سنڌو لکت ايڪيهين صديءَ ۾ ٿيل نئين تحقيق

ڪتاب جو نالو سنڌو لکت ايڪيهين صديءَ ۾ ٿيل نئين تحقيق
ليکڪ ڊاڪٽر فھميده حسين
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-97-0
قيمت 250    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (361) PDF  E-Pub
انگ اکر

18 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     2615   ڀيرا پڙهيو ويو

ناشر نوٽ


سنڌي ٻوليءَ جي قدامت، اصليت ۽ نوعيت، ان جي رسم الخط جي اندر موجود ٻوليءَ مان ئي پرکي سگهجن ٿيون. گذريل ڏيڍ صديءَ کان موهن جي دڙي ۽ هڙپا مان مليل سنڌو لکتن جي لپيءَ يا رسم الخط جي ڳجهارت کي ڀڃڻ سمجهڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن، پر انهن ۾ ڪا خاطر خواهه ڪاميابي نه ٿي سگهي آهي، جنهن جي ڪري ايڪيهين صديءَ ۾ اچي ڪن عالمن اهو شڪ ظاهر ڪرڻ شروع ڪيو آهي ته ڪٿي ائين ته ڪونهي ته انهيءَ رسم الخط ۾ مرڳوئي ڪـا ٻولـي آهي ئي ڪـا نه! ۽ اهي مـحض ڪـي غـير لـسانـي عـلامتون آهن. انهيءَ شڪ ظاهر ٿيڻ کانپوءِ سنڌو رسم الخط جي ڀاڃ تي سالن کان نور نچوئي ڪم ڪندڙ عالمن ۾ بيچيني پيدا ٿيڻ سڀاويڪ آهي، جنهن جي ڪري هنن نه صرف پنهنجي ڪم کي تيز ڪري ڇڏيو آهي، بلڪ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ ۽ جديد لسانيات جي علم جي مدد سان ڪيترائي تجربا ڪري، نتيجا ڪڍي، دليلن سان جواب تيار ڪري ڇپرايا آهن ۽ اهو ثابت ڪيو آهي ته بنا شڪ شبهي جي سنڌو رسم الخط هڪ ٻولي رکندڙ لساني رسم الخط آهي.

هن ڪتاب ۾ ايڪيهين صديءَ ۾ ڇپيل اهڙن ڪجهه مقالن جو ترجمو پيش ڪيو ويو آهي، جيڪي نه صرف تحقيق جا نوان ڏس ۽ گس ڏيکارين ٿا، بلڪ ان موضوع تي سنڌ جي نوجوانن کي پڻ تحقيق لاءِ اتساهي سگهن ٿا. سنڌو ماٿريءَ مان مليل مهرن تي جيڪي نشانيون ملن  ٿيون هنن مقالن ۾ انهن لاءِ ڪيترائي جدا جدا اصطلاح ڪتب آيل آهن، جيئن: اڪريل لکتون (Inscriptions)، متن (Texts)، عبارتون (Manuscripts) وغيره، جيڪي جنهن لپيءَ ۾ لکيل آهن، ان کي رسم الخط (Script) ۽ تحرير جو نظام يا لکڻ جو سرشتو (Writing System) وغيره چيو ويو آهي. انهن جو ترجمو مفهوم جي مناسبت سان ڪيل آهي ته جيئن ڪو مونجهارو نه رهي، پر جيئن ته اسان وٽ سنڌ ۾ عام طور ”سنڌو لکت“ جو اصطلاح مروج آهي ۽ ڪيترائي ڪتاب ان اصطلاح سان ڇپيل به  آهن، ان ڪري هن ڪتاب جو نالو پڻ ”سنڌو لکت- ايڪيهين صديءَ ۾ ٿيل نئين تحقيق“ رکيو ويو آهي ته جيئن سلسلو قائم رهي.

اسـان کي اميد آهي ته سنڌي ٻوليءَ سان محبت ۽ سنڌو لکت جي ڀاڃ سان دلچسپي رکندڙ سمورا پڙهندڙ هن تحقيق جي اڀياس کانپوءِ اسان جي ان خواهش سان سهمت ٿيندا ته ڪاش ڪو سنڌي نوجوان به ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ ۽ جديد لسانيات جي علم ۾ مهارت حاصل ڪري سنڌي لکت جي ڀاڃ ۾ ڪو ڪردار ادا ڪري سگهي، نه ته اسان جي هن ورثي جا دعويدار ۽ وارث ڪي ٻيا ٿي پوندا.

 

ڊاڪٽر فھميده حسين

چيئرپرسن