايندو هو، هي تال جهڙو جنگ جي الارم جي حيثيت رکندو هو. هي تال سنڌ جي سنگيت جو نج سنڌي تال آهي.

 

جها

ڻِ جهه

نا

گهِن

جها

جها

جهِنا

ڪت

تا

ڻِ ت

نا

گهت

جهِنا

گهن

جهنا

گهِن

1

2

3

4

5

6

7

8

9

10

11

12

13

14

15

16

 

ٽاؤ تال: (16 تال)

جيڪڏهن هند جي سنگيت ۾ 16 ماترن  جا تال خاص ڪري تين تال. تلواڙو ملن ٿا ته سنڌ جي سنگيتَ 16 جا وڌيڪ تال لکت ۾ خاص ڪري سنڌ جي سنگيت ۾ ڏنا آهن. ٽاؤ خاص ڪري سنڌ جي روايتن مطابق محرم الحرام ۾ جڏهن حضرت امام عالي مقام جو پڙ هڪ پڙ کان ٻئي پڙ لاءِ روانو ٿئي ٿو ته رواجن اهو تال وڄت ۾ استعمال ٿيندو آهي يا پوءِ اِنهيءَ تال جو اڌ خاص ڪري سنڌ جي درگاهن ۽ اوتارن تي ڌمال جي روپ ۾ ملي ٿو.

 

جها

ڻِ گههِ

نا

ڙا

جها

ڻِ گههِ

نا

گهِن

تا

ڙ گهه

نا

گهِن

تِ

نا

تِ

نا

1

2

3

4

5

6

7

8

9

10

11

12

13

14

15

16

نغاري جي تالن بابت ڪچهري اياز فقير وٽان ملي، جيڪو جمعو فقير نغارچيءَ جو پوٽو آهي ۽ هِن وقت نغاري جو وڏو ماهر وڄت وارو آهي، سندس ڏاڏو ماضيءَ جو وڏو نغارچي ٿي رهيو، جمعو فقير به ماڙيچه گهراڻي جي بزرگ بخشو خان جو شاگرد هو.

ماڙيچه گهراڻي جو هزارين سال  قديمي ساز وڏي دُهل تي ٻڌل سنڌي تال ۽ ان جا ماترا جيڪي هند جي سنگيت جي ساز طبلي ۽ پکاوج کان بلڪل مختلف روپ ۾ آهن.

ماڪڙو تال: (11 ماترا)

سنڌ ڌرتيءَ جي مهان ۽ معروف ڍولڪ واري ساز جي ماهر ۽ سنڌ جي وڏي اُستاد مرحوم اُستاد سومار خان، جنهن سنڌ ڌرتيءَ کي سوين شاگرد ڏنا، اُنهن شاگردن مان خاص ڪري سُومار خان (ماڙيچي) جي شاگردن مان خاص ڪري ميجر خان ماڙيچي انهن تالن جي تحقيق ڪئي ۽ ميجر خان کان سواءِ سنڌ ڌرتيءَ جي نامور طبلا نواز اُستاد نياز حسين ڏوسو (ماڙيچو)، جيڪو پڻ معروف ڪلاسيڪل راڳي مرحوم شادي فقير جو ننڍو ڀاءُ آهي، تنهن وڏي ماڙيچه گهراڻي جي تالن ۾ مدد ڪئي.

  1. ماڪڙو تال: (11 ماترا)

 

ڌان

ڌٽ ڌٽ

ڌا

نا

گههِ

گهِه

ناگهن

ڌٽ ڌٽ

ڌا

نا

گهِه گههِ

1

2

3

4

5

6

7

8

9

10

11

 

  1. موريو تال: (9 ماترا)

هِن تال جو تعلق مور  جي پر کولي هلڻ ۽ نچڻ تي ٻڌل آهي.

 

ڌان

ڌٽ ڌٽ

ڌا

گهِه گهِه

گهِنا

ڌن

ڌٽ ڌٽ

ڌاگهه

گهِنا

1

2

3

4

5

6

7

8

9

 

هالريو تال:

هي تال سنڌ جو نج تال آهي ۽ هي هند جي 14 جي تالن کان بلڪل مختلف تال آهي ۽ هي صرف سنڌ جي سنگيت جو تال آهي، جيڪو ماڙيچه ڪتب آڻين.

 

ڌين

-

ڌا

ڌين

ڌا

-

گهِين

-

ڌا

تَ

ئِين

ڌا

تَ

ئِين

1

2

3

4

5

6

7

8

9

10

11

12

13

14

 

مَڌڪر تال: (14 ماترا)

هي به هند جي سنگيت کان بلڪل مختلف 14 ماترن جو ئي تال آهي، جيڪو اڄ به ماڙيچه گهراڻي جي خوشين وارن ڏهاڙن تي استعمال ۾ ايندو آهي.

 

ڌا

گهي

ڌين

-

تا

ڌين

-

تا

گهي

ڌي

-

تا

ڌِن

-

1

2

3

4

5

6

7

8

9

10

11

12

13

14

جيڏر تال: (14 ماترا)

هند جي 14 ماترن جي تالن خاص ڪري، ڌُمار، آڙاچؤ تال فردوست کان به وڌيڪ هي سنڌ ڌرتيءَ جي ماترن جا تال آهن، جيڪڏهن اِهي تال وڄت ۾ آيا ته سنڌ جو سنگيت هند جي سنگيت کان قداور نظر ايندو.

 

تا

-

تِن

تِن

تِن

تا

-

ڌين

ڌا

ڌن

-

ڌن

ڌن

ڌن

1

2

3

4

5

6

7

8

9

10

11

12

13

14

 

هينچ تال: (6 ماترا)

سنڌ ڌرتيءَ جو هي قديمي تال ساز طبلي جي وجود ۾ اچڻ کان ڪئين صديون اڳ جا جڳ مشهور تال آهن. هي تال خاص ڪري سکيُون جڏهن تيج جي تهوار جي موقعي تي باغن ۾ جهولا ٻڌي لڏنديون هيون، تنهن جو هي تال ٻڌل آهي. هي تالن جو سنگيت سنڌ جي ماڙيچه گهراڻي جو ٻڌل تالن جو روپ آهي.

 

ڌِئين

ڌا

تِئين ڌا

تئين

ڌا

تِئين ڌا گهي

1

2

3

4

5

6

 

هينچ تال: (12 ماترا)

 

ڌَ

ئين

ڌا

ڌا

-

گهي

تَ

ئِين

ڌا

ڌا

-

گهي

1

2

3

4

5

6

7

8

9

10

11

12

 

رانسيلو تال: (10 ماترا)

هي تال هند جي سنگيت جي 10 ماترن جي خاص ڪري جهپتال تال. سول فاخته تان کان گهڻو مٿڀرو ۽ خوبصورت سنڌ جو تال آهي. تال جي سچائي اِها آهي جو هن جون ضربون 5، 10، 20، 30، 40 تائين پهچي سگهن ٿيون. هن تال جي چال اهڙي رکيل آهي، جو علم جي علم گنڌڪاري جا وڏا ماهر به وڄت ڪرڻ کان ڪيٻائي ويندا.

گهِن

گهِي

ڌا

ڌِين

ڌا

ڪَتِ

نگ

ڌا

ڌن

ڌا

1

2

3

4

5

6

7

8

9

10

 

پپئيو تال: (20 ماترا)

10 ماترن جي ٻيڻ (ڊبل) جو تال 20 ماترن جو سنڌ جو هي تال تمام حسين ۽ مشڪل تال آهي، هن ۾ دُهل وسيلي شادين مُرادين ۾ هٿن وسيلي خالي ڀري ڏيکاري راڳ آلاپيو ويندو آهي.

 

ڌن

نَ

ڪ

ڌا

-

ڌِين

-

تا

-

گهه

تي

ن

ڪ

ڌا

-

ڌن

-

ڌا

-

ڪ

1

2

3

4

5

6

7

8

9

10

11

12

13

14

15

16

17

18

19

20

سنڌ رنڱيو تال: (8 ماترا)

هي نِج ماڙيچه گهراڻي جا هزارين سال پُراڻا تال آهن، جن کي سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سهيڙي سنڌي سنگيت ۾ پيش ڪري رهيو آهيان. هي تال به هند جي سنگيت جي 8 ماترن تي ٻڌل تالن کان بلڪل الڳ ٿلڳ ڪشش جي روپ ۾ وڻندڙ تال آهي.

 

ڌا

ڪَتا

گهِين

ڍينگ

تا

ڪتا

گهِين

دينگ

1

2

3

4

5

6

7

8

 

جهُوجهاڻي تال: (7 ماترا)

ماڙيچه گهراڻي جو هي ستن ماترن تي ٻڌل هند جي سنگيت جي تالن خاص ڪري، مغلئي ۽ روپڪ کان وڌيڪ خوبصورت ۽ مٿڀرو تال آهي.

ڌا

ڌين

ڌا

تِنگ

ڌِين

ڌا

تِين

1

2

3

4

5

6

7

 

مارڳ تال:

هي مهاراجائن جي محلن جي خاص بنگلن (جن کي ماڙيچه زبان ۾ پِروڙ چئبو آهي)، جو تال آهي، تنهن ۾ راجائن جا مٽ مائٽ گڏ ٿي ۽ پاڻ ۾ راجائن جا نسل قديم رقص جو لُطف حاصل ڪندا هئا ۽ انهن رڄواڙن جا خاص مير عالم وڏي دُهل تي هي تال پيش ڪري راجائن ۽ ٻائيسائن کي رقص ڪرائي وڏا ڏان وصول ڪندا هئا.

 

ڌين

ڌا

ڌين

ڌا

تِئين

ڌا

ڌِينگ

ڌا

1

2

3

4

5

6

7

8

 

ڪنور تال يا سمڏريو تال: (8 ماترا)

هن تال تي خاص ڪري راجائن جا خاص عزيز جن مان ڀائر، سؤٽ، ماما ماميون ڀينرون ۽ چاچيون چاچا صرف گڏجي مڱڻهار جي دُهل تي رقص ڪندا هُئا ۽ اِنهيءَ تال تي پڻ گهوٽ کي به رقص ڪرائيندا هئا.

 

ڌين

ڌا

-

ڪِ

تِين

تا

1

2

3

4

5

6

جهَمِر تال: (8 ماترا)

هيءَ ماڙيچه گهڙاڻي جو قديمي ٺاهيل تال آهي، هي تال خاص ڪري خوشين جي تهوارن تي رقص ڪرڻ جو هڪ مخصوص تال آهي، جيڪو اڄ به سنڌ ڌرتيءَ تي موجود آهي.

گهِن

تا

گهِنَ

ڪ

تن

تا

تِن

ڪ

1

2

3

4

5

6

7

8

مَٽڪُو تال: (4 ماترا)

هي ماڙيچه گهراڻي جو تمام قديمي 4 ماترن تي ٻڌل تال آهي. هِن تال تي به راجائن مهاراجائن جون گهر واريون شادين مُرادين جي موقعن تي رقص ڪنديون هُيون.

 

ڌِينگ

ڌاگي

تينگ

تاگي

1

2

3

4

 

ڄامٽيو تال: (6 ماترا)

 

ڌنِئي

ڌي

تاگڙي

تئين

ڌي

تاگڙي

1

2

3

4

5

6

 

ڪلواڙو تال: (16 ماترا)

سنڌ جي ماڙيچه گهراڻي جو هي قديمي تال جنهن کي سرتاج تال جو لقب مليل آهي. تالن جي ڪائنات ۾ هي سڀ کان خوبصورت ۽ ڏکيو تال آهي. هند ۽ پنجاب جا وڏا وڏا نامور طبلچي ۽ پکاوجي هِن تال کان تمام گهڻو ڪيٻائيندا آهن. هي هزارين سال پراڻو سنڌ جو تال آهي، اڄ به پوري مُلڪ ۾ پنجاب هجي يا سرحد، بلوچستان هجي اُتي جا رهندڙ ميراثي (مير عالم) هِن تال کان، دنيا جا ماهر ترين طبلي تي پرواز ڏيکاريندڙ طبلچي، اسان جي سنڌ جي عام ڍولڪ جي وڄت وارن کان لهرائيندا آهن. هي تال اڄ به دنيا جي تالن کان وڌيڪ قدآور نظر ايندو آهي.

                                 

ڌن

-

تا

ڌن

-

ڌن

نا

ڪ

تن

-

ت

تن

-

تا

-

ڪ

1

2

3

4

5

6

7

8

9

10

11

12

13

14

15

16

 

لاڙي ڪٽ ڪلواڙو: (16 ماترا)

 

ڌن

-

ڌا

ڌا

ڌن

-

ڌا

ڌا

تن

-

تا

تا

ڌن

-

نا

تا

1

2

3

4

5

6

7

8

9

10

11

12

13

14

15

16

 

اڄ جي دور ۾ هن کي 4 ماترن ۾ به استعمال ڪن ٿا، هن ساز جا خاص بجائڪ. مرحوم اُستاد ضامن علي خان مرحوم اُستاد رُومڙي خان نغارچي، هن دور جي استاد سومار خان مرحوم، استاد الله رکيو خان، استاد الَڻ خان، استاد هاشم خان ڪڇي، مرحوم استاد خميسو خان، مرحوم اُستاد منور علي خان ماڙيچو، استاد منور علي (ننڍي ڄمار ۾ دنيا فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو) جي ڍولڪ ۽ طبلي تي پنجاب جي وڏي اڪثريت عاشق هئي. هي وڏا وڏا ڪم ڪرڻ وارن جو هيرو هو. منور علي خان مرحوم ماڙيچو اُستاد محمد خان ماڙيچو، مير خان مڱڻهار، آچر خان انهيءَ دور جي ڍولڪ جو استاد بچل خان، ميجر خان جو فرزند سنگهار علي خان، روشن خان، انب خان جوڳي، ڪلاسيڪل روپ ۾ اُستاد محمد اسلم خان، استاد نذير خان. هي سنڌ ڌرتيءَ جا محبوب طبلا ۽ ڍولڪ نواز آهن، جن مان ڪي موجود آهن، ڪجهه جهان فاني مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن، پر اُنهن جون وڄايل ريڪارڊنگ اڄ به موجود آهن. جيڪڏهن کنيل انهن تالن بابت دنيا ۾ رُونمائي ٿي ته سنڌ جي موسيقيءَ جو مانُ تمام گهڻو مٿڀرو نظر ايندو.

(د)  شجرو اُستاد امير علي خان

ماڙيچه گهراڻو: ماڙيچه گهراڻي جي برک ڪلاسيڪل ۽ قديمي سنڌي ٻوليءَ کي ڪلاسيڪل جي ڏُکين تالن ۾ آسان ڪري سنڌي ٻوليءَ کي گهڻ رنگن ۾ ڳائيندڙ ۽ ڌرتيءَ جي مختلف علائقن ۽ مُلڪ کان ٻاهر شاگردن جي وڏي تعداد ڏيندڙ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ڪمپوز ڪندڙ مرحوم خانصاحب حاجي خير محمد خان بوڌراڻي جو هي گهراڻو، صدين کان علم موسيقي وسيلي نج قديمي سنڌي لوڪ موسيقيءَ جون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي:

اُستاد نبي بخش خان ٻوڌراڻي

اُستاد امير علي خان

روشن علي خان

اختر علي خان

حيدر علي خان

منتظر مهدي

سدا رنگ علي

مهربان علي

سهيل خان

محمد قاسم

اڪرم علي

ذيشان علي

حسن علي

نواز علي

محرم علي

امجد علي

استاد اسمٰعيل عرف سڀ رنگ خان

خانصاحب اُستاد خير محمد خان

استاد محمد هاشم خان

استاد فضل حسين خان

استاد فيروز علي خان

اُستاد گل محمد خان

اُستاد حبيب الله خان

نظام خان

انور

سانئيداد

موسيٰ خان

حاجي خان

اُستاد رمضان علي خان

اُستاد لعل بخش خان

اُستاد رجب علي رضا

اُستاد جمال بخش خان

سجاد رضا

شاهد رضا

شان علي

قمر علي

مومن علي

فراز علي

گلزار علي

گلزار علي

رمضان علي روجو خان

نواز علي

شهباز علي

مختيار علي

راڻو خان

عنايت علي

ديدار حسين

شوڪت علي

امداد علي

مورو

اختر علي

       سليم

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 


خانصاحب حاجي خير محمد خان جي سيکاريل شاگردن جا شاگرد

(1) ٻائي جيوڻي

(2) استاد مرحوم علم الدين خان

(3) مرحوم اُستاد دين محمد خان

(4) اُستاد مرحوم شادي خان فقير

(5) محمد بخش ماڇي المعروف ڪانڊيرو

(6) اُستاد زنوار بسنت

(7) محمد صديق (هندستان)

(8) نهال (هندستان)

(9) محمد هاشم (هندستان)

(10) مُراد فقير

(11) خدا بخش والهيرو

(12) عيدل فقير

(13) نذر محمد آناڻي

(14) حسين بخش آناڻي

 

جيوڻي ٻائي جا شاگرد: مائي الهوسائي، الله رکي ميتلي

اُستاد مرحوم علم الدين خان جا شاگرد: محمد يوسف مرحوم، اُستاد علي نواز خان (شير سنڌ)، مرحوم احمد نواز خان، فيروز علي آناڻي

استاد دين محمد خان جا شاگرد: لياقت علي خان، محمد ابراهيم جيڻو، محمد عرس ڏيڌڙو، محمد رمضان کاڙتيرو

استاد شادي فقير جا شاگرد: شفيع فقير، مرحوم ميوو جاني (موسيقار)، اڪبر جيڻو، ڪالو فقير، مقبول

اُستاد زنوار بسنت جا شاگرد: (ڳائڻي محمد يوسف جو سهرو ۽ ضامن علي جو نانو) عبدالله فقير شرناءِ نواز، مرحوم اِمام بخش ڪلارنيٽ

خانصاحب حاجي خير محمد خان جي شاگردن جا شاگرد هن وقت هند ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سنڌي ٻولي ۽ موسيقيءَ جون خدمتون حُسن و خوبي سان سرانجام ڏئي رهيا آهن.

خانصاحب حاجي خير محمد خان جي اولاد جا سنڌ کي ڏنل شاگرد:

  • مرحوم اُستاد رمضان علي خان ٻوڌراڻي جا ڏنل شاگرد: استاد لعل بخش خان (موسيقار)، مائي بدر النساء، موسيقار رجب علي رضا، حسين بخش فقير مٺي وارو جنهن جو شاگرد صادق فقير سنڌ ۾ سٺو نامور گائڪ سڏبو آهي.... امير علي خان.
  • موسيقار لعل بخش خان ٻوڌراڻي جا سيکاريل شاگرد: روبينه حيدري، مرحومه فوزيه سومرو، گلزار علي، عبدالله پيلو، پير بخش عرف پيرو رابيل خان، غلامو فقير، صنم ماروي جو پيءُ ۽ پروين حيدري.
  • رجب علي رضا ٻوڌراڻي جا شاگرد: ليليٰ لطيفي، حيدر علي خان، شاهد علي، شازيه خشڪ، سانوڻ رضا ۽ پڻ ٻيا.
  • اُستاد امير علي خان جا سيکاريل شاگرد: امبر مهڪ، حيدر علي، اقبال ڪلهوڙو، حسنه پروين، الهبچايو (شادي فقير جو ڀائٽيو)، مهر علي ساگر، سلميٰ پروين، فوزيه پروين، رابيل راڻي، چئنچل راڻي ۽ سدا رنگ علي خان.

 

                                                                                                                                     استاد امير علي خان