ڏيتي ليتي جي نوعيت ۽ بنيادي کاته نويسي جا ڪتاب
Nature of Transactions and Elementary Bookkeeping Books
|
ڏيتي ليتي جي نوعيت |
Nature of Transaction |
تجارتي ڏيتي ليتي کي جڏهن داخلا ڪجي ته ان لاءِ ضروري آهي. ته ان جي نوعيت جي باري ۾ معلوم هئڻ گهرجي ته ڏيتي ليتي يا سودو ڪهڙي نوعيت جو آهي. ڪنهن به سودي جي نوعيت ڄاڻڻ ان کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.
هاڻي اچو ته ڏسون شخصي کاتو ۽ غير شخصي کاتو ڇا کي چئجي ٿو؟
|
1. شخصي کاته |
Personal Accounts |
اهڙي ڏيتي ليتي يا سودو جنهن جو تعلق هڪ شخص سان هجي ۽ ان ئي شخص تي ان جو اثر پوي ته ان کي شخصي کاته چونداسين. مثلاً گلزار 500 روپيه وصول ڪيا. هن سودي جا ٻه پهلو آهن.
- گلزار (جنهن 500 روپيه وصول ڪيا).
- 500 روپيا (جيڪي ڪنهن تاجر ڏنا.)
گلزار هڪ شخص آهي. لهذا جڏهن اسان انهيءَ ڏيتي ليتي کي داخل ڪنداسين ته گلزار جي نالي 500 روپيه ڏنل (Debit) ڪنداسين ۽ نقد کاتي (Cash Account) ۾ 500 روپيه ورتل (Credit) ڪنداسين. ڇالاءِ ته واپاري جي طرف کان 500 روپيه گلزار ڏانهن ويا. مثال نمبر (2) ۾ سمجهو ته وري 700 روپيه گلزار ڪنهن واپاري کي ڏنا. هن مثال ۾ گلزار ڏيڻ وارو آهي ۽ تاجر کي روپيه ملي رهيا آهن. تڏهن داخلائون بلڪل مختلف ٿينديون. هن ۾ گلزار کي (Credit) ڪنداسين ۽ تاجر وٽ نقد کاته ۾ ڏنل (Debit) ڪنداسين. مٿين مثالن مان خبر پئي ته ڏيڻ واري. کي (Debit) Dr ڪنداسين ۽ وٺڻ واري (Credit) Crڪنداسين.
|
وٺڻ وارو / جمع |
يعني |
Debit the Receiver |
|
And |
||
|
ڏيڻ وارو / واصل |
يعني |
Credit the Giver |
روزنامچي ۾ شخصي کاتن جون داخلائون انهيءَ اصول جي بنياد تي ڪنداسين.
|
2. غير شخصي کاته |
Impersonal Accounts |
هر اهو سودو جنهن جو ڪنهن شخص سان سڌو (Direct) تعلق نه هجي، يا اهڙا سودا جن جو ڪنهن شخص تي اثر نه پوي ته انهن کي اسان غير شخصي کاته چونداسين. مثلاً 300 روپيه مزدوري ادا ڪئي وئي. پهريون پاسو ته مزدوري (Wage) ٿيندي ۽ ٻيو پاسو 300 رپيا. ان سودي مان خبر پوي ٿي ته هن سودي جو اثر ڪنهن شخص تي سڌي طرح نه ٿو پوي.
غير شخصي کاتن کي وڌيڪ ٻن کاتن ۾ ورهايو ويو آهي.
|
i. |
تعارفي کاته |
Nominal Account |
|
ii. |
حقيقي کاته |
Real Account |
هاڻي اچو ته هن جي ٿوري وضاحت ڪندا هلون.
|
i. |
تعارفي کاته |
Nominal Account |
هن کاتي ۾ اهڙي ڏيتي ليتي کي شامل ڪيو ويندو آهي جنهن جو تعلق آمدني، خرچ، نفعو ۽ نقصان هوندو آهي.
|
1. |
نفعو ۽ آمدني |
Profit and Gains |
هن ۾ ڪميشن وصولي، وياج وصولي، فيس وغيره شامل ڪري ڪري سگهجن ٿيون.
|
2. |
نقصان ۽ خرچ |
Losses and Expenses |
خرچ ۾ مزدوري، پگهار ڪرايو، بيمه جي قسط پاڻي، بجلي سفر جو خرچ وغيره شامل ٿي وڃن ٿا.
|
ii. |
حقيقي کاته |
Real Account |
حقيقي کاتن مان مراد ان کاتن سان آهي جي ظاهر ڪن ته تاجر جا اثاثه (Assets) ۽ واجبات Liabilities ڪهڙيون آهن.
- اثاثاAssets
نقد Cash، فرنيچر، زمين، عمارت، مشنري، ساز و سامان اوزار Equipments، ساک Good Will، قابل وصـــول اوڌر Bill Receivable، اوڌرAccounts Receivable يـــا تحريري وعدو Notes Receivable سرمايه ڪاري Investment وغيره.
- واجبات Liabilities
واجب الادا هنڊي Bills Payable، کڻت Accounts Payable ، قرض Loans ۽ واجب ادا قرض Outstanding Loans، گروي جي، واجب الادا ادائگي Mortgage Payable وغيره.
|
ڏيتي ليتي کي داخل ڪرڻ جا اصول |
Rules Regarding the Recording Transaction |
مٿئين بحث مان خبر پئي ته ڪهڙي ڏيتي ليتي يا سودو ڪهڙي نوعيت جو آهي ۽ ان کي ڪنهن جي هيٺان داخلا ڪجي. هاڻي اچو ته ڏسون ته سودي کي داخلا ڪرڻ لاءِ ڪهڙا بنيادي اصول آهن ۽ انهن کي ڪئين استعمال ڪجي.
- شخصي کاتن جي داخلا:-
شخصي کاتن کي هن اصول تحت داخل ڪيو ويندو آهي، ته جو شخص ڪنهن شيءِ کي حاصل ڪرڻ وارو آهي. ان جو نالو ڏيڻ واري پاسي (Debit) Dr ۾ لکنداسين. ان جي برخلاف جو شخص ڪنهن شيءِ جي ڏيڻ وارو آهي ان کي (Credit) Cr ۾ لکنداسين.
|
Debit the Receiver |
|
And |
|
Credit the Giver |
- تعارفي کاتن جون داخلائون.
تجارتي خرچ ۽ نقصان، آمدني ۽ فائدا متعارف کاته ۾ شامل ڪندا آهيون ۽ ان جون داخلائون هيٺين اصولن تي ڪندا آهيون.
تمام خرچ ۽ نقصان وٺندڙ پاسي / جمع debit ڏانهن رکجن.
|
All the Losses & expenses should be debited |
تمام آمدني، فائدا ڏيندڙ پاسي / واصل credit ڏانهن رکجن.
|
All the income, & profit gains should be credited |
- حقيقي کاتن جي داخلا
جيئن مٿي بيان ڪري چڪا آهيون ته حقيقي کاتا تاجر جي اثاثن ۽ واجبات متعلق هوندا آهن. ان قسم جي ڏيتي ليتي کي هيٺين اصولن تي ڪري سگهجي ٿو.
تاجر کي جو ڪجهه وصول ٿيندو آهي ان کي ڏنل / جمعDebit چوندا آهن ۽ جو ڪجهه ڏيندو آهي ان کي ورتل/ واصل Credit چوندا آهيون. تنهن ڪري جيڪا شيءِ وٺجي ان کي ڏنل / جمع Debit ڪجي ۽ جيڪا شيءِ ٻاهر وڃي ان کي وٺڻ وارو / واصل Credit ڪجي.
|
What comes in should be debited & what goes out should be credited |
|
جيڪا شيءِ وڃي ان کي ڪريڊٽ ڪجي ۽ جيڪا شيءِ اچي ان کي ڊيبٽ ڪجي |
روزنامچه
General Journal
روزنامچي مان مراد اهڙو ڪتاب آهي، جنهن ۾ ڏيتي ليتي کي محفوظ بنايو ويندو آهي. هي اهو شروعاتي ۽ بنيادي ڪتاب آهي، جنهن ۾ شروعاتي ڏيتي ليتي کي محفوظ ڪري سگهجي ٿو، ته جيئن معلوم ٿي سگهي ته ان ڏيتي ليتيءَ جي نوعيت ڪهڙي آهي ۽ ان جو تعلق ڪنهن سان آهي. روزنامچه متعلق پيٽن اينڊ ڊڪسن لکي ٿو.
”روزنامچه واپار متعلق لڳاتار موقعن جي ٿيڻ جي داخلا مهيا ڪري ٿو. هي هڪڙي معاشري جي ڊائري جو ماهرانا طريقو پڻ آهي. اهڙي طرح سان روزنامچه ڏيتي ليتي جو ريڪارڊ آهي. “
روزنامچه ۾ سودي متعلق جيڪي داخلا ڪئي ويندي آهي، تنهن ۾ هيٺين شين جو ڌيان رکيو وڃي مثلاً سودو ڪهڙي ڏينهن ٿيو؟ ڇا وصول ٿيو؟ ڇا ڏنوسين؟ ان سودي جي قدر ۽ قيمت ڇا هئي ۽ ڪنهن کي ڏنوسين ورتوسين وغيره. توهان کي معلوم آهي ته هر سودي جا ٻه پهلو ٿيندا آهن. ساڳئي ريت ان ٿيل سودي کي Dr ۽ Cr ۾ جدا جدا سٽن ۾ داخلائون ڪيون وينديون آهن.
سودي کي داخلا ڪرڻ لاءِ جيڪو طريقو استعمال ڪيو ويندو آهي اهو هيٺين اصولن تي ٻڌل هوندو آهي.
- شروعات ۾ مٿان روزنامچه لکجي.
- پهرين ڪالم ۾ مٿان مٿان ننڍن اکرن ۾ سال لکجي ۽ اهو ٻيهر ڪٿي نه لکجي جيستائين سال تبديل ٿئي.
- پهرين ڪالم ۾ سودي ٿيڻ جو مهينو پهرين سٽ تي لکجي ۽ ٻيهر تيستائين نه لکجي جيستائين صفحو تبديل نه ٿئي. يا وري ٻي مهيني جي شروعات نه ٿئي.
- ٻئي ڪالم جي هر انهي پهرين سٽ تي جڏهن نئون سودو ٿئي ته سودي جي تاريخ لکي ويندي آهي. اها هر سودي لاءِ دهرائي سگهجي ٿي، ته جيئن خبر پوي ته سودو ڪهڙي تاريخ تي ٿيو.
- کاتي جو سرنامو Title of Account جنهن کي اسان Dr ڪنداسين اهو تفصيل ۾ بلڪل کاٻي پاسي تي شروعات ۾ رکبو ۽ جنهن رقم کي Dr ڪنداسين اها به کاٻي پاسي واري Dr ڪالم ۾ رکنداسين.
- Cr کاتي جو سرنامون اسان هيٺين ٻي سٽ تي 2/1 انچ جو مفاصلو ڇڏي لکنداسين ۽ رقم کي Cr واري ڪالم ۾ رکنداسين.
- سودي جي وضاحت Expenditure کي هيٺين سٽ تي لکنداسين ۽ ان لاءِ پڻ اڌ انچ وڌيڪ ڇڏينداسين. جيئن ته وضاحت لاءِ اهو ضروري نه آهي ته ان کي هڪ سٽ تي لکي پورو ڪجي، پر پوءِ به مختصر لکجي ته بهتر آهي. مختصراً لکڻ وقت ان شيءِ جو خيال رکجي ته ڪا ضروري شيءِ ڪٽي نه ڇڏجي.
- جڏهن سودو عام روزنامچي ۾ داخل ڪيو ويندو آهي ته ان وقت حواله واري کاتي ۾ ڪجهه به داخل نه ڪيو ويندو آهي. ان کان بعد ۾ ٿيل سودن کي جدا جدا کاتن Ledger ۾ Dr ۽ Cr واري اصولن تحت رکيو ويندو آهي. ان وقت ئي جدا کاتن جا نمبر حواله کاتي ۾ داخل ڪيا ويندا آهن.
گهڻا ڪتاب رکندڙ هر سودي جي داخلا ڪندي هڪ سٽ ڇڏيندا آهن. اهو ضروري نه آهي، پر ان مان هڪ اهو فائدو ٿيندو ته هڪ سودو ٻئي سودي کان ٿورو پر ڀرو ٿي پوندو آهي.
|
i. شماره نمبر |
Serial No |
هن ڪالم ۾ سودي جو نمبر لکيو ويندو آهي. مثلاً پهرين سودي کان بعد ۾ ٻيو سودو ٿيو ته ان لاءِ نمبر وجهداسين. 2. هن مان اهو فائدو ٿيندو ته ووچر Voucher تي اسان اهو ئي نمبر وجهندا آهيون. ڇاڪاڻ ته ووچر ۾ سودي متعلق سڀ تفصيل موجود هوندي آهي. رسيد بل يا معاهده ان ووچر سان گڏ لڳندو. اهڙي طرح سان ووچر کي ڏسڻ شرط ئي ڏيتي ليتي متعلق سڀ تفصيلات معلوم ٿي وينديون آهن.
|
ii. تاريخ وارو ڪالم |
Date column |
تاريخ واري ڪالم ۾ جنهن ڏينهن / تاريخ تي سودو طئي ٿي ٿو. تاريخ سان گڏ، مهيني ۽ سال جو به ذڪر ٿيل هوندو آهي.
|
iii. تفصيلات |
Particulars |
هي ڪالم روزنامچي ۾ تمام اهميت جو حاصل ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن ڪالم مان سودي جي نوعيت جي خبر پوي ٿئي ۽ اهو پڻ ظاهر ٿيندو آهي. واپاري ڇا حاصل ڪيائين ۽ ان لاءِ ڇا ڏنائين. هن ڪالم ۾ داخل ڪرڻ وقت تمام گهڻو احتياط ڪيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته شروعات واري غلطي ٻين کاتن کي پڻ متاثر ڪندي. ڏيتي ليتي کي داخل ڪرڻ کان بعد سودي جي وضاحت مختصراً ڪئي ويندي آهي.
|
iv. حوالو |
Post Reference – Folio |
ڏيتي ليتي روزنامچه مان بهي کاته Ledger ۾ داخل ڪئي ويندي آهي. ته جيئن هر کاتي جي تفصيل سان معلومات حاصل ڪري سگهجي. هن ڪالم ۾ ان صفحي جو نمبر داخل ڪيو ويندو آهي. اهڙي طرح سان حوالي لاءِ بهي کاتي جو هر صفحو کولڻو نه پوندو پر حوالو ان جي نشاندهي ڪندو آهي.
|
v. رقم |
Amount |
رقم واري کاتي کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويندو آهي. 1. ڏنل رقم Debit Amount 2. ورتل رقم Credit Amount رقم کي ٻن جڳهن تي ان لاءِ داخل ڪيو ويندو آهي، ته جيئن خبر پئي ته جيتري رقم جي ڪا شيءِ خريد ٿي اوتري رقم / شيءِ ويندي آهي. اهڙي طرح آيل رقم واري شيءِ کي Dr ڪندا آهيون ۽ جيڪا شيءِ اسان وٽان وڃي. ان کي Cr ڪندا آهيون. اهڙي طرح ڏنل ۽ ورتل شين جون رقمون پاڻ ۾ برابر هڪجيتريون داخلائون ٿيل هونديون آهن. هتي اسان کي اهو ڌيان ۾ رکڻ کپي ته ڏيتي ليتي جا ٻئي پاسا پاڻ ۾ برابر هجڻ گهرجن.
|
vi داخلا |
Posting |
اهڙو عمل جنهن ۾ عام روزنامچه مان داخلا کي بهي کاتي ۾ رکجي، تنهن کي داخلاPosting چئجي اهڙي طرح هر اها رقم جيڪا Dr ٿيل هوندي ان کي Dr ڪنداسين ۽ Cr ٿيل رقم کي Cr ڪنداسين. ترتيب وار پهريائين Dr جي داخلا مڪمل ڪجي، تنهن بعد Cr کي مڪمل ڪجي. ڇاڪاڻ ته اهڙي طرح سان غلط پاسي داخلا جو امڪان گهٽائي سگهجي ٿو. هيٺ ڪجهه تفصيل ڏجي ٿو.
- ان کاتي جو بهي کاتو کوليو جنهن ۾ توهان کي داخلا ڪرڻي آهي ۽ جنهن جو ذڪر زونامچه ۾ ٿيل هجي.
- مليل ڪالمن ۾ کاتن جي تاريخ ۽ رقم لکو، جيڪڏهن ڪا شيءِ Dr ٿيل هجي ته ان کي Dr واري پاسي رکو ۽ Cr کي Cr واري پاسي رکو. تاريخ، مهينو ۽ سال لکڻ لاءِ ساڳيو طريقو استعمال ٿيندو. جيئن روزنامچه ۾ پڙهي آيا آهيون.
- حوالي واري ڪالم ۾ عام روزنامچه جو صفحو نمبر لکندا. جيئن توهان کي خبر پوي ته ڪهڙي صفحي تي داخلا Posting ٿيل آهي.
- عام روزنامچي جي حوالي واري ڪالم ۾ بهي کاتي جو نمبر داخل ڪري ڇڏيندا. اهڙي طرح ٻه مقصد پورا ٿيندا. هڪ ته ڪنهن به ڏيتي ليتي جي داخلا ڪئي ويندي آهي ۽ ٻيو ته هن مان عام روزنامچه General Journal ۽ بهي کاته Ledger جي ٻنهي طرفن جو حوالو به اچي وڃي ٿو.
Purchase Day Book
Jan-2013
|
Date |
Supplier |
Description |
Details |
Total |
Gent’s Model |
Ladeies Model |
Crates and Packing |
|
2013 Jan-1 |
Sohrab cycle works ltd |
2-Gents Roadmaster313 at Rs. 7100…….. |
14200 |
|
|
|
|
|
|
|
2 Ladies’ Roadmaster-315 at Rs. 8300…….. |
16600 |
|
|
|
|
|
|
|
Less 20% trade discount |
30800 6160 |
|
|
|
|
|
|
|
2 Crates |
24640 2500 |
27140 |
11360 |
13280 |
2500 |
|
16 |
lazer cycle ltd |
3 Gent’s mountain cycle model 2013 |
21300 |
|
|
|
|
|
|
Jibran |
2-Ladies mountain cycle model 2013 |
16600 |
|
|
|
|
|
|
|
Less 15% trade discount |
37900 5685 |
|
|
|
|
|
|
|
2 Pakings |
32215 3000 |
35215 |
14110 |
18105 |
3000 |
|
27 |
JJs Manu. Co. |
2 Gent Racing models 002 at Rs. 25000…….. |
50000 |
|
|
|
|
|
|
|
Less 15% Trade Discount |
7500 |
|
|
|
|
|
|
|
1 Crate at 1000 |
42500 1000 |
43500 |
42500 |
|
1000 |
|
|
|
|
|
Rs.105855 |
RS.67970 |
Rs.31385 |
Rs.6500 |
Muhammad Bukhsh
Purchase Day Book
Jan-2013
|
Date |
Supplier |
Description |
Invoice No. |
Details |
Total |
Cloth |
Blanket |
Shawals |
Sundries |
Special Items |
|
2013 Dec-1 |
Hadi Bux |
40 Pairs Blanket at 2500 Per pair. |
230 |
100000 |
|
|
|
|
|
|
|
|
|
3 (3x12=36)Dozen Woolen Shawls at 1500 each. |
54000 |
154000 |
|
100000 |
54000 |
|
|
|
|
20 |
Nazeer |
500 Meter White Cloths 430 Per meter |
520 |
215000 |
|
|
|
|
|
|
|
|
|
400 Shawls at 900 each |
360000 |
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
10 Bad sheets 800 |
8000 |
583000 |
215000 |
|
360000 |
8000 |
|
|
|
29 |
Hayat Sons |
Showcase & Fitting |
600 |
60000 |
60000 |
|
|
|
|
60000 |
|
|
|
|
|
|
Rs. 797000 |
Rs.215000 |
Rs.100000 |
Rs. 414000 |
Rs.8000 |
Rs60000 |
Muhammad Bukhsh
Sales Day Book
Date |
Customer |
Description |
Invoice No. |
Details |
Total |
Cloth |
Velvet |
Sundries |
|
2013 Dec-1 |
Shareef |
200 meter white cloth at 400 per meter. |
4
|
80000 |
|
|
|
|
|
|
|
100 meter best green cloth at 450 per meter. |
45000 |
|
|
|
|
|
|
|
|
|
125000 |
|
|
|
|
|
|
|
|
Less 10% trade discount |
12500 |
112500 |
112500 |
|
|
|
|
18 |
Irfan |
100 meter velvet at 600 per meter. |
5 |
60000 |
|
|
|
|
|
|
|
Less 5% trade discount |
3000 |
|
|
|
|
|
|
|
|
300 meter white cloth at 430 per meter. |
57000 |
|
|
|
|
|
|
129000 |
||||||||
|
|
|
Trimmings |
8000 |
194000 |
129000 |
57000 |
8000 |
|
|
24 |
Nader |
300 meter velvet at 600 per meter. |
6 |
180000 |
|
|
|
|
|
|
|
Less 5% trade discount |
9000 |
|
|
|
|
|
|
|
|
150 meter white cloth at 400 per meter. |
171000 60000 |
|
|
|
|
|
|
|
|
Less 10% trade discount |
6000 |
|
|
|
|
|
|
|
|
|
54000 |
|
|
|
|
|
|
|
|
12 dozen Buttons at 12 p per dozen |
144 |
225144 |
54000 |
171000 |
144 |
|
|
|
|
|
|
|
Rs. 531644 |
Rs. 295500 |
Rs. 228000 |
Rs. 8144 |
Muhammad Bukhsh
Purchase Return and Allowance Book
|
Date |
Supplier |
Description |
Debit Note No |
Details |
Total |
Cloth |
Balankets |
Shawals |
Sunadaries |
|
2013 Jan-1 |
Habib |
Overcharged goods supplied feb.5 |
7 Their credit note 8 |
1200 |
|
|
|
|
1200 |
|
27 |
Hadi |
30 meter white cloth returned at 400 per meter |
12000 |
12000 |
|
|
|
|
|
|
13200 |
12000 |
|
|
|
Rs.1200 |
Muhammad Bukhsh
Jan-2013 Sales Return and Allowance Book
|
Date |
supplier |
Description |
Invoice No |
details |
Total |
Cloth |
Velet |
Sunadaries |
|
2013 Jan-1 |
Habib |
26 meters green Cloth, invoice Dec-1 inferior at 450 per meter |
9
Their credit note 10 |
11700 |
|
|
|
|
|
|
|
Less 10% trade discount |
1170 |
10530 |
10530 |
|
|
|
|
23 |
Hadi |
20 meter velvet at 600 per meter |
12000 |
|
|
|
|
|
|
|
|
Less 20% trade discount |
2400 |
9600 |
|
9600 |
|
|
|
|
|
|
|
Rs.20130 |
Rs.10530 |
Rs. 9600 |
|
بهي کاته
Ledger
روزنامچه ٺاهڻ بعد اسان سڀني کاتن کي عليحده ڪري رکنداسين. جيئن هر کاتي جي باري ۾ تفصيلي معلومات حاصل ڪري سگهجي. ايئن ڪرڻ لاءِ هڪ عليحده ڪتاب تيار ڪيو ويندو آهي. جنهن کي اسان بهي کاته Ledger چوندا آهيون. هي ڪاروباري لحاظ کان سڀ کان اهم ۽ مڪمل ڪتاب هوندو آهي. اهڙا کاتا روزنامچي ۽ امدادي / معاون ڪتاب جي مدد سان تيار ڪيا ويندا آهن.
|
شخصي يا ذاتي بهي کاته |
Personal Accounts |
شخصي يا ذاتي بهي کاته بنيادي کاتن جا ڪتاب هوندا آهن. جن مان آساني ۽ جلديءَ سان اسان اها معلومات ڳولهي سگهون ٿا ته ڪنهن خاص ماڻهوءَ کان گهڻي فروخت / ۽ خريداري ڪئي ويئي آهي. نه صرف اهو پر اهو به ڄاڻي سگهجي ٿو ته اهو ماڻهو ڪيتري عرصي تائين ڪاروبار سان منسلڪ رهندو ۽ اهو به ڄاڻي سگهبو ته اهو ڪاروباري لحاظ کان ڏيندڙ آهي يا وٺندڙ. ان کي اسان هنن لفظن ۾ به چئي سگهون ٿا ته ڪنهن خاص خريدار وقفي وقفي سان ڪيتري خريداري ڪئي آهي. ڇاڪاڻ ته اسان اهو ڄاڻڻ چاهيندا هجون ته ان سان ڪيئن ڪاروبار کي وڌايون ۽ ان عيوض ۾ اهو ماڻهو اسان کي ڇا ڏيندو. ڇالاءِ ته اسان کي به ان وڪرو ٿيل مال جي پئسن مان پنهنجي مال فراهم ڪرڻ واري کي به پئسا ڏيڻا آهن. تنهن ڪري اهڙي کاتي جا ٻئي پاسا مڪمل لکيا وڃن جن سان خريدار ۽ وڪرو ڪندڙ متاثر ٿيندا هجن. بهي کاته ڏيتي ليتي کي مختصرًا لکڻ ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. جنهن ڪري هتي اهو هاڻي ضروري ٿيندو ته بهي کاتي کي مختصرًا بيان ڪجي ۽ ان جي پهلوئن تي روشني وجهجي. بهي کاتي ٺاحن جو هيٺيون طريقو آهي.
Javed & Co.
|
Dr |
Cr |
||||
|
Date |
Details |
Amount |
Date |
Details |
Amount |
مٿئين خاڪي ۾ هيٺيون ڳالهيون نوٽ ڪرڻ گهرجن.
- کاتي جو نالو Name of Accountهن ۾ ڪنهن به ماڻهو وغيره جو نالو ٿي سگهي ٿو هن مثال ۾ جاويد خريدار به ٿي سگهي ٿو ته مال فراهم ڪرڻ وارو به.
- ٻه اڀيون لڪيرون جيڪي صفحي جي بلڪل وچ ۾ آيل هونديون آهن. سي کاتي کي ٻن حصن ۾ ورهائن ٿيون. کاٻي واري پاسي کي Debit يا Debtor Side وٺندڙ طرف ۽ ساڄي پاسي کي Cr يا ڏيندڙ طرف Creditor Side ظاهر ڪنداسين. هاڻي جڏهن ٻنهي خانن کي ڏسنداسين ته اهي وري هر هڪ ٽن خانن ۾ ورهايل هوندا آهن. مثلاً (1) تاريخ Date (2) Details (3) رقم Amount عام طرح سان هڪ جدا صفحو به بهي کاتي طور استعمال ٿي سگهي ٿو. بهي کاتو عام طرح سان ٻڌل ڪتاب Bound Book ۽ جدا ورقن وارو ڪتاب Loose Leap Book ٿيندو آهي.
- بهي کاتي ۾ داخلا ڪرڻ کان بعد ٻنهي طرفن جي ڀيٽا ڪئي ويندي آهي. اهڙيءَ طرح سان وڏي رقم کي ننڍي رقم مان ڪٽ ڪيو ويندو آهي ۽ اگر پاڇي (Balance) Cr واري پاسي ڏانهن بچي ته ڏيڻ واري پاسي Cr ڏانهن To Balance C/D لکي ٻنهي طرفن جو جملو برابر ڪجي ۽ جيڪڏهن ڏيڻ واري پاسي کان رقم وٺڻ واري پاسي کان وڌي وڃي ته پوءِ وٺڻ واري پاسي کي Dr واري پاسي By Balance C/D لکي ڪري پاڇي واري رقم کي برابر ڪجي. جيڪڏهن ڏيڻ ۽ وٺڻ هڪ صفحي کان وڌي وڃي ته ٻئي صفحي ڏيڻ Cr واري طرف کان To Total Carried Over لکي ڪري ان صفحي تي داخل ڪيل جملو لکجي ۽ ٻئي صفحي تي To Total C/D لکي آخري رقم جملي Total واري خاني ۾ لکي ڇڏجي ۽ باقي ڏيتي ليتي لکي آخري ٽوٽل ڪڍجي. اهڙي طرح سان ٻئي پاسا مڪمل ڪجن.
|
غير شخصي کاتو |
Impersonal Accounts ledger |
اسان کي خبر آهي ته کاته ٻن قسمن جا ٿي سگهن ٿا. شخصي کاتو ڪنهن شخص سان وابسطه هوندو آهي، جنهن سان ڪاروبار ڪيو ويندو هجي ۽ ان جي ابتڙ غير شخصي کاته ۾ ڪنهن خاص ماڻهو سان سڌو واسطو نه ٿو پوي. پهرين مثال ۾ جاويد ڪاروبار کي شيون فراهم / ڪري ٿو يا واپرائي ٿو. ان ڪري ان کي شخصي يا ذاتي رخ ڏنو پيو وڃي. ان جي ابتڙ شين جي مالڪي به ڄاڻائڻي آهي. مثلاً جاويد اسان کي 100 روپيه جون شيون فراهم ڪيون اهو سندس شخصي کاتو هيو پر ان تجارت ۾ 100 روپيه شين جي مالڪي آئي، اهڙي طرح خريداري هڪ غير شخصي کاتو آهي. Javed & Co.
|
Dr |
Cr |
||||||
|
Date |
Details |
P.R.J Fo |
Amount |
Date |
Details |
P. J Fo |
Amount |
|
|
|
|
|
2013 Jan-1 |
By Goods |
2 |
1000.00 |
Javed & Co.
|
Dr |
Cr |
||||||
|
Date |
Details |
P.R.J Fo |
Amount |
Date |
Details |
P. J Fo |
Amount |
|
2013 Jan-1 |
To Return or Allowances |
3 |
1100.00 |
2013 Jan-1 |
By Goods |
2 |
1000.00 |
Javed & Co.
|
Dr |
Cr |
||||||
|
Date |
Details |
P.R.J Fo |
Amount |
Date |
Details |
P. J Fo |
Amount |
|
2013 Jan-1 |
To Goods |
2 |
1100.00 |
2013 Jan-1 |
To Return or Allowances |
3 |
1100.00 |
Javed & Co.
|
Dr |
Cr |
||||||
|
Date |
Details |
P.R.J Fo |
Amount |
Date |
Details |
P. J Fo |
Amount |
|
2013 `Jan-1 |
To Goods |
2 |
1100.00 |
|
|
|
|
مکيه لفظ ۽ وضاحت
Elaboration of Keywords
|
جمع / ڏيڻ وارن |
Debit |
جمع / ڏيڻ وارن مان مراد انهن فردن جي آهي، جن کي مال وڪرو ڪري ڏنل ته هجي، ليڪن انهن اڃا تائين رقم واپس نه ڪئي هجي. |
|
واصل / وٺڻ وارن |
Credit |
واصل مان مراد انهن فردن سان آهي، جن کان تاجر مال ته خريد ڪيو، پر اڃا تائين ان کي رقم جي ادائيگي نه ڪئي هجي. |
|
پوتاميل |
Balance Sheet |
ڪاروبار لاءِ پوتاميل (Balance Sheet) ٺاهيو ويو. ٻنهي ۾ صافي آمدني / نقصان ڏيکاريل هوندو آهي. |
|
شخصي کاته |
Personal Account |
اهڙي ڏيتي ليتي يا سودو، جنهن جو تعلق هڪ شخص سان هجي ۽ ان ئي شخص تي ان جو اثر پوي ته ان کي شخصي کاته چونداسين. |
|
غير شخصي کاته |
Impersonal Account |
هر اهو سودو جنهن جو ڪنهن شخص سان سڌو (Direct) تعلق ته هجي يا اهڙا سودا جن جو ڪنهن شخص تي اثر نه پوي ته انهن کي اسان غير شخصي کاتا چونداسين |
|
حقيقي کاتا |
Real Accounts |
حقيقي کاتن مان مراد ان کاتن سان آهي جي ظاهر ڪن ته تاجر جا اثاثه (Assets) ۽ واجبات Liabilities ڪهڙيون آهن. |
|
تعارفي کاته |
Nominal Account |
هن کاتي ۾ اهڙي ڏيتي ليتي کي شامل ڪيو ويندو آهي جنهن جو تعلق آمدني، خرچ، نفعو ۽ نقصان هوندو آهي.
|
|
روزنامچه |
General Journal |
اهو شروعاتي ۽ بنيادي ڪتاب آهي، جنهن ۾ شروعاتي ڏيتي ليتي کي محفوظ ڪري سگهجي ٿو |
|
بهي کاته |
Ledger |
بهي کاته بنيادي کاتن جا ڪتاب هوندا آهن جن مان آساني ۽ جلدي سان اسان اها معلومات ڳولهي سگهون ٿا |
بحث جي لاءِ سوال
- کاته نويسي ڇاکي چئجي ٿو؟
- ٻٽي پاسي واري داخلا نظام Double Entry System جي وضاحت ڪريو ۽ اهو ٻڌايو ته ٻٽي پاسي داخلا جي نظام ۾ ڪهڙا فائدا آهن؟
- داخلائن جا ڪيترا طريقا آهن؟ بيان ڪريو.
- ٻٽي پاسي واري داخلائن جي سرشتيDouble Entry System جا فائدا ۽ نقصان بيان ڪريو؟
- روزنامچو General Jouranl ڇا آهي؟
- بهي کاتو Ledger ڇاکي چئجي ٿو؟
- سرميل Trial Balance ٺاهڻ ڇو ضروري آهي؟