سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران ڪتابن کي ويب سائيٽ تي آن لائين ڪرڻ واري رٿا جو هي چوٿون ڪتاب ’شمشير الحيدريءَ جي شاعريءَ جي لغت‘ تيار ڪري، آن لائين ڪيو پيو وڃي. شمشيرالحيدري پنھنجي لھجي جو منفرد شاعر آهي ۽ هُن پنھنجي شاعريءَ ۾ گهڻو ڪري نج سنڌي ٻوليءَ...