سنڌو لکت ايڪيهين صديءَ ۾ ٿيل نئين تحقيق

ڪتاب جو نالو سنڌو لکت ايڪيهين صديءَ ۾ ٿيل نئين تحقيق
ليکڪ ڊاڪٽر فھميده حسين
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-97-0
قيمت 250    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (361) PDF  E-Pub
انگ اکر

18 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     2614   ڀيرا پڙهيو ويو

مقدمو


اڄ کان تقريباً چاليهه سال اڳ سنڌيءَ ۾ ماسٽرس ڪرڻ دوران ۽ پوءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ پڙهائڻ دوران سنڌي ٻوليءَ جي جوڙجڪ، بڻ بنياد، تاريخي ارتقا، موهن جي دڙي جي کوٽاين مان مليل سنڌو لکت ۽ ان جي لپي ۽ ان جي پڙهڻيءَ بابت تمام گھڻا ڪتاب، مضمون ۽ مقالا پڙهڻ لاءِ مليا، جن جي بنياد تي ليڪچر تيار ڪري شاگردن کي اهي ڏبا هئا ۽ انهن سان بحث مباحثا ڪبا هئا. ان ڏس ۾ مون هميشه محسوس ڪيو ته تمام گھٽ شاگردن کي انهيءَ موضوع سان دلچسپي هوندي هئي ۽ جن کي هوندي به هئي، ته انهن جي انگريزي مضبوط نه هئڻ ڪري اهي انهن موضوعن تي ٿيندڙ نئين تحقيق کان اڻواقف رهجي ويندا هئا يا اردو ۽ سنڌي ترجمن تي ڀاڙيندا هئا. مون کي ان موضوع سان گھڻي دلچسپي هئي ۽ آءٌ اڄ ان ڳالهه جو اعتراف ٿي ڪريان ته جيڪڏهن آءٌ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هجان ها ته اتان اسڪالرشپ حاصل ڪري ڪنهن ٻاهرين يونيورسٽيءَ مان سنڌي ٻوليءَ جي ڪنهن لسانياتي پهلوءَ تي تحقيق ڪري اچان ها، پر جنهن يونيورسٽيءَ ۾ آءٌ هئس اتي سنڌي شعبي جي ڪنهن استاد لاءِ ٻاهرين اسڪالرشپ تي پي. ايڇ. ڊي لاءِ وڃڻ جو تصور به ممڪن ڪونه هو.

اتي اچڻ وارن شاگردن کي سنڌي ٻوليءَ بابت پڙهڻ لاءِ مواد مهيا ڪرڻ جي خيال کان ئي مون گريئرسن جو ’لنگئسٽڪ سروي آف انڊيا‘ ترجمو ڪيو هو. لسانيات ۾ دلچسپي رکندڙ سنڌي شاگردن جي ٻي ڪمزوري منجھن ڪمپيوٽر ۾ ڄاڻ جي اڻهوند به چئي سگھجي ٿي. آءٌ جڏهن سنڌو لکتن واري رسم الخط تي تحقيق ڪندڙ عالمن جا ڪتاب پڙهندي آهيان ۽ ڏسندي آهيان ته هڪڙا ان کي هند آريائي ثابت ڪرڻ لاءِ پيا جاکوڙين ۽ سنسڪرت سان يا برهمي لپيءَ سان ڀيٽي ان کي ويدڪ پيا ثابت ڪن ته ٻيا وري ان جي پروٽو دراوڙي هئڻ تي يقين رکي ڪمپيوٽر جي ٽيڪنالاجيءَ (Computational Linguistics) ذريعي ثابتيون ڪٺيون ڪري، ان جي ڀيٽ تامل ۽ تيلگوءَ سان پيا ڪن ۽ لفظن جي تعلق کي پيا ڳولين ته منهنجي دل چوندي آهي ته ڪاش اهي پنهنجي ڪمپيوٽر واري مطالعي ۾ آڳاٽي ۽ موجوده سنڌي ٻوليءَ کي به شامل ڪن ته متان ڪي ثابتيون ملي پون، ۽ قديم سنڌو رسم الخط اندر موجود ٻوليءَ جو اسان جي سنڌي ٻوليءَ سان تعلق نڪري پوي، پر جيڪي سنڌي انهيءَ مضمون جا ماهر به آهن ته اهي لسانيات ۾ جديد ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال کان اڻ واقف آهن. جيڪڏهن ڪو سنڌي انهن مطالعن ۾ شامل هجي ته ڪيترن لفظن ۽ بناوتن بابت پنهنجي ٻوليءَ جا مثال ڏئي سگھي يا ڪمپيوٽر جي مدد سان پڙهيل متنن ۾ سنڌيءَ جا اهڃاڻ محسوس ڪري سگھي، پر ائين ٿي نه سگھيو آهي. سنڌ جي جن عالمن سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد ۽ لپيءَ تي ڪم ڪيو آهي، مثلاً سنڌ مان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا يا سراج ۽ هند مان مرليڌر جيٽلي وغيره ته انهن جي ٽهي ڪمپيوٽر جي ڄاڻ کان پري هئي، موجوده دور ۾ ڪن ٻين ماڻهن لسانيات ۾ ڊگريون ورتيون به آهن ته اهي به انگريزي ۽ ڪمپيوٽر جي اهڙي ڄاڻ نٿا رکن جو آسڪو پرپولا، مهاديون، فيئر سروس، راجيش رائو، فارمر، اسپروٽ وغيره وغيره سان گڏجي يا سندن تحقيق جي بنياد تي سنڌيءَ جو ڪيس اڳتي وڌائين.

گذريل ڪجهه ڏهاڪن ۾ سنڌو رسم الخط تي ڪيترائي ڪتاب، مضمون ۽ مقالا ڇپيا آهن، تن ۾ سنڌو لکتن جون ڏسڻيون ۽ فهرستون به شامل آهن ته ڪمپيوٽر تي حسابي لسانيات ذريعي حاصل ڪيل نتيجا به آهن، فنلينڊ، روس، آمريڪا ۽ هندستان ۾ ڪيل تحقيق به آهي، پر اسان جي عام شاگرد جي انهن تائين پهچ ڪانهي، ان ڪري سندن ڄاڻ اوڻيهين ۽ ويهين صديءَ جي مدي خارج تحقيق تائين محدود رهجي وڃي ٿي. وري به ڀلو ٿئي انٽرنيٽ جو جنهن تي اسان کي دنيا ۾ ٿيندڙ نئين تحقيق جي ڄاڻ ملي ٿي وڃي. انٽرنيٽ تي سنڌو سڀيتا، سنڌو رسم الخط، سنڌو لکت، سنڌو متن، سنڌو علامتون- اهڙا ڪيترائي عنوان آهن، جن تي لکيل مقالا، مضمون ۽ ڪتاب موجود آهن، جن مان ايڪيهين صديءَ ۾ سنڌو رسم الخط بابت ٿيل نئين تحقيق بابت تمام اهم معلومات ملي ٿي. هن ڪتاب ۾ مون ايڪيهين صديءَ ۾ سنڌو رسم الخط بابت ٿيل تحقيق جا ڪي رخ پيش ڪيا آهن، جيڪي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ سان اسان جي شاگردن کي انهيءَ موضوع تي تحقيق ڪرڻ جو ائين اتساهه ملندو جيئن مون کي مليو آهي.

ٿيو هيئن جو نيٽ تي ان موضوع بابت سرچ ڪندي مون کي هڪ وڊيو ڏسڻ جو موقعو مليو، جنهن ۾ امريڪا جي واشنگٽن يونيورسٽيءَ جي هڪ هندستاني ايسوسيئيٽ پروفيسر راجيش رائو پنهنجي ڪيل تحقيق بابت ’پريزنٽيشن‘ ڏني آهي، جنهن جو عنوان آهي ‘A Rosetta Stone for the Indus Script’. پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ ٻڌائيندي هلان ته ’روزيٽا اسٽون‘ ٻي صدي ق. م. جي هڪ سِر يا ڪتبي کي چئبو آهي، جيڪا روزيٽا (رشديه) نالي مقام تان لڌي هئي، جنهن تي هڪ کان وڌيڪ لکتون هئڻ ڪري ان ڳجھي خزاني جي ڪنجيءَ جو ڪم ڏنو ۽ ان جي ڪري قديم مصري رسم الخط پڙهڻ ۾ مدد ملي هئي.

سنڌو  رسم الخط کي اهڙو ٻه- ٻوليائي پٿر يا ڪتبو ته ڪونه مليو آهي، جنهن جي مدد سان ان کي پڙهي سگھجي، پر ڪمپيوٽر اهڙا ملهه ڏئي سگھي ٿو، جن جي مدد سان شايد ڪڏهن اهو معمو حل ٿي سگھي. سو اهو پروفيسر راجيش رائو ڪمپيوٽر جي ذريعي دماغ جي اڀياس جو ماهر آهي يعني Computational Neurosurgeon آهي ۽ کيس Robotics سان به دلچسپي آهي. سندس مهارت ان ۾ آهي ته هو ڪمپيوٽر ذريعي ماڊل ٺاهي (computational modeling) انساني ذهن جو اڀياس ڪري ٿو، يعني اهو معلوم ڪري سگھي ٿو ته انساني ذهن ڪيئن ٿو سوچي، ان جا ڪمپيوٽرائيزڊ ماڊل تيار ڪري، انهن کي وري قديم لکتن، خاص ڪري سنڌو لکت سان لاڳو ٿو ڪري، ان ريت هن کي خبر پوي ٿي ته انساني ذهن قدرتي يا فطري ماحول ۾ ٿيندڙ نون عملن، واقعن ۽ موجود شين جي ڪهڙيءَ ريت نمائندگي ڪري ٿو. اهڙا ڪهڙا حسابي نتيجا (algorithms) آهن، جن سان انساني ذهن جي حِسيِن جي طور طريقن ۽ روين کي سمجھي سگھجي ٿو. اهي ڪمپيوٽر جا ڪهڙا ميڪانيڪي طريقا آهن، جن سان ذهن بدلجندڙ حالتن ۾ به فعال رهي ٿو. ڪمپيوٽر جي مصنوعي ذهانت (artificial intelligence) ذريعي اهڙا اڀياس ڪرڻ کانپوءِ چار پنج هزار سال قديم نشانين پويان ڪم ڪندڙ ذهنن جي مخصوص طريقي (pattern) کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ پوءِ وري لکت ۾ موجود نمونن ۽ ترتيب جي طريقي (pattern) سان لاڳو ڪيو ويو. ڪمپيوٽر جي ڄاڻ رکندڙن لاءِ ايئن چئي سگھجي ٿو ته راجيش رائو ۽ سندس ٽيم، جنهن ۾ سنڌو لکت جو هڪ اڳوڻو مڃيل ماهر اروٿم مهاديون به شامل هو، هڪڙو سافٽ ويئر ٺاهيو. (Pattern analyzing software) جنهن جي ذريعي مارڪوف ماڊل (Markof Model) نالي سسٽم جي حرڪي قوت (System Dynamics) جو خاڪو ٺاهيندڙ هڪ ڪمپيوٽر ٽول (tool) کي استعمال ڪيائون، جنهن ۾ چئن ڳالهايل ٻولين جي ترتيب (sequence) واري ڊيٽا ڪمپيوٽر ۾ فيڊ ڪئي وئي، جن ۾ قديم سميري، سنسڪرت، قديم تامل ۽ جديد انگريزي ٻوليون شامل ڪيون ويون. (ڪاش انهن ۾ ڪو سنڌي به هجي ها ته ان ڊيٽا ۾ سنڌي به شامل ٿئي ها). ان کانپوءِ ان ۾ چار غيرلساني يا غير ٻوليائي رابطي جا نظام (non spoken communication systems) کڻي انهن جي ترتيب شامل ڪئي، جن ۾ پهرين انساني ڊي. اين. اي (DNA) جي ترتيب هئي، ٻي ڪمپيوٽر پروگرامنگ جي فورٽران ٻولي/ڪوڊ (Fortran Code) جي ترتيب هئي، ٽين جيوڙن يا بئڪٽيريا واري پروٽين جي ترتيب ۽ چوٿين هڪ مصنوعي ٻولي وڌي وئي.

ان ريت انهيءَ پروگرام ذريعي هر هڪ رابطي جي نظام (communication system) (لساني ۽ غير لساني) ۾ ترتيبن جي بنا رٿابنديءَ (random) جي اچڻ جي سطح جاچي نتيجا ڪڍيا ويا. انهيءَ سموري عمل کانپوءِ کوجنائي ٽيم کي جيڪا ترتيب انساني ٻولين واري معلوم ٿي، ان سان گڏ ڪمپيوٽر ۾ سنڌو لکت جا نمونا فيڊ ڪيائون ته انهن کي نشانين جي ترتيب ۾ هڪ قسم جي تنظيم محسوس ٿي، جيڪا انساني ٻولين جي وياڪرڻي تنظيم وانگر ئي هئي. ان طريقي سان پهرين ته اها ڳالهه طئي ٿي ته مهرن تي اڪريل نشان محض ڪي اهڃاڻ يا علامتون نه پر منجھن انساني ٻولي آهي. گرامر جي ترتيب معلوم ٿي وڃي ته دنيا ۾ موجود مختلف خاندانن جي ٻولين جي وياڪرڻي جوڙجڪ سان ڀيٽي گھٽ ۾ گھٽ سنڌو لکتن ۾ موجود ٻوليءَ جو خاندان ته طئي ٿي سگھي ٿو. ان ڏس ۾ نتيجو اهو نڪتو ته:

When they seeded the program with fragments of Indus script, it returned with grammatical rules based on pattern of symbol arrangement. These proved to be moderately ordered, just like spoken languages.

انهيءَ نتيجي باوجود ڪمپيوٽر سنڌو لکت ۾ موجود نشانين جي معنيٰ يا مطلب جي باري ۾ خاموش رهيو. هن ڪوشش کي سنڌو  رسم الخط جي ڀاڃ جي سلسلي ۾ ماهر طور ڄاتل سڃاتل آسڪو پرپولا پسند ڪيو، پر اسڪرپٽ يا رسم الخط کي نه سمجھي سگھڻ وارو ڦورو ڦولي نه سگھيا. راجيش رائو جو چوڻ آهي ته ’هاڻي اسان کي گرامر جي ترتيب وارو نمونو (pattern) حاصل ٿي ويو آهي ته پوءِ اڳيون قدم ان ترتيب واري نموني کي ٻين ٻولين جي ساڳين نمونن سان ڀيٽڻ هوندو جن ۾ سنسڪرت ۽ ٻيون هند يورپي يا وري دراوڙي ٻوليون اچي وڃن ٿيون، (جيڪي سنڌو ماٿري کان هزارين ڪلوميٽر پري جون آهن) منهنجي راءِ آهي ته ان ڏس ۾ سنڌيءَ جي ڪنهن ماهر شخص کي شامل ڪري قديم توڙي جديد سنڌيءَ جي اندر ساڳئي قسم جي ترتيب واري نموني کي آڻي سگھجي ٿو. ڊاڪٽر الانا صاحب پنهنجي تحقيق ۾ سنڌو ثقافت جي تسلسل سان گڏ، سنڌي ٻوليءَ جي هزارين لفظن جي تسلسل سان اڄ تائين استعمال جي ڳالهه ڪندي پنهنجن ڪتابن ۾ اهڙا ڪيترائي عام طور ڪتب ايندڙ لفظ ڏنا آهن، جن کي ڪمپيوٽر جي ڊيٽا ۾ وجھڻ سان سنڌي ٻوليءَ جو ان قديم سنڌو لکت سان واسطو يا لاڳاپو ظاهر ڪري سگھجي ٿو، جنهن کي اسان جو ٻيو عالم سراج هن خطي جي پنهنجي اصلوڪي (indigenous) ٻولي مڃي ٿو، جيڪا نه هند آريائي آهي ۽ نه ئي دراوڙي، بلڪ اصلوڪي سنڌي ئي آهي، جنهن جو 5000 هزار سال اڳ ۾ ممڪن آهي ته ڪو ٻيو روپ هجي، پر موجوده سنڌي ان جي ارتقائي صورت آهي ۽ جيڪڏهن موهن جي دڙي سان گڏ هڙپا جي ٻوليءَ بابت راءِ ڏجي ته اها به ساڳي ٻوليءَ جو لهجو يا ٻيو روپ ٿي سگھي ٿو ۽ انهن جي ماءُ ٻولي (parent) هڪ ئي ٻولي آهي. سراج صاحب، پنهنجي مشهور ڪتاب ’سنڌي ٻولي‘ ۾ پنهنجو اهو نظريو ڏيڻ سان گڏ سنڌو مهرن جي لکت جنهن رسم الخط ۾ لکي وئي آهي، ان کي پڙهڻ جي ڪوشش به ڪئي هئي. بهرحال منهنجي راءِ اها آهي ته سنڌو لکت جنهن رسم الخط ۾ لکي وئي آهي ان کي ڪمپيوٽر تي پڙهڻ لاءِ يا ان جي ڀاڃ لاءِ ٻين ٻولين سان گڏ سنڌي ٻوليءَ کي شامل نه ڪندڙ سائنسدان شايد ئي ڪامياب ٿي سگھن! سنڌي ته ٺهيو پر هن سموري خطي جي ڪابه ٻولي انهيءَ تجربي ۾ شامل ڪانه ڪئي وئي آهي. تامل ۽ تيلگو ٻوليون سنڌو ماٿريءَ کان هزارين ڪلوميٽر پري جون ٻوليون آهن، انهن کي شامل ڪندڙن کي سنڌو ماٿريءَ جي سنڌي، پنجابي، سرائڪي، هندڪو وغيره ٻولين بابت به سوچڻ گھرجي، جن جي گرامر جي ترتيب جو نمونو (pattern) ڪمپيوٽر ۾ وجھڻ يا فيڊ ڪرڻ سان اهو شايد ڪو نتيجو ڏئي وجھي. (اهڙي صلاح مون اي ميل ذريعي راجيش رائو کي موڪلي آهي ڏسجي ڇا ٿو جواب ملي).

بهرحال راجيش رائو جي اها تحقيق ’سائنس‘ جرنل ۾ 2009 ۾ ڇپي ۽ ’ڪمپيوٽيشنل لنگئسٽڪس‘ جي پرچن ۾ پڻ ڇپي ته ڪن کيس ساراهيو ته ڪن سخت تنقيد ڪئي. تنقيد ڪرڻ وارن ۾ رچرڊ اسپروٽ، وٽزل ۽ فارمر نالي سائنسدانن مرڳوئي اها دعويٰ ڪئي ته سنڌو لکتن ۾ دراصل ڪو ٻولي لکڻ يا تحرير (writing) جو رسم الخط نه آهي، پر انهن ۾ موجود نشانيون غير لساني آهن (ڳالهائجندڙ ٻوليءَ جون علامتون ناهن) ۽ اهي محض ڪي سياسي يا مذهبي اهڃاڻ (symbols) آهن.

ان کان اڳ به 2004 ۾ هنن ساڳين ماهرن جي ٽيم ’اليڪٽرانڪ جرنل آف ويدڪ اسٽڊيز‘ ۾ هڪ مقالو ڇپايو هو، جنهن ۾ هنن سنڌو ماٿريءَ جي ماڻهن کي اڻ پڙهيل ۽ سنڌو رسم الخط کي ٻولي سمجھڻ واري ڳالهه کي غير حقيقي مفروضو ڪوٺيو هو. سندن مقالي جو عنوان هو: ‘The Collapse of Indus Script Thesis: The Myth of a Literate Harappan Civilization’ معنيٰ ته سنڌو رسم الخط وارو مفروضو ڊهي چڪو آهي ۽ هڙپائي تهذيب جي پڙهيل لکيل هئڻ جو افسانو يا ڏند ڪٿا وائکي ٿي چڪي آهي. پوءِ انٽرويوز وغيره ۾ هنن تمام سخت لفظ به استعمال ڪيا هئا ۽ سنڌو لکت کي لکڻ يا تحرير جو رسم الخط مڃڻ کان انڪار ڪيو. سندن نقطه نظر پوسيهل، ڪينوائر ۽ مهاديون طرفان 2004 ۾ ئي سختيءَ سان رد ڪيو ويو هو، جڏهن ته آسڪو پرپولا طرفان 2005 ۽ 2009 ۾ وري ٻيهر تنقيد جي جواب ۾ انهيءَ کي اڃا وڌيڪ دليلن سان، وڊال طرفان 2007 ۾ ۽ ميڪنٽوس طرفان 2008 ۾ تمام گھڻي مزاحمت ٿي ۽ مقالا لکي ڪيترائي دليل ڏنا ويا ته سنڌو رسم الخط هڪ ڳالهائجندڙ ٻوليءَ جي نمائندگي ڪري ٿو.

انهيءَ سلسلي ۾ آسڪو پرپولا دليلن سان پنهنجو جواب 2005 ۾ ڇپرايو هو. سندس مقالي جو عنوان هو Is the Indus Script Indeed not a Writing System يعني ته ’ڇا سنڌو رسم الخط واقعي تحرير جو نظام ناهي‘، جنهن کانپوءِ وري 2009 ۾ ان کي سنواري ڇپرايائين. هن دليل ڏنا ته ڇاڪاڻ جو سنڌو لکت جي ڀاڃ (decipherment) جي ڪوشش کي الاهي سال ٿي ويا آهن ۽ ماهر ان کي پڙهڻ ۾ ناڪام رهيا آهن ان ڪري انهن مان ڪن جي ذهنن ۾ اهڙو سوال اٿيو آهي ته ماڳهين اهو غير لساني (بنا ٻوليءَ جي) علامتن جو نظام ته ڪونهي!

گھڻي بحث مباحثي ۽ دليلن سان هن فارمر، اسپروٽ ۽ وٽزل کي غلط ثابت ڪيو ۽ چيو ته سنڌو رسم الخط اصل ۾ پدن تي ٻڌل (logosyllabic) آهي. ان ۾ 400 نشانيون دراصل اکر (graphemes) آهن، جيڪي پدن جي ترجماني ڪن ٿا. ان کانپوءِ هن اهو به چيو ته انهيءَ رسم الخط ۾ ڊگھيون عبارتون فنا ٿيندڙ وٿن تي (ڇوڏن، پنن ڪپڙي وغيره تي)  هئڻ ڪري محفوظ رهي نه سگھيون آهن. ان ڪري پڙهڻ ۾ ڏکيائي ٿي ٿئي، پر انهن نشانين جي ترتيب ۽ ورجاءُ ٻوليائي رسم الخطن سان هڪجھڙائي رکي ٿو. هن اهو به چيو ته سنڌو لکتون پري پري تائين مختلف ماڳن تان مليون آهن، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته انهن نشانين ۾ ڪو مفهوم ۽ معنيٰ هوندي تڏهن ته انهن نشانين کي استعمال ڪري پري پري جا ماڻهو واپار يا ملڪي انتظام ۾ استعمال ڪندا هوندا. 2010 ۾ هڪ ڀيرو وري به رچرڊ اسپروٽ ۽ وٽزل واري ساڳي ’ٽيم‘ ڪجهه ٻيا پهلو کڻي تنقيد ڪئي، جنهن جي جواب ۾ سن 2010 ۾ راجيش رائو ۽ سندس ٽيم طرفان هڪ ڀرپور تجربو ڪري ڪمپيوٽر ذريعي نتيجا ڪڍي پيش ڪيا ويا. سندن مقالي جو عنوان هو:

“Entropy, the Indus Script and Language: A Reply to Richard Sproat”

جنهن جي معنيٰ اها ٿي ته سنڌو لکت جي نشانين ۾ پيغام رسانيءَ جي صلاحيت کي شمارياتي حوالي سان توري تڪي پوءِ ان ۾ ٻوليءَ جي موجودگيءَ کي ثابت ڪيو ويو آهي. هنن سمورن سائنسدانن جو تعلق هندستان جي ڏکڻ ۾ دراوڙي ٻوليون ڳالهائيندڙ خطي سان آهي ۽ هي سنڌو ماٿريءَ جي ٻوليءَ کي قديم دراوڙي ٻولي مڃين ٿا. ڪمپيوٽر تي ڪيل سندن تجربا ۽ انهن جي تصويرن، خاڪن، جدولن ۽ علامتن اندر موجود ترتيبن وغيره بابت پريزينٽيشن جي وڊيو يُوٽيوب تي ۽ واشنگٽن يونيورسٽيءَ جي ويب سائيٽ تي ڏسي سگھجي ٿي. انهيءَ کانسواءِ مٿن جيڪي تنقيدون ٿيون، اهي پڻ انٽرنيٽ تي موجود آهن، جن مان ڪن جي چونڊ ڪري انهن کي هتي ترجمو ڪيو ويو آهي.

سنڌو ماٿريءَ جي ٻوليءَ ۽ رسم الخط جي باري ۾ ايڪيهين صديءَ ۾ ٿيندڙ تحقيق جو اهو رخ سامهون اچڻ کانپوءِ اهو سلسلو هلي پيو ته ٻيا به ڪيترائي نوجوان ۽ تجربيڪار محقق ان ميدان ۾ ٽپي پيا آهن. هندستان ۾ قائم ’ٽاٽا انسٽيٽيوٽ آف فنڊامينٽل ريسرچ‘ جي هڪ ٽيم، جنهن ۾ نِشا يادَو ۽ ايم. اين. وهيا وغيره شامل آهن، پڻ سنڌو رسم الخط ۾ موجود نشانين جي ڊزائين بابت ڪمپيوٽر تي اڀياس ڪري نتيجا ڪڍي 2011 ۾ هڪ مقالو ڇپرايو، جنهن جو عنوان آهي Indus Script: A Study of it’s Sign Design، جنهن ۾ هنن سنڌو نشانين جي ترتيب (sequence) جو تجزيو ڪري، انهن جي بناوٽ يا جوڙجڪ ۾ موجود ڊزائين جو ڇيد ڪيو آهي ۽ انهن کي ٽن قسمن جي نشانين ۾ ورهائي ’بنيادي‘، ’عارضي‘ ۽ ’ترميمي‘ نشانيون ڌار ڪيون آهن. ان کانسواءِ سادين ۽ مخلوط (مرڪب ۽ گڏيل) نشانين کي ٽوڙي انهن جا متنن ۾ اچڻ جا ڀيرا يا ورجاءَ جاچيا ۽ ائين ڪمپيوٽر ذريعي ترتيبن جي ڳولا ڪري انهن ۾ ٻوليءَ واري تنظيم يا نحوي ۽ منطقي اصول ڳولي ان جي ٻولي هجڻ بابت دليل تيار ڪيا.

ايڪيهين صديءَ ۾ ڏٺو وڃي ته هن وقت تائين گھڻو ڪري بيان ڪيل سمورا ماهر سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب ۽ ٻوليءَ کي دراوڙي سمجھي ڪم ڪندا رهيا آهن. انهيءَ سلسلي ۾ ٻيا ماهر اهي آهن، جيڪي سنڌو سڀيتا ۽ ٻوليءَ کي ويدڪ سڀيتا ۽ ٻولي قرار ڏيندي اهڙيون ثابتيون پيش ڪندا رهيا آهن، انهن مان وڏو تعداد انهن ماهرن جو آهي، جيڪي ’هندو توا‘ جي اثر ۾ آهن يا سنڌو ماٿريءَ جي تاريخ کي هندستان جي قديم تاريخ جو ماخذ ڄاڻائي ويد، مهاڀارت ۽ ٻيا مذهبي اهڃاڻ توڙي ٻولي ۽ لپي (برهمي) قديم سنڌو تهذيب سان لاڳاپين ٿا. انهن مان 21 صديءَ ۾ نٽور جھا، اين ايس راجا رام ۽ راجوٽ اين. پال جا نالا وٺي سگھجن ٿا.

اين. ايس. راجا رام جو مقالو: Looking Beyond the Indus Script Story of Vedic Harappans پڻ نيٽ تي موجود آهي. هي صاحب آرين جي ٻاهران اچڻ واري مفروضي کي رد ڪري ٿو ۽ هندستان جي اصلوڪن رهاڪن کي ئي ويدن جو خالق ڄاڻائي ٿو. هن ڳالهه مان هن جو مقصد اهو ثابت ڪرڻ به آهي ته ويد محض 1000 يا 1500 قبل مسيح جا نه، پر هزارين سال قديم آهن، جيڪي ويدڪ ٻوليءَ ۾ لکيا ويا هئا، جيڪا سنڌو ماٿر سميت سڄي هندستان ۾ رائج هئي. هو ويدن ۾ سرسوتي نديءَ جو گھڻو ذڪر ڏسي لکي ٿو ته اها تهذيب دراصل 2000 ق. م ۾ سڪي ويل سرسوتي نديءَ جي تهذيب هئي.

ٻاهران آيل آرين واري مفروضي کي انگريزن طرفان سياسي مقصدن لاءِ گھڙيل سمجھندي هو اها هندستان جي ماڻهن کي مظلوم دراوڙن ۽ ظالم آرين جي ٻن گروهن ۾ ورهائي ويڙهائڻ جي سازش ڪوٺي ٿو، جنهن ۾ سندس بقول ڪيترا هندستاني به شامل هئا، جن ان کي پنهنجي تحقيق ۽ نظرين ۾ هٿي ڏني. سنڌو سڀيتا مان گھوڙي جي ڪا علامت نه ملڻ کي ان جي غير آريائي هئڻ جو جواز بڻايو (ڇاڪاڻ جو گھوڙو آريائي تهذيبن ۾ ملي ٿو) ۽ انهيءَ جھيڙي کي سياسي ۽ طبقاتي جھيڙو ثابت ڪيو. هو لکي ٿو ته انگريزن پاران آرين جي سڃاڻپ جا معيار ئي مت ڀيد تي ٻڌل هئا، جنهن ۾ چيو ويو ته Longer the nose, higher the caste يعني جيترو نڪ ڊگھو هوندو، اوتري اُوچي ذات هوندي. ان ڪري سموري هندستان ۾ نڪ اوچو رکڻ عزت داريءَ ۽ شرافت جو معيار سمجھيو وڃي ٿو، جڏهن ته گھٽ ذات وارو بي نڪو ۽ اڻاسو سڏيو ويو. آريا سڌريل ۽ اڻ آريا- ’اناڙي‘، اهڙي طرح دراوڙ سڏيل طبقن ۾ آريا سڏجندڙ گروهن لاءِ نفرت ۽ ڪروڌ پيدا ٿيو. بهرحال هي صاحب انهيءَ سموري نظريي جي پس منظر ۾ ٻوليءَ جي حوالي سان سنڌو ٻوليءَ کي ئي سڀني هندستاني ٻولين جو سرچشمو ڪوٺي ٿو، جيڪا ويدَڪ سنسڪرت جو آڳاٽو روپ هئي، جنهن جي رسم الخط مان برهمي ۽ ديوناگري اسريون (گھڻائي سال اڳ سنڌ جي اسڪالر سراج، آرين جي اهڙي مفروضي گھڙڻ بابت يورپي عالمن جي سازش کي وائکو ڪيو هو. سنڌيءَ کي سنسڪرت مان نه پر سنسڪرت کي سنڌي مان نڪتل چيو هو، پر سندس مقصد هرگز اهو نه هو ته ڪو سنڌي ويدڪ سنسڪرت جي خاندان مان هئي، بلڪ اها اصلوڪي بڻائتي ٻولي هئي، جنهن دنيا جي اڪثر ٻولين کي جنم ڏنو هو، جن مان هڪ سنسڪرت به هئي)، هي سمورو احوال پڙهي مون کي ڪئناڊا ۾ رهندڙ هڪ سنڌي ليکڪ ڀڳوان. ايس. گدواڻيءَ جو ناول Return of the Aryans ياد اچي ويو، جنهن جو مقصد سنڌوءَ جي قدامت ثابت ڪرڻ ته هو، پر وٽس ان لفظ ’سنڌو‘ اصل ۾ ’هندو‘ مان جنم ورتو هو، جيڪو سناتن ڌرم هو. علمي تحقيق ۾ مذهب يا ڌرم کي آڻڻ سان غيرجانبداريءَ تي سواليه نشان لڳي وڃي ٿو.

ان ساڳي لڙائيءَ ۾ ڪجهه قدر علمي حوالي سان هڪ مقالو راجوٽ. اين. پال جو پڻ نظر مان گذريو، جيڪو 2011 جو ڇپيل آهي. A New Light on the Decipherment of Indus-Saraswati Script. يعني سنڌو- سرسوتيءَ جي رسم الخط جي ڀاڃ تي نئين روشني- انهيءَ مقالي ۾ ليکڪ منوسمرتيءَ ۾ ڄاڻايل ’مليڇ واڪ‘ (مليڇا واڪا) ۽ پتنجليءَ واري ’اپباسدن‘ کي انهيءَ سلسلي سان جوڙيو آهي. هي به دراوڙن ۽ آرين جي ورهاست کي قبول نٿو ڪري ۽ سنڌو ماٿريءَ جي ٻوليءَ کي هندستان جي قديم ويدَڪ ٻولي قرار ڏي ٿو، جنهن جي رسم الخط مان برهمي ۽ کروشتي لپيون ٺهيون. هو هندو ڌرمي ڪتابن مان مثال ڏئي ثابت ڪري ٿو ته اهي ٻه قديم طبقا شهري ۽ ٻهراڙيءَ جي ورهاست سبب ٺهيا، پر هئا ساڳئي نسل مان ۽ پاڻ ۾ شاديون مراديون ڪندا هئا. بهرحال سنڌو رسم الخط جي معاملي ۾ اهو رخ به ضرور سامهون رکڻ گھرجي پوءِ ان کي قبول يا رد ڪرڻ لاءِ ڪمپيوٽر جا اڀياس پاڻيهي نتيجا ڏيندا.

جيتريقدر سنڌو ماٿريءَ ۾ ٿيل کوٽاين ۽ اتان مليل مهرن تي لکيل ٻوليءَ پڙهڻ جو سوال آهي ته اسين ان جي ابتدا کان ٿيل ڪوششن جو ٿورو پس منظر به هتي ورجائي سگھون ٿا، ڇاڪاڻ جو اوڻيهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۽ سڄي ويهين صدي سنڌو رسم الخط جي ڀاڃ (decipherment) جي سلسلي ۾ ماهرن جي ڪوشش سان ڀري پئي آهي، جيڪڏهن سڀني جو ڪم هتي نه ڏئي سگھبو ته به بنيادي ۽ اهم ڪم جو سرسري جائزو ضرور پيش ڪري سگھجي ٿو. اهو ان لاءِ به ضروري آهي جو ايڪيهين صديءَ ۾ ٿيندڙ تحقيق جو دارومدار انهيءَ اڳوڻي تحقيق تي آهي، جيڪا سوا سؤ سالن تي مشتمل آهي.

جيڪڏهن مختصر طور سنڌو لکت جي ڀاڃ جا پيرا کڻجن ته معلوم ٿيندو ته سڀ کان پهرين سر اليگزينڊر ڪننگھام (Sir Alexander Cunningham)، هڙپا جي مقام تان ميجر جنرل ڪلارڪ (Clarke) کي 73-1872 ڌاري لڌل هڪ مهر جو ذڪر، ڪلڪتي مان ڇپيل ’آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا‘ جي رپورٽ ۾ ڪيو ۽ راءِ ڏني ته ان مهر تي ڇهن مختلف نمونن جا اکر اڪريل آهن، جيڪي ڪنهن هندستاني ٻوليءَ جا نٿا لڳن ڇاڪاڻ جو انهن اکرن سان جنهن ڍڳي جي تصوير اڪريل آهي، اها هندستان بدران ڪنهن ٻئي ملڪ جي نسبت ڏيکاري ٿي. وري 1884 ۾ به هڪ ٻي مهر لڌي وئي، جيڪا پڻ ساڳئي قسم جي هئي، جنهن تي جيڪا لکت هئي، ان ۾ پنج نشانيون اڪريل هيون. ان مهر جو احوال لانگ ورٿ ڊيلز (Longworth Dales) ڪننگهام واري اڳين مهر سان گڏي ’انڊين اينٽيڪئيري‘ (Indian Antiquery) جي هڪ شماري ۾ شايع ڪيو، جنهن جو عنوان هو ’هڙپا مان لڌل قديم مهرون‘ (Old Seals Found at Harappa) شروع ۾ اهو سمجھيو ويو ته اهي مهرون ڪٿان ٻاهران، شايد بئڪٽريا (Bactria) مان آيل آهن. 1886 ۾ هڪ ٽين مهر لڌي، جيڪا لانگ ورٿ حاصل ڪري برٽش ميوزيم ۾ رکرائي. انهن ٽن مهرن جي باري ۾ جي. ايف. فليٽ (J. F. Fleet) رايل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جي 1912 واري شماري ۾ هڪ مقالو لکيو. هن انهن مهرن تي لکيل لکت کي پڙهڻ جي به ڪوشش ڪئي.

ان وقت تائين ماهرن جو خيال هو ته انهن مهرن ۽ انهن مٿان اڪريل لکت جو دور چوٿين صدي ق. م. جو هوندو. 21-1920 ۾ راءِ بهادر ديارام ساهنيءَ هڙپا واري ماڳ جي کوٽائي شروع ڪئي ۽ ائين هڪ ٻئي پٺيان مهرون ملنديون رهيون، جن جي رپورٽ هن پنهنجي اداري جي سربراهه سر جان مارشل کي ڏني، جنهن 1922ع ۾ ’ڪيمبرج هسٽري آف انڊيا‘ جي پهرئين جلد ۾ هندستان جي قديم يادگارن بابت هڪ باب لکيو، جنهن ۾ هن انهن مهرن جي اصليت ۽ دور بابت لکيو، پر ان کي ڪا گھڻي اهميت ڪانه ملي. ساهنيءَ جي هڙپا واري کوٽائيءَ کانپوءِ 22-1921ع ڌاري آر. ڊي. بئنرجي موهن جي دڙي مان به ساڳئي قسم جون مهرون لڌيون ۽ گڏوگڏ ٻيون ڪيتريون ئي قديم شيون پڻ لڌس. 1924ع ۾ سر جان مارشل انهن مهرن تي به توجهه ڏني ۽ انهن کي ’السٽريٽيڊ لنڊن نيوز‘ ۾ تصويرن سان ڇپرايو ته جيئن دنيا جي توجهه حاصل ڪري سگھي. ساڳئي جرنل جي ٻئي پرچي ۾ پروفيسر سيس (Sayce) نالي هڪ ماهر ان جي جواب ۾ هڪ مضمون لکيو، جنهن ۾ هن انهن سنڌو ماٿريءَ مان مليل مهرن کي ڏکڻ ميسوپوٽيميا جي سميري قديم آثارن مان مليل ساڳئي قسم جي لکت وارين مهرن سان ڀيٽي منجھن هڪجھڙائيءَ بابت لکيو. اهڙي هڪ مهر همورابيءَ جي مندر جي کنڊرن مان لڌي وئي هئي، ان ڪري انهن جو تعلق ثابت ٿيو. انهيءَ کانپوءِ سي. جي. گئڊ (C. J. Gadd) ۽ سڊني سمٿ (Sydney Smith) انهن ٻنهي تصويري لکتن جو تقابلي جائزو وٺي نتيجو ڪڍيو ته سنڌو ۽ سمير جون تهذيبون نه صرف همعصر آهن، پر انهن جو پاڻ ۾ ڪو لاڳاپو به آهي ۽ انهن لکتن جو دور ٽيون يا چوٿون سهس (3000-4000) ق. م. هو. سميري مهرن سان ڀيٽڻ جو اهو سلسلو جاري رهيو. هڪ ٻئي ماهر ايل. اي. ويڊل (L. A. Waddle) 1925 ۾ پنهنجي مضمون ’سنڌو سميري مهرون‘ (Indo Sumerian Seals) ۾  ٻنهي لکتن کي ڀيٽي منجھن هڪجھڙائيءَ جي نشاندهي ڪرائي، پر ان سان گڏ هن سنڌو لکت وارين نشانين ۾ ويدڪ دور جي ديوتائن، مهاپرشن ۽ سورمن جي نالن جا اهڃاڻ به تلاش ڪيا، شايد ان ڪري جو هن موهن جي دڙي جي رهواسين کي آريا سمجھيو هو. ان دور ۾ اهو خيال به عام هو ته ڇاڪاڻ ته موهن جي دڙي جي دور ۽ ويدڪ آرين جي دور ۾ 2000 سالن جي وٿي آهي ان ڪري موهن جي دڙي جي تهذيب غير آريائي هئڻ جو وڌيڪ امڪان آهي. ميڪس ملر (Max Muller) سميت ٻيا به ڪيترا عالم آريا نالي قوم جي وجود ۽ بيان ڪيل سندن لڏ پلاڻ وغيره کان انڪاري هئا. بهرحال 1922 کان 1927 تائين سر جان مارشل موهن جي دڙي جي کوٽائي مان هٿ آيل وٿن کي محفوظ ڪيو ۽ پوءِ 1931 ۾ پنهنجو جڳ مشهور ڪتاب موهن جو دڙو ۽ سنڌو سڀيتا (Mohen jo Daro and Indus Civilization) ٽن جلدن ۾ ڇپرايو، جنهن جي جلد ٻئي ۾ هن سنڌو لکت بابت اڳ ۾ لکيل مضمون به ڏنا، جن مان سي. جي. گئڊ جي مضمون جو عنوان هو: ’آڳاٽي سنڌو رسم الخط جي نشانين جي فهرست‘ (Sign List of Early Indus Script). جڏهن ته ٻيو مضمون سڊني سمٿ جو لکيل هو، جنهن جو عنوان هو سنڌو لکڻين جو ميڪانيڪي انداز (Mechanical Nature of Indus Writings). هنن ٻنهي صاحبن جي راءِ ۾ فرق هو. گئڊ سنڌو لکت کي هڪ پدي (Monosyllabic) انوماني يا تصور تي مبني (Ideogram) لکت قرار ڏنو. جڏهن ته سڊني سمٿ مهرن تي اڪريل نشانين کي پدن تي مشتمل نه پر لفظن تي مشتمل قرار ڏنو ۽ ڄاڻايو ته ڪن صورتن ۾ اهي انوماني نشانيون مفرد لفظ آهن ۽ انهن مهرن تي ماڻهن جا نالا ۽ ڪي خصوصي سڃاڻپ جون نشانيون اڪريل هيون اهو 1924 جو سال هو. ان دوران ڊاڪٽر اي. مئڪي (E. Mackey) پڻ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو ته اهي مهرون گھٽ ۾ گھٽ عيسوي سن کان ٽي هزار سال آڳاٽيون آهن.

سر جان مارشل پنهنجون جيڪي رپورٽون شايع ڪرايون انهن جو اڀياس جاري رهيو ۽ گئڊ، سمٿ ۽ پروفيسر لئنگڊن (Langdon) انهن بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندا رهيا. لئنگڊن 1928 ۾ پنهنجو مقالو ’سنڌو ماٿريءَ جو رسم الخط ‘ (Indus Valley Script) ڇپرايو، جنهن ۾ هن ڪجهه سنڌو ماٿريءَ جي مهرن جو ڪِش (Kish) جي ماڳ تان ملڻ جو ذڪر ڪيو. هن سنڌو نشانين کي مصر جي هيروگلفيءَ لکت سان ۽ ميسوپوٽيميا جي لکت سان ڀيٽي منجهن هڪجھڙاين ۽ فرقن تي روشني وڌي. انهيءَ اهو به چيو ته ان سنڌو رسم الخط مان هندستان جي ’برهمي‘ لپي نڪتل آهي. هن ڪي اهڙا مثال به ڏنا ۽ انهن کي صوتي صورتون سڏيو. لئنگڊن به سنڌو لکت کي پدن تي مشتمل قرار ڏنو ۽ برهميءَ وانگر هر هڪ پد ۾ هڪ وينجن ۽ هڪ سُر جي هئڻ جي ڳالهه ڪئي. البت هن اهو به چيو ته سنڌو لکت ۽ سميري يا پروٽو ايلمائيٽ نشانين جو پاڻ ۾ لاڳاپو ثابت نٿو ٿئي. هوڏانهن وري سنڌو لکت بابت هڪ ٻئي ماهر جي. آر. هنٽر (G. R. Hunter) راءِ ڏني ته موهن جي دڙي ۽ هڙپا ۾ ساڳي ٻولي ملي ٿي، جيڪا هڪ پدي آهي ۽ ڪٿي ساڄي کان کاٻي ته ڪٿي کاٻي کان ساڄي پاسي ڏانهن لکيل آهي. هن انهيءَ ڳالهه جي پٺڀرائي ڪئي ته سامي ۽ فنيقي يا فونيشين لکتون به سنڌو لکت تان ٺاهيل يا ورتل آهن.

جي. آر. هنٽر آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان انهيءَ موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ ٿيسز لکي. اهو دور 29-1926 وارو هو. هن لڳ ڀڳ 750 مهرن جي تقابلي جائزي ذريعي انهن تي اڪريل لکتن جي رسم الخط کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس خيال هو ته اهو رسم الخط صوتياتي (phonetic) هو، حالانڪه ان جو بنياد تصويري يا انوماني هئڻ جو امڪان به ڏيکاريائين.

اڃا سنڌو لکت بابت انهن ماهرن جا اندازا پئي هليا ته هڪ هندستاني اسڪالر پراڻناٿ انهيءَ لکت کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اهو نتيجو ڪڍيو ته سنڌو ماٿريءَ جو رسم الخط دراصل برهميءَ جو بنياد آهي ۽ ان ۾ جيڪي تصويري يا انوماني شڪليون آهن، اهي درحقيقت اکر (اڪشر) ئي آهن، جن جو تعلق برهمي اکرن سان آهي. هن ڪجهه سنڌو اکرن کي پڙهڻ جي دعويٰ به ڪئي ۽ چيائين ته انهن نشانين مٿان ٺهيل اڙين ۽ ليڪُن وغيره جي مشابهت برهميءَ جي ماترائن سان آهي. برهميءَ جي سنڌو رسم الخط مان نڪرڻ واري مفروضي بابت لئنگڊن ۽ پراڻناٿ ۾ همخيالي نظر اچي ٿي، لڳي ائين ٿو لڳي ته لئنگڊن اهو خيال پراڻناٿ کان اڌارو ورتو هو.

هنٽر جي ٿيسز ڇپجڻ کانپوءِ انهيءَ تي بحث جو سلسلو شروع ٿيو، (اها ٿيسز 1995ع ۾ عطا محمد ڀنڀري سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪئي، جيڪا سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ڇپائي آهي، جنهن جو نالو آهي: سنڌو لکت جو بين الاقوامي لکتن سان لاڳاپو). هڪ عالم پي. ميريگي (P. Meriggi) پڻ ان تي ڪم ڪيو ۽ پنهنجي اڀياس کانپوءِ راءِ ڏني ته سنڌو رسم الخط انوماني صوتياتي (Ideophonographic) آهي. هن اهو به چيو ته اهي نشانيون گھڻو ڪري انتظامي مقصدن لاءِ ڪتب اينديون هيون. پوءِ واري دور ۾ ڪيترن هندو عالمن ان کي سنسڪرت طور به پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. سوامي سنڪرنندا جيڪو تانترڪ جو ڄاڻو عالم هو، تنهن سنڌو رسم الخط کي انهيءَ بنياد تي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي پوءِ بي. ايم. برئا (B. M. Brua) اڳتي وڌايو.

1953ع ۾ فادر هيرس (Father Heras) طرفان باقاعدي طور تي پنهنجي پڙهڻين جو اڀياس شايع ڪرايو ويو، جنهن ۾ اڳوڻين سمورين ڪوششن جو تفصيلي جائزو وٺي پوءِ نشانين جا گروهه مقرر ڪيائين، جن ۾ تصويري (Pictographic)، صوتياتي نشانيون (phonetic signs) مرڪب نشانيون ۽ نشانين جا صوتي جوڙ وغيره الڳ ڪيا. هن انهيءَ رسم الخط جي خصوصيتن تي تفصيل سان لکيو ۽ ڪيترائي چارٽ ۽ جدولون ٺاهي انهن نشانين کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان ۾ ڪاميابيءَ جي دعويٰ ڪئي.

انهيءَ دوران اي. ايڇ. دانيءَ پڻ پنهنجو هڪ طريقو اختيار ڪيو، جنهن سان اهو رسم الخط پڙهجي. هن نشانين جي گروهن کي خاص ترتيب سان رکيو، جنهن ۾ ساهوارن، سڃاڻپ ۾ ايندڙ شين ۽ جاميٽريءَ جي شڪلين واريون علامتون ڌار ڪري رکيون، جن ۾ ٽڪُنڊين، چوڪنڊين، بيضوي، ڪنڊائين ۽ منڌيئڙي جي شڪل جھڙين توڙي پيچيده نشانين کي رکيو. ان کان سواءِ عمودي، افقي يا ابتدائي ليڪون ۽ اڙيون به شامل ڪيائين، جنهن کانپوءِ انهن تي تفصيل سان بحث ڪري 1963 ۾ نتيجو ڪڍيائين ته ’سنڌو رسم الخط جيتوڻيڪ گھڻو منجھيل ڪونهي، پر موجوده صورت ۾ ان لاءِ يقين سان ڪجهه چئي نٿو سگھجي. ان کانپوءِ ايس. ڪي. ري (S. K. Ray) پڻ انهيءَ موضوع تي 1963ع ۾ ٿيسز لکي ۽ چيو ته سنڌوءَ وارين نشانين ۾ ٻه اصول نظر اچن ٿا، هڪ اهو ته اصلوڪين نشانين تي زور ۽ ٻيو ته ٻن يا وڌيڪ نشانين جو پاڻ ۾ جڙڻ موجود آهي. سر مارٽيمر ويلر(Sir Mortimer Wheeler) پڻ ان ڏس ۾ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته انهيءَ رسم الخط کي پڙهڻ لاءِ هن وقت ڪا به ٻه- ٻوليائي لکت موجود ڪانهي جنهن ۾ هڪ ٻولي ڄاتل سڃاتل هجي، ٻيو ته اڪثر ڪري ميسر لکتون تمام ننڍڙيون آهن، جن ۾ سراسري طور ڇهه نشانيون ملن ٿيون ۽ وڏي ۾ وڏي لکت ۾ سترنهن نشانيون آهن، ۽ مهرن ۾ اهي محدود نمونن ۾ آهن، ان ڪري ممڪن آهي ته انهن ۾ اسم خاص هجن، جن ۾ ڪٿي ڪٿي اباڻو نالو، لقب القاب يا ڌنڌي پيشي جو ڪو لفظ شامل ٿي سگھي ٿو، پر اصل ۾ ڇا آهي ’اسان کي ڪا خبر نٿي پوي[1].

1964 ۾ سنڌ ۾ سراج (سراج الحق ميمڻ) جو ڪتاب ’سنڌي ٻولي‘ ڇپيو. هن ڪتاب لکڻ کان اڳ سراج جا ڪيترائي مقالا ٽماهي ’مهراڻ‘ رسالي ۾ ڇپيا هئا. سنڌي ٻوليءَ بابت سندس نظريو اهو هو ته اها سنڌو ماٿريءَ جي اصلوڪي (indigenous) ٻولي آهي، ڪٿان ٻاهران ڪانه آئي آهي ۽ نه ئي ڪنهن ٻي ٻوليءَ مان نڪتي آهي. ڪن عالمن ان کي هند-آريائي ۽ سنسڪرت مان نڪتل پئي ڄاڻايو ته ڪن ان کي سامي صفت ٻولي پئي قرار ڏنو ته ڪي وري ان کي دراوڙي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. سراج جو خيال هو ته جيئن ته موهن جو دڙو (۽ هڙپا) يعني سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا تمام قديم آهي ان ڪري ان جي ٻولي به سڀني کان قديم هوندي، جنهن مان پوءِ ٻيون ٻوليون ڦٽي نڪتيون هونديون. هو پروٽو دراوڙي، پروٽو آريائي ۽ هن خطي جي ٻين قديم ٻولين جي ساڳي ماءُ (parent) هئڻ جي ڳالهه ٿو ڪري، جيڪا هن ماٿريءَ جي ٻولي ئي هئي. سراج سنڌو رسم الخط مان برهميءَ جي نڪرڻ واري ڳالهه به ڪئي ۽ نوح ڪريمر جي ان ڳالهه جي به تائيد ڪئي ته سميري تهذيب ۽ ٻوليءَ جو واسطو سنڌو تهذيب ۽ ٻوليءَ سان ضرور ثابت ٿئي ٿو پر اهو قبول نه ڪيو ته ڪو سنڌي انهيءَ سٿ جي ٻولي آهي، بلڪ خود سنڌيءَ انهيءَ تي اثر وڌو هوندو. سراج سنڌو لکت جي نشانين کي ملهه ڏئي ڪجهه سٽون پڙهڻ جي به ڪوشش ڪئي ۽ پنهنجي ڪتاب ۾ انهيءَ تي بحث به ڪيو.

سٺ جي ئي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي هڪ ٻئي عالم ڊاڪٽر غلام علي الانا ’سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد‘ نالي ڪتاب لکيو. بعد ۾ هن ٻيا به ڪيترائي ڪتاب لکيا. سنڌي ٻوليءَ کي هو به هتان جي اصلوڪي ٻولي قرار ڏي ٿو، جنهن کي هو ’سنڌو ئي‘جو نالو ڏي ٿو. ڊاڪٽر صاحب سنڌي ٻوليءَ بابت اها راءِ ٿو رکي ته جيئن ته 5000 سال پراڻي سنڌي ڪلچر ۽ سڀيتا جو تسلسل اڄ به سنڌ ۾ موجود آهي ته ٻوليءَ ۾ ضرور ساڳيو تسلسل هوندو. ان ڪري ضروري آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي لکت کي ان پس منظر ۾ پڙهجي. هن سنڌي ٻوليءَ ۾ مختلف شعبن ۾ مروج ڪيترن ئي لفظن جون لڙيون ڏنيون آهن، جن کي آريائي، دراوڙي ۽ ٻين لفظن سان ڀيٽي پنهنجي راءِ قائم ڪئي اٿس. سنڌ مان ئي ايم ايڇ پنهور به ان ڏس ۾ پنهنجن خيالن جو ڀرپور اظهار ڪيو. سندس هڪ مقالو ستر جي ڏهاڪي ۾ “Sindh Through Centuries” سيمينار ۾ پڙهيائين. ان کانپوءِ 1981 ۾ سالياني سنڌي ادبي ڪانفرنس ۾ به تقرير ڪيائين. سندس مؤقف اهو هو ته سنڌ ۾ هن وقت جيڪا ٻولي ڳالهائجي ٿي، اها ’پروٽو انڊين‘ يعني آڳاٽي هند جي ٻولي هئي ۽ دراوڙن سان ان جو تعلق گھڻو آڳاٽو ڇڄي چڪو هو ۽ ٻولي ڪنهن به صورت ۾ دراوڙي نٿي ٿي سگھي. ان ڪري ان بنياد تي رسم الخط جي ڀاڃ مان ڪجهه به حاصل ڪونه ٿيندو.

هندستاني عالمن مان ڪرشن رائو جو ڪتاب: Indus Script Deciphered ، 1982 ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن ۾ هن مهرن تي اڪريل نشانين جا صوتي ملهه مقرر ڪري پڙهيون ترتيب ڏنيون. هو دعويٰ ٿو ڪري ته هن سنڌو لکت کي پڙهي ورتو آهي، (جنهن کي ثابت ڪرڻ ڏکيو آهي). سميري، مصري ۽ فنيقي نشانين جا اهڃاڻ سنڌو لکت ۾ نظر ٿا اچن، جنهن مان هو نتيجو اخذ ڪري ٿو ته قديم سنڌ جي ماڻهن جا انهن لوڪن سان واپاري ۽ سماجي ناتا هوندا، ان ڪري اتان سنڌو مهرون به مليون آهن. هندستان جي سنڌي عالمن مان مرليڌر جيٽلي ۽ لڇمڻ خوبچنداڻيءَ به سنڌي ٻوليءَ بابت قابل قدر ڪم ڪيو آهي ۽ هنن جو نظريو ساڳيو ئي هند آريائي ٻولي هئڻ وارو آهي، پر هنن سنڌو رسم الخط جي ڀاڃ جي سلسلي ۾ گھڻو ڪونه لکيو آهي. مغربي عالمن مان ڪينوائر ۽ فيئر سروس به ان موضوع تي ڪم ڪيو. سنڌو لکت جي ڀاڃ جي حوالي سان بيان ڪيل هن سموري اڀياس ۽ اتهاس ۾ جن ٻين ماڻهن قابل قدر ڪم ڪيو آهي انهن مان روس ۾ ڪمپيوٽر تي مايا لپي پڙهندڙ يوري ڪنوروزوف (Knorozov)، فنلينڊ جو آسڪو پرپولا ۽ ڏکڻ هندستان جو اروٿم مهاديون اهم آهن. پويان ٻئي صاحب سنڌو رسم الخط جي ڀاڃ انهيءَ مفروضي کي بنياد بنائي ڪري رهيا آهن ته اها سنڌو ماٿريءَ جي ٻولي پروٽو دراوڙي آهي ۽ انهيءَ حوالي سان نه صرف نظرياتي طور پر ڪمپيوٽر جي ذريعي اڀياس ذريعي به هنن انهيءَ مفروضي کي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

هنن ٻنهي صاحبن جيڪو قابل قدر ڪم ڪيو آهي اهو آهي سنڌو مهرن تي مليل لکت ۾ موجود نشانين جون فهرستون ۽ ڏسڻيون. (Corpus and Concordances) ڇپرائڻ، جنهن جي ڪري سنڌو رسم الخط تي ڪم ڪندڙ ماهرن ۽ اسڪالرن کي تمام گھڻي سهولت ملي ٿي، پرپولا جو ڪتاب Deciphering the Indus Script ڪيمبرج يونيورسٽيءَ 1994 ۾ ڇپايو. سندس ٻيو ڪتاب Corpus of Indus Seals and Inscriptions هن مارڪ ڪينوائر سان گڏجي مرتب ڪيو. جڏهن ته مهاديون جي ڏسڻي The Indus Script, Texts, Concordance and Tables / 1977 ۾ ڇپيو. اهو هڪ اهم حوالاجاتي ڪتاب آهي. هنن ٻنهي صاحبن جو 21 صديءَ تائين سنڌو رسم الخط جي ڀاڃ لاءِ اختيار ڪيل سائنٽفڪ ۽ ڪمپيوٽرائزڊ ڀاڃ جو طريقو ۽ ان سڄي تحقيق ۾ ادا ڪيل ڪردار ساراهڻ جوڳو اهي. (ان بابت مٿي احوال اچي چڪو آهي).

سنڌو لکت جي ڀاڃ جي سلسلي ۾ هڪ اهم نالو اي. آر. راءُ جو به آهي، جنهن سنڌو لکت جي ڀاڃ (Decipherment of Indus Script) لکيو. ان کانسواءِ سندس هڪ ٻئي ڪتاب: Dawn and Devolution of Civilization 1991)) ۾ هڪ باب سنڌو لکت بابت هو، جنهن ۾ هن اها راءِ ڏني ته سنڌو لکت برهمي ۽ سامي لکت کان گھڻي آڳاٽي آهي. ان ڪري اهو چوڻ درست ٿيندو ته برهميءَ ۽ ساميءَ واريون نشانيون سنڌو رسم الخط کان ورتل آهن. هن جي تحقيق موجب سامي لکت ۽ سنڌو لکت ۾ 17 نشانيون بنهه هڪجھڙيون آهن ۽ برهمي لکت ۽ سنڌو لکت ۾ 16 نشانيون ساڳيون آهن. (ايس. آر. رائو جي انهيءَ باب جو سنڌي ترجمو عطا محمد ڀنڀري ’سنڌو لکت ۽ ٻولي‘ جي عنوان سان ڪيو جنهن کي سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ 1994 ۾ شايع ڪرايو). عطا محمد ڀنڀري پاڻ به سنڌو لکت جي ڀاڃ جي سلسلي ۾ ڪوشش ڪئي آهي.

هندستان جي هڪ ٻئي ماهر سيد ابو جلال ندويءَ قديم آثارن، ڪتبن وغيره جي باري ۾ گھڻي تحقيق ڪئي آهي ۽ هو اهڙي تحقيق ڪرڻ جي خيال کان پاڪستان لڏي آيو. سنڌو لکت بابت سندس ويچار بلڪل مختلف ۽ منفرد آهن. هن جو چوڻ آهي ته عبراني، عربي ۽ سنسڪرت لاءِ ڪم ايندڙ لپيون (رسم الخط) موهن جي دڙي جي رسم الخط واري بنياد مان نڪتل آهن. هو لکي ٿو ته موهن جي دڙي جي رسم الخط جو تعلق قديم عبراني ۽ عربي زبانن سان آهي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌو ماٿريءَ جي ان قديم تهذيب جو ٻين نبين جي امتن ۽ مسلم تهذيبن سان گھرو تعلق هو. سنڌو رسم الخط عرب سرزمين تائين سفر ڪيو، جتي قرآن شريف کان اڳ واري رسم الخط کي چوندائي ’مسند‘ هئا، جنهن مان سنڌ جي رسم الخط جي پهچ جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو. جيتوڻيڪ ابو جلال ندوي ان ڳالهه تي زور ٿو ڏي ته سنڌو لکت ئي انهن تهذيبن جي لکتن جو بنياد بڻي، پر آخر ۾ وري اهو ٿو چوي ته اهو ان ڪري ٿيو جو سنڌ جا ماڻهو عربي النسل هئا ۽ سندن ٻولي سامي گروهه جي ٻولي هئي. قديم سنڌو ٻولي، قديم عربي ۽ قديم عبراني سڀئي ساڳئي سٿ جون ٻوليون هيون. اتي ندويءَ جي تحقيق ۾ مذهبي جذبو شامل نظر اچي ٿو، جيڪا ڳالهه تحقيق جي غيرجانبداريءَ کي گھٽائي ٿي ڇڏي.

ويهين صديءَ ۾ سنڌو رسم الخط جي ڀاڃ (decipherment) لاءِ ٿيندڙ هيترين سارين ڪوششن جي باوجود جڏهن ان ۾ خاطر خواهه ۽ هر ڪنهن لاءِ قابل قبول ڪاميابي نه ٿي ته پوءِ ايڪيهين صديءَ ۾ ماڳهين اهو سوال اٿاريو ويو ته ڪٿي ايئن ته ڪونهي ته انهيءَ جي لکتن ۾ ڪا ڳالهائجندڙ ٻولي هجي ئي نه ۽ اهو ڪو غيرلساني (غير ٻوليائي) نشانين جو نظام هجي. ان سوال ۽ ان جي جواب ۾ لکيل مقالن ۽ بحث مباحثن کي هن ڪتاب ۾ ترجمو ڪري ڏنو ويو آهي ته جيئن سنڌو رسم الخط بابت جديد ترين تحقيق جي جھلڪ ڏيکاري سگھجي.

ڊاڪٽر فهميده حسين

 

[1]  حوالو: First International Sypstosim on Moen’jo daro, edited by Ahmed Nabi Khan 1973-National Book Foundation – Karachi. Lahore Peshawar Quetta.