شـاهه جو راڳ (جلد پهريون)

ڪتاب جو نالو شـاهه جو راڳ (جلد پهريون)
ليکڪ اُستاد امير علي خان
سنڌيڪار / ترتيب پير بهاءُ الدين ’بها‘ سرهندي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-051-7
قيمت 800    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (526) PDF  E-Pub
انگ اکر

15 November 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     37852   ڀيرا پڙهيو ويو

    ڪتاب بابت


    سنڌي ٻوليءَ جي اها وڏي خوشقسمتي آهي، جو هن ٻوليءَ کي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جهڙو شاعر ۽ مفڪر مليو. ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو مدار موسيقيءَ تي آهي ۽ اِها خالص سنڌي موسيقي تي آڌاريل آهي. شاهه سائين ان لاءِ ڀٽ تي ڄڻ ته هڪ ادارو قائم ڪيو ۽ پنهنجي ساٿين جي موسيقيءَ جي سلسلي ۾ تربيت ڪئي. موسيقيءَ جي هن اسڪول لاءِ لطيف دنبورو ايجاد ڪيو، جنهن کي هڪ ئي وقت ٻن طريقن سان وڄايو وڃي ٿو، هڪ تار ٻي تال. شايد هي دنيا جو واحد ساز آهي، جنهن جي تار مان سُرن کي آواز ملي ٿو ۽ هٿ جو ڌڪ هڻي تال جو آواز به ڪڍي سگهجي ٿو. سنڌي موسيقيءَ جي خاص راڳن کي هن ساز سان نروار ڪيو ويو آهي. شاهه جي راڳ کي سمجهڻ لاءِ ڪو وڏو وقت کپي، جو وڃي ان کي سُرن جي حساب سان سمجهجي. لطيفي راڳ ڳائڻ وارا فقير چون ٿا ته ڀٽائي جيڪي سُر پاڻ چيا، ۽ پنهنجن شاگردن يا مريدن کي سيکاريا، سي سڀ جا سڀ هن وقت ڳائي نٿا سگهجن، جو خبر نه آهي ته انهن مان ڪي ڪيئن ڳائبا هئا! البته پوءِ به ڪافي سُر اڃا ڳائجن ٿا. ايندڙ وقت ۾ خبر نه آهي ته راڳ جي لحاظ کان اهي ڪيترا بچي سگهندا ۽ اسان جي ايندڙ نسلن تائين ڪيترا پهچي سگهندا، انهيءَ سڄي پس منظر کي سامهون رکندي، استاد امير علي، ڀٽائيءَ جي ٽيهن سُرن کي راڳ واري حساب سان ڪتابي شڪل ڏني آهي، جيڪا سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ طرفان ٻن جلدن ۾ ڇپرائي پڌري ڪئي وئي آهي. هي ان جو پهريون جلد آهي. استاد امير علي خان راڳي گهراڻي سان تعلق رکي ٿو، راڳ ۽ سُرن ۾ اک کولي اٿس، هندستاني موسيقيءَ کان سواءِ خالص سنڌي موسيقيءَ جو به شاگرد آهي. استاد امير علي جي ڪم جي ايڊٽنگ سنڌي موسيقيءَ جي ڄاڻو محترم پير بهاءُ الدين ’بها‘ سرهندي ڪئي آهي ۽ محترم نصير مرزا هن تي نظرثاني ڪئي آهي، جنهن لاءِ آءٌ ٻنهي صاحبن جو ٿورائتو آهيان. سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ طرفان ڀٽائيءَ جي درگاهه راڳي محترم خان محمد چانڊيي کان اٿارٽيءَ جي اسٽوڊيو ۾ هن ڪتاب جي ترتيب مطابق اهي سُر ڳارايا ويا آهن ۽ انهن جي سي. ڊي تيار ڪرائي وئي آهي، جيڪا ٻن ڪتابن واري سيٽ سان گڏ شامل آهي. هي ڪتاب نه صرف سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن لاءِ خاص وٿ آهي، پر شاهه جي راڳ کي سمجهڻ لاءِ به هڪ سرمايو ثابت ٿيندو.