سنڌي ٻولي (جون 2016 )

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻولي (جون 2016 )
ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN ISSN : 2519-9765
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (781) PDF  E-Pub
انگ اکر

18 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     389881   ڀيرا پڙهيو ويو

    ڪتاب بابت


    ايڊيٽوريل

    سنڌي ٻوليءَ ۾ جيتوڻيڪ ڪجهه تحقيقي جرنل ڇپجن پيا، پر اُهي به پابنديءَ سان يا وقت سر پڌرا نه ٿا ٿين، جنهن سبب اڪثر ريسرچ اسڪالر، استاد توڙي سنڌي ادب جا شاگرد، ان پريشانيءَ ۾ هوندا آهن ته هُو پنهنجا تحقيقي مقالا ڪٿي شايع ڪرائين، ته جيئن سندن ڪيل تحقيقي ڪم کي گهربل مانُ ملي سگهي. خاص ڪري اڪئڊمڪ ريسرچ ڪندڙ محققن لاءِ ته اهو به ضروري آهي ته سندن مقالا ڪنهن اهڙي تحقيقي رسالي ۾ ڇپجن، جيڪو هائيَر ايجوڪيشن ڪميشن (HEC) پاران منظور ٿيل هجي. تنهنڪري موجوده وقت ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ باقاعدگيءَ سان ڪو اهڙو ’تحقيقي جرنل‘ شايع ٿئي، جيڪو هائيَر ايجوڪيشن ڪميشن (HEC) جي معيار وٽان به هُجي ۽ مقرر وقت تي ڇپجي پڌرو ٿئي.

    سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران جاري ٿيندڙ ’سنڌي ٻولي‘ جرنل جي شروعات ڊاڪٽر فهميده حسين ڪئي هئي، سندس محنتون ساراهڻ جوڳيون آهن، پر سندس وڃڻ بعد ان اشاعت ۾ دير ٿي. مون جڏهن اٿارٽيءَ جي سربراهه طور چارج سنڀالي ته ٻين رِٿائن سميت سنڌي ٻولي جرنل کي پڻ ترجيح ڏني ۽ مختلف محققن کان نوان مقالا گهرايا ويا. هن جرنل کي ’هيڪ‘ (HEC) کان رجسٽرڊ ڪرائڻ جي ارادي سان، معيار ۽ طريقيڪار سان گڏ هن جرنل جي سائيز پــڻ تبديل ڪئي وئــي آهــي، هاڻي هيءُ ’ڇهه ماهي‘ (Bi-annual) تحقيقي جرنل طور وقت سِر جاري ڪيو ويندو. هن پرچي کي پوئين سلسلي سان ڳنڍيندي، جُون 2016ع جي شماري طور پڌرو ڪيو پيو وڃي.

    هن تحقيقي جرنل ۾ لکڻ لاءِ سينيئر توڙي نوجوان اسڪالرن کي ڪوٺ ڏيندي اهو به واضح ڪجي ٿو ته مقالا معياري ۽ تحقيق جي مروج اصولن مطابق هجن، گڏوگڏ اُن مقالي جو انگريزيءَ ۾ مختصر تَتُ (Abstract) ۽ مقالي جي آخر ۾ حوالا References ۽ ببليوگرافي پڻ شامل هُجن.

    ’سنڌي ٻولي‘ جرنل ۾ سنڌي ٻولي، ادب، ادبي تاريخ، لوڪ ادب ۽ ثقافت سان لاڳاپيل ڪنهن به موضوع تي مقالا لکي سگهجن ٿا. هتي ايندڙ مقالا قاعدن موجب ماهراڻي راءِ اچڻ بعد شايع ڪيا ويندا. جيڪڏهن ڪنهن مقالي ۾ اداري طرفان مقرر ڪيل ماهرن ڪنهن به قسم جي ترميم يا سڌاري ڪرڻ جي راءِ ڏني، ته اهو ليکڪ/محقق کي واڌارن سُڌارن لاءِ واپس موڪليو ويندو ۽ دُرستگيءَ بعد اُهو مقالو شايع ڪيو ويندو. اميد ته اسان جي هيءَ پهرين ڪاوش قبول پوندي.

    پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ ايڊيٽر