سنڌيءَ جي سکيا (ديوناگري)

ڪتاب جو نالو سنڌيءَ جي سکيا (ديوناگري)
ليکڪ ڊاڪٽر فھميده حسين
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-77-2
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (659) PDF  E-Pub
انگ اکر

11 September 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     65425   ڀيرا پڙهيو ويو

    ڪتاب بابت


    موجوده دور ۾ سنڌي ٻولي عربي- سنڌي اکرن ۾ لکي وڃي ٿي، جنهن کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار سالن جي تاريخ آهي. ان کان اڳ ۾ يا ان سان گڏوگڏ سنڌيءَ لاءِ ديوناگري بنياد وارين مختلف صورتن ۾ پڻ سنڌي ٻولي لکي ويندي هئي ۽ هندستان ۾ هن وقت سنڌي ديوناگري لپيءَ ۾ لکجي رهي آهي. موهن جي دڙي جي لکت کان هن وقت تائين سنڌي ٻوليءَ لاءِ استعمال ٿيندڙ مختلف لکتن کي ارتقائي طور سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته هند سنڌ جا محقق، عالم اديب انهن مختلف لپين جي ڄاڻ رکن ۽ موهن جي دڙي جي لکت مان ڦٽندڙ برهمي لپيءَ جي سڌريل صورت ديوناگري لپيءَ ۾ به ڄاڻ حاصل ڪن ته جيئن موهن جي دڙي جي مهرن تي اُڪريل اکرن کي پڙهڻ يا decipher ڪرڻ لاءِ ڪو سنڌي تيار ٿي سگهي. هن وقت تائين اها تحقيق سائنٽيفڪ بنياد تي هوندي به ڪامياب نه ٿي سگهي آهي، ڇاڪاڻ جو انهيءَ ۾ ڪو اصلوڪو سنڌي ڳالهائيندڙ شامل نه رهيو آهي، جيڪو لسانيات، ڪمپيوٽر جي ڄاڻ رکڻ سان گڏوگڏ مختلف لپيون به ڄاڻندو هجي. اسان هيءُ هڪ ننڍڙو ڪتابڙو اهو سوچي تيار ڪيو آهي ته ان جي مدد سان پاڻمرادو سکيا (Self Learning) ذريعي سرحد جي ٻنهي طرفن جا ماڻهو هڪ ٻئي جي لپين کي سمجهي اهڙي ڪنهن تحقيق جي لاءِ تيار ٿي سگهن جيڪا سنڌي ٻوليءَ جي مختلف لکتن تي روشني وجهي سگهي ۽ ان کانسواءِ ٻنهي طرفن جا ماڻهو هڪ ٻئي جو ادب پڻ پڙهي سگهن. اٿارٽيءَ پاران آٽوميٽڪ الٿي Transliteration تي پڻ ڪم هلي رهيو آهي، ضرور ڪي ٻيا رسرچر اهڙو ڪم ڪرڻ چاهيندا. انهيءَ حوالي سان اهڙي سافٽ ويئر تي ڪم ڪندڙ ماڻهن کي پڻ هي ڪتاب گهڻي مدد ڪندو. مون کي اميد آهي ته منهنجي هيءَ ننڍڙي ڪاوش ضرور لاڀائتي ثابت ٿيندي. هن سلسلي ۾ اسان جي اداري جي ڪارڪن محترمه پارسا رضويءَ پڻ چڱي محنت ڪئي آهي ۽ هن ڪتاب جو سمورو مواد ڪمپوز به ڪيو آهي ته ان جا پروف به پڙهيا آهن، جنهن لاءِ کيس شاباس ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي. پڙهندڙن جي راين جو انتظار رهندو. ڊاڪٽر فهميده حسين چيئرپرسن