عربي- سنڌي آئيويٽا جو اڀياس

ڪتاب جو نالو عربي- سنڌي آئيويٽا جو اڀياس
ليکڪ ڊاڪٽر الطاف جوکيو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-054-8
قيمت 200    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     310139   ڀيرا پڙهيو ويو

باب پهريون


  1. آئيويٽا/الف- بي/پٽيءَ جي معنى ۽ مفـﮫـوم
  • لفظ آئيويٽا جي لغوي اکيڙ

سنڌي ٻوليءَ ۾ آئيويٽا، الف- بي، الفباءِ، پٽي، ورڻ- مالا، حروف تـﮬـجي حروف المُعجم وغيره جا اصطلاح اکرن جي ترتيب لاءِ ڪم آندا ويندا آهن. لفظ ’آئيويٽا‘، يوناني (Greek) ٻوليءَ جي ’الفا- بيِٽا‘ ۽ انگريزي Alphabet جي سنڌي صورت آهي؛ خود انگريزي لفظ ’Alphabet‘ پڻ يوناني اکرن جي اچارalpha  ۽  beta جي جوڙ مان ٺــﮬـيو آهي؛ جنـﮬـن جو بنياد وري عبراني اکرن جي اچار ’الف‘ (ڍڳي جو سڱ) ۽ ’بيت‘ (گهر) مان آهي. (سلیم، 1981: 11)

پروفيسر عبدالڪريم لغاري، ان حوالي سان لکي ٿو ته: ”الف ۽ بي اصل سامي ٻوليءَ جا لفظ آهن. ’الف‘ جي معنى آهي ’ڍڳو‘ ۽ ’ب‘ معنى ’گهر‘ آهي. ... يوناني ٻوليءَ ۾ ان کي الفا بيٽا جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، جنـﮬـن مان انگريزي الفابيٽ نڪتل آهي.“ (لغاري، 1976: 4)

The word alphabet came into Middle English from the Late Latin word Alphabetum, which in turn originated in the Ancient Greek Alphabetos, from alpha and beta, the first two letters of the Greek alphabet. Alpha and beta in turn came from the first two letters of the Phoenician alphabet, and meant ox and house respectively.

(http://www.britannica.com/dictionary?book=Dictionary&va=alphabet&query=alphabet)

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب مذڪوره لفظ جي معنى ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ هن ريت ڏني آهي: ”آئِيويٽا ج آئِيويٽائُون: [آ- اِ- اُ- ٽ؛ هندو سنڌي لِپيءَ جي ٻُٽن اکرن جي سِٽ ’آئُو، اِيَڙيُون، آيـﮣ، ٽا > آءِ- اِي- ٽا‘ = آئِيويٽا] الف، ب جا اکر- الفباءِ- لِپي- ورڻ مالا- Alphabet.“

 (بلوچ، 1960: 91)

’جامع سنڌي لغات‘ ۾ لفظ ’آئيويٽا‘ بابت ڄاڻايل  بنيادي معنى خود ساخته پئي لڳي، ڇو ته ڊاڪٽر بلوچ جي وضاحت ۽ لفظ آئيويٽا جي وچ واري سفر ۾ ڪو ربط نظر نه ٿو اچي. ان بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته ’آئيويٽا‘، الفابيٽ وانگر ’الفا بيٽا‘ جي سنڌي صورت آهي.

سنڌي صورت ۾ لفظ ’آئيويٽا‘، سنڌي ٻوليءَ جي چند برک عالمن ڪم آندو آهي جن ۾ ڪاڪي ڀيرومل (1956: 42، 258، 263، 264، 265، 267، 268، 269، 294)، (1957: 382، 386، 388، 389، 391، 395، 396، 397، 398، 399، 400) ۽ (1985: 5، 15)، مرزا قليچ بيگ (2006: 163)، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي (دائودپوٽو، 1997: 62)، محمد صديق ميمڻ (صديق، 2007: 102- 111)، پوپٽي هيراننداڻي (جتوئي، 1996: 191)، مسٽر کيمچند هيراڻي (هيراڻي، 2007: 146- 151)، مسٽر ڏيارام وسڻ مل مير چنداڻي (ميرچنداڻي، 2007: 152، 155)، پـﮬـلاجراءِ ليلارام واسواڻي (واسواڻي، 2007: 156- 173)، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي (1980: 15، 237)، غلام محمد گرامي (گرامي، 2009: 22- 75)، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي (1999: 54)، پروفيسر عبدالڪريم لغاري (1976: 94)، ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي (2007: 13، 21)، پروفيسر سترامداس جڙياسنگهاڻي سائل (2009: 36)، محمد سومار شيخ (1992: 6)، ڊاڪٽر هدايت پريم (هدايت، 2007: 220)، امجد سراج ميمڻ (2011: 7، 12، 37، 40) وغيره جا نالا ڳڻي سگهجن ٿا.

ڊاڪٽر هدايت پريم صاحب لفظ ’آئيويٽا‘ جي بدران ’آئيوٽا‘ ڪم آندو آهي (2007: 220)؛ حالانڪ ’آئيوٽا‘ يوناني پٽيءَ جو هڪ اکري اچار/ اکر جو نالو آهي، ان کي ’الفابيٽ‘ جو بدل نه ٿو چئي سگهجي، عام طور، غلط العام اهو لفظ اهڙي انداز سان ٻڌو ويندو آهي.

  • آئيويٽا جو دائرو

ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي صاحب لفظ آئيويٽا جو دائرو هن ريت بيـﮬـاري ٿو ته: ”لکڻ جو اهو سرشتو جنـﮬـن ۾ هرهڪ مک حرف ٻوليءَ جي آوازي سرشتي ۾ موجود ڪنـﮬـن ڌوني تت جي لاءِ لکڻ ۾ عيوضي نشانيءَ طور ڪتب اچي ٿو، تنـﮬـن کي سنڌيءَ ۾ ’آئيويٽا‘ يا ’ورڻ- مالا‘ چئبو آهي. انگريزيءَ ۾ ان کي ’الفابيٽ‘ سڏيندا آهن، انهيءَ طرز تي سنڌي ورڻ- مالا کي ’الف- بي‘ به چئجي ٿو.“ (جيٽلي، 1999: 54)

’آئيويٽا‘ جي وصف ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ڄاڻائي ٿو ته: ”(الف- ب:) لکت وارين نشانين يا علامتن جي اها ترتيب، جنـﮬـن ۾ ڪنـﮬـن ٻوليءَ جي ڌار ڌار لکت وارين نشانين (Graphemes) کي هڪ هنڌ ڏيکاريو ويو هجي يا گڏ ڪيو ويو هجي.“ (الانا، 2005: 203)

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب رسم الخط، صورتخطي ۽ الف- بي جون وصفون ڄاڻائيندي، آئيويٽا جي وصف ۾ لکي ٿو ته: ”الف- ب (Alphabet) کي سمجهڻ ۾ ڪو مغالطو ڪونهي، هر ٻار به سمجهي ٿو ته الف- ب ڇا آهي. سنڌي الف- ب جو داستان ابوالحسن کان به اڳ سنڌي مذهبي عالمن جي نثري ۽ نظمي تحريرن کان شروع ٿي، انگريز سرڪار جي ذڪر ڪيل ڪميٽيءَ ۾ ان صورت تائين پـﮬـتو، جا اڄ موجود آهي. جيئن انگريزيءَ جي الف- ب کي ABC چئجي ٿو ته سنڌيءَ جي الف- ب جي به اها حيثيت آهي.“ (جوڻيجو، 2007: 39)

ڊاڪٽر جوڻيجي جي وضاحت ۾ ’جند ڇڏائڻ‘ وارو محاورو سامهون اچي ٿو، اهڙي راءِ کي علمي راءِ نه ٿو چئي سگهجي. ان سببان ان لفظ جي وضاحت انگريزي لغتن ۾ جاچڻ انتـﮬـائي ضروري آهي.

  • An alphabet is a standardized set of letters — basic written symbols or graphemes — each of which roughly represents a phoneme in a spoken language. (http://en.wikipedia.org/wiki/Spoken_language)

انسائيڪلوپيڊيا آف لئنگويج  ۾ الفابيٽ جي  وضاحت هن ريت ڪيل آهي:

  • Alphabet: “A writing system in which a set of symbols (letters) represents the phonemes of a language.” (David Crystal, 1996: 421)

آڪسفورڊ ڊڪشنريءَ ۾ الفابيٽ جي مراد هيٺين ريت ڏنل آهي:

  • Alphabet: “A set of letters or symbols in a fixed order, used when writing a language.” (Jonathan Crowther, 1998: 32)

چيمبرس ڊڪشنريءَ موجب الفابيٽ:حرفن جي رواجي ترتيب جو نالو آهي.

  • Alphabet: a system of letters, esp. arranged in conventional order. (Catherine, 1989: 37)

مختلف عالمن جون ڄاڻايل وصفون جڏهن انگريزي لغتن جي روشنيءَ ۾ جاچجن ٿيون ته ڊاڪٽر غلام علي الانا جي ڄاڻايل وصف جو دائرو بلڪل درست ۽ پيرائتو آهي؛ اصولي طور تي ڊاڪٽر جيٽلي جي ڄاڻايل آئيويٽا جي دائري ۾ ’حرفن جي ترتيب‘ جو اشارو واضح ڪونهي؛ سندس ڄاڻايل دائري کي ’آئيويٽا‘ کان وڌيڪ ’رسم الخط‘ جي وضاحت ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو؛ باقي ڊاڪٽر جوڻيجي صاحب جي وضاحت مناسب ناهي.

لغتن ۽ عالمن جي روشنيءَ ۾ لفظ آئيويٽا جو جيڪو مفـﮬــوم آڏو آيو آهي تنـﮬــن جي مراد جو اهم مرڪز ’ترتيب‘ تي آهي؛ يعني: ڪنـﮬـن ٻوليءَ لاءِ لکجندڙ صورتخطيءَ ۾ ڪم ايندڙ اکرن جي اها ترتيب جيڪا متعلقه ٻوليءَ وارن لاءِ قبوليت جو درجو رکندي هجي.

آئيويٽائن جي ترتيب واري مختصر اڀياس مان اهو نڪتو ملي ٿو ته ڪنـﮬـن ٻوليءَ لاءِ مقرره رسم الخط/ آئيويٽا جي ترتيب جا ٻه رخ اهم رهيا آهن: 1. مخرجوار 2. شڪل وار.

مخرجوار ترتيب جي بنياد تي آنجـﮬـاني ڀيرومل ويچار ونڊيندي لکي ٿو ته: ”ننڍڙو ٻار ڄمڻ سان اُئان _ اُئان جـﮬـڙا آواز ڪري ٿو جن ۾ سڀ حرف علت آهن ۽ الف سان شروع ٿين ٿا. ٻار پوءِ بابا _ بابا چوڻ لڳي ٿو جن ۾ ’ب‘ حرف صحيح آهي. اهوئي سبب آهي جو ڪيترن ٻولين جـﮬـڙوڪ انگريزي، يوناني، عربي ۽ فارسي وغيره ۾ پــﮬـريائين ’الف‘ پوءِ ’ب‘ آهي ۽ انهن ٻن اوائلي اچارن پٺيان سڄي آئيويٽا کي الف- ب ڪوٺجي ٿو. انهيءَ ساڳي سبب ڪري ديوناگريءَ ۾ پـﮬريائين حرف علت ۽ پوءِ حرف صحيح آهن. اهو ڀاشا وگيانن جو رايو آهي.“  (ڀيرومل، 1985: 15) 

ظاهر آهي ته آئيويٽا جي حرفن جي ترتيب به، ڪنـﮬـن به ٻوليءَ ۾ اهم حيثيت رکي ٿي، انجو اهم ڪارج نَنوَن سيکڙاٽن جي سکيا آسان بڻائڻ آهي؛ جنـﮬـن سبب ماهرن جي اهائي ڪوشش هوندي آهي ته جيئن آئيويٽا جي ترتيب ۾ آساني رکي سگهجي. اهڙي حرفن/ اکرن جي ترتيب مختلف ٻولين ۾ مختلف رهي آهي؛ ليڪن تقريباً مختلف ٻولين ۾ الف- بي جي شروعات فطرتي ’الف‘ ۽ پوءِ ’ب‘ جي آواز سان ٿئي ٿي.

سنڌي ٻوليءَ جي قدامت انجي تـﮬـذيب و تمدن مان لڳائي سگهجي ٿي. ظاهر آهي ته سڌريل ٻوليون پنـﮬـنجي لکڻ جي حوالي سان ڪانه ڪا رسم الخط/ آئيويٽا ضرور رکندي آهي. مـﮬـين جي دڙي جي لکت مان اهو اندازو ٿئي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ لاءِ ان وقت به هڪ رسم الخط/ آئيويٽا ڪم آندو ويندو هو- جيڪو اڄ تائين معما بڻيل آهي.

سنڌي ٻولي ان بعد ڪافي رسم الخطن ۾ لکبي پئي رهي آهي، ليڪن سنڌي ٻوليءَ جي احاطي ۾ جيڪي رسم الخطَ دؤر حاضر ۾ ڳڻي سگهجن ٿا، تن ۾ ديوناگري رسم الخط ۽ عربي رسم الخط اهم رهيا آهن، جن جون آئيويٽائون سنڌ توڻي هند ۾ اڄ تائين سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪم آنديون وڃن ٿيون.

 

  • آئيويٽا سان منسلڪ اهم نڪتا

جيئن ته آئيويٽا مان مراد ڪنـﮬـن رسم الخط جي ترتيب آهي، ان حوالي سان هيٺيون ترتيبون سامهون اچن ٿيون:

  • آئيويٽا موجب ترتيبون
    • مخرجوار ترتيب

ديوناگري ۽ عربي، شمسي- قمري آئيويٽا مخرجوار ترتيب جا نمونا آهن. مخرجوار ترتيبن ۾ به اهي ٻئي ترتيبون اهم رهيون آهن؛ ليڪن مخرجن جي ترتيب ۾ به ٻنهي جو فرق آهي. هيٺ مختصر ٻنهي جي مخرجن جي ترتيب رکجي ٿي:

  • ديوناگري: نرم تارونءَ وارا آواز، 2. سخت تارونءَ وارا آواز 3. مورڌني 4. ڏندن وارا 5. ٻن چپن وارا 6. گـﮬـڪي وارا 7. نيم سُر، روان ۽ ڦڙ ڦڙ وارا.
  • عربي: سِنيـــﮣ (ڏندن تي زبان رکڻ سان)، 2. اَسليـﮣ (زبان جي چوٽيءَ وارا)، 3. شَفويـﮣ (چپن وارا)، 4. لَـﮬويـﮣ (سخت تارونءَ وارا)، 5. حَلقيـﮣ (نڙيءَ وارا).

        

  • شڪل وار ترتيب

عربي- ابتث، عربي- سنڌي 1935ع واري، موجوده اردو آئيويٽا وغيره. جيئن ته عربي رسم الخط جي عام ٿيڻ بعد خطاطيءَ جو فن ترقيءَ جا مرحلا طئه ڪندي وڌيو ويجهيو آهي؛ خطاطيءَ جي بنياد تي ئي حرفن جي ترتيب جو رواج ابن مقله وڌو ۽ اهڙي ترتيب اڄ سوڌو جاري آهي. موجوده فارسي توڻي اردو رسم الخط ۽ 1935ع وارو عربي- سنڌي رسم الخط به اهڙي پوئواريءَ جون ڪڙيون آهن. 

 مذڪوره اکري ترتيب ۾ به ڪي فرق رکيا ويا آهن، انتـﮬـائي مختصر اهڙا اشارا ڏجن ٿا:

  • عربي اکري ترتيب: ا ب ت ث، ج ح خ،  د ذ، ر ز، س ش،  ص ض، ط ظ، ع غ،   ف ق ڪ، ل م ن، و هه ي.

عربي آئيويٽا جي ترتيب ۾ جتي ص، ض، ط، ظ جا وٽ- ورا پاڻ ۾ ملندڙ جلندڙ آهن، اتي ’ف‘ جي ٻيڙي ’ب، ت، ث‘ سان ملندڙ آهي، پر جيئن ته عربي اکرن جو تعداد گهٽ آهي ان ڪري ان جي شڪل کي ’ق‘ سان هم شڪل ڀانئي، ان جي ڀر ۾ رکيو ويو، ان جو امڪاني سبب اهو به ٿي سگـهي ٿو جو ’ف ۽ ق‘ جون سالم صورتن کان سواءِ ٻيون صورتون ملندڙ جلندڙ آهن.

  • فارسي اکري ترتيب: ا ب پ ت ث ج چ ح خ د    ذ  ر    ز    ژ س ش ص ض ط ظ ع غ ف ق ک گ        ل م ن و ہ ء ی
  • اردو اکري ترتيب: ا ب پ ت ٹ ث ج چ ح خ د  ڈ  ذ  ر  ڑ  ز  ژ س ش  ص ض ط ظ ع غ ف ق    ک گ ل م ن و ہ ء ی ے

فارسي ۽ اردو  جي هم شڪليءَ واري ترتيب گهڻي قدر عربي ترتيب جي پوئواري ڪئي آهي. جڏهن ته سنڌي ترتيب، ساڳيا اصول رکي پنـﮬـنجي ترتيب جو پاسو ڪجهه مختلف رکيو. يعني ’ف ۽ ڦ‘ کي ’ب ۽ ت‘ وغيره جي ٻيڙيءَ سان هم شڪل ڄاڻي، ان سان گڏ رکيو ويو هو، ساڳئي وقت ’گ ۽ ڳ‘ وغيره کي پڻ ساڳئي جوڙ سان بيـﮬـاريو ويو؛ جيئن:

  • سنڌي اکري ترتيب: ا ب  ٻ  پ  ڀ  ت  ٺ  ٽ  ث  ٿ  ف  ڦ گ ڳ ڱ  ک  ي  د  ذ  ڌ  ڏ  ڊ  ڍ   ح  ج  ڄ  ڃ  چ  ڇ  خ  ع  غ  ر  ز ڙ  م  ن  ل  س ش   و   ق  ص  ض  ڻ  ط   ظ  هه  جهه  گهه  ڪ  ء.
    • انگي ڪارج واري ترتيب

عربي ابجد، جنـﮬـن مان انگن جو ڪارج پڻ ورتو ويندو آهي. هونئن ته عام ترتيب جو استعمال عام طور لغتن وغيره ۾ ورتو ويندو آهي، ليڪن عربيءَ جي مڙني ترتيبن کي، موجوده دؤر ۾، ڪنـﮬـن نه ڪنـﮬـن استعمال ۾ ضرور ورتو ويندو آهي. ابجد واري ترتيب به بيڪار نه ڄاتي وئي، بلڪ ان کان انگن يا شمار جو به ڪم ورتو ويو.

 

  • آواز جي بنياد تي آئيويٽا جا اکر پڙهائڻ جو رواج       

اکرن جي آوازن کي پڙهائڻ جا مختلف آئيويٽائن جا مختلف ڍنگ آهن، ڪن ۾ سڀ اکر هڪ ئي سُر يا مختلف سُرن سان پڙهائڻ جو تصور آهي، ڪن ۾ سُرن ۽ لفظي اچارن ٻنهي جو تصور موجود آهي؛ ليڪن ٻنهي ڍنگن ۾ مراد، گهڻي قدر، اڳئين آواز جي هوندي آهي. انگريزيءَ ۾ هن قسم لاءِ Acrophony جو اصطلاح ڪم ايندو آهي، جنـﮬـن جي مراد ڪنـﮬن لفظ جي شروع جو آواز وٺي باقي حصو حذف ڪيو ويندو آهي. (عتیق، 1989: 375- 384)

Acrophony (Greek: acro uppermost, head, beginning + phonos sound) Naming letters in an alphabetic writing system using words whose initial sounds are represented by the respective letters. (Wikipedia)

 

  • آئيويٽائن جي اچارن جا ڍنگ:

سنڌيءَ ۾: ’الف، بي، ٻي، ڀي، تي، ٿي....‘، عربيءَ ۾: ’الف، با، تا، ثا، جيم، حا، خا....‘،

اردوءَ ۾: ’الف، بي، پي، تي، ٽي، ثي…‘،  ديوناگريءَ ۾: ’ڪَ، کَ، گَ، گَهه، ڱَ…‘

آئيويٽا جي اچارن ۾ ٻه ڍنگ هوندا آهن، هڪ: پد جي صورت ۾، ٻيو: لفظ جي صورت ۾؛ ان بابت Wikipedia encyclopedia ۾ هيٺين ريت ڄاڻايل آهي:

An alphabet is a standardized set of letters…  There are other systems, such as logographies, in which each character represents a word, morpheme, or semantic unit, and syllabaries, in which each character represents a syllable.

 

  • سُر سان، اکرن جا آواز  (Syllabogram/ Syllabograph)

ڪي آئيويٽائون پدن (Syllable) جي صورت ۾ ترتيبيل آهن، جيڪي هر ٻوليءَ ۾ پنـﮬـنجو نرالو مزاج رکن ٿيون؛ جيئن:

  • ديوناگري: ڪَ، کَ، گَ، گهَه، ڱَ، چَ، ڇَ، جَ، جهَه، ڃَ وغيره.

ديوناگري آئيويٽا جا مڙئي اکر، پد جي بنياد تي ڇوٽي سر (اَ) سان پڙهايا ويندا آهن.

  • عربي: با، تا، ثا، حا، خا، را، زا، فا، ها، يا؛

عربي آئيويٽا جا 10 اکر، پد جي بنياد تي ڊگھي سُر  (آ) سان پڙهايا ويندا آهن.

  • سنڌي: بي، ٻي، ڀي، تي ٽي، ثي، پي، جي، ڄي، جهي وغيره؛

سنڌي آئيويٽا جا 32 اکر، پد جي بنياد تي وچٿري ڊگھي سُر  (اٖي) سان پڙهايا ويندا آهن.

  • اردو: بي، پي، تي، ثي، حي، خي وغيره؛

اردو آئيويٽا جا 14 اکر پڻ، پد جي بنياد تي سنڌيءَ وانگر وچٿري ڊگھي سُر (اٖي، يعني ي مجـﻫـول) سان پڙهايا ويندا آهن.

  • انگريزي: اي، بِي، سِي، ڊِي، اِي، جِي، آءِ وغيره.

انگريزي آئيويٽا جا اکر، پد جي بنياد تي مختلف سُرن {اي (3)، اِي (7)، او (1)، اُو (1)، آءِ (2)} سان پڙهايا ويندا آهن.

آوازن جي بنياد تي، پدن جي صورت ۾ اکرن جا اچار پڙهائڻ وارو رواج مڙني آئيويٽائن ۾ ڏٺو ويو آهي، البته ديوناگري آئيويٽا جو ڍنگ ٻين آئيويٽائن کان نرالو ان خيال کان به آهي جو ان ۾ ساڳئي وزن ۽ سُر سان اکرن جا اچار پڙهايا ٿا وڃن؛ جڏهن ته ٻين آئيويٽائن (عربي، سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ) ۾ آوازن سان گڏ اچاري لفظ به اچي ٿا وڃن.

  • لفظي صورت ۾ اکرن جا اچار(Logogram/ Logograph)

ڪن آئيويٽائن ۾ ڪي اکر لفظي صورت ۾ پڙهايا ويندا آهن، انگريزي اصطلاح ’لوگوگرافيءِ‘ ۾ اکرن جون تصويري شڪليون به شامل ڪيون وينديون آهن، ان صورت ۾ عربي اکرن جي لفظي اچارن جون معنائون به آهن، جيئن: جيم (مست اٺ)، دال (ٿلهي عورت)، ذال (ڪڪڙ جو موڙ)، سين (ٿلهو- کنگهه ۾ ورتل ماڻهو)، شين (ڊوڙندڙ ماڻهو)، نون (مڇي، مس ڪپڙي، وڻ جو ٿڙ) وغيره. (قليچ، 2006: 75) هيٺ مختصر آئيويٽائن جي اکرن جا لفظي اچار خيال خاطر ڏجن ٿا:

  • عربي: الف، جيم، دال، ذال، سين، شين، صواد، ضواد، طوئي، ظوئي، عين، غين، قاف، ڪاف، لام، ميم، نون، واؤ.

عربي آئيويٽا ۾ 18 اکرن جا اچار لفظ جي صورت ۾ پڙهايا ويندا آهن.

  • سنڌي: الف، جيم، دال، ذال، سين، شين، صواد، ضواد، طوئي، ظوئي، عين، غين، قاف، ڪاف، گاف، لام، ميم، نون، واو ۽ همزو.

سنڌي آئيويٽا ۾ 20 اکرن جا اچار لفظ جي صورت ۾ پڙهايا ويندا آهن .

  • اردو: الف، جيم، دال، ذال، سين، شين، صواد، ضواد، طوئي، ظوئي، عين، غين، قاف، ڪاف، گاف، لام، ميم، نون، واؤ ۽ همزه.

اردو آئيويٽا ۾، سنڌيءَ وانگر ساڳيا 20 اکرن جا اچار  لفظ جي  صورت ۾ پڙهايا ويندا آهن.

  • انگريزي: ايف، ايڇ، آءِ، ايل، ايم، اين، قيو، آر، ايس، ڊبليو، ايڪس، زيڊ.

انگريزي آئيويٽا ۾ 12 اکرن جا اچار پڙهايا ويندا آهن.

وضاحت: سنڌي ٻوليءَ ۾ ’حرف جي اچاري پد‘ (Syllabogram) يا ’حرف جي اچاري لفظ‘ (Logogram) جي پڙهائڻ واري سلسلي ۾ هڪ تضاد نوٽ ڪيو ويو آهي ته: ’ڌي‘، ’ڏي‘، ’ڊي‘ ۽ ’ڍي‘ کي ’دال‘ وانگر ’ڌال‘، ’ڏال‘، ’ڊال‘ ۽ ’ڍال‘ پڙهائڻ گهرجي! اصل ۾ اهڙي قسم جو تضاد جو بنياد ’اکر جي شڪل‘ آهي، ان کان علاوه ان جو ٻيو ڪو جواز ڪونهي. اردو ٻوليِءَ جي آئيويٽا ۾ وسرڳن جو شمار نه ٿيندو آهي، بلڪه اهي ضميمي ۾ پڙهايا ويندا آهن، باقي هڪ اکر ’ڊال‘، پد بجاءِ لفظ جي صورت ۾ پڙهايو ويندو آهي، جنھن جو ڪو جواز ڄاڻايل ڪونهي.

سنڌي ٻوليءَ ۾ عام طور اهو خيال رکيو ويندو آهي ته موجوده آئيويٽا عربيءَ تان ورتل آهي، ان جا اکر به اچارن سوڌا عربيءَ تان ورتا ويا آهن، ان صورت ۾ اکرن جا اچار به ساڳيا ورتا وڃن! جيئن ته اکرن کي پد جي صورت ۾ پڙهائڻ وارو انداز هر ٻوليءَ جو نرالو آهي، ان صورت ۾ عربيءَ جا پد جي صورت وارا حرف ته پنھنجي مزاج مطابق اچاري سگهجن ٿا؛ ليڪن جيڪي لفظ عربيءَ ۾ معنادار آهن، تن جا اچار عربيءَ ۾ پد جي صورت بجاءِ لفظ جي صورت ۾ ئي رهن ٿا، جن جو بنياد معنادار لفظ آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ به اهي لفظ سماجي معنائن سان ڪم آندا ويندا آهن. (قليچ، 2006: 75)

هاڻي جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ ۾ ’ڌي‘، ’ڏي‘، ’ڊي‘ ۽ ’ڍي‘ کي ’دال‘ وانگر ’ڌال‘، ’ڏال‘، ’ڊال‘ ۽ ’ڍال‘ پڙهائجي ته سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته:

  • ڇا انهن حرفن جي ڪا معنى به ٿي سگهي ٿي؟

جيڪڏهن مذڪوره حرفن جي ڪـابه معنى نه ٿي جڙي يا اهڙو ڪوبه پيرو نه ٿو کڄي ته ان صورت ۾ اهڙن حرفن کي شڪل جي بنياد تي نه پر، پنھنجي ٻوليءَ جي مزاج مطابق پڙهائڻ گهرجي.

**********************

 

باب ٻيو