Video

ليکڪ پاران

اندر جو هڳاءُ

 

اسان جي نبي سڳوري حضرت محمد مصطفيٰ صلـي الله عليه وسلم جن علم حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ ارشاد فرمايو آهي ته: ”علم حاصل ڪريو، پينگهي کان قبر تائين“- ۽ ائين به فرمايائون ته پوءِ ڀلي ان لاءِ اوهان کي چين ولايت به ڇو نه وڃڻو پوي. حاصل مقصد ته مون خاڪسار، ٻارن لاءِ هن ننڍڙي ڪتابڙي ۾ مختلف موضوعن تي اصلاحي ڪهاڻيون تخليق ڪيون آهن، جن ۾ پڄاڻيءَ جو تاثر فقط مٿين حديث جي حوالي سان منسوب ٿيل آهي. اميد آهي ته منهنجي هن ڌرتيءَ ۽ ديس جي آئيندي جي معمارن کي هن ڪتاب مان گهڻو لاڀ حاصل ٿيندو ۽ اها به اميد آهي ته هو ان ڏس ۾ ڪڏهن به پوئتي نه رهندا. (آمين)

خاڪسار

”فقير“ شهميرچانڊيو

ٽنڊو ٺوڙهو، مرزا پاڙو

حيدرآباد سنڌ