Video

سبق پهريون مُڪمل هِندي اکر

سبق پهريون

مُڪمل هِندي اکر

هندي ٻولي ديوناگري اکرن ۾ کاٻي کان ساڄي پاسي لکي ويندي آهي، جيڪي اکر هن ريت لکيا وڃن ٿا:

क

ڪ

ख

ک

ग

گ

घ

گھه

ङ

نۡگ

च

چ

छ

ڇ

ज

ج

झ

جھه

ञ

نۡج

ट

ٽ

ठ

ٺ

ड

ڊ

ढ

ڍ

ण

ڻ

त

ت

थ

ٿ

द

د

ध

ڌ

न

ن

प

پ

फ

ڦ

ब

ب

भ

ڀ

म

م

य

ي

र

ر

ल

ل

व

و

श

ش

ष

ش

स

س

ह

هه

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

جڏهن هندستان جي مسلمانن انهن اکرن کي پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪيو ته کين ڪيترن ئي عربي فارسي آوازن جا متبادل ٺاهڻا پيا ته جيئن ق، غ يا خ وغيره جا اکر به اچارڻ ۾ اچن. اهڙيءَ طرح هنن ساڳئي مخرج وارن اکرن ۾ اضافي ٽٻڪا ڏئي پنهنجو مقصد حاصل ڪيو. اهڙا اکر آهن:

 

ان کانسواءِ ٻين هندستاني ٻولين ۾ موجود ڪي آواز به انهيءَ آئيويٽا ۾ نه هئڻ ڪري اڌارا ورتا ويا، جن ۾ ڙ ۽ ڙهه کي ڊ ۽ ڌ مان ٺاهيو ويندو آهي.

ڙهه

ढ़

ڙ

ड़

 

 

ٻِٽا وينجن

(Compound Consonants)

هنديءَ ۾ ڪي اهڙا آواز به آهن، جيڪي ٻن آوازن جو مرڪب آهن، ان ڪري انهن کي صحيح اُچارڻ لاءِ نشانيون ڏنل آهن. مثلاً:

’ڪش‘ جيئن ’لڪشمي‘ लक्षमी ۾ آهي.

’تر‘ جيئن ’ترشُول‘ त्रिशूल ۾ آهي.

’گيا‘ جيئن ’آگيا‘ आज्ञा آهي.

ڪشَ

क्ष

=

(ش) ष

+

(ڪ)  क

ترَ

त्र

=

(ر) र

+

(ت) त

گِيا

ज्ञ

=

(ي) य

+

(گ) ग

 

 

 

 

 

 

ٻيا ڪي اڌ اکر به ٿيندا آهن، جيئن प्र پر ۾ ننڍڙِي اڌ ر र وغيره. (ان بابت اڳتي سمجھايو ويندو).

 

 

 

وڌيڪ پڙهڻ لاءِ PDF ڊائونلوڊ ڪريو