عربي- سنڌي آئيويٽا جو اڀياس

ڪتاب جو نالو عربي- سنڌي آئيويٽا جو اڀياس
ليکڪ ڊاڪٽر الطاف جوکيو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-054-8
قيمت 200    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     309918   ڀيرا پڙهيو ويو

ناشر نوٽ


سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ڊاڪٽر الطاف جوکيي جو هيءَ ڪتاب ’عربي- سنڌي آئيويٽا جو اڀياس‘ ڇپائيندي، مون کي ان ڪري به نهايت خوشي  ٿي رهي، جو  هي ڪتاب، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي عين مقصدن ۽ دائره ڪار تي پورو لهي ٿو. ڊاڪٽر الطاف جوکيي، پنهنجي هن ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ’عربي-سنڌي‘ آئيويٽا جو تاريخي، ارتقائي، سماجي ۽ علمي جائزو ورتو آهي. هن خالص تحقيقي بنيادن تي عربي- سنڌي آئيويٽا بابت پنهنجي راين ۽ تجويزن کان پڻ آگاهه ڪيو آهي ۽ ڪيترائي اهڙا نوان نُڪتا پيش ڪيا آهن، جن تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ سان، هن موضوع بابت نوان ۽ اڻ ڇهيل پاسا دريافت ڪري سگهجن ٿا.

هيءَ ڪتاب سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي پبليڪيشن ڪميٽي منظور ڪيو ۽ اهو پڻ فيصلو ڪيو ته ڪتاب تي ايڊيٽنگ ۽ نظرثاني سائين محمد ابراهيم جويو ڪري. جويي صاحب مهرباني ڪري هن ڪتاب جي ايڊٽنگ ۽ نظرثاني ڪئي ۽ ڪن تجويزن کي ڪڍي ڇڏڻ جو مشورو ڏنو. جويي صاحب جي مشوري مطابق ڊاڪٽر الطاف جوکيي ٻيهر مسودو تيار ڪري ڏنو، جيڪو ڇپائي اوهان آڏو پيش ڪجي ٿو.

اسان کي اميد آهي ته ’عربي سنڌي آئيويٽا‘ جي تحقيق اڀياس تي ٻڌل هي ڪتاب، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي شاگردن توڙي ٻوليءَ ۽ الفابيٽ تي تحقيق ڪندڙن لاءِ وڏو مددگار ثابت ٿيندو.

 

28 جنوري، 2016

حيدرآباد سنڌ

 

سرفراز راڄڙ

چيئرمئن