ڪتاب جو نالو | سنڌي زبان جي ماھيت |
---|---|
ليکڪ | ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-8194-92-5 |
قيمت | 100 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (575) PDF E-Pub |
انگ اکر | 23 October 2019 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 10913 ڀيرا پڙهيو ويو |
ھر زبان لاءِ ھڪ مخصوص ۽ مناسب، ٺھڪندڙ ۽ تز رسم الخط (Script) ضروري آھي. جن زبانن ۾ اِھا اھليت ئي نھ پيدا ٿي، سي پوئتي رھجي ويون ۽ علمي ادبي سطح تي تھ خير، پر ڪنھن منظم حالت ۾ بھ نھ رھيون. ڪي جھنگلي ٻوليون ئي اِنھيءَ ھيٺين پد تي رھيون. ريڊ انڊينز جون ڪي ٻوليون انھيءَ دفعي ۾ اچن ٿيون. ان جو ھڪڙو سبب ڳالھائيندڙن جي بتدريج ڪمي بھ آھي، جڏھن ڪنھن گروھھ جي آدمشماري گھٽجي آڱرين تي ڳڻڻ جيتري وڃي بچي ٿي تھ اھا ٻولي ختم ٿي وڃي ٿي. ان جو مثال ڏيندي، مسٽر ھاڪيٽ لکي ٿو تھ: ”نيو گني جي ھر ڳوٺ ۾ ان ڳوٺ جا پنج ڇھھ سؤ ماڻھو بچيا آھن. ايئن آمريڪن انڊينز جي ھڪ ٻولي چِٽي ماچا (Chiti Macha) جا ١٩٣٠ع ۾ فقط ٻھ ڳالھائيندڙ ھئا(١).“ اِن مان اشارو ملي ٿو تھ رسم الخط ۽ تحريري صورت نھ ھجڻ سان گڏ ڪي ٻيا بھ اسباب آھن، جن جي ڪري ٻوليون ختم ٿي وڃن ٿيون. اڪثر شاگردن ۽ عام ماڻھن کي رسم الخط، صورتخطي ۽ الف- ب ۾ فرق ڪرڻ مشڪل لڳي ٿو. ان لاءِ اول اھڙي چٽائي ڪجي ۽ مونجھاري کان بچجي. ١- رسم الخط (Script) کي ھنديءَ ۾ لپي بھ چئجي ٿو. ڇا ڪنھن ٻوليءَ کي مستقل طور تحرير ھيٺ آڻڻ لاءِ ھڪ رسم الخط يا لپيءَ کي اختيار ڪجي؟ جواب يقينا ھاڪاري آھي. سنڌيءَ جي معاملي ۾ عربي يا ديوناگريءَ جي ڳالھھ نڪتي ۽ تعليم کاتي جي وزارت ١٩٥١ع ۾ ھڪ ڪميٽيءَ ۾ بحث ٿيو. سنڌ جي مزاح نگار حليم بروھيءَ ويھين صديءَ جي آخر ۾ رومن خط (Roman Script) جي تجويز بھ ڏني. ٢- صورتخطي اھا آھي، جنھن ۾ لفظن کي ھڪ مقرر اِملا (Spelling) ۾ لکجي. جيئن آءٌ / آئون، جڏھن/ جڏھين ۽ پئڻ / پيڻ/ پيئڻ مان ڪا ھڪ اِملا مستقل طور اختيار ڪجي. ان لاءِ انگريز سرڪار جي ابتدائي سالن ۾ درست ۽ مستقل نوعيت جي ھڪ پٽي / چارٽ جو اجراء ٿيو، پر اڄ تائين اھو مسئلو ھلندو اچي. ٣- الف- ب (Alphabet) کي سمجھڻ ۾ ڪو مغالطو ڪونھي. ھر ٻار بھ سمجھي ٿو تھ الف- ب ڇا آھي. سنڌي الف ب جو داستان ابوالحسن کان بھ اڳ سنڌي مذھبي عالمن جي نثري ۽ نظمي تحريرن کان شروع ٿي، انگريز سرڪار جي ذڪر ڪيل ڪميٽيءَ ۾ ان صورت تائين پھتو، جا اڄ موجود آھي. جيئن انگريزيءَ جي الف بھ کي ABC چئجي ٿو تھ سنڌيءَ جي الف- ب جي بھ اِھا حيثيت آھي. بحث ھي بھ ڌيان ۾ رکڻ جھڙو آھي تھ عربي يا ديوناگري سنڌيءَ لاءِ موزون آھن؟ عربي رسم الخط سنڌيءَ لاءِ اختيار ڪيو ويو. پ چ ۽ گ آوازن لاءِ حرف فارسيءَ وارا ورتا ويا ۽ نج سنڌي آوازن ٻ، ڳ، ڱ، ڌ، ج، ڍ، ڏ، ڄ، ڇ ۽ ڃ لاءِ نقطن جي اضافي کي ڪافي سمجھيو ويو. ان کان سواءِ وسرڳ (aspirated) آوازن لاءِ جھھ، گھھ جو اضافو ڪيو ويو. ھونئن نئين سر ھن موضوع تي بحث جي ضرورت ڪونھي، پر ايترو چوڻ ضروري آھي تھ انگريز سرڪار واري ڪميٽيءَ جي فيصلي کان پوءِ بھ لساني ماھرن علمي بحث ڪيا آھن. ديوان لوڪناٿ پنھنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي لپي“ (١٩٥٩ع) ۾ عربي سنڌي لپيءَ کي غيرسائنسي سڏيندي بحث ڪيو. ان جو جواب ڊاڪٽر الانا پنھنجي ڪتاب ”سنڌي صورتخطي“ (١٩٦٤ع) ۾ ڏنو. ھن بحث ۾ طرفين جا اختيار ڪيل سياسي ۽ مذھبي لاڙا بھ شامل آھن. خير، عربي رسم الخط مسلمانن جي اڪثريت ۽ اڳ موجود علمي ذخري جي موجودگيءَ سبب اختيار ڪيو ويو. انھيءَ لاءِ ڪافي انفرادي دليل بھ آھن. مثال طور اسلامي نالا، ڪتابن جا نالا ۽ ٻيا اسم خاص عربي انداز جا ھئا، انھن کي اسلامي ورثي ۽ عربي اِملا ۾ قائم رکڻ وڌيڪ صحيح ھو. جي رڳو ”الف- ب“ ۾ ٻن مان ھڪ حرف اختيار ڪجي ھا تھ بھ اِملا ۽ معنيٰ جون فاش غلطيون ٿين ھا. ع- ا، ۽ ح- ھھ مان نالن ۾ ھڪ حرف اختيار ڪجي ھا تھ عبدالجبار کي ابدالجبار ۽ محفوظ عليءَ کي مھفوز الي لکجي ھا! اِن ڪري روايتا بھ عربي رسم الخط اختيار ڪرڻ وارو فيصلو صحيح ھو. ديوناگريءَ جو ھڪ پنھنجو صوتياتي نظام آھي. جنھن ۾ ھڪ مقرر (fixed) نشانن سان وينجن (consonant) ۽ سر (vowel) جا آواز متعين ڪجن ٿا. جيئن (ج) ھيٺان ” “ نشان لڳائبو تھ جو ٿيندو. پر مخصوص عربي حرفن/ آوازن لاءِ زائد نشانيون لڳائبيون تھ ض /ظ /ز/ ۽ ذ اچاري تھ سگھبو پر انھن چئن مان ڪھڙو؟ اِھا خبر نھ پوندي. اسان جي عربي سنڌي لکت کي ھڪ تجويز رومن لکت (Roman script) جي بھ ملي، جنھن جو حليم بروھيءَ جي حوالي سان مٿي اشارو بھ ڏنو ويو آھي. ھڪ سٺي مذاح نگار چئلينج جي انداز ۾ لکيو تھ سنڌ، سنڌي ماڻھو ۽ سنڌي زبان جي تباھي يقيني آھي، جي موھن جي دڙي، ھڙاپا کي ڇڏي ڏکڻ اوڀر واري تھذيب لٿل کي قبول نھ ڪيو ويو. ان کان پوءِ ھن (حليم) ڪجھھ سائيڪو اسٽائل ڪيل انگريزي مضمون رومن خط اختيار ڪرڻ جي حق ۾ لکيا. ڪمپيوٽر کي ھن سلسلي ۾ اھم ڄاڻايو ويو. اھو تھ ھرڪو ڄاڻي ٿو تھ جڏھن رسم الخط بدلائجي ٿو تھ اڳيون تحريري رڪارڊ گھڻي ڀاڱي نئين شاگرد لاءِ گم ئي رھي ٿو. ڪمپيوٽر ۾ تھ سنڌي اچي بھ وئي. جي ڏسجي تھ رومن جي ڪري سڀ يورپي زبانون، ترڪي، سواھلي ۽ ويت نامي ”ھڪ زبان“ تھ نھ آھن، بلڪھ جدا آھن. حليم بروھيءَ جي ٻين دعوائن ۽ خود کي مري ويل ۽ بڪواس (Nonsense) لکڻ وارو سڏڻ اسان جي موضوع کان ٻاھر آھن. سواءِ اِن جي تھ ھن سنڌ وارن کي انگريزي نھ ڄاڻن جو طعنو ھيئن ڏنو آھي تھ، ھڪ ماڻھوءَ پنھنجو نالو Dedar (ديدار) لکي ڏنو ۽ جيڪو ديدار نھ پر انگريزي اِملا موجب ڊيڊر/ ڏيڏر ٿيندو. ڇوجو دال لاءِ انگريزيءَ th (ٽي. ايڇ) لکجي ٿو: جيئن that-this وغيره،(٢). حقيقت ۾ th سان ٿ بھ لکجي ٿي، جيئن Thump-Think وغيره. ھوڏانھن جو اچار اھل زبان ٺي ڪري ٿو. اسين ديدار يا ٻيا اسم D سان لکون ٿا تھ اھو روايت ۽ عادت جو حصو آھي. سڄي دنيا ۾ خاص اسمن لاءِ زبانن ۾ مخصوص گنجائش بھ موجود آھي. ڌ ۽ ڍ ۾ وسرڳائيءَ سبب dh بھ لکجي ٿو. ويت ناميءَ ۾ ڏ لاءِ d تي نشاني لڳائجي ٿي. موجوده لپين کان اڳ پس منظر طور ئي سھي پر، Pictograph ۽ Hieroglyph تصويري لفظن جو تذڪرو ٿيندو آيو آھي. سراج پنھنجي ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ ۾ موھن جي دڙي جي تحريرن جو جائزو وٺندي ڪن کي پڙھڻ جي سعي ڪئي آھي. ھن تصويري نظام جو واسطو قديم مصر ۽ چين سان آھي. جپاني زبان بھ گھڻي ڀاڱي ھن انداز ۾ لکجي ٿي. ساڳين لفظن (Characters) لاءِ چيني ۽ جپانيءَ جا اچار جدا آھن. جيئن جو چيني اچار آھي ”رپن“ ۽ جپاني ”نپان“ (Nippon) آھي. چيني زبان ھڪ مڪمل تصويري لفظن جو نظام رکي ٿي. ھڪ تھ ھيءَ سرائتي زبان (Tonal language) آھي. ھن ۾ چار سر (Tones) آھن. سڌي ، چڙھندڙ ، لھندڙ- چڙھندڙ ۽ ڪرندڙ ، سر (ٽون) جي جھيل ھڪ انفراديت واري آھي. الف- ب letters بدران ٺھيل ٺڪيل لفظ (words) آھن. ان جو آڌار قديم زماني جون تصويرون آھن. چمڙي، ڇوڏن ۽ ھڏن تي اولين تحريرون/ تصويرون مليون. اھڙن ھڏن کي Oracle bones سڏيو ويو. ھڪ اچار وارن لفظن جون بھ تحريري صورتون جدا آھن. ڪٿي ھڪ صورت وارن لفظن جا وري اچار علحدا آھن. الف- ب وارن لاءِ اھڙي ڪا ٻي حيرانيءَ جي ڳالھھ نھ ھوندي! خير موھن جي دڙي واري لکت جي ڳالھھ ڪري آيا آھيون. ھنٽر (Hunter) جي محققانھ ڪاوش “The Scripts of Harappa & Moen jo Daro” ۽ سراج جي ڪاوشن جي ساٿ سان ايئن چئبو تھ ڊاڪٽر پارپولا جي سٿ جي ڪڍيل نتيجن جي روشنيءَ ۾ چيني لفظ (Chinese Characters) بھ موھن جي دڙي جي لکت سان گھڻي ھم آھنگي ۽ مشابھت رکن ٿا. مڇيءَ وارو نشان چينيءَ ۾ بھ آھي ۽ چينيءَ ۾ اچار اٿس او (وات گول ڪري اچاربو). دروازي جا ٻھ طاق پڌرا بيٺا آھن. اچار آھي من (Men). ھاڻي آسان ڪيل صورت آھي . ائين ٻيو اسم من، لفظ اسين جي اڳيان، جمع جو نشان ڏيکاري ٿو. ان لاءِ ماڻھوءَ جو نشان (Radical) ايندو تھ صورت بيھندي . ماڻھو آرام ڪري ٿو تھ وڻ ۽ ماڻھوءَ جا نشان گڏ ايندا. وڻ ۽ ماڻھوءَ جو ريڊيڪل ، گڏ اچي آرام جي معنيٰ پيدا ڪندا. ايئن ٻھ جدا اچار ھڪ ۾ ظاھر ٿيندا. ھاڻي اھو ٿيو شيو شي (آرام). ايئن ھي تصويري نظام دنيا جي جن بھ خطن ۾ رھيو آھي ۽ اڃان استعمال ۾ رھندو اچي. اسان کي ھن باري ۾ تحقيق ڪرڻ کپي. ھي پسمنظر آھي اسان جي موجوده لپين جو. ھونئن ھن سلسلي ۾ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جو بي بھا ڪتاب ”ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوٽ“ (١٩٩٩ع) موجود آھي، جنھن ۾ مختلف لپين ۽ انھن جي خوبين خامين جو علمي جائزو ورتو ويو آھي. انھن جي باھمي فرق جو ذڪر بھ ڪيو ويو آھي(٣). حوالا: 1- Hochet, chales F. A course in linguistics Macmillan & co. N.Y, 1958, pp.8-9. ٢- حليم بروھي، ڪالم روزانھ ڪاوش، حيدرآباد، ٢١ آگسٽ ٢٠٠٦ع. ٣- جيٽلي، مرليڌر (ڊاڪٽر)، ٻولين جو سرشتو ۽ لکاوٽ، دھلي، ١٩٩٩ع.