سنڌي زبان جي ماھيت

ڪتاب جو نالو سنڌي زبان جي ماھيت
ليکڪ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-8194-92-5
قيمت 100    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (510) PDF  E-Pub
انگ اکر

23 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     8082   ڀيرا پڙهيو ويو

    ڪتاب بابت


    اداري جي قيام وارن مقصدن کي آڏو رکندي، سنڌي ٻوليءَ ۾ لسانيات جي موضوع تي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي ھن اھم ڪتاب کي ڇپائيندي آئون ۽ منھنجا ساٿي انتھائي خوشي محسوس ڪري رھيا آھيون. جيتوڻيڪ سنڌي زبان جي ارتقا، بڻ بنياد ۽ ان جي محاورن بابت ھن کان پھرين بھ ڪيترن ئي محققن ۽ عالمن جو ڪم سامھون آيل آھي، پر ھيءُ ڪتاب اردوءَ ۾ مستعمل لفظ”بولي“ ۽ سنڌيءَ جي لفظ”ٻولي“ ۽ ”زبان“ بابت اھم موضوع کي ھڪ تفصيلي بحث جي صورت ۾ پيش ڪري ٿو. ڪتاب جي ابتدا ۾ سنڌي زبان بابت اڳ موجود نظرين جي اپٽار سان گڏ ليکڪ طرفان پنھنجي مطالعي جو نجوڙ ۽ نتيجو ڏنو ويو آھي. زبان جا وجود ۾ اچڻ وارا نظريا، انھن جا خاندان، ننڍي کنڊ جون زبانون، سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد، رسم الخط، محاورا، پھاڪا، چوڻيون، ورجيسون، سنڌي ٻوليءَ جا محقق ۽ سنڌي ٻوليءَ کي پيش ايندڙ مسئلن ۽ مونجھارن بابت موضوع، ڪتاب جي مختلف بابن ۾ ورھايل آھن. ڪتاب جي وقت سـِر ڇپائي ۽ تزئين لاءِ دلچسپيءَ سان ڪم ڪرڻ تي اشاعتي بيورو جا عملدار ۽ ڪارڪن ھميشھ جيان جس لھڻن، البتھ ڪتاب جي اھميت جو اندازو ان جا پڙھندڙ ئي ڪري سگھن ٿا، تنھن ڪري اھو انھن تي ئي ڇڏجي تھ بھتر رھندو. اسان سنڌي ٻوليءَ ۽ لسانيات جي حوالي سان سنڌ جي ساڃاھھ وندن ۽ محققن کي دعوت ٿا ڏيون تھ ھو اھڙن موضوعن تي اسان کي ڪتاب تيار ڪري ڏين تھ جيئن سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق جي سلسلي ۾ وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪري سگھجن. عبدالقادر جوڻيجو چيئرمئن