مخدوم ضياء الدين جي سنڌي

۱۱ صدي هجري (۱7۔ صدي عيسوي) ۾ سنڌ جي سڄاڻ عالمن ۽ استادن فارسي بدران مادري زبان سنڌي ذريعي مڪتبي تعليم ڏيڻ جو نظريو قائم ڪيو. پهرئين دور ۾ ننڍڙا ڪتابڙا سنڌيءَ ۾ منظوم ڪيا ويا ۽ ٻئي دور ۾ وڌيڪ وڏا درسي ڪتاب لکيا ويا جن جي شروعات ٺٽي جي عالم ۾ استاد ابوالحسن جي لکيل ڪتاب سان ٿي. جيئن تہ اهو ڪتاب سنڌيءَ ۾ لکيو ويو., انهيءَ ڪري ان کي سولائيءَ خاطر”ابوالحسن جي سنڌي” ( ابوالحسن جو سنڌي ۾ لکيل ڪتاب) سڏيو ويو: مخدوم ضياءالدين ٺٽي شھر جو نامور عالم هو جنهن مخدوم ابوالحسن کان پوءِ هيءُ ڪتاب سنڌي ۾ لکيو ۽ اهو بہ ساڳيءَ طرح ”مخدوم ضياءالدين ‏ جي سنڌي“ سڏيو ويو. مجموعي طور سان هن ڪتاب جو موضوع ساڳيو ابوالحسن' جي لکيل ڪتاب وارو آهي؛ پر نماز لاءِ صفائي پاڪائي سان گڏ ٻيا مسئلا بہ آندا ۽ نئين سر بيان ڪيا؛ پڻ جمعي نماز يا اڳين نماز جي وقت معلوم ڪرڻ لاءِ ٻارهن مھينن مان هر مهيني جو حساب هيٺين طور سمجهايو ويو.

  • پي ڊي ايف ڊائونلوڊ: 15
  • اي-پب ڊائونلوڊ: 2.2Kg
قيمت

30 روپيا

ڊائونلوڊ ڪريو

ھارڊ ڪاپِي ۾ خريد ڪرڻ چاھيو ٿا؟ رابطو ڪريو

فھرست

سنڌي ٻولي زمري جا ٻيا ڪتاب