سنڌي رسم الخط بابت مقالا ۽ مضمون
سنڌي رسم الخط جي باري ۾ اڄ ڪلهه ڪيترائي تبصرا، مباحثا ۽ اخباري خبرون پڙهڻ ۾ اچن ٿيون، انهن تبصرن ۾ الف ب جي تبديلي سميت، سائنسي محاورن ۽ اصطلاحن جي اڻاٺ، ڪمپيوٽر، انٽرنيت تي سنڌي لکت وارا سوال وغيره هوندا آهن. هن ڪتاب ۾ سمورا مضمون ۽ مقالا سنڌي رسم الخط جي باري ۾ آهن، جيڪي نالي وارن محققن جا لکيل آهن. رسم الخط جي سلسلي ۾ ترتيب ٿيندڙ ڪتابن جا ڪيترائي جلي ٿي سگهن ٿا. مثال طور ديوناگري لپي وارا مضمون، عربي- سنڌي لپي وارا مضمون، سنڌي ٻوليءَ لاءِ رومن اسڪپرٽ وارا مضمون، انگريزن جي دور ۾ سنڌي الف ب جي ارتقا بابت مضمون، ڪلهوڙن جي دور ۾ يا اڳ ”سنڌين“ بابت مضمون يا مقالا وغيره وغيره. هن ڪتاب جي سيهڙڻ وقت اهڙا کوڙ سارا بهترين مضمون هئا، جيڪي سنڌي لئنگئيج اٿارٽي طرفان شايع ٿيل مضمونن ۽ مقالن وارن جلدن ۾ اچي چڪا آهن. انهن کي به شامل ڪرڻ سان هيءَ ڪتاب اڃان به گهڻو معلوماتي ٿي سگهيو ٿي، بهرحال هن ترتيب ڏنل ڪتاب ۾ ڪيترن ئي نالي وارن عالمن ۽ اديبن جا مضمون ۽ مقالا مختلف رسالن، اخبارن ۽ ڪتابن تان کنيا ويا آهن. مان انهن سڀني ليکڪن، شايع ڪندڙ ادارن، پبلشرن ۽ ايڊيٽرن جو شڪرگذار آهيان. سندن ادبي شاهپارن کي گڏ ڪري عام پڙهندڙ ۽ ٻوليءَ جي محققن لاءِ سهولت ڪئي وئي آهي.
- ليکڪ: مختيار احمد ملاح
- زمرو: لسانيات
- پبلشر: سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
- عالمي ڪتاب نمبر: 978-969-625-053-1
- ڇپائي جو سال: 2015
- پي ڊي ايف ڊائونلوڊ: 15
- اي-پب ڊائونلوڊ: 2.2Kg







.jpg)
