سنڌي ٻولي (جون 2016 )

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻولي (جون 2016 )
ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN ISSN : 2519-9765
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (798) PDF  E-Pub
انگ اکر

18 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     390264   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌي ٻوليءَ لاءِ ٻاهريان ۽ اندريان خطرا ۽ اُپاءَ( تاج جويو)


سنڌي ٻوليءَ لاءِ ٻاهريان ۽ اندريان خطرا ۽ اُپاءَ

Internal & External Threats to Sindhi Language

& Compensatory Measures

Abstract:

Language is the power of aspirations, feelings, thoughts, emotions, and standpoints of people; and a record of cultural, social & economic performance. It is a strong and effective medium of communication and connection between people.

Sindhi language is counted among the most ancient and developed languages of the world. However, Pakistan, since its existence, has been under the ‘after effects’ of the British rule. Consequently, sovereign Pakistani states have been deemed as ‘colonies’. Neither a ‘language commission’ was formulated and languages of here were accepted as ‘national languages’, nor were they treated as per their historical and pre-existing status. Sindhi has been official and governmental language since British dominion.

In this paper, an attempt has been made to throw light on both internal & external threats, Sindhi language, is faced with.  

 

ٻولي، ماڻهن جي سوچن، امنگن، احساسن، جذبن ۽ خيالن توڙي نظرين جي سگهه ۽ تهذيبي، سماجي ۽ اقتصادي ڪارڪردگيءَ جو رڪارڊ هوندي آهي، اُها ماڻهن ۾ رابطي ۽ ڳانڍاپي جو ممڪن، اثرائتو ۽ سگهارو ذريعو هوندي آهي.

ٻوليون، سازگار علمي، تهذيبي، اقتصادي ۽ صحافتي ماحول ۾ ترقي ڪنديون آهن ۽ مختلف علمن، هنرن، ايجادن ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ذريعن مان ڄاڻ وٺي، پنهنجن ڳالهائيندڙن لاءِ ڪشش، سهوليت ۽ آسانيءَ جو ڪارڻ بڻجنديون آهن. اخبارن، ريڊيو، ٽيليويزن، ڊش، ٽيليفون، ٽيلي پرنٽر، فئڪس، سيٽلائيٽ، ڪمپيوٽر، مطلب ته سمارٽ ٽيڪنالاجيءَ جي سمورن ذريعن [آوازي صورت، تصويري صورت، متن (Text) جي صورت وغيره] جي اهميت، ٻوليءَ ۽ ٻوليءَ جي لکيل ۽ ڳالهايل لفظن سان قائم آهي. اُن ڪري ٻولي جيتري پُرڪشش، مؤثر، سگهاري، عام فهم، وقت ۽ حالتن جو ساٿ ڏيندڙ/ نمائندگي ڪندڙ هوندي، اوتري اُها اطلاعاتي ۽ ڪمپيوٽرائي ذريعي حاصل ٿيندڙ ڄاڻ، پنهنجن ڳالهائيندڙن تائين پهچائي، سندن ٻوليائي ضرورتون پوريون ڪندي.

سنڌي ٻوليءَ جو شمار دنيا جي قديم ترين سڌريل ۽ اوسر ڪيل زبانن ۾ ٿئي ٿو، جنهن کي گهٽ ۾ گهٽ 15 هزارن سالن جي قدامت جو پسمنظر آهي، جنهن جي لکت جون علامتون موهن جي دڙي ۽ ٻين سنڌو سڀيتائي آثارن مان مهرن تي تحريري صورت ۾ مليون آهن(1). موهن جي دڙي جي لکيت مان ئي خروشتي، برهمي، ديوناگري ۽ برصغير جي تمام گهڻين ٻولين جون لپيون يا رسم الخط (Scripts) جڙيا آهن. سنڌيءَ کي مختلف دورن ۾، هزارن سالن جو تعليمي، تدريسي، دفتري ۽ سرڪاري زبان جو پسمنظر آهي. انگريزن اُن جي موجوده آئيويٽا کي معياري صورت 1853ع ۾ ڏيئي، 1857ع کان ان کي تعليمي ۽ سرڪاري ڪاروبار جي زبان قرار ڏنو. ڀارت سرڪار 1968ع ۾ ان کي آئين جي اٺين شيڊيول ۾ ’قومي زبان‘ جو درجو ڏنو(2) ، ڇو ته ورهاڱي کان پوءِ ڀارت سرڪار ’لئنگئيج ڪميشن‘ ٺاهي، رياستن/ پرانتن جي ٻولين جو مسئلو حل ڪيو هو، اُتي سنسڪرت، اردو ۽ سنڌي ڪن خاص پرڳڻن جون زبانون نه هئڻ جي باوجود، سندن قدامت کي ڏسي، اُنهن کي ’قومي زبانون‘ قرار ڏنو ويو هو.

ان جي برعڪس پاڪستان ۾ شامل خودمختيار رياستن کي ’بيٺڪن‘ طور ڏٺو ويو، نه ’لئنگئيج ڪميشن‘ ٺاهي، هتي جي ’قومي ٻولين‘ کي تسليم ڪيو ويو، نه ئي انهن جي تاريخي حيثيت ۽ اڳ موجود مقام کي قبول ڪيو ويو. جيتوڻيڪ انگريز دور کان لاڳو دستور موجب سنڌي ٻولي سنڌ جي دفتري ۽ سرڪاري زبان رهي. پر پهرين ون يونٽ قائم ڪري، ۽ اُن دوران 1958ع ۾ ’شريف ڪميشن‘، جوڙي، سنڌي ٻوليءَ جي تعليم ۽ تدريس کي پنجين ڪلاس تائين محدود ڪري، اُن جي ذريعه تعليم توڙي سرڪاري زبان وارو درجو ختم ڪيو ويو، پر سنڌ جي ساڃهه وند طبقي جي جدوجهد سان، 1962ع ۾ تڏهوڪي فيلڊ مارشل جي ڊڪٽيٽرشپ کي جُهڪڻو پيو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تدريسي حيثيت قائم رهي، پر ون يونٽ موجود هئڻ ڪري ’سرڪاري زبان‘، واري حيثيت کي مسلسل نظر انداز ڪيو ويو.

1972ع ۾ پيپلزپارٽيءَ جي عوامي حڪومت سنڌ اسيمبليءَ جي هڪ ٺهراءَ موجب ’سنڌي ٻوليءَ‘ کي سنڌ جي واحد سرڪاري ’زبان‘ قرار ڏنو، پر سنڌ ۾ ’ڀڙڪي اُٿيل لساني فسادن‘ ۽ مرڪز جي مداخلت سبب، سنڌ حڪومت دٻاءَ ۾ اچي ’سنڌيءَ سان گڏ اردوءَ کي به سنڌ جي سرڪاري‘ زبان تسليم ڪيو. نتيجي طور سنڌي زبان جي ’ذريعه تعليم‘ ۽ ’سرڪاري زبان‘ واري حيثيت کي ڌڪ لڳو، ڇو ته باوجود سنڌ اسيمبليءَ جي واضح فيصلي جي ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي قيام [1972ع جي ائڪٽ ۽ 1990ع جي ترميمي ائڪٽ هيٺ جڙيل] جي، اُن جي نفاذ جو اڄ تائين درست فيصلو نه ڪيو ويو آهي. [سنڌي شاگرد، ٽئين ڪلاس کان يارهين ڪلاس تائين، 1972ع جي ائڪٽ هيٺ ’آسان اردو‘ جو مضمون پڙهن ٿا، پر اردو ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ شاگردن لاءِ ’ٽئين کان مئٽرڪ تائين رسمي طور، آسان سنڌيءَ‘ لاڳو آهي، جڏهن ته يارهين ڪلاس جي ’آسان سنڌيءَ‘ جو ڪتاب ٽيڪسٽ بڪ بورڊ طرفان شايع ٿيڻ جي باوجود، سنڌ جي ڪاليجن ۾ رائج نه ٿي سگهيو آهي، ۽ نه ئي چيف سيڪريٽري سنڌ، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن سنڌ جو چيئرمئن سنڌي ٻوليءَ جي دفتري ۽ سرڪاري حيثيت کي [اسيمبليءَ جي ڪارروائيءَ سميت] لاڳو ڪرائي سگهيا آهن، [جيتوڻيڪ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي BOG جي ميمبرن طور سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو ۽ چيئرمئن پبلڪ سروس ڪميشن هڪ وقت ڪجهه نه ڪجهه عمل ڪرايو هو ۽ سيد عبدالله شاهه جي وڏ وزارت دوران صوبي جي چيف سيڪريٽريءَ ’سنڌي پڙهائڻ‘ جون هدايتون به جاري ڪيون هيون].

ان روشنيءَ ۾، آءٌ سنڌي ٻوليءَ جي خارجي (ٻاهرين) ۽ داخلي (اندرين) خطرن تي مختصر روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو:

(1) سنڌي ٻوليءَ لاءِ ٻاهريان /خارجي [حڪومتي سطح جا] خطرا:

’خارجي خطرا‘ فقري جو استعمال خبر ناهي، مون درست ڪتب آندو آهي يا نه، پر منهنجو مقصد سرڪاري [وفاقي ۽ صوبائي] سطح تي نظر انداز ٿيل سنڌي ٻوليءَ لاءِ موجود خطرا آهن.

  • جيئن مٿي بيان ٿي چڪو آهي ته وفاقي سرڪار ۽ سنڌ سرڪار سنڌي ٻوليءَ جي ’سرڪاري ۽ قومي زبان‘ واري حيثيت جو سنجيدگيءَ سان جائزو ۽ نوٽيس نه ورتو آهي، جيتوڻيڪ سنڌ سرڪار 1972ع ۾ اهڙو ائڪٽ پاس ڪيو هو. اُن بعد سنڌ اسيمبليءَ ڪيترا ڀيرا سنڌي ٻوليءَ جي تعليم ۽ تدريس لاءِ قراردادون پاس ڪيون آهن، خانگي اسڪولن لاءِ ڊائريڪٽوريٽ به قائم ڪئي وئي آهي، پر اڃا تائين ڪنهن به پرائيويٽ تعليمي ادارن ۾ غير مادري زبان وارن ٻارن کي ’آسان سنڌي‘ عملي طور نه ٿي پڙهائي وڃي. جڏهن ته ڪاليجن ۾ سنڌي شاگردن لاءِ لازمي طرح ’آسان اردو‘ لاڳو آهي، پر ڪيترن ئي پرائيويٽ ادارن ۾ ته ’آسان اردو‘ بدران سنڌي شاگردن کي ”مادري زبان“ طور اردو پڙهائي وڃي ٿي، جڏهن ته سنڌ صوبي جي حوالي سان سنڌي ٻارن کان ’مادري زبان سنڌي‘ پڙهڻ جو حق کسڻ، آئيني، قانوني، انساني ۽ اقوام متحده جي اصولن جي سراسر ڀڃڪڙي آهي.

مسئلي جي حل لاءِ ڇا ٿيڻ گهرجي:

(الف)         مٿي بيان ڪيل مسئلي جي حل لاءِ ضروري آهي ته سنڌ سرڪار طرفان خانگي اسڪولن ۽ ادارن ۾ ’سنڌي مادري زبان‘ ۽ ’آسان سنڌي‘ جا سبجيڪٽ لازمي تعليم واري اصول تحت لاڳو ڪيا وڃن ۽ جيڪي ادارا ان فيصلي تي عمل نه ڪن ته اُنهن جي رجسٽريشن رد ڪئي وڃي.

(ب)              معائناتي ٽيمن (Vigilance Teams) ذريعي سنڌي ميڊم اسڪولن جي به سروي ڪرائي ڏٺو وڃي ته اُتي ’مادري زبان سنڌي‘ ڪيتريقدر پڙهائي وڃي ٿي يا نه؟ جتي غير ذميواريءَ ۽ غير مؤثر طريقي جو مظاهرو نظر اچي، اتي لازمي سنڌيءَ جي پڙهائي يقيني بنائڻ لاءِ تُرت قدم کنيا وڃن.

  • باوجود، سنڌ اسيمبليءَ جي منظور ڪيل ڪيترن ٺهرائن؛ ]جيڪي سسئي پليجو، مهتاب اڪبر راشدي، نثار احمد کهڙي ۽ ٻين پاس ڪرايا هئا[ ۽ ثقافت کاتي جي ڪوشش سان محمد ابراهيم جويي جي سربراهي ۾ قائم ٿيل ’سنڌي ٻولي قومي ٻولي ڪميشن‘ جي پاس ڪيل ٺهرائن؛ مسودن ۽ وفاقي سرڪار جي اسٽئڊنگ ڪميٽيءَ لاءِ تيار ڪيل ڊرافٽ ۽ پوءِ نواب يوسف ٽالپر طرفان پيش ڪيل بل جي ترميمي ڊرافٽ- جمع ڪرائڻ جي باوجود، اڃا تائين ’سنڌي ٻوليءَ‘ کي قومي ٻوليءَ جو درجو نه ڏنو ويو آهي؛ ڪجهه عرصو اڳ مارئي ميمڻ طرفان پاڪستان جي 9 ٻولين کي قومي ٻوليون بنائڻ واري تجويز کي به قومي اسيمبليءَ رد ڪري ڇڏيو آهي.

ياد رهي ته باوجود اُن جي ته ’اردو زبان‘، ’رابطي جي زبان‘ (Lingua franka) آهي، پر سنڌ وارن اُن جي ’قومي زبان‘ واري حيثيت جي مخالفت نه ڪئي آهي؛ ڇو ته اُن کي پاڪستان جي موجوده 1973ع واري آئين ۾ قومي زبان جي حيثيت وارو استحقاق حاصل آهي، ان ڪري سنڌ جا ساڃهه وند، سنڌي ٻوليءَ جي ’قومي زبان‘ واري ’قومي حق‘ جي گُهر ڪن ٿا ۽ گڏوگڏ پاڪستان جي ٻين صوبن: پنجاب، پختونخوا ۽ بلوچستان جي ’قومي زبانن‘ کي به ’پاڪستان جون قومي زبانون‘ تسليم ڪرڻ جي به گهُر ڪن ٿا. اهڙيءَ ريت اُن سان گڏ ’سرائيڪي‘۽ ’بلتي‘ وغيره سُڌريل زبانن کي به قومي زبانون قرار ڏيئي سگهجي ٿو.

سنڌي ٻوليءَ جي، عملي طور ’سرڪاري زبان ۽ وفاقي طور قومي زبان‘ تسليم نه ڪرڻ وارو عمل، سنڌ جي هن شاهوڪار ۽ قديم  زبان جي ترقيءَ ۽ واڌاري جي راهه ۾ رڪاوٽ آهي. 69 سالن ۾ وفاقي سرڪارن ۽ سنڌ سرڪار سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت کي اڃا تسليم نه ڪيو آهي. حڪومتن کي معروضي حقيقتن کي تسليم ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ’بنگلا ٻوليءَ‘ سان اختيار ڪيل روش، تاريخ جي سبق طور موجود آهي.

  • سنڌ ۾ موجود مشروبات ۽ دوائن جي ڪمپنين ۽ موبائيل نيٽ ورڪ ڪمپنين [جيز، يوفون، ٽيلينور، وارد ۽ زونگ وغيره] ۾ سنڌيءَ جي استعمال لاءِ سنڌ حڪومت ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جهڙي اداري کي لکپڙهه ڪرڻ ۽ سرڪاري هدايتون (Instructions) جاري ڪرائڻ گهرجن؛ ڇو ته انهن شين جو واهپو سنڌ ۾ عام جام آهي.
  • قومي شاهراهه (National Highway)، سپر هاءِ وي (Super Highway) ۽ انڊس هاءِ وي (Indus Highway) جي اٿارٽين کي روڊن جي ميل جي پٿرن، بورڊن ۽ نشانن ۾ سنڌي ٻولي استعمال نه ڪرڻ، سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ آهي. ان ڏس ۾ سنڌ حڪومت، سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري، سگا، سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ جي سمورين سياسي پارٽين کي پاڻمرادو لکپڙهه ڪرڻ گهرجي.

(2) سنڌي ٻوليءَ لاءِ اندروني خطرا:

’اندروني خطرن‘ مان منهنجي مراد ’سنڌي ٻوليءَ جو بگاڙ‘ آهي، جنهن طرف اسان هن وقت جيڪڏهن ڌيان نه ڏنو ته ايندڙ ڪجهه سالن اندر سنڌي ٻوليءَ جي شڪل، وياڪرڻي سٽاءُ ۽ مزاج تبديل ٿي ويندو. آرين، عربن، ارغونن، ترخانن ۽ مغلن ۽ انگريزن جون ڪاهون، سنڌي ٻوليءَ تي فطري اثر ته ڇڏي سگهيون؛ پر هن وقت هٿرادو، بي ڌيانيءَ ۽ مڙهت ذريعي سنڌي ٻوليءَ کي خطرا لاڳو آهن ۽ اُن جو مسلسل بگاڙ ٿي رهيو آهي، جيڪا ٻوليءَ جي ’هيئت ۽ صورت‘ لاءِ انتهائي خطري ۽ خدشي واري ڳالهه آهي، جنهن طرف اسان سمورن ساڃهه وندن کي سوچڻ گهرجي.

  • سنڌ جا تعليمي ادارا، سنڌي ٻوليءَ جا قلعا آهن، انهن کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اتي سنڌي ٻوليءَ جي ذريعه تعليم کي يقيني نه بنايو ويو، ته سنڌي ٻولي ويهارو سالن اندر [پرائيويٽ ادارن جي رجحان هيٺ] پنهنجي حيثيت ۽ وجود وڃائي ويهندي ۽ خُدا نه ڪري نارائڻ شيام جو اهو خدشو سچو ثابت ٿئي ته:

الا! ائين نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي،

ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي!

  • سنڌي اخبارون، روزمره جي هلندڙ ٻوليءَ جو آئينو آهن، هن وقت سنڌيءَ ۾ ٽيهارو کن روزانيون اخبارون ۽ اُن کان وڌيڪ هفتيوار، ٽه روزه ۽ ماهوار اخبارون سنڌيءَ ۾ نڪري رهيون آهن، جن جي ٻولي، عام ماڻهوءَ لاءِ درسي ڪتابن جي حيثيت رکي ٿي. پر ٻين ٻولين، خاص ڪري اردوءَ جي اثر هيٺ اخبارن جي ٻوليءَ ۾ وياڪرڻ، وغيره جي حوالي سان [جنس، عدد، مذڪر، مؤنث جي لحاظ سان] بگاڙ اچي رهيو آهي، جنهن تي اخبارن جي معزز مالڪن ۽ ايڊيٽرن کي ڌيان ڏيڻو پوندو، نه ته سنڌي ٻوليءَ جي هيئت ۽ سڀاءُ بدلجڻ وارو وڏو هاڃو ٿي سگهي ٿو.
  • درسي ڪتاب اصولي طور ٻوليءَ جي لفظن، اُچارن، اصطلاحن ۽ عبارتن جا معياري دستاويز آهن، پر نصابي ادارن [سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، بيورو آف ڪريڪيولم ۽ هائير ايجوڪيشن] جي بي ڌيانيءَ سبب غير تربيت يافته، ٻوليءَ کان اڻڄاڻ ۽ گهٽ اُجرت تي ڪم ڪندڙ ڪارڪنن طرفان تيار ٿيندڙ نصاب سنڌي ٻوليءَ جي مزاج ۽ هيئت کي تبديل ڪرڻ جو ڪارڻ بنجي رهيو آهي. اُن طرف ڌيان نه ڏنو ويو ته سنڌي ٻوليءَ جي صحت ۽ معيار کي وڏو نقصان رسندو.
  • ريڊيو، ٽي. وي ۽ سيٽلائيٽ چئنلن جي عام اطلاعاتي نظام ۾ ٻوليءَ جي وڏي اهميت آهي، پر اُتي سنڌي ٻوليءَ جي اُچارن، ادائگيءَ ۽ صحت تي تمام گهٽ ڌيان ڏنو وڃي ٿو ۽ هڪ ’گاڏڙ ٻولي‘ جنم وٺي رهي آهي، جيڪا اسان جي سهڻي ’سنڌي ٻوليءَ‘ جو منهن مُهانڊو تبديل ڪري سگهـي ٿي. اُن ڪــري چئنلن، ريڊيو ۽ ٽي. وي تي ٻولي چڪاس جا ماهُر (Monitors) رکڻ جي ضرورت آهي. اُن ڏس ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۽ سنڌي اديبن کي وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، نه ته ‘Mixed Language’ سنڌي ٻوليءَ جو حُليو بگاڙي ڇڏيندي.
  • اڄ ڪلهه نوان شاعر ۽ اديب ۽ ڪٿي ڪٿي سينيئر اديب پڻ [سنڌ توڙي هند ۾] اسمن، صفتن، فعلن ۽ ضميرن جو غلط استعمال ڪري رهيا آهن، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي هيئت، مزاج ۽ وياڪرڻي، سٽاءَ لاءِ نقصان ڪار ثابت ٿي رهيو آهي، اُن ڪري سنڌي اديبن ۽ شاعرن کي ٻوليءَ طرف سجاڳ ٿيڻ گهرجي ته جيئن اهي غلطيون دهرائي نه سگهجن، جن جو مختصر ذڪر هيٺ ڏجي ٿو.

(1) زير اضافت جو استعمال:

مثال:      خونِ جگر، داغِ دل، قابلِ تعريف، قابلِ داد، قابلِ تحسين وغيره.

ان لاءِ ’جو‘ ۽ ’سندو‘ اضافتون ڪم آڻي سگهجن ٿيون، يا وري زبر اضافت به ڪم آڻي سگهجي ٿي.

مثال: جگر جو خون، دل جو داغ، تعريف جوڳو، داد جي قابل، [قابل- تحسين] وغيره.(3)

(2) فارسي اسمن جي صورتن جو استعمال:

مثال: موقعه، آئينده، جذبه، نظريه وغيره

اُنهن کي هن نموني سنڌي بنائي سگهجي ٿو:

  • تنهنجو آئيندو روشن آهي.
  • هن جو جذبو ساراهه جوڳو آهي.
  • موقعو هٿان وڃائڻ نه گهرجي، وغيره
  • هر ڪنهن جو پنهنجو نظريو آهي، وغيره.

(3) عربي ۽ فارسي عدد جمع جو استعمال:

مثال: الفاظ، جذبات، خيالات، وسائل، رسائل، مضامين، تقريبات وغيره

اهي درست سنڌيءَ ۾ هن ريت ڪتب آڻجن:

لفظَ: جذبا، احساسَ، خيالَ، وسيلا، رسالا،  مضمونَ ۽ تقريبون

(4) جمع جو عجيب ۽ غلط استعمال:

مثال: ڪتابون، افواهون، اصطلاحون، قدرون، جسمون، ڪاليجون، لاشون

صحيح استعمال: ڪتابَ، افواهَه، اصطلاحَ، قدرَ، جسمَ، ڪاليجَ ۽ لاشَ

(5) ’و‘ حرف جملي جو غلط استعمال:

مثال: آب و هوا، دل و دماغ، غم و الم، سير و تفريح، آمد و رفت، بر و بحر.

درست استعمال: آبهوا، دل ۽ دماغ، غم ۽ الم، سير تفريح، آمدرفت، بر ۽ بحر

(6) ڌارين صفتن جو استعمال:

مثال: شاعرانه، روزانه، ساليانه، عارفانه، ماهيانه

درست استعمال:

شاعراڻو مزاج،            شاعراڻي سوچ،

روزاني اخبار،              روزانو ڪم ڪار

ساليانو نفعو،                 سالياني ڪارڪردگي

عارفاڻو ڪلام،           عارفاڻي محفل

ماهياني ونڊي،             ماهيانو پگهار

(7) فارسي حرف جر جو استعمال:

مثال: ازانسواءِ، محض، اگر، مگر، چنانچه، حالانڪ

انهن جون سنڌي صورتون موجود آهن:

مثال: کان سواءِ، رڳو، جيڪڏهن، پر، ڇو ته، جيتوڻيڪ، ڄڻ ته (4)

(8) اردو ۽ انگريزي اثر هيٺ جنسن جو غلط استعمال:

مثال (1):  منهنجو دل، چڱي ڪتاب، سُٺي نظم، سٺي غزل، سٺو موسم (اردو نمونو)

درست استعمال:  منهنجي دل، چڱو ڪتاب، سُٺو نظم، سُٺو غزل، سُٺي موسم

مثال (2):                              آپريشن ٿيو، ٽرانسليشن ڪيو، سيپريشن ٿيو، ڊڪٽيشن لکايو،

(انگريزيءَ جو اثر)

درست استعمال:      آپريشن ٿي، ٽرانسليشن ڪئي، سيپريشن ٿي، ڊڪٽيشن لکائي وغيره.

(9) سنڌي جنسن جو غلط استعمال:

اترادي لهجي هيٺ سنڌي اديب ڪيترا مذڪر لفظ مؤنث صيغي ۾ ڪم آڻيندا آهن، جيڪي معياري لهجي موجب مذڪر استعمال ڪرڻ کپن.(5)

مثال:           رَتُ ڳاڙهي آهي،                            واءُ لڳي ٿي،

اولاد چڱي آهي،                          سماجُ پراڻي آهي،

درست استعمال: رَتُ ڳاڙهو آهي،                             واءُ لڳي ٿو،

اولادُ چڱو آهي،                                سماج پراڻو آهي.

 (10) اعرابن جو غلط استعمال:

ٻوليون، ٻين ٻولين کان لفظ وٺي پنهنجي مزاج موجب انهن جي اعرابن ۾ تبديل ڪنديون آهن:

مثال: عربي ۽ اردو                             سنڌي درست استعمال

خَيالُ                                                                                   خِيالُ

سَوالُ                                                                                   سُوالُ

قَيامتِ                                                                                قِيامت

نَماز                                                                                      نِمازَ

(11) فعلن، ضميرن ۽ ظرفن جو غلط استعمال:

(1) هنن کي چيم:  فلاڻو ڪم ڪيو.

         درست استعمال:  ڪم ڪريو

(2) اسان وٽ کيس، کين، سندس، سندن، ضمير هن ريت غلط ڪم آندا وڃن ٿا:

کيس کي چيم، کين کي وراڻيم، سندس جو ڪتاب، سندن جو وارو

درست استعمال:                 کيس چيم، کين وراڻيم، سندس ڪتاب، سندس وارو

(12) اضافي لفظن جو غلط استعمال:

مثال: سپوٽ پُٽ، ڪپوٽ پُٽ

نوٽ: ’سپوٽ‘ جو مطلب سُٺو سلڇڻو پٽ ۽ ’ڪپوٽ‘ جو مطلب، ڪلڇڻو ۽ ڪُڌو پٽ آهي، اُن ڪري سپوٽ ۽ ڪپوٽ سان پُٽ ڪم نه آڻجي.

(13) بنيادي قاعدن کان اکٻوٽ:

مثال: رتو ديرو ۾ هڙتال

لاڙڪاڻو ۾ سخت گرمي

الهه بخش چانڊيو چيو

ميرپور بٺورو ۾ باهه

درست استعمال:                         رتيديري ۾ هڙتال، لاڙڪاڻي ۾ سخت گرمي،

                 الهه بخش چانڊيي چيو ۽ ميرپور بٺوري ۾ باهه.

اُن کان سواءِ: ڀُٽه ۽ جويه لکڻ به غلط آهي، درست استعمال ٿيندو: ڀُٽو، جويو

 (14) ڀارت ۾ هيٺينءَ ريت  سنڌي لفظن جو غلط استعمال ٿئي ٿو:

غلط                                                             درست

نئي                                                               نئين

چاند                                                            چنڊ

لوهو                                                             لوهُه

ڦسائڻ                                                         ڦاسائڻ

پنڇي                                                         پکي

منائڻ                                                          مڃائڻ (وغيره)

(15) سرائيڪي اثر هيٺ حمزي (ء) جو استعمال وساريو وڃي ٿو:

مثال:

غلط            

درست

 

اُٺ کي مهار پاءِ،

اُٺَ کي مهارَ پاءِ

 

ٻڪري کي ڇهه ڦر آهن

ٻڪريءَ کي ڇهه ڦر آهن

 

ناري گيت ڳاتو

ناريءَ گيت ڳاتو

اُن ڪري اسان کي گڏجي خارجي ۽ اندروني خطرن کان سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ گهرجي.

 

 

 

حوالا:

 

  • جويو، تاج: ”سنڌي ٻوليءَ جو درست استعمال“: سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو ، حيدرآباد، 2009ع، ص 12
  • indiacode.nic.in/coiweb
  • جويو، تاج: ”سنڌي ٻوليءَ جو درست استعمال“: سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو ، حيدرآباد، 2009ع، ص 18
  • ساڳيو = ص 20
  • ساڳيو = ص 21
  • ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا“ جلد نائون، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو ، حيدرآباد (2015).