عربي- سنڌي آئيويٽا جو اڀياس

ڪتاب جو نالو عربي- سنڌي آئيويٽا جو اڀياس
ليکڪ ڊاڪٽر الطاف جوکيو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-054-8
قيمت 200    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     310024   ڀيرا پڙهيو ويو

باب ڇهون


6. عربي- سنڌي آئيويٽا جي مختلف رخن کان ورڇ ۽ تجويز ڪيل ترتيب
1960ع واري ترتيب ٻارن توڻي استادن لاءِ سکيا جي عمل ۾، اڻوڻندڙ ثابت ٿي آهي؛ ان کان علاوه ڪافي عالمن پاران ان تي علمي تنقيدون به ٿيون آهن. نتيجةً ان کي آسماني صحيفي جو درجو ڏيندي سڀڪو ’آمنا صدقنا‘ ڪيون ويٺو آهي. حالانڪ ٿيڻ ائين کپندو هو ته ان جي ترتيب لاءِ پرائمريءَ جي جهونن استادن، پڙهائيندڙ استادن ۽ علم لسان جي ماهرن جو هڪ ڪٺُ ڪوٺائي/ سيمينار ڪرائي، انهن جا رايا ۽ تجويزون گڏ ڪري، ان تي هڪ غير جانبدار ڪاميٽي مقرر ڪري، ڪو فيصلو صادر ڪجي ها ته جيئن پڙهائيندڙن ۽ پڙهندڙن لاءِ آساني ۽ دلچسپي پيدا ٿئي! هي علمي بحث آهي، هن ۾ ڪنھن صحيفي يا پوپ جو تصور ڪونه هوندو آهي، جنھن بابت ڪا راءِ نه ٿي ڏئي سگهجي! اهڙو خيال رکندي ان کي مختلف رخن کان عالمن جا متعيّن ڪيل ورڇ جا نمونا رکي، تقابلي نموني جاچڻ بعد ڪا مثبَت راءِ رکڻ جو حق رکجي ٿو:
6.1. آوازي گروه موجب اکري ترتيب
 انسان جا بنيادي آوازي (primary sound): ا، ب
 ڌوڪڻا (plosive) : پ، ڦ، ب، ڀ، ت، ٿ، د، ڌ، ٽ، ٺ، ڊ، ڍ، چ، ڇ، ج، جهه، ڪ، ک، گ ۽ گهه
 اڌوڪڻا /چوسڻا (Implosive)آواز: ٻ، ڏ، ڄ، ڳ
 گُهڻا وينجن آواز (nasal sound) : ڃ، ڱ، ن، ڻ، م
 گسڻا آواز: و، ف، ز، س، ش، غ، خ، هه
 ڦڙڪڻا آواز: ڙ ، ڙهه
 پاسيرا آواز: ل ، لهه
 ڦرڻا آواز: ر
 نيم سر: ي، و
 گُهڻا سر: نْ
 اوسرڳي آواز ) Aspirates Non- (: ب، پ، ٽ، ت، ڪ، د، ڊ، ج، چ، گ. ۽ ڙ، ن، ڻ، م، ل.
 وسرڳي آواز (Aspirated): ڀ، ڦ، ٺ، ٿ، ک، ڌ، ڍ، جهه، ڇ، گهه۔
 وسرڳ جيڪي آئيويٽا ۾ شمار نه ٿا ڪيا وڃن: ڙهه، نهه، ڻهه، مهه، لهه
 وسرڳ جيڪي نظر انداز ٿيڻ جوڳا ناهن: رهه
 وسرڳ جيڪي نظر انداز ٿيڻ جوڳا آهن (Negligible aspirated) : ڏهه، وهه، ڇهه، ههه
 بندشي گسڻا/ اختلافي صوتيه Neglected phonemes)): ٽر، ڊر، ڍر (مذڪوره آوازن جي اکرن لاءِ تجويزون ڏنل آهن)
 بدل/ ڀيچي/ جھٽ آواز (Allophones) : ا-ع، ت- ط، ث- س- ص، ذ- ز- ض- ظ، گ- غ، ڪ- ق، ک- خ، ح- هه
ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب آوازي گروهه بندي ڪندي لکي ٿو ته: ” آوازن جي سڄي ذخيري کي اهڙيءَ طرح ڌار ڌار گروهن ۽ ڪٽنبن ۾ ورهايو ويو آهي؛ جيئن: [ف، و، س، ز، هه، ش، ح، غ] هڪڙي گروه يا ڪٽنب وارا آواز آهن، [م، ن، ڻ، ڃ، ڱ] ٻئي الڳ گروهه وارا آواز آهن. اهڙيءَ طرح [پ، ڦ، ب، ڀ، ت، ٿ، ٽ، ٺ، د، ڌ، ڊ، ڍ، چ، ڇ، جهه، ڪ، ک، گ ۽ گهه] آواز الڳ گروهه سان واسطو رکن ٿا.“ (الانا، 2005: 62- 63)
اندازاً سنڌي آوازي گروهه موجب اکرن جي ترتيب هيئن بيـﮬـي ٿي:
ا،ع، ب، ٻ، ڏ، ڄ، ڳ، پ، ڦ، ڀ، ت، ط، ٿ، ٽ، ٺ د، ڌ، ڊ، ڍ،
چ، ڇ، ج، جهه، ڪ، ک،گ، گهه، ڱ، ڃ، ن، ڻ، م، و، ف، ز،
ث، س، ص، ش، غ، خ، هه ڙهه، نهه، ڻهه، مهه،لهه،
ڏهه، رهه، وهه، ڇهه، ر، ي، و، نْ، ٽر، ڊر، ڍر،
ذ، ز، ض، ظ، ڪ، ق، ح، هه.
6.2. مخرجي ورڇ موجب اکري ترتيب
 ٻِچپوان: ب، ڀ، پ، ڦ، ٻ، م، مهه، و
 چپ- ڏندن گاڏِوان: و، ف
 ڏندوان: ت، ٿ
 مـﮨـارِوان: ن، نهه، ڊر، ٽر
 ڦار ۽ مـﮨـارِوان: ز، س
 مُورڌني: ڊ، ڍ، ٽ، ٺ، ڏ، ڻ، ڻهه، ل، لهه، ر، ڙ، ڙهه
 سخت تارونءَ وارا: ج، جهه، ڄ، ڃ، چ، ڇ، ش، ي
 نرم تارونءَ وارا: ڪ، ک، گ، گهه، ڳ، ڱ، و
 نرم تارونءَ کان پونيَر: ق، غ، خ
 گلي وارا: هه. (الانا، 1967: 28 ۽ 29 جي وچ ۾ ڏنل چارٽ)
ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جي ڄاڻايل سنڌي آوازن جي مخرجي ٽيبل موجب عربي- سنڌي آئيويٽا جي ترتيب هيئن بيھي ٿي:
ا، ب، ڀ، پ، ڦ، ٻ، م، مهه، و، ف، ت، ٿ، ن، نهه،
ڊر، ٽر، ز، س، ڊ، ڍ، ٽ، ٺ، ڏ، ڻ، ڻهه، ل، لهه، ر،
ڙ، ڙهه، ج، جهه، ڄ، ڃ، چ، ڇ، ش، ي، ڪ، ک،
گ، گهه، ڳ، ڱ، ق، غ، خ، هه.
6.3. ديوناگري مخرجي ورڇ موجب اکري ترتيب (ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جي خيال موجب)
 نرم تارونءَ آواز: ڪ، ک، گ، ڳ، گهه، ڱ
 سخت تارونءَ وارا آواز: چ، ڇ، ج، ڄ، جھه، ڃ
 مورڌني آواز: ٽ، ٺ، ڊ، ڍ، ڏ، ڻ
 ڏندن وارا آواز: ت، ٿ، د، ڌ، ن
 ٻن چپن وارا آواز: پ، ڦ، ب، ٻ، ڀ، م
 گـﻫـڪي وارا آواز: و، س، ش، هه
 نيم سر، روان ۽ ڦڙ ڦڙ وارا آواز: ي، ر، ل، ڙ
 مرڪب آواز: برَ، پرَ، ٽرَ، ڊرَ، ڍرَ، گرَ، ڪرَ، ۽ ڏيَ، ڌيَ، ٻيَ، پيَ، ٽيَ، جيَ، گيَ، ڪيَ، نيَ. (هي مرڪب آواز ديوناگريءَ جي ڍنگ کي ڏسي رکيا ويا آهن)

6.4. ديوناگري مخرجي ورڇ موجب اکري ترتيب: (مرزا قليچ بيگ جي خيال موجب)
 نڙيءَ وارا آواز: ڪ ک گ گهه ڱ هه - ح خ ع غ ق ء
 تارونءَ وارا آواز: چ ڇ ج جهه ڃ ڄ ش ي
 زبان يا انجي پاسي وارا آواز: ٽ ٺ ڊ ڍ ڻ ڙ ڙهه ڏ - ص ض ط ظ
 ڏندن وارا آواز: ت ٿ د ڌ ن ر ش ل - ث ز ذ
 چپن وارا آواز: پ ڦ ب ڀ م ٻ و- ف

6.4.1. ٻنهي عالمن جي گڏيل خيال موجب ديوناگريءَ پٽاندر هيٺين ترتيب بيـﻫـي ٿي:
 نرم تارون/ نڙيءَ وارا: ڪ ک گ ڳ گهه ڱ هه - ح خ ع غ ق ء
 سخت تارونءَ وارا: چ ڇ ج جهه ڄ ڃ ش ي
 مورڌني/ زبان يا ان جي پاسي وارا: ٽ ٺ ڊ ڍ ڏ ڻ ڙ ڙهه - ص ض ط ظ
 ڏندن وارا: ت ٿ د ڌ ن ر ش ل - ث ز ذ
 چپن وارا: پ ڦ ب ڀ ٻ م و- ف
 گـﻫـڪي وارا آواز: و، س، ش، هه
 نيم سر، روان ۽ ڦڙ ڦڙ وارا آواز: ي، ر، ل، ڙ
 مرڪب آواز: برَ، پرَ، ٽرَ، ڊرَ، ڍرَ، گرَ، ڪرَ، ۽ ڏيَ، ڌيَ، ٻيَ، پيَ، ٽيَ، جيَ، گيَ، ڪيَ، نيَ
ا ڪ ک گ ڳ گهه ڱ هه ح خ ع غ ق ء
چ ڇ ج جهه ڄ ڃ ش ي ٽ ٺ ڊ ڍ ڏ ڻ ڙ ڙﮭـ
ص ض ط ظ ت ٿ د ڌ ن ر ل ث
ز ذ پ ڦ ب ڀ ٻ م و ف س.
مرڪب آواز: برَ، پرَ، ٽرَ، ڊرَ، ڍرَ، گرَ، ڪرَ، ۽ ڏيَ، ڌيَ، ٻيَ، پيَ، ٽيَ، جيَ، گيَ، ڪيَ، نيَ.
نوٽ: مرڪب آوازن ۾ ’ر ۽ ي‘ اهڙا آواز آهن، جيڪي اڳين اکرن کي ساڪن بڻائي پاڻ سان ملائڻ جي سگهه رکن ٿا.
6.5. خطاطيءَ موجب اکري ترتيب
ياد رهي ته عربي صورتخطيءَ ۾ ٽن آئيويٽائن جو تصور موجود آهي: ابجد، قمري- شمسي ۽ ابتث آئيويٽا. عربي صورتخطيءَ لاءِ موجوده عام رواجي آئيويٽا: ’ابتث‘ شاگردن توڻي استادن جي سـﮬـوليت لاءِ، خطاطيءَ جي اصولن کي سامهون رکي، خط نسخ جي مؤجد ابن مقله ترتيب ڏني هئي. اهو ئي خيال رکي عربي- سنڌي آئيويٽا 1935ع ۾ ترتيب ڏني وئي، جيڪا خطاطيءَ جي اصولن تي ئي رٿيل هئي. حقيقت ۾ 1935ع واري آئيويٽا نه رڳو پڙهڻ پڙهائڻ جي لحاظ کان آساني رکي پئي، پر اکرن جي گهرن موجب ترتيب آهر، سولائي پڻ رکي پئي. اهوئي سبب آهي جو ابتدائي ٻار هن پٽيءَ کي پڙهڻ لکڻ ۽ ياد ڪرڻ ۾ دلچسپي ۽ سـﮬـوليت محسوس ڪري ٿو، موجوده ترتيب وارو مونجهارو به خطاطيءَ جي اصولن موجب ئي مناسب نموني حل ڪري سگهجي ٿو. 1935ع واري ترتيب جي ورڇ مختلف اندازن سان رکڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي.

6.5.1. 1935ع واري آئيويٽا جي هم شڪليءَ موجب ورڇ
 عمودي اکر: ا
 افقي اکر: ب، ٻ، پ، ڀ،ت، ٺ، ٽ، ث، ٿ
 وڪڙ/ وري وارا افقي اکر: ف، ڦ
 ڪنڊائتي ليڪن وار افقي اکر: گ، ڳ، ڱ، ک
 گولائي مائل افقي اکر: ي
 قوسي اکر: د، ذ، ڌ، ڏ، ڊ، ڍ
 اڌ گول مائل عمودي اکر( هڪ نمونو): ح، ج، ڄ، ڃ، چ، ڇ، خ
 اڌ گول مائل عمودي اکر (ٻيو نمونو): ع، غ
 قوسي کُليل اکر: ر، ز، ڙ
 وٽَ وارا اکر: م
 اڌ گول وارا افقي اکــر: ن، ل، س، ش، و، ق، ص، ض
 طوئي وارا اکر: ڻ، ط، ظ
 هه وارا اکر: هه، جهه، گهه
 ڪنڍيدار اکر: ڪ، ء (خيال ورتل= سليم: 1981: 94)

1935ع واري آئيويٽا مان خيال وٺي، خطاطيءَ جي اصولن موجب، اکرن جي هم شڪلي ۽ ٽٻڪن- وار، بنيادي گهر ۽ وَٽَ وَري آهر،ساڳي آئيويٽا جي اکرن جي مختلف پاسن کان هيٺين طريقن سان ورڇ ڪجي ٿي:
1. اکر جي سِري موجب هم شڪليءَ واري ترتيب،
2. اکر جي پڇڙيءَ موجب هم شڪليءَ واري ترتيب،
3. متصِّل ۽ غير متصِّل (ڳنڍجندڙ ۽ اڻ- ڳنڍجندڙ) اکرن موجب هم شڪليءَ واري ترتيب،
4. بنا ٽٻڪن ۽ ٽٻڪن- وار اکرن جي هم شڪليءَ واري ترتيب،
5. اکر جي گھر ۽ ٽٻڪن- وار گڏيل ترتيب

6.5.2. خطاطيءَ موجب اکر جي سري جي هم شڪليءَ پٽاندر ورڇ
 عمودي اکر: ا، ل
 افقي اکر: ب، ٻ، پ، ڀ، ٺ، ت، ٽ، ث، ٿ
 ترڇي ليڪ وار افقي اکر: ک، گ، گهه، ڳ، ڱ
 ابتي ترڇي ليڪ وارا اکر: د، ڊ، ڍ، ذ، ڌ، ڏ
 افقي ليڪ سان گولائيءَ وارا اکر: ح، ج، جهه، ڄ، ڃ، چ، ڇ، خ
 قوس وارا اکر: ر، ز، ڙ
 اڌ گول وارا اکر: ن، ڻ
 وريِ وارا اکر: ف، ڦ، و، ق، م، هه
 بيضوي مائل منڍيِ وارا اکر: ص، ض، ط، ظ
 اڻين وارا اکر: س، ش
 ڪنڍيدار اکر: ع، غ، ڪ، ي، ء

مٿين اکرن جي سري موجب ورڇ سان هيءَ ترتيب بيھي ٿي:
ا ل ب ٻ پ ڀ ٺ ت ٽ ث ٿ ک گ گهه
ڳ ڱ د ڊ ڍ ذ ڌ ڏ ح ج جهه ڄ ڃ چ ڇ خ
ر ز ڙ ن ڻ ف ڦ و ق م هه ص ض
ط ظ س ش ع غ ڪ ي ء.

6.5.3. خطاطيءَ موجب اکر جي پڇڙيِءَ جي هم شڪليءَ پٽاندر ورڇ
 عمودي اکر : ا، ط، ظ
 افقي اکر: ب، ٻ، پ، ڀ، ٺ، ت، ٽ، ث، ٿ
 ڪنڍيدار افقي اکر: ف، ڦ
 ترڇي ليڪ وارا افقي اکر: ک، گ، ڳ، ڱ
 ابتي ترڇي ليڪ وارا اکر: د، ڊ، ڍ، ذ، ڌ، ڏ
 گولائيءَ وارا اکر: ح، ج، ڄ، ڃ، چ، ڇ، خ، ع، غ
 گولائيءَ مائل اکر: ر، ز، ڙ ، و
 ڪڙي وارا اکر: ق، ل، ن، ڻ، س، ش، ص، ض، ي
 وٽَ ۽ وَرَ وارا متفرق اکر: م، هه، جهه، گهه، ڪ، ء .
مٿين اکرن جي پڇڙيءَ وار ورڇ بعد هيٺين ترتيب بيـﮬـي ٿي:

ا ط ظ ب ٻ پ ڀ ٺ ت ٽ ث ٿ ف ڦ
ک گ ڳ ڱ د ڊ ڍ ذ ڌ ڏ ح ج ڄ ڃ چ
ڇ خ ع غ ر ز ڙ و ق ل ن ڻ س ش
ص ض ي م هه جهه گهه ڪ ء.
6.5.4. متصِّل ۽ غير متصِّل (ڳنڍجندڙ ۽ اڻ- ڳنڍجندڙ) اکرن جي هم شڪليءَ پٽاندر ورڇ
متصل: ئـ بـ ٻـ يـ پـ ڀـ نـ ٺـ تـ ٽـ ثـ ٿـ ڻـ لـ، سـ شـ،
فـ قـ ڦـ، کـ گـ ڳـ ڱـ، حـ جـ ڄـ ڃـ چـ ڇـ خـ،
عـ غـ ڪـ، صـ ضـ طـ ظـ، مـ هـ جھـ گھـ،
غير متصل: ا، د ڊ ڍ ذ ڌ ڏ، ر ز ڙ ، و.

6.5.5. بنا ٽٻڪن ۽ ٽٻڪن- وار اکرن جي ورڇ
(ٽٻڪن استعمال ڪرڻ وقت هيٺيان اصول سامهون رکيا ويا آهن)
1. ٽٻڪا، پـﮬـرين هيٺان پوءِ مٿان
2. ٻن ٽٻڪن وارن اکرن ۾پـﮬـرين اڀا پوءِ ليٽل
3. ٽن ٽٻڪن ۾ پـﮬـرين لاٽونءَ نما، پوءِ چوٽيءَ وارا.

• بناٽٻڪي وارا اکر: ا،ک،گ، د، ح، ع، ر، و، س، ص، ط، ل، م، هه، گهه، ڪ،
• هڪ ٽٻڪي وارا اکر: ب، ف، ڊ، ذ، ج، خ، غ، ز، ن، ض، ظ، جهه
• ٻن ٽٻڪن وارا اکر: ٻ، ٺ، ت، ڳ، ڱ، ڍ، ڌ، ڄ، ڃ، ق، ي
• ٽن ٽٻڪن وارا اکر: پ، ٽ، ث، ڏ، چ، ش،
• چئن ٽٻڪن وارا اکر: ڀ، ٿ، ڦ، ڇ، ڙ
• علامت وارا اکر: ڻ، ء .
مٿين ٽٻڪن جي ترتيبي ورڇ موجب اکرن جي ترتيب هيئن بيھي ٿي:
ا ک گ د ح ع ر و س ص ط ل م هه گهه ڪ
ب ف ڊ ذ ج خ غ ز ن ض ظ جھه
ٻ ٺ ت ڳ ڱ ڍ ڌ ڄ ڃ ق ي
پ ٽ ث ڏ چ ش
ڀ ٿ ڦ ڇ ڙ ڻ ء.
6.5.6. اکر جي گھر ۽ ٽٻڪن وار گڏيل ترتيب
خطاطيءَ جي اصول موجب ڪنـﮬـن اکر جي قريب شڪل جا بنيادي گهر سامهون رکي اکرن جي ترتيب بيـﮬـارڻي پوندي آهي. هيٺ عربي- سنڌي آئيويٽا جي بنيادي گهرن جي ورڇ ڏجي ٿي:
6.5.6.1. اکرن جا بنيادي گھر
عربي- سنڌي آئيويٽا ۾ موجود اکرن ۾ علامتن ۽ نقطن کان سواءِ بنيادي اکرن جو تعداد 21 بيـﮬـي ٿو؛ جيڪي ڍنگ يا ورن پٽاندر هڪٻئي مان ٺـﮬـي جڙن ٿا، سي تقريباً ۸ جوڙ ٿين ٿا، اهڙن ڍنگن يا وَرَن تي مشق ڪرڻ سان پوري آئيويٽا تي هٿ رسَ ممڪن آهي.
ا ب ف - ک د - ح ع - ر ن - و ق - س ص ط ل - م هه ﮩ - ڪ ي ء.
لکڻ جي فن يا مصوريءَ جي بنيادي اصولن ۾ ٽٻڪي، ليڪ ۽ وَٽَ وَرَن کي وڏي اهميت حاصل آهي، انهن تي گرفت حاصل ڪرڻ سان ئي سکيا جو عمل بهتر ٿي سگهندو آهي. هيٺ 1935ع واري ترتيب ۽ اکرن جي بنيادي گهرن کي سامهون رکي، ڇنڊڇاڻ ڪجي ٿي:
6.5.6.2. اکرن جي بنيادي گھرن موجب 1935ع واري ترتيب جي اصولي ڇنڊڇاڻ
1935ع واري سوني ترتيب:
ا ب ٻ پ ڀ ت ٺ ٽ ث ٿ ف ڦ گ ڳ
ڱ ک ي د ذ ڌ ڏ ڊ ڍ ح ج ڄ ڃ چ ڇ خ
ع غ ر ز ڙ م ن ل س ش و ق ص ض
ڻ ط ظ هه جهه گهه ڪ ء .
اکر جي هيٺان ٽٻڪن جي ترتيب موجب:
• 1935ع واري ترتيب: ا ب ٻ پ ڀ
• سفارش ڪيل ترتيب: ا ب ٻ پ ڀ
اکر جي مٿان ٽٻڪن (پـﮨـرين اڀا، پوءِ ليٽيل) واري ترتيب موجب:
• 1935ع واري ترتيب: ت ٺ ٽ ث ٿ
• سفارش ڪيل ترتيب: ٺ ت ٽ ث ٿ
(ھن ترتيب ۾ ٻن اکرن، پـﮬـرين اڀا پوءِ ليٽيل جي بنياد تي، مٽا سٽا ڪئي وئي آهي.)
وَري وارن اکرن جي ٽٻڪن واري ترتيب موجب:
• 1935ع واري ترتيب: ف ڦ
• سفارش ڪيل ترتيب: ف ڦ
اکر جي ٻيڙيءَ ۾مٿان ترڇي ليڪن واري ترتيب موجب:
• 1935ع واري ترتيب: گ ڳ ڱ ک ي
• سفارش ڪيل ترتيب: ک گ ڳ ڱ
(هنن اکرن جي ترتيب ۾ پـﮬــرين هڪ پوءِ ٻه ترڇيون ليڪون ۽ ٽٻڪن ۾ پھرين اڀا بعد ۾ ليٽيل ٽٻڪا رکيا ويا آهن، سوبه اڳ وانگر پھرين هيٺان پوءِ مٿان، جي سٽاءَ موجب ترتيب رکي وئي آهي؛ ’ي‘ اکر کي آخر ۾ رکيو ويو آهي.)
ابتي ترڇي وَري وارن اکرن جي ترتيب موجب:
• 1935ع واري ترتيب: د ذ ڌ ڏ ڊ ڍ
• سفارش ڪيل ترتيب: د ڊ ڍ ذ ڌ ڏ
(هنن اکرن جي ترتيب ۾ ٽٻڪن جي ترتيب ساڳي پھرين هيٺان پوءِ مٿان واري ليکي آهر رکي وئي آهي.)
گولائيءَ وارن اکرن جي ترتيب موجب:
• 1935ع واري ترتيب: ح ج ڄ ڃ چ ڇ خ ع غ
• سفارش ڪيل ترتيب: ح ج ڄ ڃ چ ڇ خ ع غ
(مذڪوره ترتيب هوبـﮬـو ساڳي بيٺي آهي، ڇو ته هن ترتيب ۾ ٽٻڪن جو وچور سفارش پٽاندر، پـﮬـرين اڀا ۽ پوءِ ليٽيل رکيل آهن.)
گولائيءَ مائل اکرن جي ترتيب موجب:
• 1935ع واري ترتيب: ر ز ڙ
• سفارش ڪيل ترتيب: ر ز ڙ
متفرقه اکرن جي وٽَ ۽ ورَن موجب ترتيب:
• 1935ع واري ترتيب: م ن ل س ش و ق ص ض ڻ ط ظ هه جهه گهه ڪ ء
• سفارش ڪيل ترتيب: ن ڻ و ق س ش ص ض ط ظ ل م هه جهه گهه ڪ ي ء
(ڄاڻايل ترتيب ۾ اکر جي بنيادي گهر جو خيال رکي اکرن جون جايون مٽايون ويون آهن.)
6.5.6.3. اکرن جي بنيادي گھرن ۽ 1935ع واري ترتيب جي بنياد تي تجويز ڪيل ترتيب
مٿين اکرن جي هم شڪليءَ ۽ ٽٻڪن موجب ورڇ بعد آئيويٽا جي ترتيب هيئن بيـﮬـاري سگهجي ٿي:
ا ، ب، ٻ، پ، ڀ، ٺ،ت، ٽ،ث، ٿ، ف،ڦ، ک،گ ڳ،ڱ، د، ڊ، ڍ، ذ، ڌ، ڏ، ح، ج، ڄ، ڃ، چ، ڇ، خ، ع،غ، ر، ز، ڙ ، ن، ڻ، و، ق، س، ش ص، ض، ط، ظ ، ل، م، هه، جهه، گهه ، ڪ، ي، ء .

*********************