Video

پيش لفظ

خوشي جي ڳالھ آهي ته شاگردياڻيون ۽ شاگرد اليڪٽرانڪس ۾  تمام گھڻي دلچسپي وٺي رهيا آهن، اسڪولن ۽ ڪاليجن جي نصاب ۾ پڻ اليڪٽرانڪس جي ڪافي معلومات شامل آهي ان ڪري نوجوان اليڪٽرانڪس متعلق فطري شوق رکن ٿا.

       موجوده دور ۾ اليڪٽرنڪس ايتري ته ڪاميابي حاصل ڪئي آهي جو جديد ٽيڪنالاجي جي هرشعبي ۾ اليڪٽرانڪس جا  آلات نهايت ضروري ۽ اهم خدمتون سر انجام ڏئي رهيا آهن، ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته جيڪي شاگرد ۽ شاگردياڻيون اليڪٽرانڪس جا ننڍا ننڍا تجربا ڪن ٿا انهن جي رهنمائي ڪئي وڃي ته جيئن ناڪامي جو منهن ڏسڻو نه پوي ، وقت ۽ پئسي وغيره جو زيان به نه ٿئي.

       هي ڪتاب، ڀرپور رهنمائي ڪري ٿو جنهن ۾ پراڻي زماني کان وٺي هن جديد دور جي اليڪٽرانڪس تي بهتر لکيو ۽ سمجهايو ويو آهي، ڀرپور رهنمائي ڪري ٿو. ڪارآمد پروجيڪٽ به آهن جيڪي گھٽ خرچ ۽ ٿوري وقت ۾ ٺاهي ڪافي  تجربو حاصل ڪري سگھجي ٿو، پڙهندڙ شاگردياڻين ۽ شاگردن کي هن ڪتاب مان گھڻو فائدو  ٿيندو.  

 

 

       ارشاد علي پنهور

               ليکڪ