Video

لاڙ (مختصر تعارف)

اِهو چئي سگهجي ٿو ته لاڙ هڪ مخصوص ثقافتي يونٽ آهي، ۽ سنڌ جي تاريخ، تهذيب، تمدن ۽ ثقافت سان ڳنڍيل آهي. جغرافيائي بيهڪ جي باري ۾ علم طبقات الارض جي ماهرن جو چوڻ آهي ته سنڌ سمنڊ مان پيدا ٿيل علائقو آهي (1). سنڌ ۽ هندوستان جو اُتريون حصو سمنڊ هيٺ هو ۽ ڏاکڻيون حصو خشڪيءَ رستي سلون، آسٽريليا ۽ ٻين ڏکڻ – اوڀر وارن ٻيٽن سان مليل هو. خاص طور لاڙ وارو ڀاڱو نسبتاٰ پوءِ پاڻيءَ مان ظاهر ٿيو (2)“.

”لاڙ“ لفظ جي معنيٰ به لڙيل يا هيٺيون ورتي ويئي آهي. ڪاڪي ڀيرو مل لاٽ مان ”لاڙ“ ٿيڻ جو به اندازو لڳايو آهي. جئن سنسڪرت جي ”لِلاٽ“، مان سنڌيءَ ۾ ”نراڙ“ ٿيو. جئن ”ٽ“ جو ”ڙ“ ۾ بدلجڻ.

سنڌ تي وقت بوقت ٻاهران حملا ٿيا آهن، اُنهن جو اثر سنڌ جي هر حصي تي پيو آهي. سياسي ۽ ثقافتي اثر سميت ٻولين جو به اثر پيو آهي. اهڙي اثر ۾ عربي ۽ فارسيءَ جو اثر اڄ به سنڌيءَ تي موجود آهي. اسلامي دور (712ع) جي ابتدا کان ئي هِتي درس و تدريس جو سلسلو شروع ٿيو، جيڪو مختلف مرحلن مان لنگهندو اڄ به موجود آهي. لاڙ ۾ مدرسن جو سلسلو رهيو ۽ اُن مان تعليم سان گڏ تصنيف ۽ تاليف جي به اهميت رهي. عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ  ۾ سوين ڪتاب تفسير،  ﻓﻘﮧ ۽ ٻين اسلامي ۽ عمومي علمن بابت لکيا ويا.

سنڌي زبان مختلف دورن ۽ انقلابن جا نشان ۽ اهڃاڻ محفوظ رکيا آهن. لاڙ وارو ڀاڱو علم ادب ۽ تعليم جو مرڪز هجڻ سان گڏ سياست ۾ به نمايان رهيو آهي.  ٺٽو ننگر سمن جو تخت گاهه رهيو. سومرن حاڪمن جا آثار وڳهه ڪوٽ، روپاهه، محمد طور ۽ شاهه ڪپور ۾ خاص طور ڌيان ڇڪائين ٿا. شاهه حسن ارغون جي تاج پوشي نصرپور ۾ ٿي. ارغونن کان پوءِ مرزا عيسيٰ ترخان کي لاڙ وارو حصو مليو. تنهن کانپوءِ ڪلهوڙن ۽ ٽالپورن جي حڪومت جو اثر به لاڙ ۾ وڌيڪ رهيو. ميان غلام شاهه خان گاديءَ جو هنڌ حيدرآباد کي بنايو ۽ قلعو جوڙايو. ٽالپور حڪمرانن به حيدرآباد کي مرڪز بنايو. قديم زماني کان لاڙ جا سامونڊي بندر مشهور رهيا آهن ۽ سنڌ جي تجارت کي هٿي ڏني اٿن. اڳوڻي ضلعي نظام موجب حيدرآباد ۽ ڪراچي ضلعا لاڙ جي ايراضين ۾ ليکجن ٿا. هاڻي ضلعن جي تقسيم ٿي آهي پر لساني، محاوراتي ۽ ثقافتي ايراضيون اُهي ئي آهن. هاڻي به حيدرآباد، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان، بدين ۽ ٺٽو ضلعو لاڙ ۾ ليکجن ٿا. پوءِ به لاڙي محاورو اُنهن ضلعن جي انتظامي سرحدن پار به موجود آهي.

هتي جيڪي فصل نمايان آهن سي آهن: ساريون، ڪمند، ٽماٽا، جوار، ڪڻڪ، ٻاجهري ۽ مڪائي وغيره. اُن کان سواءِ ڊالڊا، ڪيلا ۽ انب توڙي ڄمون، زيتون ۽ ٻيا ميوا اچي وڃن ٿا.

صنعتي طور به لاڙ جو علائقو ترقي ڪري رهيو آهي. ڪمند جي پوک سببب لاڙ ۾ شگر ملون آهن. ٻڍل ٽالپور ۾ شگر مل سان گڏ هڪ آٽو موبائل جو ڪارخانو به آهي. سارين جي پوک سبب فقط بدين ضلعي ۾ ڪيتريون ئي رائس ملون آهن. ڦليلي، ميرواه، قاضيا واه، پيڃاري، امام واه، گونگڙو، باگو واه، لائينڊ چينل ۽ ٻيا ننڍا وڏا ڪئنال لاڙ جون زمينون سيراب ڪن ٿا. فصلن کي مختلف بيماريون به پونديون رهيون آهن. جيتن ۽ گڏر سبب اٽڪل 30-35 سال اڳ سارين جي فصل کي نقصان پهتو. 1963ع ۾ لاڙ ۾ لاڳيتو 28 ڪلاڪ تيز مينهن وٺو ۽ طوفان آيو جنهن کي مقامي طور ”ڇتو مينهن“ سڏيو ويو. ڪمند، ٽماٽن ۽ سارين سبب هاڻي لاڙ جي معاشي حالت بهتر آهي. تعليم جو خاص مرڪز بدين شهر آهي، جتي هاڻي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي ڪاليجن کان پوءِ 2007ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو هڪ ڪاليج به کلي چڪو آهي.

لاڙ ۾ قديم آثار ۽ روحاني تڪيا به جام آهن، جن ۾ وڳهه ڪوٽ، مڪلي، سُڏيرن جو ٺُل، ڀٽ شاهه، جهوڪ، ڀنڀور، حيدرآباد جو پڪو ۽ ڪچو قلعو شاهجهان مسجد، ملون حسن، تماچيءَ جي ماڙي، لنواري، حاجي ترابيءَ جو مقبرو، ميرن جا قبا، ڪيٽين جا قبا ۽ ٻيا آثار اچي وڃن ٿا. ڪيترين ئي درگاهن تي ميلا لڳن ٿا، جن ۾ ڀٽائيءَ جو ميلو، شاه ڪريم ۽ شاه عنايت شهيد جا ڏهاڙا، ساجن سوائي، سمن شاهه، شاه قادري، گل غيبي، مهر شاهه ۽ امير پير اچي وڃن ٿا.

لاڙ ۾ ڪيئي قومون رهن ٿيون جن ۾ سيد، پير، سماٽ، ٻروچ، هندو، ڀيل، ڪولهي، ڪاريا ۽ مينگهواڙ اچي وڃن ٿا. لاڙي محاوري جو بنياد خاص طور سماٽ قوم جي تلفظ تي اڏيل آهي.

لاڙ ۾ رهندڙ قومن جي لباس ۾ به چڱي خاصي رنگارنگي آهي. جيتوڻيڪ نئين فئشن جي لاڙن چڱي تبديلي آندي آهي، پر ته به روايت قائم آهي جا شادين ۾ نظر اچڻ لڳندي آهي. اُن سان گڏ غريب طبقو ڪنهن حد تائين روايتي لباس قائم رکيو اچي. سماٽ قومن ۾ زالون گربيءَ، سُوسيءَ ۽ موٺڙي جون گهڻن سَرن واريون سلوارون پَهرين. سلوار کي لاڙ ۾ ڪانچ ۽ سٿڻ چون. گَجَ ۽ بريءَ وارا چولا پهرين. گَجَ هڪڙا لاڙاوان ۽ پيٽاوان ٿين. مٿي تي گندي (رئو) اوڍين. جيڪا ٻانڌڻي ۽ ڇُريل چُني هجي. اندر ٻاهر لاءِ مٿان اجرڪ به اوڍين. روايتي جُتي، ٽئونرن واري آهي جنهن کي مينگهواڙ ۽ موچي جوڙين. سوٽي يا پشم جا ٽئونر رکجن ٿا.

لاڙ وارن جو گذران پوک تي آهي. هاڻي مزوري به هڪ عام ذريعو آهي اُن لاءِ سهوليتون به موجود آهن، اُن ڪري مزور شهرن ڏانهن به اچن ٿا. لاڙ ۾ ڪي نه ڪي قدرتي آفتون آهن ئي آهن ويجهڙائيءَ جي ڏهن سالن ۾ برساتن ۽ زلزلي گهڻو نقصان ڪيو. ٻاري، کانٽي ۽ مزوريءَ سان گڏ مڇي مارڻ به هڪ اهم پيشو آهي. هنرمندن ۾ ڪنڀار، واڍا، لوهار، رازا ۽ موچي اچي وڃن ٿا. شادي مرادي ۽ ٻي ضرورت لاءِ قرض به کڻن.

اِن صورت حال ۾ هاڻي قدري بهتري آئي آهي. ماڻهن جي روز مره جي زندگيءَ ۾ ڪجهه معاشي سڌارو آهي. هن سڄي معاملي ۾ آدم جو وڌڻ ۽ تعليم ڏانهن گهٽ ڌيان سبب سماج ۾ ترقي جا پورا نتيجا نه ملي سگهيا آهن. مٿان وري اڪثريت ويساهه وسوڙيل آهي ۽ روشنيءَ جي سفر ۾ شامل نٿا ٿي سگهن. مال جي سار سنڀال ۽ چارڻ ۾ ئي ماڻهن جون زندگيون ڳريو وڃن. لاڙ جي راندين ۾ وڏڪ ٻل، دريون، اِٽي ڏڪر، کير کير وٽي ۽ لڪ لڪوٽي، توڙي بلورن سان کيڏڻ اچي وڃي ٿو. غريبن جا گهر ڪکاوان، بانٺ ۽ ڏير سان ٺهيل چونرا ۽ چونڪيون يا ڇنوڙا. مٽيءَ جو ليپو ڏنو نه ڏني جهڙو، سگهڙزالون البت گهر جو پٽ راڳين ۽ ڪوشش ڪري گهر کي سهڻو رکن.

غريب طبقي جون وندرون ۽ رانديون به هوند تي آهن. ڪم تي وڃن ته شام جو موٽن. وندرن ۾ به فرق اچي ويو آهي. لوڪ ادب جي صنفن بابت ڪچهريون هلنديون هيون. ڪچهرين ۾ نڙ بيت، ڳجهارتون، الغوزا ۽ نڙ ٻڌبا هئا. راندين ۾ ملهه، ٻيلهاڙو ۽ پيس ڪوٽ عام هو. هاڻي بيشتر ماڻهو هوٽل بازي ڪن. ميلا به هڪ وندر آهي. ميلن ۾ مال جو وڪرو، ملهه ۽ گهوڙن جي خميس عام آهي.

هٿيار پنهوار به اڳ لٺيون، ڪهاڙيون، ڌُڪا ۽ گهوٻاٽا هئا. هاڻي پستول ۽ بندوق عام آهي. لاڙ جي ماڻهن جي هن جيوت جو عڪس ٻوليءَ ۾ نظر اچي ٿو.

حوالا

 

  1. Pithawala, M.B Marvels of Earth, P.51
  2. Raverty, H.G. The Meharan of Sindh

     And its Tributaries, Calcutta, 1892, P P. 317,468-69.