سنڌي ٻولي (جون 2016 )

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻولي (جون 2016 )
ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN ISSN : 2519-9765
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (798) PDF  E-Pub
انگ اکر

18 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     390278   ڀيرا پڙهيو ويو

ابتدائي درجي وارن بصري لفظن (Sight Words) جي دائري جو اڀياس ڊاڪٽر الطاف جوکيو


ڊاڪٽر الطاف حسين جوکيو

]اسسٽنٽ پروفيسر،  غلام رباني آگرو ڊگري ڪاليج، ڪنڊيارو[

 

ابتدائـــــي درجـــي وارن بصري لفــــظــــــن

(Sight Words) جي دائري جو اڀياس

A Study of Sindhi Sight Words

Abstract:

 

The categorization of words in Sindhi language is not done as comprehensive as is done in English Language, for instance: Sight Words, General Service Words, Fossil Words, Eponym Words, Ghost Words, Nonce Words, Nonwords etc. Sight Words are back-bone of Reading Skill in the Early Childhood Education. Sight Words, often also called High Frequency Sight Words or Service Words, are commonly used words that young children are encouraged to memorize by their sight, so that they can automatically recognize these words in print without having to use any strategies to decode.

This issue is related to Semiotics and Linguistics, especially to the aspect of Orthography. In English Language, Educator Dr. Edward William Dolch developed the list in the 1930s-40s by studying the most frequently occurring words in children’s books. The list contains 220 ‘Service Words’ including 95 high-frequency nouns. These Service Words comprise 80% of the words you would find in a typical children’s books and 50% of the words found in adult-age level books. Once a child knows list of those words, it makes the reading much easier. Because the child can then focus his/ her attention easily on the remaining words.

In this paper, it is tried to categorize and locate apposite Sight Words in Sindhi ECE. Having initiated a primary scope for the further studies and researches, this paper gives imperative to conduct a comprehensive research on the Sight words.

 

سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جي گروهه بندي ۽ اُن جي دائرن تي ڪو خاطر خواه ڪم ٿي نه سگهيو آهي؛ جيئن انگريزيءَ ۾ لفظن تي ٿيو آهي: Sight words، General Service words، Fossil words، Eponym words، Ghost words، Nonce words، Nonwords وغيره. هتي سنڌي ٻوليءَ ۾ بصري لفظن جي دائري ۽ اُن جي مثالن تي ڪم ڪرڻ جي ابتدائي ڪوشش وٺجي ٿي.

Sight Word کي اردو ۽ سنڌيءَ ۾ ’بصري لفظ‘ چئجي ٿو، هي اصطلاح ابتدائي تعليم واري شعبي ۾ استعمال ٿيندو آيو آهي. ’بصري لفظ‘ جو ’پڙهڻ واري مهارت‘ ۽ درسي ڪتابن جي مواد لکڻ ۾ اهم ڪردار آهي. هي اصطلاح ابتدائي درجن(Early Childhood Education/ ECE)  سان تعلق رکي ٿو. ’بصري لفظ‘ مان مراد اهڙا لفظ جيڪي ٻاراڻي عمر/ پرائمري درجن کان وڏي عمر تائين والدين يا ماحول مان هر هر ڪم ايندڙ لفظ (Most Frequent Words)تصويري صورت ۾ ذهن نشين ٿي سگهن. اهي لفظ خاص طور ابتدائي درجي جي ٻارن لاءِ پڙهڻ يا لکڻ ۾ ڪم ايندا آهن، تنهنڪري انهن لفظن کي صورتخطيءَ (Orthography) جي دائري ۾ آڻبو.

عام فھم ۾ بصري لفظ مان مراد اهڙا هر هر ڪم ايندڙ لفظ جيڪي ٻار جي ذهن ۾ هڪ قسم جي تصوير ٺاهي بيھن؛ جنھن کي ڏسڻ سان آوازن جي ٽوڙ جوڙ(Segmenting and Blending)سان هِجي ڪرڻ جي گهرج پيش نه اچي، بلڪ، پورو لفظ اکري تصوير سان ڊيڪوڊ (decode) ٿي وڃي ۽  روانيءَ سان پڙهي- سمجهي سگهجي.

انگريزيءَ ۾ ڊولچ بصري لفظ (Dolch Sight Words) پوري دنيا ۾ اڄ سوڌو، درجيوار درسي ڪتابن لکڻ ۽ ابتدائي درجن جي ٻارن ۾ ، پڙهڻ جي حوالي سان ڪتب آندا وڃن ٿا. سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙن لفظن جي درجيوار چونڊ يا اُنهن لفظن جو دائرو مقرر نه ٿي سگهيو آهي. ابتدائي درجن جي ڪتابن لکڻ ۽ سبقي منصوبي (Lesson plane) وغيره ترتيب ڏيڻ ۾ به بصري لفظن جي باضابطا ڪڙي به ڪڙي (Progression) رکي ويندي آهي. ڪھڙن درجن ۾ ڪيترا لفظ، ڪيترن پدن (Syllable) وارا لفظ، ڪھڙي معيار تي، ڪيئن رکجن،تنھن بابت ڪو خاص ڪم سامھون ڪونه ٿو اچي.

مسئلي جو بيان:

سنڌي ٻوليءَ ۾ هي معاملو تڏهن سامهون آيو، جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي استادن/ ماهرن ڪن سبقي منصوبن ۾ ’ڏس‘ ۽ ’اچ‘ جھڙا لفظ ’بصري لفظ‘ طور پئي شامل ڪيا. ان تي راقم جو اهو اعتراض رهيو ته مذڪوره لفظ، فعل/ امر جي اها صورت آهي، جيڪي جنس، عدد، يا زمان جي حالت ۾ صورتون تبديل ڪن ٿا؛ مثال:

  • ڏس- ڏسان- ڏسون- ڏسين- ڏسي- ڏسن- ڏٺو- ڏسندم- ڏسندس- ڏسنداسين- ڏسندين- ڏسندو- ڏسندا وغيره.
  • اچ- اچان- اچون- اچين- اچي- اچن- آيم- آيس- آيا- آئي- آيو- ايندم- ايندس- اينداسين- ايندو- ايندي- ايندا وغيره.

مٿيان لفظ جنس، عدد يا زمان سبب فعلي مٽجندڙ صورتن کي ڏسي ڪري سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته:

جيڪڏهن لفظ ڏسڻ سان ڊيڪوڊ/ اچارجي وڃي ۽ اهو لفظ صورتون مٽائي ته ڇا اهڙا لفظ بصري لفظن واري دائري ۾ آڻي سگهجن ٿا؟

ان کان علاوه اها ڳالهه به ڌيان ۾ آئي ته حرف اضافت جا لفظ ’جو/ جي/ جا/ جون‘ وغيره اهڙا لفظ آهن، جيڪي ٻولي جي مزاج پٽاندر صورت ته مٽائين ٿا، پر انهن جو شمار بصري لفظن ۾ ڪيو ويندو آهي؛ ڇاڪاڻ ته اهي لفظ جملن ۾ اڪثر پيا ڪم ايندا آهن، جنهن سبب آوازن کي Decode ڪرڻ جي گهرج پيش نه ايندي آهي.

لفظن جي اهڙي حالت کي ڏسي اهو سوال اهو ٿو جڙي ته پوءِ ’بصري لفظ‘ ڪھڙا ٿي سگهن ٿا؟

ان معاملي کي ڏسڻ لاءِ هتي ڪي سوال رکجن ٿا، جن جي روشنيءَ ۾ اڀياس ڪرڻ ممڪن ٿي سگهندو.

مسئلي جا سوال:

  • جيڪڏهن لفظ ڏسڻ سان ڊيڪوڊ ٿي/ اچارجي وڃي ۽ اهو لفظ وڌيڪ صورتون مٽائي ته ڇا اهڙا لفظ ’بصري لفظن‘ واري دائري ۾ آڻي سگهجن ٿا؟
  • حرف اضافت جا بصري لفظ ’جو/ جي/ جا/ جون‘ وغيره صورتون مٽائين ٿا؛ ته ڇا انهن کي بصري لفظن ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو؟
  • ڇا گرامر جي اٺن لفظن مان هر هر ڪم ايندڙ لفظ (Most Frequent Words) گڏ ڪري، بصري لفظن ۾ شامل ڪري سگهجن ٿا؟

بصري لفظ جي دائري جو اڀياس:

هن عنوان جو لاڳاپو گهڻي قدر وياڪرڻ (Grammar)، صورتخطي (Orthography) ۽ نشانين/ علامتن جي علم(Semiotics) سان آهي.

انگريزي ٻوليءَ ۾ بصري لفظن جي جيڪا عام وصف  ڄاڻائي وڃي ٿي سا وڪيپيڊيا موجب هن ريت آهي:

Sight words often also called high frequency sight words, are commonly used words that young children are encouraged to memorize as a whole by sight, so that they can automatically recognize these words in print without having to use any strategies to decode.

Sight words account for a large percentage (up to 75%) of the words used in beginning children's print materials. The advantage for children being able to recognize sight words automatically is that a beginning reader will be able to identify the majority of words in a beginning text before they even attempt to read it; therefore, allowing the child to concentrate on meaning and comprehension as they read without having to stop and decode every single word. Advocates of whole-word instruction believe that being able to recognize a large number of sight words gives students a better start to learning to read.

1936ع ۾ ايڊورڊ وليم ڊولچ (Edward William Dolch) ٻارن ۾ پڙهڻ واري رواني پيدا ڪرڻ لاءِ 220 اهڙا انگريزي لفظ سھيڙيا جيڪي پرائمريءَ جي ڪتابن ۾ هر هر ڪم آندا ٿي ويا، جيڪي 1948ع ۾ سندس ڪتاب “Problems in Reading” ۾ شايع ٿيا. اهي 220 لفظ غير اسم تي مبني آهن ۽ان کان علاوه ٻيا 95 لفظ به چونڊيل آهن، جن ۾ اسم شامل آهن.غير اسمن ۾ صفت، فعل، ضمير، ظرف، حرف جر، حرف جملو ۽ حرف ندا شامل آهن؛ جڏهن ته انهن اسمن ۾ سواءِ ٻن نالن/ اسم خاص جي، باقي اسم عام آهن.

مسٽر ڊولچ جي سھيڙيل لفظن جو احاطو گرامر/ وياڪرڻ جي اٺن ئي لفظن تي رهي ٿو. ان مان مراد اها آهي ته ڊولچ، بصري لفظن لاءِ، پرائمري سطح جي ڪتابن مان هر هر ڪم ايندڙ لفظن کان سواءِ، وياڪرڻي ڪو خاص دائرو يا معيار نه رکيو؛ بلڪ، هن شايد اهي لفظ درســي، ٻاراڻـن رسالن ۽ اخبارن مان هــر هر ڪم ايندڙ (High Frequency Words)جي تعداد موجب حاصل ڪيا هوندا. ڪوتاهيءَ سبب، مسٽر ڊولچ جي طريقه ڪار جو فائيل ملي نه سگهيو آهي، جو ان جو اڀياس ڪري سگهجي.

ڊولچ جي ڄاڻايل لفظن مان بصري لفظ جو جيڪو دائرو جڙي ٿو، ان موجب ڪوبه لفظ، جيڪو درسي ڪتابن ۾ ڪم آيل هجي، بجاءِ هِجي ڪرڻ جي، تصوير جي صورت ۾ ياد ڪيو وڃي. اها ڳالهه ان سبب اخذ ٿئي ٿي ته مسٽر ڊولچ، گرامر جي اٺن ئي لفظن وارا لفظ سھيڙيا آهن. انگريزي ۽ سنڌي صورتخطيءَ جي ڊيڪوڊ ٿيڻ ۾ ڪافي فرق آهي.

سنڌي ۽ انگريزي صورتخطيءَ جي ڀيٽ:

سنڌي صورتخطيءَ جي ڀيٽ ۾، انگريزي صورتخطيءَ ۾ آواز جي بنياد تي ٽوڙ جوڙ سان هِجي ڪرڻ (Spelling) واري عمل ۾مطابقت يا ٺھڪاءُ (accuracy) ناهي؛ ان ڪارڻ انگريزي لفظ جي اچار توڻي هِجي (Spelling) کي رٽي جي بنياد تي ياد ڪرڻو پوندو آهي. جڏهن ته سنڌي صورتخطيءَ ۾ عربي رسم الخط جي چونڊ سبب هِجي (Spelling) واري معاملي ۾ ڪا خاص کوٽ ڪونهي. برطانيه جي مشھور ماهر لسانيات فرٿ (Firth) اهڙي ڳالهه هن انداز ۾ ڪئي آهي ته:

“Our English alphabet and Orthography are disgracefully and almost ridiculously imperfect. Let us notice the main features of Arabic alphabet. I suppose it can claim the title ‘alphabet’ on etymological grounds, but it is really a syllabary. Firstly, each Arabic letter has a name of its own. Secondly, each one is capable of being realized as an art figure in itself. Thirdly, and most important of all, each one has syllabic value, the value of ‘potestas’ in the most general terms being consonant plus vowel, including vowel zero, or zero vowel. The special mark, ‘Sukoon; for a letter without vowel possibilities, i.e. with zero vowel or for letter to end a syllable, not begin it, is the key to understanding of the syllabic value of the simple letter not so marked, and this is congruent with the essentials of Arabic Grammar.” (Firth, 1957, 125-126)

لفظ کي رَٽي جي بنياد تي ياد رکڻ واري نسبت انگريزيءَ جا ڪافي لفظ بصري لفظن ۾ شامل ٿيڻ وارو مزاج رکن ٿا.ان سبب مسٽر ڊولچ اهڙن مڙني لفظن جي چونڊ ڪئي جيڪي ٻاراڻن ڪتابن ۾ ڪم آندا ٿي ويا. هن وقت به آمريڪا جي ايليمينٽري اسڪولن ۾ ڊولچ سائيٽ ورڊس کي اهميت حاصل آهي.

بصري لفظي ذخيري جي حوالي سان انگريزي ۽ سنڌي ٻولين جي ڀيٽ ڪجي ٿي ته پهريون معاملو رسم الخط (Script) جو ٿو اچي. رومن رسم الخط (Script) ۾ آئيويٽا (Alphabet) جي ٿورن اکرن سبب انگريزي لفظن لاءِ مناسب آواز سان مطابقت جو ڪافي مسئلو رهي ٿو؛ جڏهن ته عربي توڙي ديوناگري رسم الخط ۾ مناسب آواز لاءِ اکرن جو ڪنھن حد تي مناسب تعيّن ٿيل آهي. اهڙي خيال کان سنڌي لفظن لاءِ، آوازن کي اکرن سان سلهاڙڻ (Phonics) ۽ ان کي اچارڻ ۾ ڪا دقت پيش نه ٿي اچي. ياد رهي ته هتي بصري لفظ مان خاص مراد لفظ جي تصوير آهي، جنھن کي ڏسڻ سان اچاري ۽ سمجهي وڃجي.

اهوئي سبب آهي جو رسم الخط جي حوالي سان انگريزي ته پنھنجي جڳھه تي، پر سنڌيءَجي بصري لفظن لاءِ ڪي دائرا جوڙڻ ڏکيو عمل ضرور آهي؛ پر انتھائي ضروري پڻ. جيڪڏهن انگريزي ۽ سنڌي لفظن کي پد (Syllable) جي ماڻ ۾ تقابل ڪجي ٿو ته وڏو فرق نظر اچي ٿو. سنڌيءَ ۾گهڻي قدر هر لفظ جي آخري وينجن (Consonant) تي ڪو نه ڪو سُر(Vowel)ضرور هجڻ سبب هڪ پد (Syllable) وارا اسم ملن ئي ڪونه ٿا؛ مثال طور:

  • کَٽَ = /ک/ + /اَ/، /ٽ/ + /اَ/ (هن لفظ ۾ چار آواز ۽ ٻه پد آهن)
  • تِڏِ = /ت/ + /اِ/، /ڏ/ + /اِ/ (هن لفظ ۾ چار آواز ۽ ٻه پد آهن)
  • سِرَ = /س/ + /اِ/، /ر/ + /اَ/ (هن لفظ ۾ چار آواز ۽ ٻه پد آهن)
  • پاڻِي = /پ/ + /آ/، /ڻ/ + /اِي/ (هن لفظ ۾ چار آواز ۽ ٻه پد آهن)
  • مُوڙو = /م/ + /اُو/، /ڙ/ + /او/ (هن لفظ ۾ چار آواز ۽ ٻه پد آهن)

مٿي ڄاڻايل لفظن مان ڪي ٻه اکرا ته ڪي چار اکرا لفظ آهن، پر انهن مان هرهڪ لفظ ۾ ٻه پد (Two syllables) ۽ چار آواز ٿين ٿا. جڏهن ته انگريزيءَ ۾ پنج اکرا، چار اکرا ۽ ٽي يا ٻه اکرا لفظ به هڪ پد (One syllable) وارا ٿين ٿا؛ مثال طور:

  • World (هي لفظ پنج اکرو آهي، ليڪن هڪ پدو لفظ آهي)
  • Heart(هي لفظ پنج اکرو آهي، ليڪن هڪ پدو لفظ آهي)
  • Life(هي لفظ چار اکرو آهي، ليڪن هڪ پدو لفظ آهي)
  • Love(هي لفظ چار اکرو آهي، ليڪن هڪ پدو لفظ آهي)
  • One(هي لفظ ٽي اکرو آهي، ليڪن هڪ پدو لفظ آهي)
  • Day(هي لفظ ٽي اکرو آهي، ليڪن هڪ پدو لفظ آهي)
  • In (هي لفظ ٻهِ- اکرو آهي، ليڪن هڪ پدو لفظ آهي)
  • On (هي لفظ ٻه- اکرو آهي، ليڪن هڪ پدو لفظ آهي)

ڊولچ بصري لفظن (Dolch sight words) پٽاندر مٿين انگريزي لفظن مان به صرف ٽي هڪ پدا لفظ on, in, one غير اسم ۽ هڪ لفظ Day اسم مان شامل ڪيا ويا آهن. سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطيءَ ۾ ته ٻه- اکرا لفظ پڻ ٻه پدا ٿين ٿا. ان لحاظ کان بصري لفظ ۾ پدن (syllables) کي به ميزان نه بڻايو ويو آهي. جيستائين ڪو پختو دستاويز يا پيپر سامهون اچي، تيستائين اهو ئي خيال جڙي ٿو ته مسٽر ڊولچ ٻاراڻن ڪتابن ۽ اسڪولن جي مواد مان گهڻي کان گهڻا ڪم ايندڙ لفظن (Most frequent words)جي درجيوار ميڙ سيڙ ڪري، ڇنڊڇاڻ ذريعي چونڊ ۽ ورڇ ڪئي هوندي. ان موقعي تي اها ڳالهه سامهون ضرور اچي ٿي ته ان دؤر جي انگريزي پرائمري ڪتابن جي تياريءَ ۾ ڪي معيار رکيا ويا هوندا.اها ڳالهه به سمجهه ۾ اچي ٿي ته سنڌي درسي ڪتابن ۾ ڪو سائنسي طريقڪار ڪم آندل ناهي.

جيڪڏهن گرامر کي ڏسجي ته گرامر جا اٺ لفظ (اسم، صفت، ضمير، فعل، ظرف، حرف جر، حرف جملو ۽ حرف ندا) اسم، فعل ۽ حرف ۾ ئي سمائجي وڃن ٿا. ان لحاظ کان جيڪڏهن انهن مان ئي بصري لفظن جو احاطو ڪجي ته مڙني وياڪرڻي جزن مان چونڊڻا پوندا؛ البت، انهن مان اهڙن لفظن جي چونڊ ضرور ڪرڻي پوندي، جن جو استعمال عام جام ٿئي ٿو، يا جن کان سواءِ جملن جي بيھڪ ناممڪن ٿي وڃي.

ڪافي انگريزي توڙي سنڌي اهڙا به لفظ آهن، جن کي صرف نشانين/ علامتن سان ڄاڻايو ويندو آهي ۽ ان کي هِجي ڪرڻ جي گهرج پيش نه ايندي آهي؛ ان خيال کان بصري لفظن جو تعلق سيميوٽڪس (Semiotics) سان به آهي. هي اهڙو علم آهي جنھن ۾، رابطي لاءِ، علامتن ۽ نشانين مان معنى مراد حاصل ڪئي ويندي آهي. مثال طور: ‘&’، ’۽‘، ’۾‘، ’ته‘ وغيره. خير، ان عنوان بابت هيٺ ٿوري ڄاڻ رکي ان کي پاسي ٿو رکجي.

Semiotics (also called semiotic studies; not to be confused with the Saussure an tradition called semiology which is a part of semiotics) is the study of meaning-making, the study of sign processes and meaningful communication.[1] This includes the study of signs and sign processes (semiosis), indication, designation, likeness, analogymetaphorsymbolism, signification, and communication.

Semiotics is closely related to the field of linguistics, which, for its part, studies the structure and meaning of language more specifically. The semiotic tradition explores the study of signs and symbols as a significant part of communications. As different from linguistics, however, semiotics also studies non-linguistic sign systems. Semiotics may be divided into three branches:

  • Semantics: relation between signs and the things to which they refer; their signified denotata, or meaning
  • Syntactics: relations among or between signs in formal structures
  • Pragmatics: relation between signs and sign-using agents or interpreters

بصري لفظن جي چونڊ:

مٿي ورتل جائزي وٺڻ کان پوءِ ظاهر ٿيو ته انگريزي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مزاج ۾ ڪافي فرق آهي. البت، بصري لفظن جو دائرو گرامر جي اٺن ئي لفظن تي مبني ٿي سگهي ٿو. بصري لفظن جي دائري جوڙڻ لاءِ ڪي معيار رکڻ جي گهرج اوس آهي، ته جيئن، اڳتي تحقيق ڪندڙن کي هن عنوان جي اهميت جو اندازو ٿئي ۽ ان تي تحقيق جي سلسلي کي اڳتي وڌائي سگهن.

هن عنوان تي ڪم ڪرڻ جا ٻه رستا ٿي سگهن ٿا:

  1. اهڙا لفظ ڳولهجن جيڪي درسي ڪتابن ۾ گهڻي کان گهڻا ڪم آندا ويا هجن؛ ليڪن ان لاءِ اهو ڏسڻ ضروري آهي ته درسي ڪتابن ۾ ڪم آندل لفظ يا جملا ڪھڙي معيار پٽاندر رکيل آهن، يا رڳو ٻارن جي سطح کي ڏسي اندازي تي رکيا ويا آهن.
  2. ٻيو طريقو اهو آهي ته گرامر جي اٺن ئي لفظن آهر درسي ڪتابن مان اهڙا لفظ ڳولهجن جن جو امڪاني استعمال گهڻو هجي ۽ لفظ ڪنھن حد تي مختصر هجي، جو ڏسڻ سان آوازن بجاءِ پورو لفظ ڊيڪوڊ (Decode)ٿي وڃي.

مختصر اڀياس تحت في الحال گرامر جي اٺن ئي لفظن کي سامهون رکي لفظن جي ڳولها ڪجي ٿي، ان بعد درجيوار ورڇ ڪري سگهجي ٿي:

اسم: هن ۾ اسم عام، خاص ۽ ذات شامل ٿين ٿا. انگريزي بصري لفظن ۾ اسم عام جي چونڊ ڪافي ٿيل آهي. اسان وٽ آئيويٽا ۾ گهڻن اکرن جي استعمال سبب ڪافي لفظ پرائمر ۾ اچي ٿا وڃن. جيڪڏهن اسم عام جي چونڊ ڪئي ويندي ته ڪافي اهڙا لفظ ٿي ويندا جيڪي اضافي ٿي ويندا. پرائيمر ۾ ترتيب ڏنل اکرن سان وڌ ۾ وڌ ٽي لفظ ڏنل آهن، جن جو اٿندي ئي تعداد 150 کان وڌي ٿو وڃي. ان لحاظ کان اسم مان لفظن جي چونڊ اضافي ٿي ويندي. ان کان علاوه عربي رسم الخط سبب هر لفظ ۾ آواز آسانيءَ سان ڊيڪوڊ ٿي سگهن ٿا. ان سبب اسم جي ڪنھن به قسم مان لفظ ’بصري لفظن‘ ۾ شمار ڪرڻ مناسب ناهي.

ضمير: هن ۾ اهڙا لفظ شامل ٿيندا آهن، جيڪي اسم جي بدران ڪم آندا ويندا آهن. آوازن جي  لحاظ کان اهي تمام مختصر هوندا آهن ۽ ڏسڻ سان ئي اهي سڃاڻي سگهبا آهن؛ يعني ان کي هِجي ڪرڻ جي به گهرج ڪونه ٿي پوي. ان کان علاوه ’آءٌ‘ اهڙو لفظ به آهي، جنهن کي هجي ڪرڻ لازمي ناهي. هن ۾ لفظن جو تعداد به ايترو ڪونهي جن کي سنڀالڻ ۾ ڪا ڏکيائي پيش اچي؛ ان ڪارڻ ضمير جي مڙني لفظن کي بصري لفظن ۾ شامل هئڻ گهرجي.

ضمير خالص:

  • متڪلم: مان/ آءٌ/ مون - اسان/ اسين- منھنجو (ياد رهي ته ’مُنھِن‘ ضمير متڪلم آهي، ان سان حرف اضافت ملائبو ته ’منھنجو‘ لفظ بيھندو.)
  • حاضر:تون - توهان– تنھنجو (ياد رهي ته ’تُنھِن‘ ضمير حاضر آهي، ان سان حرف اضافت ملائبو ته ’تنھنجو‘ لفظ بيھندو.)
  • غائب:هو/ هوءَ - اهي

ضمير اشارو  (قريب توڙي بعيد):

هي/ هيءَ/ هيءُ- هِن/ هُن/ هُنن - اِن/ اُن/ انهن -هو/ هوءَ - اِهو/ اُهو/اِها/ اُها/ اِهي/ اُهي

(نوٽ: سنڌي ٻوليءَ جي صرفي توڙي نحوي مزاج/ جملي جي بيھڪ مطابق ’هي/ هيءَ/ هيءُ‘ يعني ’/‘ نشانيءَ سان ساڳئي لفظ جون صورتون سمجهڻ گهرجن.)

ضمير مشترڪ:

پاڻ -پنھنجو (ياد رهي ته ’پَنھِن‘ ضمير مشترڪ آهي، جنھن سان حرف اضافت ملائي ’پنھنجو‘ ڪم آندو ويندو آهي.)

ضمير استفهام:

ڪنھن - ڇو - ڇا - ڪھڙو/ ڪھڙا/ ڪھڙي/ ڪھڙن (حرف اضافت سان لفظ ’ڪنھنجو‘ گڏيل صورت ۾ لکيو ويندو آهي.) 

ضمير مبهم:

ڪو/ ڪا/ ڪي– ڪجهه - ڪنھن/ ڪن (لفظ ’ڪنھن‘ ضمير استفھام ۽ مبھم ٻنهي ۾ ڪم آندو ويندو آهي؛ سوالي جملي جي صورت ۾ استفھام ۽ بياني جملي جي صورت ۾ مبھم ۾ ليکيو ويندو.)

ضمير موصول ۽ جواب موصول:

جيڪو/ جيڪا/ جيڪي - جنھن/ جو، جھڙا- اهو/ اهي - سو، تھڙا، تَنھن (نوٽ: هن ۾ به چند لفظ اهڙا ٿين ٿا جيڪي حرف اضافت يا ضمير اشاري وغيره ۾ به ڪم آندا ويندا آهن؛ ان ڪارڻ، بصري لفظن لاءِ، هنن مان به ساڳيائپ وارا لفظ ڇڏي ڏيڻا پوندا.)

صفت:ڀيرومل آڏواڻيءَ موجب، ٻوليءَ ۾ جيڪي به لفظ صفت ٿي ڪم اچن ٿا، تن سڀني کي ٽن مکيه دفعن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: وصفي، عددي ۽ ضميري.

وصفي صفت:

هن ۾ اهڙا لفظ اچي ٿا وڃن جيڪي آوازن جي بنياد تي آسانيءَ سان ڊيڪوڊ ٿي سگهن ٿا؛ مثلاً: ننڍو، وڏو، سھڻو، ڀلو، ڍلو، تيز وغيره. آسانيءَ سان ڊيڪوڊ ٿيڻ ۽ لفظن کي آسانيءَ سان هِجي ڪرڻ ۽ گهڻائيءَ سبب هن کي ’بصري لفظن‘ جي دائري مان ڪڍڻو پوندو. تنھن هوندي به چند گهڻا استعمال ٿيندڙ لفظ  رکي سگهجن ٿا؛ جھڙوڪ: ننڍو يا وڏو.

عددي صفت:

هن ۾ چند اهڙا لفظ به اچن ٿا جن کي هِجي نه به ڪرڻو پوندو آهي، جيئن: ٻه. ڳڻپ (قطاري ۽ تعدادي) وارن لفظن جو ٻارن سان ڪافي تعلق رهندو آهي، جنهن سبب هن مان ’بصري لفظن‘ جي چونڊ مناسب رهندي ٿا.

هڪ، ٻه، ٽي، چار، پنج، ڇهه، ست، اٺ، نوَ، ڏههَ، يارهن، ٻارهن، تيرهن، چوڏهن، پندرهن، سورهن، سترهن، ارڙهن، اڻويھه، ويھه، ٻاويھه، ٽيويھه، چوويھه، ٽيھه، چاليھه، پنجاهه، سٺ، ستر، اسي، نوي، سؤ، هزار، لک، ڪروڙ.

ضميري صفت:

هن ۾ اهڙا لفظ اچن ٿا جيڪي ضمير ۾ شامل هجن ٿا،  ان سبب هن مان، الڳ سان، لفظن جي چونڊ نه ٿي ڪري سگهجي. (ڀيرومل، 1985: 74- 75)

فعل: فعل جي حوالي سان ان جا ٽي حصا ٿين ٿا:

  1. مکيه فعل جا جز: ڪرڻ ۽ سھڻ
  • باقاعدي فعل: مارڻ- ماريو، پڙهڻ- پڙهيو؛
  • بي قاعدي فعل: ڏسڻ- ڏٺو، کائڻ- کاڌو، پيئڻ- پيتو؛
  1. مددي/ معاون فعل جا جز: هئڻ، ٿيڻ ۽ پوَڻ
  • آزاد مددي فعل: هي .... آهي، ... منـﮬنجو ٿيو،
  • پروس مددي فعل: لکندو آهي، پڙهندو آهي،
  1. مرڪب فعل: ڏسي اچڻ، لکي وڃڻ وغيره. (جوکيو، 2012: 78- 102)

فعل جي گهڻائي ۽ لفظن جي ڦيري کي ڏسي ڪري،مددي/ معاون فعل ۽ ڪنھن حد تي مرڪب فعل مان ’بصري لفظن‘ جي چونڊ مناسب رهندي.

معاون فعل:

معاون فعل جا ٻه حصا ٿين ٿا: آزاد مددي فعل ۽ پروَس مددي فعل. ٻنهي مان لفظ عام طور استعمال ٿيندا آهن ۽ انهن جو شمار عام طور ’بصري لفظن‘ ۾ ئي ڪيو ويندو آهي؛ مثلاً:

آهي/ آهن – هيو/ هيا –ٿو/ ٿا/ ٿي/ ٿيون/ ٿيندو/ ٿئي– پيو/ پيا/ پئي- سگهان/سگهي/ سگهين/ سگهن/ سگهيون- پوندو/ پوندا/ پوندن –هوندو/ هوندي/ هوندا – رهيو/ رهي/ رهندو.

مرڪب فعل:

مرڪب فعل ۾ اهڙا فعل به هوندا آهن، جيڪي آزاد فعل جي صورت ۾ پڻ ڪم ايندا آهن؛ جيئن:

اضافي فعل/ مصدر

مرڪب فعل جا مصدرَ

پڄائڻ

ڊوڙ پڄائڻ- امانت پڄائڻ- لکڻي پڄائڻ وغيره

رکڻ

ملازم رکڻ- راز رکڻ- مشابھت رکڻ- هٿ رکڻ- اک رکڻ- مان رکڻ- مانُ رکڻ- ڪک رکڻ- دل رکڻ - سنڌو رکڻ وغيره.

کائڻ

حق کائڻ- ڪاوڙ کائڻ- سِر کائڻ- ٿاٻو کائڻ- هوا کائڻ- موٽ کائڻ وغيره.

ڪرڻ

تائيد ڪرڻ-  پرهيز ڪرڻ- بي عزت ڪرڻ- اوسيئڙو ڪرڻ- غفلت ڪرڻ- آگاهه ڪرڻ- پرواه ڪرڻ- دعوى ڪرڻ- پوئواري ڪرڻ- واپس ڪرڻ- واکاڻ ڪرڻ- خيرات ڪرڻ- ياد ڪرڻ- گلا ڪرڻ- سلام ڪرڻ- سڏ ڪرڻ وغيره.

لڳائڻ

اندازو لڳائڻ-باهه لڳائڻ-دل لڳائڻ-اک لڳائڻ-وڻ لڳائڻ. 

هڻڻ

ڌڪو هڻڻ- ڌڪ هڻڻ- سُئي هڻڻ- مٿو هڻڻ- اک هڻڻ.

وٺڻ

امتحان وٺڻ- گس وٺڻ- خبر وٺڻ- خرچ وٺڻ.

وڃڻ

ڊڄي وڃڻ- ڀڄي وڃڻ- کپي وڃڻ، هارائجي وڃڻ- ٿي وڃڻ- پڙهي وڃڻ- اچڻ وڃڻ وغيره.

ڏيڻ

موڪل ڏيڻ- دڙڪا ڏيڻ- مار ڏيڻ- قرب ڏيڻ- ڏوڪڙ ڏيڻ- دل ڏيڻ- ساهه ڏيڻ- خبر ڏيڻ- ٽيڪ ڏيڻ- ڌيان ڏيڻ- ٽپو ڏيڻ- حساب ڪتاب ڏيڻ- نڇ ڏيڻ-  وغيره.

جوٽڻ

جهيڙو جوٽڻ- ڏاند/ جوٽ جوٽڻ.

اچڻ

ڏسي اچڻ- ڀڄي اچڻ- کائي اچڻ-  ڪم اچڻ- اڳيان اچڻ- ننڊ اچڻ.

چوڻ

سچ چوڻ- ڳالهه چوڻ

ٻڌائڻ

ڳالهه ٻڌائڻ- منهن تي ٻڌائڻ- ٺاهي ٻڌائڻ-

پڙهڻ

قرآن پڙهڻ- نعت پڙهڻ.

لڳڻ

اڃ لڳڻ- بک لڳڻ- باهه لڳڻ- سيءُ لڳڻ-

ڏسڻ

کائي ڏسڻ- وڃي ڏسڻ.

مٿين جملن کي ڏسي اندازو ٿئي ٿو ته اهي اضافي فعل اهڙا آهن جيڪي اسم/صفت يا ٻئي فعل سان مرڪب صورت ۾ ڪم اچن ٿا؛ ان لاءِ ضروري آهي ته اهڙن اضافي فعلن کي ’بصري لفظن‘ ۾ شامل ڪيو وڃي.

ٿيڻ جوڳا بصري لفظ:پڄائڻ، رکڻ، کائڻ، ڪرڻ، لڳائڻ، هڻڻ، وٺڻ، وڃڻ، ڏيڻ، جوٽڻ، اچڻ وغيره.

ظرف: ڪڏهن، جڏهن، هينئر، اندر، ٻاهر، هيٺ، مٿي، هِتي/ هُتي/ هتان، نه، ڪونه، بلڪل، ويجهو، پري، هميشه،هيڏانھن،چڱيءَطرح/ ريت،

(نوٽ: ظرف ۾ ڪي لفظ اهڙا به اچن ٿا جيڪي صفت ۾ به شمار ڪري سگهجي ٿو؛ فرق صرف لفظ جي حالت جو هوندو آهي ته ڪھڙي حالت ۾ بيٺو آهي. مثال: هن ڪتاب جو اگهه ڪھڙو آهي؟ هن جملي ۾ ’ڪھڙو‘ لفظ ’ظرف مقدار‘ آهي.)

حرف جر:’تي‘،’۾‘، ’کي‘، ’کان‘، ’مان‘،’سان‘،’لاءِ‘،’وٽ/ وٽان‘،’تائين‘، ’پاران‘، ’ڏانھن‘، جو/ جا/  ۽ ’کان سواءِ‘ اهي لفظ حرف جر آهن، جيڪي جملن ۾ اسمن ۽ ضميرن جي پٺيان، پر انهن سان گڏ پنھنجي جاءِ وٺي بيٺا آهن. اهي لفظ ٻن اسمن يا اسم ۽ ضمير يا اسم ۽ ظرف جي وچ ۾ لاڳاپو ڏيکارين ٿا.

حرف جملو:’۽، ته، يا، پر، ڇاڪاڻ، جيڪڏهن، جيڪر، جيتوڻيڪ، جڏهن، تڏهن، جيئن، تيئن‘ حرف جملي جا مثال آهن.

حرف ندا:’ڪاش، شال، وهه واهه، افسوس، شاباس‘ حرف ندا جا مثال آهن.

مٿيان لفظ گرامر جي اٺن لفظن کي سامهون رکي گڏ ڪيا ويا آهن. اهي لفظ اهڙا آهن جيڪي درسي ڪتابن ۾ عام جام استعمال ڪيا وڃن ٿا؛ اهڙي چونڊ هيٺ ڏجي ٿي:

مان/ آءٌ/ مون

اسان

منھنجو/ منھنجون

تون/ تو/ توهان

تنھنجو/ تنھنجي/ تنھنجون

هو/ هوءَ/ اُهي

هي/ هيءَ/ هيءُ

هِن/ هُن/ هُنن

اِن/ اُن/ انهن

اِهو/ اُهو/ اِها/ اُها/ اِهي/ اُهي

پاڻ

پنھنجو

ڪنھن

ڇا

ڇو

ڇالاءِ

ڪھڙو/ ڪھڙا/ ڪھڙي/ڪھڙن

ڪو/ ڪا/ ڪي

ڪجهه

جيڪو/ جيڪا/ جيڪي

جنھن

جھڙو/جھڙا

تھڙو/ تھڙا

سو

هڪ

ٻه/ ٻيون

ٽي/ ٽيون

چار/ چوٿون

پنج/پنجون

ڇهه/ ڇهون

ست/ستون

اٺ/ اٺون

نوَ/ نائون

ڏههَ/ ڏهون

يارهن

ٻارهن

تيرهن

چوڏهن

پندرهن

سورهن

سترهن

ارڙهن

اڻويھه

ويھه

ٽيھه

چاليھه

پنجاه

سٺ

ستر

اسي

نوي

سؤ/ سوين

هزار

لک

ڪروڙ

آهي/ آهن/ آهيون

هيو/ هيا

ٿو/ ٿا/ ٿي/ ٿيون/ ٿيندو/ ٿئي

پيو/ پيا/ پئي پوندو/ پوندا/پوندن

سگهان/

سگهي/ سگهين/ سگهن/ سگهيون

هوندو/ هوندي/ هوندا

رهيو/ رهي/ رهندو

سوير

خاص

ڪڏهن

هينئر

اندر

ٻاهر

هيٺ/ هيٺان

مٿي/ مٿان

هِتي/ هُتي/ هتان

نه

ڪونه

بلڪل

ويجهو

پري

هميشه

هيڏانهن

چڱيءَ طرح/ ريت

تي/ اُتي

۾

کي/کيس/کين

کان

مان/منجهان

سان

لاءِ

وٽ/ وٽان

تان/جتان/تائين

پاران

ڏانھن

جو/ جي/ جا/ جون

کانسواءِ

۽

ته

يا

پر

ڇاڪاڻ

جيڪڏهن

جيڪر

جيتوڻيڪ

جڏهن

تڏهن

جيئن

تيئن

ڪاش

شال

وه واه

افسوس

شاباس

هر

ئي

سندس/سندن

سڀ/ سڀني

پوءِ

گهرجي/گهرجن

ٻيو/ ٻيا/ ٻئي/ ٻنهي

تمام

سارو

ڀيرو/ ڀيري

کپڻ/ کپي

ڀلا/ ڀلي

سامهون

لڳو/ لڳن

ڏاڍو/ ڏاڍا

ائين

توکي

مونکي

ڪيترا

پٺيان

يعني

چڱو

برابر

مثال

اٿس/ اٿم

رڳو

بابت/باري

نيٺ

بس

گڏ

وري

وارو

پورو

وڏو/ وڏا

ننڍو/ ننڍا

ڪٿي

ڪير

وڌيڪ

سمورو

وارا

اڳ/ اڳتي

ٿورو/ ٿورا/ ٿورڙا

پھريون

ادا

جيءُ

جهجهو

هائو

لڳڻ

سڄو

تنھن

اڌ

ذرو

جيڏو/جيترو

سٺو

گڏجي

سوڙهو

مٺو

پوڙهو

...

...

...

ڄاڻايل لفظ گرامر ۽ ابتدائي درجن (پرائيمر کان ٽئين تائين) مان ٿلهي ليکي چونڊيا ويا  آهن. خانن جو تعداد 168 بيھي ٿو، خاني ۾ ڪٿي هڪ لفظ رکيو ويو آهي ته ڪٿي وري ٻه يا وڌيڪ به ٿي ٿا وڃن. هڪ خاني ۾ وڌيڪ لفظن رکڻ جو مقصد اهو آهي ته اهي لفظ ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ساڳئي گروپ جا لفظ آهن، صرف سنڌي ٻوليءَ جي نحوي مزاج مطابق شڪل مٽائن پيا؛ جيئن: هي، هيءَ يا هيءُ وغيره. ڪٿي وري اسم تصغير به ڳنڍيل آهي، جيئن: ٿورو، ٿورا، ٿورڙا وغيره. اهو ان لاءِ ته اهو اسم تصغير به ساڳئي لفظ مان جڙي ٿو؛ جنھنڪري ان کي ساڳئي لفظ جي خاني ۾ رکيو ويو آهي.

ٻيو مرحلو انهن لفظن کي درسي ڪتابن ۾ جاچي درجيوار ورڇ ڪرڻ ۽ ڪجهه لفظن جو اضافو ڪرڻ آهي.

  • پرائيمر: هن ۾ ٻه حصا رکيا ويا آهن، هڪ ۾: صفت، ضمير، مددي فعل، ۽ حرف (جر، جملو ۽ ندا) رکيا ويا آهن؛ ٻئي ۾: فعل رکيا ويا آهن.

پرائيمر: 

  1. فعل کان سواءِ مددي فعل ۽ مختلف لفظن جي چونڊ:

۽، ۾، ادا، اڌ، آهي/ آهن/ آهيون، پوڙهو، تنھنجو/ تنھنجي/ تنھنجون، تون/ تو/ توهان، تي، ٿو/ ٿا/ ٿي/ ٿيون/ ٿيندو/ ٿئي، جو/ جي/ جا/ جون، جهجهو، جھڙو/ جھڙا، جيءُ، جيڏو/ جيترو، ذرو، سٺو، سڄو، سوڙهو، سوير، کٽو، کي، مان/ آءٌ/ مون، مٺو، منھنجو/ منھنجي/ منھنجون، نه، هائو، هي/ هيءَ/ هيءُ.

  1. فعل جي چونڊ:

آءُ، پيءُ (پيئڻ)، ٿيءُ، ڏس، اُٿُ، سُمُهه، وِڙُهه، چڙهه، پڙهون، ٻُڌُ، آيو، هَلُ، وڄي، گجي، ڪتري، کڻُ، وٺُ، اڏامي، ويٺي، ڦري، ڏي، کائي، پَٽِ، ڪر، لڳي، ڊوڙي، پيارِ، سھي، توري، وڍ، ڪاههِ، کاءُ، اچ، رکُ، وٺ، ڪر، لکُ، ڀَر، بيھهُ، هڻُ، هلُ، ڍَڪِ، پوکِ، سِک، اُگهه، ڊوڙي، اچي.

پهريون درجو:

  1. فعل کان سواءِ مددي فعل فعل ۽ مختلف لفظن جي چونڊ

گڏجي، تَنھن، جو/ جيڪو، سڄو، الله سائين، هُو، اسان/ اسين، گهرجي/ گهرجن، پاڻ سڳورا، الله تعالى، نالو، حضرت، هوندي، ڏاڍا، مٿن، قرآن، هڪ، وڏو، ڀرسان، کان، اڳ/ اڳيان/ اڳتي، گڏ، پنھنجي، گهڻا/ گهڻو/ گهڻي، ڪير، ڇا، ڪڏهين، سدائين، تان، هِتي/ هُتي، نت، سڀئي، سان، ڪينَ، ان، لاءِ، پڻ، پوءِ، ڏاڍو، ڇالاءِ، هڪٻئي، واه واه/ واه ڙي، چوڌاري، پھرين، ڪيترائي/ ڪيتريون ئي، اُتي، وَري، اها/ اهو، ڪي، توکي، اهڙي، تڏهن، مان (منجهان)، تمام، هر، ڇو، شاباس، ڪھڙيون، جيئن، اجايو، شل.

  1. فعل جي چونڊ:

ڳايون، وسائي، پچائي، پھرائي، پچائي، اپائي، ٽمڪائي، ساراهيون، پيدا ڪيو/ ڪيا، سڃاڻو، ٻڌايو، ورجايو، پڙهو/ پڙهبي/ پڙهائيندو، جوڙيا، ڏنو، گهرون، ملائي/ ملايو، چونڊي، ڀريو، جوڙيا، ڄاوا، لاٿو، فرمايو، چيو مڃيو، ڪريو، هلو، ڳالهايو، لکو، پاليو، ڪبو آهي، هونديون آهن، چئبو آهي، ڏني ويندي آهي، هئڻ گهرجن/ گهرجي، ٻڌي، ٿيندا آهيون، رکندا، وڇايل آهي، چونڊي، ٿيندس، ڏيندس، وڃايان، لڄايان، چوندم، ڏيندم، ويھڻ، چوڻ، ملندم، ڏي، ورجايو، پوکيل آهن، رکون/ رکندا، پيئندا، ٺاهيندا، پاليون، ويندا/ ويندو، ويا، ڪندي/ ڪندا، مڃيندا، وڄندو، ٺاهي، بيھندا، ڳائبو، پڙهائيندا، رکيل، ڦٽو، ڪبو آهي، ڏيندا، کپن، ڏيڻا، ڪريون، پِئي/پِي، وٺن/ وٺي، لڳن، وڌي، ڏي، چڙهي، ايندا، اچن ٿا، کڻبو، گهمڻ، وياسين، گهڙياسين، ڏٺوسين، هلياسين، لُڏي، ٽپا ڏيئي رهيا هئا، وڌياسين،  هلي رهيا هئا، ڪري رهيو هو، تري رهيون هيو، گهمي رهيو هو، ڏسڻ ۾ آيون، گهمي ڦري، آياسين، نڪريو ٿا، پکڙو ٿا، ڏسون/ ڏسين، کائيندا، پيئندا، ٺھندو، وڌن ٿا، چئبو آهي، مٽائين، ڪن ٿا/ ڪن ٿيون، رهندا آهن، پسين، ايندو آهي، ڏسبا، وڻندي آهي، ٺاهيو، رکي، وسري وئي، ٻارجي، ڀري، ٻڌايون، سڻائي، ٿيندي، لھي وڃي ٿو، اچي ٿو.

نتيجو:

بصري لفظن جي  چونڊ ۾ فقط پرائيمر ۽ پھرئين ڪلاس ۾ صفت، ضمير، مددي فعل ۽ حرف جر، جملي ۽ ندا سان ئي ڪافي لفظ ٿي ٿا وڃن؛ ان صورت ۾ جيڪڏهن فعلن کي به شامل ٿو ڪجي ته ان جو تعداد ڪافي ٿي وڃي ٿو. جيئن ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ’فعلي امر‘ سان ڪافي صورتون جڙن ٿيون، لفظن جي گهڻائيءَ سبب ان کي ’بصري لفظن‘ ۾ شامل ڪرڻ نامناسب ٿيندو. اهڙي صورت ۾ مٿيان گرامر مان چونڊيل لفظ (جن ۾ شروعاتي شماري ۽ قطاري عدد به اچي ٿا وڃن) ۽ ابتدائي درجن: پرائيمر، پھرئين، ٻئين ۽ ٽئين ڪلاس (ECE)جي ڪتابن مان عارضي طور هيٺيان لفظ درجيوار رکجن ٿا:

پرائيمر

پهريون ڪلاس

اٺ/ اٺون

ادا

اڌ

ارڙهن/ ارڙهون

اڻويھه/ اڻويھون

آهي/ آهن/ آهيان/ آهيون

ٻارهن/ ٻارهون

ٻه/ ٻيون

پنج/ پنجون

پندرهن/ پندرهون

پوڙهو

تنھنجو/ تنھنجي/ تنھنجون

تون/ تو/ توهان

تي

تيرهن/ تيرهون

ٿو/ ٿا/ ٿي/ ٿيون/ ٿيا/ ٿيندو/ ٿئي

ٽي/ ٽيون

جو/ جي/ جا/ جون

جهجهو

جھڙو/ جھڙا

جيءُ

جيڏو/ جيترو

چار/ چوٿون

چوڏهن/ چوڏهون

ڇهه/ ڇهون

ڏهه/ ڏهون

ذرو

ست/ ستون

سترهن/ سترهون

سٺو

سڄو/ سڄي

سورهن/ سورهون

سوڙهو

سوير

کٽو

کي

۾

مان/ آءٌ/ مون

مٺو

منھنجو/ منھنجي/ منھنجون

نو/ نائون

نه

ويھه/ ويھون

هائو

هڪ/ پھريون

هي/ هيءَ/ هيءُ

يارهن/ يارهون

۽

 

 

 

اُتي/ هِتي/ هُتي

اجايو/ اجائي

اسان/ اسين

اسي

اڳ/ اڳي/ اڳيان/ اڳتي

ان/ انهن/ انهي

اِها/ اُها/ اِهو/ اُهو/ اِهي/ اُهي

اهڙي

ايڪيھه/ ايڪيھون

ٻاويھه/ ٻاويھون

ڀرسان

پاڻ

پنجاه/ پنجاهون

پنجويھه/ پنجويھون

پنھنجو/ پنھنجي

پڻ

پوءِ

پھرين

تان/ جتان/ تائين

تڏهن

تمام

تَنھن

توکي

تيئن

ٽيويھه/ ٽيويھون

ٽيھه/ ٽيھون

جڏهن

جيڪو/ جيڪا/ جيڪي

جيئن

چاليھه/ چاليھون

چوڌاري

چوويھه/ چوويھون

ڇا/ ڇو/ ڇالاءِ

حضرت

ڏاڍو/ ڏاڍا

رهيو/ رهي/ رهندو

سان

سڀ/ سڀئي/ سڀني

ستر

سٺ

سدائين

سڳورا

سو

سؤ/سوين

شاباس

شل/ شال

قرآن

کان

ڪڏهن

ڪروڙ/ ڪروڙين

ڪھڙو/ڪھڙا/ ڪھڙي/ ڪھڙن/ ڪھڙيون

ڪي/ ڪو/ ڪا

ڪيترا/ ڪيترائي/ ڪيتريون ئي

ڪير

ڪينَ

گڏ/ گڏجي

گهرجي/ گهرجن

گهڻا/ گهڻو/ گهڻي

لاءِ

لک/ لکين

الله سائين/ الله تعالى

مان (منجهان)

مٿن

نالو

نت

نوي

واهه واهه/ واهه ڙي

وڏو/ وڏا

وَري

هر/ هرڪو

هزار/ هزارين

هڪ

هڪٻئي

هن

هُو/ هوءَ، اهي

هوندي

هئا/ هئو/ هيو/ هيا

يا

ئي

ڪل لفظ: 48، مٽجندڙ صورتن سبب: 93

ڪل لفظ: 79، مٽجندڙ صورتن سبب:  144

 

ٻيون ڪلاس

ٽيون ڪلاس

آسپاس

آڳاٽي/ آڳاٽو

اٿس/ اٿم

اڃا

اعلى

اندر

ائين

بابت/ باري

بس

بي (سواءِ)

ٻه/ ٻيون/ ٻنهي

ٻيو/ ٻيا/ ٻئي (ڌاريو/ کان سواءِ)

ڀلي/ ڀلا

ڀيري/ ڀيرو

پاتم

پٺيان

پر

پري

پورو

پوي/ پون

تائين/ جيستائين/ تيستائين

توڙي/ توڻي

جن/ تن

جنھن/ تنھن

ڄڻا/ ڄڻو

چڱيءَ ريت/ طرح

چئبو

دفعي

رڳو

رهن

سارو

سامهون

سچ پچ

سدا

سگهي/ سگهن/ سگهان/ سگهين

سڳو

سندس/ سندن

سواءِ

ضروري

کپي/ کپن

کيس/ کين

ڪٿي

ڪجهه

ڪنھن/ ڪن

ڪونه

ڪيڏا/ ڪيڏي

ڪيئن

لڳي/ لڳو/ لڳا/ لڳل/ لڳندو

مونکي

ننڍپڻ

نيٺ

وارو/ واري/ واريون

وتان/ وتي

هاڻي

هر پاسي

هرجاءِ/ جاءِ بجاءِ

هرهنڌ

هڪٻئي

هئڻ

يعني

آڏو

انداز

افسوس

اهڙا/ اهڙن

اهڙيءَ ريت

برابر

بلڪل

ٻاهر/ ٻاهران

ڀرپور

ته

تھڙو/ تھڙا

پاران

پاڻان

پيو/ پيا/ پئي-

پوندو/ پوندا/ پوندن

ترت

تنھنڪري

ٿورو/ ٿورا/ ٿورڙا

جھڙوڪ

جيترو/ اوترو

جيتوڻيڪ

جيڪڏهن

ڄڻو/ ڄڻا/ ڄڻيون

چڱو

ڇاڪاڻ

ڏانھن

ڏينھون ڏينھن

ذريعي

ڌارو ڌار

روزانو

ساڻ/ ساڻس/ ساڻن

سبب

سڀڪو

سربستو

سلسلي

سمورو/ سموري

طور

غير آباد

قسمين

کانسواءِ

کانئس/ کانئن

کوڙ

ڪونه ڪو

ڪَئِين

ڪيئي

لاپرواهي

مختلف

مطلب

مکيه

منجهه/ منجهس/ منجهن

وانگر/ وانگي

وٽ/ وٽس/ وٽن/ وٽان

وڏي ۾ وڏو

هتان

هڪجھڙو

هميشه

جيڪر

خاص

ڪاش

مٿي/ مٿان

مثال

معنى

ننڍو/ ننڍا

وڌيڪ

ويجهو

هوندو/ هوندي/ هوندا

هيٺ/ هيٺان

هيڏانھن

هينئر

ڪل لفظ: 60، صورتن جي مٽجڻ سبب: 101

ڪل لفظ: 69، صورتن جي مٽجڻ سبب: 103

ٿلهي ليکي چونڊيل لفظن جو ڪل تعداد: 256

ساڳئي لفظ مان مٽجندڙ صورتن جو ڪل تعداد: 441

جيڪڏهن مٿيان چونڊيل لفظ ابتدائي درجن ۾ بصري لفظ طور پڙهايا ٿا وڃن ته ابتدائي درجي (ECE) جي ٻار ۾ پڙهڻ (Reading)واري مھارت ۾ ڪافي اضافو ٿيندو.

مشورا/ رايا:

  1. ECE جي ٻارن ۾ پڙهڻ واري مهارت (Reading Skill) کي وڌائڻ لاءِ بصري لفظن واري بنيادي موضوع تي مواد جي ڇنڊڇاڻ (Content analysis) کان اڳتي هيٺين سطح تي فيلڊ/ اسڪولن ۾ تجرباتي/ مشاهداتي اڀياس (Empirical Study)ٿيڻ گهرجي.
  2. بصري لفظن جي تجرباتي/ مشاهداتي اڀياس هيٺ اهڙي چونڊ ٿيڻ گهرجي، جنھن جو تعلق (Connectivity) مٿين ڪلاسن سان به جڙندي هجي.
  3. اهڙي اڀياس بعد ان کي ٻوليءَ جي بنيادي اصولن موجب پڙهائڻ ۽ درسي ڪتابن جي لکڻ کي يقيني بڻائڻ گهرجي.
  4. نصاب (Curriculum)۾ بصري لفظن جي ڪڙي بڪڙي وڌائڻ (progression) يا استعمال ڪرڻبابت واضح اشارا هجڻ گهرجن ته جيئن پڙهڻ واري مھارت ۾ اضافو ٿي سگهي.
  5. ٻوليءَ جي سکيا ۾ بصري لفظن جي پڙهائڻ لاءِ استادن/ ماهرن کي مختلف جديد سکيا جي طريقن/ سرگرمين تي توجه ڏيڻ گهرجي.

 

حوالا

  • آڏواڻي، ڀيرومل مھرچند وڏو سنڌي وياڪرڻ. ڄام شورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي. [1925] 1985.
  • جوکيو، الطاف حسين وياڪرڻ جي اهم جز ’فعل‘ جو مختصر اڀياس. جويو، تاج، ايڊيٽر: سنڌي ٻولي: تحقيقي جرنل، 5 (4)، 78- 103. حيدرآباد: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي. (2012)
  • سنڌي پرائيمر ۽ پھريون ڪتاب ايڊيٽر: سيد شير شاه بخاري. ڄامشورو: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ. (2014)
  • سنڌي ٻيو ڪتاب ايڊيٽر: سيد شير شاه بخاري. ڄام شورو: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ. (2014)
  • سنڌي ٽيون ڪتاب ايڊيٽر: سيد شير شاه بخاري. ڄام شورو: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ. (2014)
  • Firth, L.R (1957) Papers in Linguistics, London: Oxford University Press. PP. 125 to 126
  • https://en.wikipedia.org/wiki/Sight-word