A HAND- BOOK OF SINDHI IDIOMS (With English renderings & equivalents)

ڪتاب جو نالو A HAND- BOOK OF SINDHI IDIOMS (With English renderings & equivalents)
ليکڪ M.J. Shahani
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-90-1
قيمت 250    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (1049) PDF  E-Pub
انگ اکر

10 September 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     57663   ڀيرا پڙهيو ويو

    ڪتاب بابت


    سنڌي دنيا جي تمام قديم ٻولين مان هڪ ٻولي آهي. ان ۾ هزارين سال آڳاٽو لوڪ ادب جو خزانو موجود آهي. جيڪو صدين کان زباني روايتن ۽ لوڪ ڏاهپ جي ٻولن ۾ محفوظ ٿي، ايندڙ پيڙهين ۾ منتقل ٿيندو آيو آهي. سنڌ جا ماڻهو خاص ڪري ٻهراڙين ۾ رهندڙ سادا سودا پر ڏاها بزرگ مرد ۽ عورتون انهيءَ لوڪ ورثي جا سچا پچا سنڀاليندڙ آهن. اهي پنهنجي ٻوليءَ جي پيار کي دل ۾ سمائي، لوڪ صنفن جي اندر موجود من موهيندڙ سونهن، ڏاهپ، ڏات ۽ ڏانءُ جي نفاست کي من ۾ سانڍي، پنهنجي واندڪائيءَ جي وقت ۾ يا ڪا ڪرت ڪندي ورجائيندا رهيا آهن. زالون آتڻ ۾ چرخو چوريندي رهاڻيون ڪن ته، مرد اوطاقن، اوتارن ۽ پڌرن تي، اونهاري جي چانڊوڪين راتين ۾ يا سياري ۾ ٻاريل مچ جي چوڌاري مڙي ڪچهريون ڪندا آهن ۽ ٻوليءَ جا وينجهار ۽ سگهڙ پنهنجن ٻهگڻن ٻولن ذريعي پنهنجي مٺڙيءَ ٻوليءَ جي جهولي ڀريندا رهيا آهن. هنن سگهڙ سياڻن مردن ۽ عورتن وٽ لفظن جو پنهنجو اڻکٽ خزانو آهي ۽ سندن ٻولن ۾ اصطلاح، پهاڪا ۽ چوڻيون املهه ماڻڪن مثل ٻرڪيل هوندا آهن، جن کي دنيا جي ٻين ٻولين ۾ اٿلائڻ سان اسين پنهنجي ٻوليءَ جي سونهن ۽ سرت کين پسائي سگهون ٿا. هي ڪتاب سنڌي پهاڪن ۽ چوڻين تي مشتمل هڪ آڳاٽي اڻلڀ ڪتاب جو ٻيو ڇاپو آهي، جيڪو انگريزن جي دور ۾ ايم. جي. شهاڻيءَ طرفان انهن انگريز عملدارن لاءِ سهيڙيو ويو هو، جيڪي سنڌ ۾ سندن مقرريءَ کان اڳ يا ان دوران لازمي طور سنڌي سکندا هئا. هن ڪتاب ۾ سنڌي پهاڪن ۽ چوڻين جا متبادل انگريزي پهاڪا ۽ چوڻيون ڏنل آهن، جيڪي ان وقت ته ڪارائتا هئا، پر اڄ به انهن جي اهميت جهڪي ڪا نه ٿي آهي، جو گلوبل دنيا ۾ انگريزي ٻوليءَ جو اڄ به بول بالا آهي ۽ اسان جي شاگردن ۽ عام ماڻهن کي اسڪولن، ڪاليجن يا يونيورسٽين ۾ ۽ ڪنهن به مقابلي جي امتحان ۾ انهيءَ جي ضرورت پيش اچي ٿي. ان ڪري مون کي اميد آهي ته هي ڪتاب موجوده دور ۾ به لاڀائتو ثابت ٿيندو. ڊاڪٽر فھميده حسين چيئرپرسن