سنڌي آوازن جا تبادلا

پيش لفظ
سنڌ صوبائي حڪومت جي طرفان ”سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو“ (سنڌي لئنگويج اٿارٽي) قائم ٿيو آھي جنھن جي سھاري ھيٺ سنڌي ٻولي بابت تحقيقي اشاعت جو سلسلو شروع ڪيو ويو آھي.
”سنڌي ٻوليءَ جو مطالعو“ ھڪ وسيع موضوع آھي، جنھن ۾ ٻوليءَ جي تاريخ، صرف نحو، ٻوليءَ جي اندروني سٽاء، روزمرہ جي ٻولي، اصطلاح، الفاظ وغيرہ اچي وڃن ٿا. انھن عنوانن تي تحقيقي ڪتاب شايع ڪرڻ ”سنڌي لئنگويج اٿارٽي“ جي رٿا ۾ شامل آھي. ھي ڪتاب ”سنڌي آوازن جا تبادلا“ انھيءَ رٿا جي سلسلي جو پھريون ڪتاب آھي.
مرحوم شيخ محمد سومار جو ادبي ڄاڻ ۽ تحقيق جي سللسي ۾ راقم سان واسطو ھو ۽ ھن ھيءُ ننڍڙو مگر قيمتي ڪتاب لکيو جيڪو سنہ 1929ع ۾ شايع ٿيو. سنڌي زبان جي صوتيات جي سلسلي ۾ ھن ڪتابڙي جي اھميت محسوس ڪندي ان کي دوبارہ شايع ڪيو وڃي ٿو. ھن موضوع تي ھي ڪتابڙو ھڪ ابتدائي ڪوشش آھي ۽ اميد ٿي ڪجي تہ ٻيا سمجهدار سڄڻ ھن موضوع تي وڌيڪ ويچار ڪندا ۽ لکندا.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
چيئرمين سنڌي لئنگويج اٿارٽي

• پي ڊي ايف ڊائونلوڊ: 15
• اي-پب ڊائونلوڊ: 2.2Kg
قيمت

15 روپيا

ڊائونلوڊ ڪريو

ھارڊ ڪاپِي ۾ خريد ڪرڻ چاھيو ٿا؟ رابطو ڪريو

فھرست