امان جي نالي!!
ماءُ، هِن ڪائنات جي اُها عظيم هستي آهي، جنهن جي ڪنهن سان به ڀيٽ نٿي ٿي سگهي! هِن ڪائنات جي وجود کي سُونهن بخشڻ ۾ ماءُ جو به وڏو ڪمال آهي!
اِها اُها بي مثال هستي آهي، جيڪا ٻار کي پهريون ڀيرو پنهنجي ٻوليءَ ۾ لولي ڏئي، ٻوليءَ جو تحفو ڏيندي آهي، جنهن جي مدد سان پوءِ اُهو ٻار پنهنجن جذبن، احساسن ۽ خيالن جي اظهار جو ذريعو حاصل ڪرڻ سِکي وٺندو آهي!
آئون پنهنجو هيءُ قلمي پورهيو، پنهنجي امڙ جي نالي ارپيان ٿو، جنهن نه رڳو مون کي منهنجي ٻولي ڏني، پاٻوهه ۽ پيار مان مامتا ڀري لولي ڏني، پر منهنجي هڪ مثالي تربيت ڪري، مون کي جيئڻ جو هُنر سيکاريو، حالتن جو مقابلو ڪرڻ جي سَگَهه ۽ سُرت بخشي ۽ منهنجي وجود کي قائم رکڻ لاءِ اُهو ڪردار ادا ڪيو، جو اڄ آئون پاڻ کي هن مقام تي پهچائي سگهيو آهيان.
سندس عظمت، سندس پورهيت هٿن ۽ سندس جبل جيڏي حوصلي جي مهانتا آڏو آئون اڄ به پنهنجو سر جهڪائي، سلام ٿو پيش ڪريان.
شال خدا، سندس شفقت ۽ ڇانورو، مون تي قائم رکي!
۽ آرزو اٿم ته سندس عظمت جو احساس، سدائين ساهن ۾ سلامت رکندو رهان!
امان! ڪتاب توکي ارپيان ٿو.
تنهنجو پُٽ
عنايت انڙ