Video

ارپنا

امان جي نالي!!

ماءُ، هِن ڪائنات جي اُها عظيم هستي آهي، جنهن جي ڪنهن سان به ڀيٽ نٿي ٿي سگهي! هِن ڪائنات جي وجود کي سُونهن بخشڻ ۾ ماءُ جو به وڏو ڪمال آهي!

اِها اُها بي مثال هستي آهي، جيڪا ٻار کي پهريون ڀيرو پنهنجي ٻوليءَ ۾ لولي ڏئي، ٻوليءَ جو تحفو ڏيندي آهي، جنهن جي مدد سان پوءِ اُهو ٻار پنهنجن جذبن، احساسن ۽ خيالن جي اظهار جو ذريعو حاصل ڪرڻ سِکي وٺندو آهي!

آئون پنهنجو هيءُ قلمي پورهيو، پنهنجي امڙ جي نالي ارپيان ٿو، جنهن نه رڳو مون کي منهنجي ٻولي ڏني، پاٻوهه ۽ پيار مان مامتا ڀري لولي ڏني، پر منهنجي هڪ مثالي تربيت ڪري، مون کي جيئڻ جو هُنر سيکاريو، حالتن جو مقابلو ڪرڻ جي سَگَهه ۽ سُرت بخشي ۽ منهنجي وجود کي قائم رکڻ لاءِ اُهو ڪردار ادا ڪيو،  جو اڄ آئون پاڻ کي هن مقام تي پهچائي سگهيو آهيان.

سندس عظمت، سندس پورهيت هٿن ۽ سندس جبل جيڏي حوصلي جي مهانتا آڏو آئون اڄ به پنهنجو سر جهڪائي، سلام ٿو پيش ڪريان.

شال خدا، سندس شفقت ۽ ڇانورو، مون تي قائم رکي!

۽ آرزو اٿم ته سندس عظمت جو احساس، سدائين ساهن ۾ سلامت رکندو رهان!

امان! ڪتاب توکي ارپيان ٿو.

 

تنهنجو پُٽ

عنايت انڙ