مخدوم ضياء الدين جي سنڌي
۱۱ صدي هجري (۱7۔ صدي عيسوي) ۾ سنڌ جي سڄاڻ عالمن ۽ استادن فارسي بدران مادري زبان سنڌي ذريعي مڪتبي تعليم ڏيڻ جو نظريو قائم ڪيو. پهرئين دور ۾ ننڍڙا ڪتابڙا سنڌيءَ ۾ منظوم ڪيا ويا ۽ ٻئي دور ۾ وڌيڪ وڏا درسي ڪتاب لکيا ويا جن جي شروعات ٺٽي جي عالم ۾ استاد ابوالحسن جي لکيل ڪتاب سان ٿي. جيئن تہ اهو ڪتاب سنڌيءَ ۾ لکيو ويو., انهيءَ ڪري ان کي سولائيءَ خاطر”ابوالحسن جي سنڌي” ( ابوالحسن جو سنڌي ۾ لکيل ڪتاب) سڏيو ويو: مخدوم ضياءالدين ٺٽي شھر جو نامور عالم هو جنهن مخدوم ابوالحسن کان پوءِ هيءُ ڪتاب سنڌي ۾ لکيو ۽ اهو بہ ساڳيءَ طرح ”مخدوم ضياءالدين جي سنڌي“ سڏيو ويو. مجموعي طور سان هن ڪتاب جو موضوع ساڳيو ابوالحسن' جي لکيل ڪتاب وارو آهي؛ پر نماز لاءِ صفائي پاڪائي سان گڏ ٻيا مسئلا بہ آندا ۽ نئين سر بيان ڪيا؛ پڻ جمعي نماز يا اڳين نماز جي وقت معلوم ڪرڻ لاءِ ٻارهن مھينن مان هر مهيني جو حساب هيٺين طور سمجهايو ويو.
- ليکڪ: مخدوم ضياء الدين ٺٽوي
- زمرو: سنڌي ٻولي
- پبلشر: سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
- عالمي ڪتاب نمبر:
- ڇپائي جو سال: 1992
- پي ڊي ايف ڊائونلوڊ: 15
- اي-پب ڊائونلوڊ: 2.2Kg

