سنڌي رسم الخط بابت مقالا ۽ مضمون

ڪتاب جو نالو سنڌي رسم الخط بابت مقالا ۽ مضمون
ليکڪ مختيار احمد ملاح
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-053-1
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (425) PDF  E-Pub
انگ اکر

12 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     4227   ڀيرا پڙهيو ويو

مقدمو


ڪجهه ڏينهن اڳ، هڪ سنڌي دوست موبائيل فون تي مسيج (پيغام) موڪليو جنهن ۾ لکيل هو  ته ye mera naya no hai issko save karu هي منهنجو اهو دوست هو، جيڪو هميشه قومپرستي جون ڳالهيون ڪندو آهي، يونيورستي مان پڙرهيل آهي. سنڌ تي ٿيندڙ زيارتين بابت هميشه موبائيل فون مسيج موڪليندو آهي. ٻوڏ وارن ڏينهن ۾ تباهه ٿيندڙ شهرن ۽ ڳوٺن کان سڀني دوستن کي آگاهه ڪندو رهيو، پر افسوس جو پنهنجي لفظن جي الجهار کي سنڌي ٻولي ۾ ڏيڻ لاءِ هن وٽ موبائيل فون تي اکر لکڻ ڪو نه ٿي آيا. هي مسئلو صرف منهنجي دوست جو نه آهي، اهو اهم مسئلو سنڌ جي 90 سيڪڙو عوام جو آهي، جن وٽ اها الفابيٽ نه آهي، جنهن سان سنڌي ۾ موبائيل فون تي پيغام موڪلي سگهن.

اڄ ايڪوهين صدي ۾ جڏهن ترقي يافته ٻولين جو سمورو علم و ادب ڪمپيوٽر ذريعي انٽرنيٽ تي منتقل ٿي رهيو آهي، تڏهن به اسان وٽ اهو ساڳيو سوال ڪر کنيو بيٺو آهي ته سنڌي اَربائي زبان آهي يا غير اَبارئي! موهن جي دري وارا رهواسي سنڌي هئا به يا نه. سندن ٻوليءَ سان اسان جو واسطو ٺاهجي يا نه؟ سنڌي ٻولي عربي جي دؤر کان مختلف لپينن ۾ لکجندي ٿهي آئي، پر ڏيکارڻ لاءِ اسان وٽ ڪو ثبوت به نه آهي. البته عربن جيڪي سفرنامه لکيا، اهي به موجود آهن، جيڪي فارسي ۾ ڪتاب تحرير ٿيا اهي به موجود آهن. اسماعيلي مبلغن، جيڪو مذهبي علم و ادب پنهنجي لپي4 ۾ تحرير ڪيو اهو به موجود آهي. پر سنڌي زبان ۾ تحرير ٿيل ڪا به کت، ڪنهن به لپي4 ۾ موجود نه آهي. انگرزن جي دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي موجوده الف به تيار ٿي. ان جو سڄو رڪارڊ موجود آهي. تڏهن به سوال ٿا اٿارجن ته مرزا صادق علي، مرزا قليچ وارو وڏو ڀاءُ هو يا شڪارپور وارو استاد هو يا فلاڻا هڪ اکر غلط سنڌي ٻوليءَ جي رسم الخط ۾ شامل ڪيا ويا آهن سو ڇو؟ اهڙي قسم جا ٻيا به ڪيترائي سوال اڀرن ٿا، جن متعلق هن مقدمي ۾ تفصيل سان بحث ڪيا ويا آهن.

اڄ ايڪوهين صديءَ جي انسان چنڊ کان به اڳتي مريخ تي قدم رکيا آهن. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ڪرامتي ايجادن دنيا کي هڪ ڳوٺ بڻائي ڇڏيو آهي. دنيا جون تهذيبون ۽ ثقافتون هڪٻئي جي ويجهو اچي رهيون آهن، فاصلا گهٽجي رهيا آهن، ٻوليون هڪٻئي جو اثر قبول ڪري رهيون، نوان لفظ، سائنسي يا غير سائنسي هڪٻئي ۾ ضم ٿي رهيا اهن. ثقافتي ورثن جي کوٽائي مان نيون تهذيبون ظاهر ٿيون آهن. مصر جي مميز (Mammies) کان ويندي موهن جي دڙي جي مورتين تائين تاريخ جي اڀياس کي نوان رخ ڏنا آهن. پر اسان وٽ جمود آهي. اسان وٽ تحقيق اڀرندي ضرور آهي پر اسري نه سگهندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو سر جان مارشل کان وٺي اڄ تائين موهن جي دڙي جي لکت پڙهجي نه سگهي آهي. جيتوڻيڪ ڪيترن ئي ڏيهي ۽ پرڏيهي عالمن پئي ڪوشس ڪئي آهي. شايد اڃان تائين منظم نموني ڪوشش نه ٿي هجي. جيتوڻيڪ اڄ ادارا به آهن، ٻوليون ڄاڻيندڙ به آهن، ٻولي جي سکيا لاءِ ليبارٽريون به آهن، عمده تحقيق لاءِ ڪمپيوٽر به آهن. اهڙي نموني سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت به صحيح نموني تحقيق نه ٿي آهي. سنڌي رسم الخط جي ابتدا بابت به ڪيترائي مفروضا ۽ اندازا آهن، جن جي آڌار تي سنڌي رسم الخط جي تاريخ جي ڀرپور ڄاڻ نه ٿي ملي. ڌاريا آيا سالن تائين عربي، فارسي جي الف ب مسلط ڪندا رهيا، پنهنجا آيا تڏهن به پنهنجي ٻوليءَ کي رياستي ٻولي بڻائي نه سگهيا.

اڳي اسان ان ڳالهه تي فخر محسوس ڪندا هئاسين ته سنڌي ٻولي ڌارين/ پاڙيسري ٻولين جا ڪيترائي لفظ پاڻ ۾ جذب  ڪيا آهن ۽ پنهنجو وجود به برقرار رکيو آهي. اڄ پاڙيسري ٻولين جي گهر ۾ گهڙي اچڻ ڪري سنڌي ٻولي جي مستقبل جي ڳڻتي ٿي پئي آهي. خاص طور تي لکت واري ٻولي (Written language) گهٽجي رهي آهي. سنڌي ۾ لکجندڙ انگ (Numbers) تقريباً ختم ٿي چڪا آهن. اڄ اسان سنڌي ميڊيم اسڪول جي ڳالهه ته ڪري رهيا آهيون، سنڌي نصاب جي پهرين درجي کان يونيورسٽيءَ تائين نافظ ڪرڻ جي ڳالهه نه ڪري رهيا آهيون، پر جديد ٽيڪنالاجي، جهڙوڪ موبائيل فون ۽ ڪمپيوٽر انٽرنيٽ لاءِ اسان وٽ ٻوليءَ جي فروغ جي غربت آهي يا موجوده الف به ۾ تبديلي جي ضرورت آ، ڪجهه سال اڳ، جڏهن اڃان انٽرنيٽ، گوگل سرچ يا موبائيل فون جي استعمال دنيا جي هن خطي ۾ عام نه ٿيو هو. تڏهن ڪجهه دور انديش عالمن ٻولي کي جديد ٽيڪنالاجي جي چيلنجز سان منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجو تجويزون ڏنيون هيون، جن تي اڄ سوڌو طنز ۽ تنقيد ٿيندي اچي پئي. ان بحث تي اڳتي ياڃان تفصيل سان وڌائينداسين. اچو ته سنڌي صورتخطي جي باري ۾ مروڄ نظريا ۽ انهن جو تنقيدي جائزو وٺون.

1853ع ۾ موجوده رسم الخط وجود ۾ آئي. پر رسم الخط جي تاريخ جي ڳولا ان ڏينهن کان شروع ٿي، جڏهن 1925ع ۾ سر جان مارشل موهن جي دڙي جي کوٽائي جو ڪم شروع ڪيو. کوٽائي مان هٿ آيل مهرن ۽ انهن تي اڪريل لکت تحقيق لاءِ نوان دروازا کوليا، جنهن مان خبر پئي ته هتان جا رهندڙ ماڻهو جيڪا ڳالهائيندا هئا اها ٻولي لکي به سگهندا هئا. موهن جي دڙي جي رسم الخط کي ظاهر ٿئي اڄ 85 سال ٿي چڪا آهن، پر ڪو به ڏيهي يا پرڏيهي عالم ان کي پڙهي نه سگهيو آهي ۽ اهو به نه ٻڌائي سگهيو آهي، موجوده سنڌ جو ان تهذيب، قوم يا رسم الخط سان ڪهڙو رشتو هو، جن عالمن ان ڏس ۾ ڪيو آهي، انهن ۾ گئنسي نڪولي (1933)، پيروون ميرگي (1934)، سي ايل فيئري (1937)، سوامي شنڪر آنند (1943)، پروفيسر بي ايم بروئا (1946)، هينري هيراس (1953)، ڪرماڪ (1954)، پروفيسر بانڪا بهاري (1975)، سويت ماهرن جي گڏيل ٽيم (1983، 1973، 1979)، ڊاڪٽر والٽر اي (1987)، احمد حسين داني (1993)، سراج الحق ميمڻ (1964)، ديو پرڪاش شرما (2000)، عطا محمد ڀنڀرو (2007) ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن. عطا محمد ڀنڀري جو ڪتاب ”سنڌو لکت جي ڀاڄ“ 2007ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ هن صاحب پنهنجي 20 سالن جي جاکوڙن سان، ٻين محققن جي پڙهڻي سانسهمت ۽ اسهمتت ٿيندي، پنهنجي طور سنڌي لکت جي اکرن جو ڳجهه دريافت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. بين الاقوامي سطح تي ڪنهن به محقق ايتريون گهڻيون محرون ناهن پڙهيون، ڀنڀرو صاحب پ نهنجي ڪتاب جي مهاڳت ۾ لکي ٿو ته :

”هي قديم لکت ساڄي کان کاٻي طرف لکي ويندي هئي، جي آر هنٽر (G.R Hunter) اهو پهريون ماڻهو آهي، جنهن معلوم ڪري ورتو هو ته سنڌي لکت ساڄي کان کاٻي طرف لکي ويندي هئي. اهو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته اهي قديم دور ۾ سامي ۽ خروشتي ٻوليون به سنڌوءَ لکت جيان ساڄي کان کاٻي طرف لکيون وينديون هيون. سنڌو لکت کي ڀڇڻ ۾ ڏکيائي ان ڪري محسوس ٿي رهي آهي، جو هن لکت جي تحرير ٿورين نشانين تي مشتمل آهي ۽ تحريرن جو تعداد به ٿورو لڌو ويو آهي. سمير ۽ مصر جون لکتون ان ڪري پڙهجي سگهيون آهن، جو انهن جون تحريرون ڊگهيون لکڻيون به جهجهي انگ ۾ هٿ اچڻ لڳيون آهن. نظر ائين به اچي ٿو ته سنڌو لکت جي طرف ۾ ڦير ڦار 1400 ق-م  ۾ آئي آهي.“

مٿئين بحث مان ثابت ٿيو ته آرين جي اچڻ کان گهڻو اڳ هتان جا ماڻهو جيڪا ٻولي ڳالهائيندا هئا، اها لکي به سگهندا هئا. ويد ننڍي کنڊ جا سڀ کان قديم ۽ ادبي خزانو آهن،  جن متعلق عام طرح راءِ اها بيٺي آهي ته 15 سؤ کان ٻه هزار قبل مسيح جي عرصي جا لکيل آهن. ويدن ۾ گنگا جو ذڪر صرف ٻه دفعا ملي ٿو پر سنڌو ۽ ان جي شان کي ٽيهه ڀيرا ڳايو ويو آهي.

اجهل اڻ موٽ سنڌو، ٻل واري ، سگهاري سڌو،

ڏيهن ۾ ميداننن مان

اڀار پاڻي جا ڦهلاوَ کڻي،

جرڪندي، ڪڙڪاٽ ڪندي وهندي رهي ٿي،

جهڙي ابلق گهوڙي، سونهاري ۽ سوڀيان واري،

سنڌو ڀلن گهوڙن ۾ شاهوڪار رٿن ۽ ويس وڳن ۾،

سهڻي گهڙيل سون ۾ شاهوڪار، اڻ مئي مايا جي مالڪ،

هتان ڳالهه نيڻ ٺار ۽ لذت وارا،

ان (بشم) اهڙي جو ويٺو ڏس،

شربت جو ميٺاج نه پڇ.

رامائڻ ۽ مها ڀارت ۾ سنڌ جو ذڪر ان جي گهٽ ذات وارن ماڻهن جي حوالي سان ٿهيو آهي. ان کان پوءِ ڇهين صدي مسيح تائين تاريخ گم آهي، جڏهن ايران جي آڪهانين سنڌوءَ ماٿري جي هلان ڪئي. ايران جي ڊارس پهرين يوناني ايڊمرل اسڪيلس کي سنڌ جي سرزمين ۽ سامونڊي رستي ڳولڻ لاءِ موڪليو، ان کانپوءِ ايران ۽ هندستان جي وچ ۾ سنڌوءَ درياهه هڪ سرحد بڻجي پيو. ٽي صديون قبل مسيح ۾ سڪندر اعظم ڌوڪيندو ملتان پهتو، جتي اتان جي شهزادي جي بهادري ڏسي کيس ملڪي واڳون موٽائي ڏنائين. 261ع قبل مسيح ۾ اشوڪ اعظم جنگ کان نفرت ڪندي ٻڌمت اختيار ڪيو. پوءِ باختري يوناني آيا، انهن جي مختلف حاڪمن کانپوءِ پڙٿين آيا ۽ يوناني ۽ ساڪائين هٿان مارون کائي واپس موٽيا. اهڙي طرح وچ ايشيا مان ”يو ئي چي“ قبيلي جا ڪٽڪ آيا، وري ڪثنس جو وارو آيو. جنهن کانپوءِ ايران ساساني ظاهر ٿيا ۽ جهرام گور سنڌ جي ڪهاڻيءَ کي ڪلائمڪس ۾ ڀٽڪائڻ جو هڪ وڌيڪ ڪردار داخل ٿيو. چندر گپت جي عروج سان سندس وزير پنڊت چاڻڪيا سماجي ادارن کي ٻيهر ورجايو ۽ ٻڌمت جي سياسي هستي کي ڌڪ رسايو.

هي تاريخ جو وڏو عرصو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي سر زمين تي ڪيترائي ڌاريا حڪمران آيا ۽ ويا. اهو ئي سبب آهي جو، سنڌي ٻوليءَ جي وجود، رسم الخط، ادبي اٿل، سماجي ۽ سياسي قدرن وغيره جي باري ۾ مختلف رايا ۽ مفروضا آهن. گهڻن جو خيال آهي ته سنڌ جي اصلوڪي ٻولي سنسڪرت هئي، جا براهمي آئيوٽا ۾ لکي ويندي هئي. راءِ دؤر لاءِ به خيال آهي ته سنسڪرت، هندي ۽ فارسي ملاوٽ سنڌي زبان هلندڙ هئي، اهڙي طرح ساڳي تسلسل ۾ برهمڻ دؤر لاءِ به محققن لکيو آهي ته سنڌ جا عالم ڇاپ خانن نه هوندي به ويدانيت، الاهيات، فلسفي، طب، نجوم، ادب ۽ اخلاقيات جي باري ۾ ڪيترائي ڪتاب تاليف ڪيا هئا، جن کي مڪتبن ۾ لکيو ۽ پڙهايو ويندو هو. پر وفيسر منگارام ملڪاڻي پنهنجي ڪتاب ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ۾ لکيو آهي ته هندستان تي راڄ ڪندڙ ٻوڌي راجائن جي زماني ۾ سنڌو ۾ ڪجهه قدر پالي ڪم ايندي  هئي ۽ براهمڻ راجائن جي ڏينهن ۾ پراڪرت ڪتب ايندي هئي.

عرب سياحن کان اڳ چيني سياحن به سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ رسم الخط جي باري ۾ گهڻو ئي لکيو آهي. انهن ۾ فاهين (Fi hien) ۽ هوان ٽسنگ(Huan Tsang) قابل ذڪر آهن. عربن جي دؤر کان اڳ جي ڪيترن ئي سنڌي ڪتابن جو ذڪر ملي ٿو، جن کي بعد ۾ عربن عربي ۾ ترجمو ڪرائي ڇڏيو. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌي ڪتابن ۽ رسم الخط جو رواج موجود هو پرر جئين ته اهو علم ادب محفوظ رهي نه سگهيو، تنهن ڪري انهن جي رسم الخط جي باري ۾ يقين سان چئي نٿو سگهجي.

سنڌي ٻوليءَ ۽ رسم الخط جي لحاظ کان عربن جو دؤر انتهائي اهم آهي. عربن سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح سنڌ تي ٽي سؤ سال حڪومت ڪئي. عربن جي دؤر ۾ سنڌ جي سنڪرت ۽ هندستان جي ٻين ٻولين کان رخ عربي ڏانهن ٿيو. هن دور ۾ سنڌي زبان جي نئين سر تشڪيل ٿي. ٻوليءَ جي نفسياتي ڪيفيت ٻدلي، ٻولي جي تمدني سرمائي ۾ واڌارو ٿيو ۽ ٻوليءَ جي سٽاءَ، صورتخطي ۽ حرف و نهُ تي اثر پيو. سنڌي ٻولي عربي صورتخطي ۾ لکجڻ لڳي. جاحظ کان وٺي البرونيءَ تائين جيڪي به  عالم، جاگرافيدان ۽ محقق سنڌ ۾ آيا، تن سڀني سنڌ ۾ ڌار ڌار رسم الخطن جو ذڪر ڪيو آهي، پر افسوس جو ان زماني جا عربي ڪتاب به محفوظ آهن، سنڪسرت جا ڪتاب به محفوظ آهن، پر سنڌي زبان جو رسم الخط ۾ لکيل ڪو به ڪتاب ڪونهي. جاحظ لکيو آهي ته ”سنڌ جي ماڻهن جو هڪ خاص سنڌي خط آهي.“

 اصطخري لکيو ٿو ته ”منصوره، ملتان ۽ ان جي مضافات جي ماڻهن جي ٻولي سنڌي ۽ عربي آهي.“

ابن هوقل لکيو آهي ته ”منصوره، ملتان ۽ آسپاس جي  علائقن ۾ عربي ۽ سنڌي زبان رائج آهن.“

البروني مطابق اردناري خط ڀاٽيه ۽ ڪجهه سنڌ ۾ به مروج آهي.“عربي زبان ۾ سنڌي ٻوليءَ تي اثر تمام نمايان آهي، سنڌي ٻولي ۾ لفظن جو وڏو ذخيرو داخل ٿيو. روز مره جا لفظ، ديني اصطلاح، وڻج واپار وارا لفظ، روزانا جا نالا، شهرن جا نالا، ماڻهن جا نالا، مطلب ته ٻوليءَ جي هر پهلوءَ تي اثر پيو.

عربي تعليمي سرشتي ڪري عربيءَ جا اکر سنڌي الف ب ۾ شامل ٿيا. حروف علت جو استعمال وڌيو. عربي گرامر جو اثر پيو ۽ ٻين علمن جو رواج پڻ وڌيو.

 سنڌي جي تاريخ جو پهريون مستند ماخذ ”چچ نامون“ هن دؤر ۾ عربي زبان ۾ ”فتح النامه الند“ جي نالي سان لکيو ويو. هن دور سان وابسته راجا ڏاهر جي خطن جو احوال به ملي ٿو. پر انهن سڀني کان وڌيڪ، ان ڏس ۾ معلوم ٿئي ٿو ته قرآن شريف جو ترجمو سنڌي ۾ ڪيو ويو. سنڌي- عربي رسم الخط جي امڪانن باوجود اها خبر نه ٿي پوي ته اهو ترجمو ڪهڙي رسم الخط ۾ ٿيو. البته عربن جي دؤر سان وابسته هڪ سنڌي شعر ملي ٿو، جنهن مان عربي خط جي خبر پوي ٿيو. ار بره کنکره، کراکري مندره.

عربن جي دؤر کان پوءِ سومرا دؤر حومت آئي. سومرا مقامي هئا، سنڌي زبان سندن مادري ٻولي هئي. هن دور لاءِ خيال آهي ته ”عربي“ سنڌ جي دفتري زبان هئي. پر ڪن عالمن جو خيال آهي ته ”سنڌي“ سرڪاري زبان هئي. پر هن دور سان وابسته ڪو به عربي ۽ سنڌي ڪتاب نه مليو آهي. البته هن ئي دور ۾ فارسيءَ جو اثر شروع ٿي چڪو هو. علي ڪوفي ۽ قلندر لعل شهباز هن ئي دور ۾ فارسي زبان، شعر ۽ رسم الخط کڻي سنڌ ۾ آيا ۽ ڇائنجي ويا. عرب دؤر ۾ ذڪر ڪيل عربيءَ ۾ لکيل سنڌ جي تاريخ جي ڪتاب کي ”چچ نامه“ جي نالي سان تجرمو ڪيو ويو. سومرن جي دؤر ۾ هڪ لپي ايجاد ٿي، جنهن ۾ اسماعيلي عقيدن جو مذهبي ادب لکيو ويو. موجوده دؤر جا لسانيات جا ماهر ان کي خواجڪي سنڌي لپي“ سڏين ٿا. اها لپي پير صدر الدين ايجاد ڪئي، جنهن کي ”چاليهه اکري“ يا پير صدر الدين جي سنڌي به چيو ويندو آهي.

ڊاڪٽر غلام علي الانا، نئين زندگي مارچ 1972ع ۾ پنهنجي هڪ مضمون ۾ لک.ي ٿو ته ”عام طور بيان ڪيو ويو آهي، ته هي رسم الخط پير صدر الدين ٺاهيو، پر مٿين دعويٰ کان پوءِ چئي سگهجي ٿو ته هي رسم الخط اسلام کان به اڳ هن قوم وٽ رائج هو. پير صدر الدين جو ڪمال اهو آهي، جو هن انهيءَ رسم الخط جو مطالعو ڪري، ان ۾ سڌارا آڻي، ماترائن جو رواج آڻي، ان کي علمي لکت لاءِ موزون بنايو. سندن مراد هئي ته نوان خواجا اسلامي تعليم ۽ اصولن کي پنهنجي مقامي ٻوليءَ ۾ سکن هن خط ۾ لکيل سوين ڪتاب آهن. جيڪي موجوده زماني ۾ به پاڪستان، ڀارت، سلون ۽ آفريڪا جا اسماعيلي پڙهندا آهن.“

سومرن کان حڪومت جو واڳون سمن جي هٿ ۾ آيون. سمن اتڪل 170 سال سنڌ تي حڪومت ڪئي. هن دؤر جي مٽيءَ مان ڪيترائي سورهيه ۽ سردار پيدا ٿيا، جن ڌارين جي غلامي ڪڏهن به قبول نه ڪئي. اسماعيلي مبقلن کان علاوه مهدوي طريقي جو باني سيد ميران محمد مهدوي ۽ مراڪش جو مشهور سياح ابن بطوطه سمن جي وقت ۾ سنڌ ۾ آيا هئا. سن جي دؤر ۾ عربي تعليمي ٻولي هئي ۽ فارسي سرڪاري ۽ ڪاروباري ٻوليءَ طور استعمال ٿيندي هئي. جڏهن ته حڪمرانن سميت عوام جي ٻولي سنڌي هئي. پر سنڌي رسم الخط جي ڪهڙي لپي هئي، ڪهڙا ڪتاب سنڌي زبان جا لکيا ويا، ان جي ڪا به معلومات نه ٿي ملي. البته هن دؤر ۾ ڪيترائي نالي وارا شاعر پيدا ٿيا، جن ۾ قاصي قادن سر فهرست آهي، ڪيترائي مدرساق وڏن شهرن ۾ هلندڙ هئا، سمن حاڪمن جي خرچ تي ڪيترائي تعيليمي ادارا به قائم هئا. سما حاڪم ذاتي طور درسي ڪتاب به لکائيندا هئا، ان جو وڏو ثبوت ان دؤر ۾ ”منطق“ بابت لکيل درسي ڪتاب مان ملي ٿو. اهو قلمي صورت ۾ موجود ڪتاب جو نالو ”الزيده“ آهي. سمن جي دور جي ٻي نادر تصنيف ”معارف نوار في بيان فضائل سيد البرا وائمهٿ اظهار و احوال قطب الهختار“فارسي ۾ لکيل آهي. جنهن ۾ ٺٽي جي مشهور درويش سيد حببن عرف شاهه مراد شيرازي جي سوانح ۽ ڪرامات جو ذڪر ڪيل آهي. هن دؤر سان وابسته ڪيترائي فارسي ڪتبا به ملن ٿا، جن جو ذڪر ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جي ڪتاب ”سمن جي سلطنت“ ۾ ڏنل آهن. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته هن دؤر ۾ عربي زبگان جو به ڪوئي قابل ذڪر ڪتاب نه مليو آهي. البته عربي ڪتبن جو ذڪر ساڳي ڪتاب ۾ ملي ٿو. ڊاڪٽر لاکي صاحب ڪي سنڌي گاڏر، سرائيڪي ڪتبا ڏنا آهن، جيڪي عربي، فارسي رسم الخط ۾  مليل آهن. سمن جي دؤر کي سنڌي سماج جي ترقيءَ جو بهترين دؤر سمجهيو ويندو آهي، جنهن ۾ علم و ادب، فن، آرٽ، اسڪول، مدرسا، عالم ۽ فاضل وغيره جو ذڪر عام و جام ملي ٿو. پوءِ ڪهڙو سبب هوندو جو سنڌي ٻوليءَ جي رسم الخط جي باري ۾ ڪا به ڪوشش نه ٿي؟

ڇا سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري سرپرستي نه  هئي؟ ڇا سنڌ ملڪ تي پاڙيسري ملڪن جو ايڏو اثر ۽ خوف هو جو مقامي ٻوليءَ کي ترقي ڏيارڻ  کان قاصر هئا به، ڇا سنڌي ٻوليءَ ۾ وسعت نه هئي، جيڪا ڪنهن ادبي ٻوليءَ ۾ هجڻ گهرجي، ڇا سنڌي عالم و اديب سنڌي ميڊيم تربيت ۽ تعليم اپنائڻ ۾ احساس ڪمتري محسوس ڪندا هئا؟ مطلب ته ڪيترائي سوال اڀرن ٿا ته ڇا حڪمرانن جو پورو سرڪاري ڪاروبار فارسي ۾ هلندڙ ۽ عوام جي داد فرياد لاءِ ڪو به سولو طريقو ئي موجود نه هو. يا وري انگريزن جي اوائلي دؤر وانگر ترجمانن جي معرفت درخواستون وصول ۽ ترجمو ڪيون وينديون هيون. عوام سنڌي، حڪمران سنڌي ۽ آرفيسر جي لکت پڙهتت فارسيءَ ۾ تاريخ جو وڏو الميو آهي.

سمن جي زوال سان سنڌ جي سياسي تاريخ جو به زوال آيو. هڪٻئي جي پٺيان غير سنڌي حڪمران، ارغون، ترخان ۽ مغل ايندا رهيا. سڀني جي مادري زبان ۽ سرڪاري زبان فارسي هئي. هاڻي فارسي زبان جي حيثيت سامراجي ٻوليءَ واري هئي. هنن ئي دؤرن ۾ ڪيترائي پهاڪا مشهور ٿيا، مثال طور:

فارسي گهوڙي چاڙسي

سنڌي وائي ڪنهن ڪم نه آئي

مغلن اڳيان فارسي وسريو وڃي.

سنڌي جا مڪتب، مدرسا، علمي و ادبي ڪتاب، شعر و شاعري، مطلب ته هر طرح سان فارسيءَ جو غلبو هو. هنن دؤرن ۾ فارسيءَ زبان ۾ سنڌ جي ادب جي تاريخ، ادب، سوانحيات جي باري ۾ ڪيترائي ڪتاب تحرير ٿيا، جن ۾ ”تاريخ طاهري“ (سيد محمد طاهر نسياني ٺٽوي 1920)، تاريخ مظهر شاهجهاني (ميرڪ يوسف 1634)، تاريخ معصومي (مير معصوم بکري 1600) ، بيگلار نامه (ادارڪي بيگلاري 1608)، ترخان نامه (سيد ميران محمد 1654) ۽ حديقه لاولياءُ (سيد عبدالقادر ٺٽوي) قابل ذڪر آهن. هنن تاريخي ڪتابن کان علاوه سنڌ جا افسانوي ۽ رومانوي قصا پڻ فارسي زبان ۾ لکيا ويا. سنڌي الفاظ فارسي عبارت ۾ استعمال ٿيڻ لڳا. هنن دؤرن ۾ جا ناليوار شاعر ٿي گذريا آهن، جن ۾ قاضي قادن، شاهه ڪريم مخدوم نوح، شاهه لف الله قادري ۽ بيا اچي وڃن ٿا، هنن جي شاعري4 جي ٺيٺ سنڌي لفظ ملن ٿا. هيءَ اهو دور آهي، جنهن ۾ سنڌي شاعرن جي شاعري تحريري طور ملي ٿي. شاهه ڪريم جي ولادت سمن جي حڪومت جي آخري دؤر ۾ ٿي، سندس حياتي جو احوال شاعري ڪرامتن ۽ معجفزن کي سندس هڪ مريد محمد رضا ”بيان العارفين“ نالي ڪتاب ۾ گڏ ڪيو. اهو ڪتاب فارسيءَ ۾ لکيل هو. اهڙي طرح قاضي قادن جا به پهريان ست بيت به هن ڪتاب ۾ قلمبند ڪيا ويا هئا. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌي صورتخطي فارسي خط نستليق ۾ لکڻ جو رواج عام ٿي چڪو هو. ٻيو مثال مخدوم محمد جعفر بوبڪائي جي ڪتاب ”حل العقود في الطلاق اسنود“ مان ملي ٿو. مخدوم صاحب پنهنجي دؤر جو وڏو عالم ۽ ماهر تعليم هو. هن پنهني مٿيئنڪتاب ۾ واضح طور سنڌي لفظ ۽ اصطلاح استعمال ڪيا آهن. مثال طور:

ان قال الموطتة چهڏي، چهڏي، چهڏيم، ثلاث وارئته با تکرير التاسيس دون التاکيد الاواحدته....

يعني ڪنهن مڙس پنهنجي زال لاءِ چيو ته ”مون هي) ڇڏي ڇڏي ڇڏي يا ٽي ڀيرا ڇڏيم ڇڏيم چيائين مگر ان ورائي چوڻ سان جيڪڏهن سندس مقصد پنهنجي گهنتي تي زور ڏيڻ.....

اهڙي طرح مڪلي مان مليل ڪتبن مان سنڌ ۾ خط نستعليق جي رواج جي ثابتي ٿئي ٿي. ارغونن ۽ ترخانن جي اچڻ کانپوءِ نستعليق جو استعمال تمام گهڻو وڌيو.

ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي دؤرن ۾ سنڌي صورتخطي جي مٿيئن مثالن کانپوءِ قاضي قادن جي ڪلام ۾ هندستان مان ملڻ به ملڻ به خاص توجهه ڏياري ٿو. سندس هي گرنٿ هندستان جي صوبي هريانه ۾ (وهتڪ ويجهو راڻيل نالي ڳوٺ ۾ دادو بنٿي ڀڳتن جي هڪ مڙهي ۾ رکيل هو. نالي واري اديب هيري ٺڪر انهن کي عربي-سنڌي صورتخطي ۾ شايع ڪرايو. ان ڏس ۾ دادو ديال ۽ مهراج پرڻٺاٺ جي لکت ۾ مليل سنڌي شاعري پڻ شايع ٿي چڪي آهي. ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي دؤرن ۾ اردو جو به اثر موجود هو ۽ سنڌي شاعرن جو اردو ۾ شعر ملي ٿو. مطلب ته هنن دؤرن ۾ عرربي، فارسي، گجراتي ۽ ديوانگري لپين ۾ سنڌي لکت جا انيڪ مثال موجود آهن. پر سنڌي زبان ۾ هڪ منفرد الفابيٽ نه هئڻ ڪري سنڌي لکت وارو علم و ادب ضايع ٿي ويو.

پنهنجن ۽ ڌارين حڪمرانن طرفان سنڌي سماج تي جيڪا فارسي جي علمي و ادبي، لساني ۽ ثقافتي يلغار ٿي، اها هن دور ۾ عروج تي پهچي چڪي هئي. ان عروج رد عمل ۾ سنڌ جي سڄاڻ عالمن ۽ استادن سنڌي رسم الخط ۽ سنڌي ميڊيم اسڪولن جي ضرورت کي شدت سان محسوس ڪيو، ڇو جو، الف- بي واضح صورت ۾ نه هجڻ سبب، درس ۽ تدريس جو سمورو ڪم عربي فارسي ۾ ڪرڻُ ٿي پيو. ان ڏس ۾ سڀ کان اول شاهه لطف الله قادريءَ پنهنجي سنڌي رسالي جي مقدمي ۾ سنڌي عوام کي سندن مادري زبان سنڌي ۾ تعليم ڏيڻ جي نظرئي جو بنياد وڌو. هو چوي ٿو ته:

ڪوڏا ڪئو رسالول اي فقير جوڙي بيتن

ته هوءِ سنڌي وائي سهلو ٻجهڻ اٻوجهن

پاهنجي ٻولي ڪري سگهائين اي سکن

لطف الله چئي لئه پيو، ور سکن ۽ پڙهڻ.

مٿيئن بيت مان لطف الله قادري جي خواهش نمايان آهن. هو ڄاڻي پيو ته هاڻي فارسي ۽ عربي رستي  ئي صرف سنڌي ماڻهن کي تعليم ڏئي نه ٿي سگهجي، ڇو ته اظهار جو بهترينن ذريعو مادري ٻولي ئي هوندي آهي. انهيءَ تعليمي مقصد خاطر ٺٽي جي عالمن فارسي يا عربي رسم الخط بدرانن سنڌي ٻوليءَ کي تحريري شڪل ڏيڻ خاطر طبع آزمائي شروع ڪئي. سڀ کان اول مخدوم ابوالحسن ٺٽوي، جو شاهه لطف الله قادري جو ننڍو معاصر هو، تننهن اننهيءَ نظري کي عملي صورت ڏني ۽ عوام جي تعليم خاطر سنڌي ۾ ڪتاب ”مقدمھ الصلواة“ لکيائين. اهو ڪتاب 1700ع ۾ جوڙيو ويو ۽ سنڌي صورتخطي لاءِ عربي رسم الخط کي بنياد بڻائي، مخدوم صاحب نج سنڌي آوازن لاءِ نوان حرف جوڙيا،  جن جون صورتون موجوده سنڌي حرفن کان مختلف ضرور آهن، پر اهي مرڪب حرف، شروع کان وٺي اردوءَ ۾ اڄ تائين ڪم اچن ٿا. سندس بڻايل اڪثر بنيادي حرف 1853ع ۾ سنڌي رسم الخط لاءِ مقرر ڪيل ڪاميٽيءَ هو بهو منظور ڪيا. اها هڪ تحريڪ هئي، جا اڃان بهتيز ٿي. سندس رسم الخط ۾ لکيل ڪتاب سنڌ جي عالمن مڪتبن ۽ مدرسن ۾ درسي ڪتاب ڪري پڙهيا.

ڪلهوڙن جو دور ع لم و ادب جي لحاظ کان سونهري دور سڏجي ٿو. حڪومت جون واڳون هڪ دفعو ٻيهر مقامي ماڻهن کي مليون، جن جي مادري زبان سنڌي هئي، پر رياستي ٻولي فارسي هئي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو تعلق هن دؤر سان هو، فارسي جي صدين جي اثر کي ڏسندي شاهه صاحب چيو هو ته:

جي تو سکيو فارسي، گولو تو ۽ غلام

مخدوم ابوالحسن ٺٽوي جي تحريڪ جي اثر ڪري سنڌي ٻولي باقاعده تعليمي طور استعمال ٿيڻ لڳي. اڪثر درسگاهن ۽ مڪتبن ۾ مادري زبان وسيلي تعليم جو سرشتو قائم ٿيو. وقت جي جيد ع المن ۽ استادن ان تحريڪ ۾ حصو ورتو. سنڌي تنظيمي نثر (Poetic prose) به ان تحريڪ جي هيٺ وجود ۾ آيو. سنڌي عالمن جو ”سنڌيون“ سنڌي نثر جي ابتدا، رسم الخط جون اوائلي ڪوششون ۽ سنڌي ميڊيم اسڪولن جون نشانيون آهن. ڻسڌين جو دور“ 1700ع کان شروع ٿي گرهوڙي شهيد تي سال 1776ع ۾ پورو ٿئي ٿو.

مخدوم ابو الحسن ٺٽوي کانپوءِ مخدوم ضياءَ الدين جو نالو اچي ٿو. هي بزرگ مخدوم محمد هاشم ۽ مخدوم محمد معين جو استاد هو. مخدوم ضياءُ الدين ساڳي ضرورت کي محسوس ڪيو. هن فقه جي مسئلن بابت هڪ ڪتاب لکيو، جنهن ۾ ابوالحسن جي سنڌي کان وڌيڪ مسئلا هڪ نرالي ۽ سڌريل نموني آيل آهن. ڪتاب جي منڍ ۾ ڪتاب جي تيار ڪرڻ جو سبب ڏيکاريندي لکي ٿو ته:

مسائل جي دين جا، سي گهڻا ۽ گهاٽا

سڀني ڪتابن جي عالمن لکيا ۽ چيا

تنهي منجهان ڪيترا مون سنڌي ۾ لکيا،

ته سنڌي سکهي سڀ ڪو پڙهي سهج مٿان.

کانئس پوءِ مخدوم هاسم ٺٽوي جو وڏو ڪردار آهي. هن عالم ٻين عالمن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مقبوليت حاصل ڪئي. سندس 150 مان 40 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. انهن 40 ڪتابن مان 8 سنڌي زبان ۾، 12 فارسي زبان ۾ ۽ 20 عربي جا شامل آهن. سندس سڀئي سنڌي ڪتاب نظمي نثر ۾ آهن، جن مان ٽي ڪتاب هينئر صاف نثر ۾ شايع ٿي چڪا آهن. سندس سنڌي ڪتاب ۾ ”اصلاح مقدة الصلواة“، ”بنا السلام“، ”نفيس هاشمي پاره عم“، ”تنبيه نامون“، ”بي نمازن ۽ عاشورن بابت“، ”راحت المونين“ ”ذبح ۽ شڪار بابت“، ”ذادا لفقير“، شايهءِ نامه“ ۽ ”قوت العاشقين“ شامل آهن. مخدوم هاسم ٺٽوي جا ڪتاب مصر جي يونيورسٽين سميت ڪيترن ئي عرب ملڪن ۾ پڙهيا ويندا رهيا آهن. کين عربيءَ تي تمام گهڻو عبور حاصل هو. ان جي باوجود پاڻ سنڌي زبان جي ترقي ۽ تحرير جي اهميت کان به خوب واقف هئا. پاڻ سنڌي ٻوليءَ ۾ لکڻ لا3 هيٺيون جواز پيش ڪيو اٿن:

عربي اڄاڻن کي گهڻو ڏهلي (ڏکي) هوءِ

مهکي ڪريان سنڌي، جئن پڙڙهي سڀڪوءِ.

ان کانپوءِ ”ڪنزالعبرت“ جي ليکڪ مخدوم عبدالله نرائيءَ جو نالو ٿو اچي. هو مخدوم هاشم ٺٽويءَ جو شاگرد هو. هن صاحب سنڌي زبان ۾ عربي سنڌي رسم الخط ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن کي هو پنهنجي مدرسي ۾ ڪورس طور پڙهائيندو هو. سندس مشهور سنڌي ڪتابن ۾ ”ڪنزالعبرت“، ”خزانه اعظم“، ”قمرالمنڀر“، ”بدرالمنير“، ”نور البصار“، ”هفت بخشش“، ”تفسير سورت يوسف“، ”نصحيت نامو“، ”سک نامو“ ٻيا ڪتاب شامل آهن. هو پنهنجي ڪتاب ”ڪنز العبرت“ جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته:

تحقيق جڏهن هي تمام ٿيو نسخو سنڌي واءُ

تڏهن ”ڪنزالعبرت“ سنڌي رکيم تنهنجو ناءُ

ان کانپوءِ مبين عبدالرحيم گرهوڙي شهيد جي سنڌي آهي.  هن قرآن شريف جي ڪجهه سورتن جو تفسير نظم ۾ لکيو. ان کان علاوه ”حقيقت محمدي“، ”ترڪي واري سنڌي“ ۽ ”عقائد“ وغيره لکيا. مخدوم صاحب پنهنجي همعصر عالمن جي سنڌي صورتخطي مان واقف هو. ان ڪري سندس زبان نج ۽ لاڙي محاورن سان ڀرپور آهي.

اهڙي طرح مڪمل سنڌي ۾ هڪ ڪتاب ”جنت الفردوس“ 1742ع ۾ مولانا محمد عرف نصير الدين جو لکيل ملي ٿو، جنهن جي ڳولي لهڻ جو سهرو قريشي حاصمد علي خانائيءَ جي سر تي آهي. جيڪو کيس نوشهروفيروز ڀرسان کاهي راهو ڳوٺ ۾ هڪ قاضي جي شخصي ڪتب خاني ۾ نظر آيو. هن ڪتاب جو موضوع ”مقدمة الصلواة“ وارو آهي.

هن تحريڪ جو اگهر تنقيدي جائزو وٺبو ته معلوم ٿيندو هيءَ تحريڪ ڌرين حاڪمن طرفان سنڌ جي لساني، ثقافتي يلغار جي خلاف جواب يا رد عمل هو. جڏهن ته اسان جي ڪيترن ئي عالمن ان جو جواز اهو ڳوليو آهي ته جيئن ته ان دؤر ۾ ڪيترائي غير مسلم، مسلمان ٿيا، ان ڪري انهن جي آساني لاءِ مقامي زبان ۾ تعليم ۽ تربيت جو بندوبست ڪيو ويو. حقيقت ۾ صدين کان عربي، فارسي ۽ ديوناگري لپين مان بور ٿي نواڻ، اهليت ۽ قومپرستي لاڙي جي ڪري اصلي سنڌي رسم الخط ضرورت محسوس ٿي هوندي. ٻئي طرف سنڌ جي صوفي اوليائن ۽ شاعرن ۽ تاريخ بابت ڪيترائي  ڪتاب فارسي ۾ لکيا ويا. ان دؤر ۾ مير علي شير قانغ ”تحفة الڪرام“ سميت ڪيترائي فارسي ۾ ڪتاب لکيا هئا.

ڪلهوڙن کان پوءِ ٽالپر سنڌ جا حڪمران بڻيا. ٽالپرن جي مادري زبان سرائيڪي هئي، رياستي زبان فارسي، عوام جي وڏي اڪثريت جي سنڌي زبان هئي. فارسي جو اثر اغونن، ترخانن ۽ مغلن کان به وڌيڪ هو، جنهنجو وڏو ثبوت سنڌ ۾ عروضي شاعري جو تمام تيزي سان وڌڻ هو.

رياستي طور سنڌ جا ايران سان تعلقات تمام ويجها هئڻ سبب فارسي جو اثر وڌڻ لڳو. ڪلهوڙن جي دؤر ۾ شروع ٿيل ”سنڌين جي تحريڪ“ هن دؤر ۾ وڌي نه سگهي. البته رچرڊ پرٽن، جيڪو سنڌ ۾ برٽش ريزيڊنٽس ٿي آيو هو، تنهن هن دؤر سان لاڳاپيل سنڌي تعليمي نصاب جي هڪ فهرست ڄاڻائي آهي، جنهن ۾ ڪيترائي نثر ۽ نظم جا ڪتاب شامل آهن. اهڙي طرح ٽالپرن جي دؤر ۾ ڪن عيسائين انجيل مقدس جي ڪن حصن جا سنڌي ۾ ترجما ڪيا هئا. هن دؤر ديوناگري لپيءَ ۾ به ڪجهه ڪتابن جو ذڪر پڻ ملي ٿو. پر هن دؤر ۾ آخوند عزيز الله ميمڻ جو نالو اچي ٿو، جنهن قرآن شريف جو سنڌي نثر ۾ ترجمو ڪيو. هي ترجمو سنڌي نثر جو بنيادي ڪتاب پڻ سمجهيو وڃي ٿو. ان سلسلي ۾ قريسي حامد علي خانائي (مهراڻ 4/1971ع) ۾ لکي ٿو ته ”ٽاللپوري دؤر ۾ آخوند عزيز الله مٽياري واري معققدمين وارو طريقو ڇڏي، سنڌي نثر ۾ قرآن جو ترجمو ڪيو. ان مان چڱي طرح سمجهي سگهجي ٿو ته آخوند صاحب ضرور سنڌي نثر جا ڪي ڪتاب پڙهيا هوندا، جن کان متاثر ٿي پاڻ به نثر جو دامن وٺي قرآن شريف جو سنڌي نثر ۾ ترجمو ڪيو.“

مطلب ته سنڌي صورتخطي جي آڌار تي شخصي ڪم ڪندڙ موجود هئا. سندس ترجمي جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

”۽ خبر ڏي مومنن کي، جن عمل ڪيا صالح تحقيق ان لاءِ بحهشت آهين جاري هوندا اڪنا هيٺ ان جي چشمان جذه کبيندا اڪنا ان ميون طعام کي چوند هئي، طعام کاڌو سون اڳي جهارو ۽ هوندو رنگه ۽ چاشني مين مشابه ۽ مومنن لاءِ منجهن ان حورون پاڪيزه ڪيون هونديون ۽ اوءِ منجهه ان هميشه هوندا.

اهڙي طرح ٽالپر جي آخري دؤر ۾ بيدل ڪيترائي فارسي ۽ ۾ ڪتاب لکيا، جن ۾ سنڌي لفظ جا بيجا ملن ٿا. اهڙا ڪي ٻيا به مثال موجود آهن. 1843ع ۾ انگريزن سنڌ کي فتح ڪيو. انگريزن جو پهريون حڪمران چارلس نيپئر انتظامي طور انتهائي سخت ماڻهو هو. پر هن نه ته ڪنهن مڪتب کي ساڙايو، نه ڪنهن لائبيريري بند ڪرائي. ان جي برعڪس انگريزن سنڌ ۾ اسڪول کوليا، پريسون آندون، ٽيڪنالاجي کڻي آيا، سچ پچ هو تاريخ ۾ دانا دشمن ٿي آيا، جڏهن ته مقامي حاڪم نادان دوست هئا. انگريزن جڏهن ڏٺو ته سنڌ جو سمورو انتظامي سرشتو ترجمان (Translators) جي ذريعي هلي ۽ اهو فرسودو طريقو صدين کان چالو آهي، جنهن ۾ عام ماڻهوءَ جي ڪا به داد فرياد نه ٿي ڪئي وڃي. اهڙو سرشتو انگريزن لاءِ غير موزون هيو، ڇو ته انگريزن هميشه عوام سان سڌي رابطي ۾ رهندا هئا. جڏهن ته ان وقت جو مروج طريقو اهو هو ته حڪمران انگريز، حڪومتي نظام فارسي ۾، عوام سنڌي ڳالهائيندڙ مطلب ته سڄو نظام ترجمي ڪندڙن جي رحم و ڪرم تي هو. 15 جولاءِ 1972ع تي پاڪستان جي قومي اسيمبلي کي خطاب ڪندي ان وقت جي وزيراعظم جناب ذوالفقار علي ڀٽي چيو هو ته .... سنڌي هڪ قديم زبان آهي ۽ جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏهن سرچارلس نيپيئر چيو هو ته زبان سان هٿ چراند ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش ڪئي نه وڃي.“

نيپيئر جي سنڌ ڇڏڻ سان سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي سان ملايو ويو ۽ مسٽر آر ڪي پرنگل کي سنڌ جو ڪمشنر ان سڌ بڻايو ويو. هو ڪامورڪي لڏي (Beaurocratic) مان هو ۽ سنڌ ۾ ٽي سال رهيو. سندس دؤر ۾ سنڌ اندر امن و امان جو مسئلو انتهائي ڳنڀير رهيو. 1848ع ۾ مسٽر پرنگل کي بمبئي پريزڊينسي جي گورنر سر جاج ڪلارڪ جو حڪم مليو ته جيئن ٻين صوبن ۾ سرڪاري لکپڙهه اتان جي مقامي ٻولين ۾ ٿئي ٿي، تيئن سنڌ ۾ سرڪاري ڪاروبار سنڌي ۾  هلائڻ لاءِ انتظام ڪيا وڃن.

انگريز سرڪار جي اهڙي احڪامات جي بجا آوري جي سلسلي ۾ هڪ متفق ۽ معياري صورتخطي جي سخت ضرورت محسوس ڪئي وئي. ان وقت سنڌ ۾ واپار، مذهبي، سماجي ۽ علائقائي لحاط کان ڪيتريون رسم الخطون رائج هيون. مسٽر پرنگل اهڙي احڪامات تي عمل ڪرائي نه سگهيو. ان کانپوءِ مسٽر بارٽل فرينئر (وفات1884) آيو. سنڌ جو هي نوجوان ڪمشنر فيصلا ڪندڙ  (Decision maker) آفيسر هو. هن صاحب سنڌ جي ڪمشنري سنڀاليندي ئي رسم الخط، زرعي سڌارا، وسٽ آفيس جو نظام وغيره اهم آهن. سربارٽل فريئر جي ياد ۾ ڪراچي شهر ۾ فريئر هال جي نالي سان هڪ يادگار پڻ ٺهيل آهي. فريئر انگريز آفيسرن کي سنڌي عوام جي خدمت لاءِ سنڌي ٻولي سکڻ جي هدايت ڪئي. اسڪول کولرايا. سنڌي سرڪاري زبان جي حيثيت ۾ آڻڻ لاءِ وڏي رڪاوٽ اها هئي ته رسم الخط ڪهڙي لپيءَ ۾ هئڻ گهرجي. ڪيپٽن رچرڊ برٽن ڊپٽي ڪليڪٽر ڪپتان اسٽيڪ ۾ هو. سر رچرڊ برٽن (1890-1821) هر فن مولا اديب هو. کيس سنڌي سميت ڪيترن ئي ٻولين تي عبور حاصل هو. سندس چار ڪتاب سنڌ جي تاريخ تي مشهور آهن.

(1) scind or the

ان کان علاوه هن سنڌ جي ملازمت دوران واهن جو پيمشائشون ڪيون ۽ انهن جا نقشا تيار ڪيا هئا. هو ديوناگري لپيءَ جو سخت مخالف هو. هن سنڌي صورتخطي لاءِ عربي رسم الخط وارو منصوبو ڏنو. هن جو دليل هو ته سنڌي ادب جو ڪافي ذخيرو عربي صورتخطي ۾ موجود آهي ۽ سنڌ جو تعليم يافته طبقو فارسي نستعليق سان اڳي ئي واقف آهي.

ڪئپٽن جارج اسٽيڪ (1853-1845) بنيادي طور تي ايسٽ انڊيا ڪمپني جو ملازم هو ۽ 1845ع ۾ حيدرآباد جو ڊپٽي ڪليڪٽر بڻجي سنڌ پهتو. هي صاحب بنيادي طور تي ماهر لسانيات هو، کيس هندستان جي ٻولين جوگهرو مطالعو هو. هي صاحب انهن عالمن مان هڪ هو، جن جو خيال هو ته سنڌي زبان سنسڪرت مان ڄاول آهي. اهو ئي سبب هو ته هو سنڌي زبان کي ديوناگري رسم الخط ۾ ٺاهڻ جي حق ۾ هو.

هن صاحب سنڌي زبان ۾ سنڌي- انگريزي لغت (1945)، سنڌي گرامر (1949) ۽ گاسپل آف سينٽ ميوز جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو.

دراصل سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطي ٺاهڻ لاءِ جيڪا ڪاميٽي ٺاهي وئي هئي، ان ڪاميتيءَ جي نامزد ٿين کانپوءِ پهريون ٻنهي عالمن کان عالمانه راءِ طلب ڪئي وئي هئي. ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي يورپي عالم مقامي ٻولين جا ماهر هئا. ٻنهي عالمن وٽ ڪافي وزندار دليل هئا. ايتري قدر جو بارئل فرنيئر ڪو به متفق فيصلو ڪري نه سگهٿيو، جنهن ڪري ٻنهي عالمن جا رايا بمبئي جي گورنر پوءِ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس جي سماهون موڪليا ويا. سنڌي زبان ۾ موجود ادب، ڪتاب، قلمي نسخن کي سامهون رکندي بارئل فريئر جي تجويز جي روشني ۾ سنڌي لاءِ عربي صورتخطي رچرڊ برٽن جي تجويز ڪيل ترميم ۽ اضاف سان منظور ڪئي وئي. عربي صورتخطي کي جاري ڪرڻ لاءِ اهو سبب ٻڌايو ويو ته سنڌ جي آبادي ۾ ٻه ڀاڱڇي ٽي مسلمان هئا. مسٽر ايلس اسٽنٽ ڪمشنر انچارج کي رسم الخط لاءِ اکر ٺهاڻ جو ڪم ڏنو ويو. سر بي ايڇ ايلس بروز انڊين سول سروس جو ماڻهو هو ۽ سنڌ جي ڪمشنر بارئل فريئر جي معاون (assistant)  طور ڪم ڪندو هو. هن صاحب جي نگراني هيٺ اٺن سنڌي عالمن جي ڪاميٽي ٺاهي ويئي، جنهن ۾ چار مسلمان ۽ چار هندو شامل هئا. هن صاحب پنهنجي دل و جان سان ڪم ڪيو ۽ تمام تيزي سان عربي- سنڌي رسم الخط جي اکرن ۾ اضافو ڪرايو. ان کان علاوه ڪيپٽن جارج اسٽيڪ جي سنڌي گرامر کي شايع ڪرايو، ان جو ديپاچو هن پاڻ لکيو.

(1) خان بهادر مرزا صادق علي بگ (1845-1912) جو تعلق ٽنڊو ٺوڙهو، حيدرآباد سان هو. هو مرزا قليچ بيگ جو وڏو ڀاءُ هو. مرزا صادق بيگ پهريون سنڌي مسلمان هو جنهن گريجوئيشن (Graduation) ڪئي هئي. هي صاحب ان وقت سيڪنڊري اسڪول جو استاد هو. پر ڪجهه محققن جو خيال آهي ته هو خانبهادر صادق علي خان شڪارپور وارو هو نه ڪي مرزا قليچ بيگ جو ڀاءُ.

(2) ميان محمد: هي صاحب نارمل اسڪول حيدرآباد جو استاد هو. سٺي انگريزي ڄاڻيندو هو. ”صرف وَ نحو“ نالي سندس ڪتاب ڏاڍو مشهور ٿيو. ڪي ٻيا به ڪتاب لکيائين.

(3) قاضي غلام علي ٺٽوي (وفات 1896)، هي صاحب ٺٽي جو رهاڪو هو ۽ تعليم کاتي سان وابسته هو. الف ب تي مقرر روپ ڏيڻ ”واري ڪاميٽيءَ جو ميمبر هو. هن صاحب ”هندستان جي تاريخ“ 1854ع ۾ هندي تان ترجمو ڪيو. معياري صورتخطي ڏيڻ ۾ سندس ڪردار اهم آهي.

(4) غلام حسين قريشي (1896-1836): هي صاحب پڻ ٺٽي جو رهاڪو هو. ڪجهه عرصي لاءِ تعليم کاتي ۾ سنڌي ترجمان رهيو ۽ الف ب کي موجوده روپ ۾ آڻڻ واري ڪاميٽيءَ جو ميمبر هو. سندس ترجمو ڪيل قصو ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“ 1854ع ۾ شايع ٿيو. هن قصي کي ڪهاڻي نويسي ۾ بنيادي حيثيت حاصل آهي.

(5) راءِ بهادر نارائڻ (1874-1825): هي مهاراشٽر جو رهندڙ عالم هو. هو سنڌي تعليم کاتي ۾ پهريون ڏيهي عملدار هو. هن ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر جي عهدي تي ڪم ڪيو. هن تعليم کاتي طرفان پهريون سنڌي مخزن ”سنڌ سڌار“ سال 1866ع ۾ شروع ڪيو. ”سنڌ جو نروار“ نالي سنڌ جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ تي سندس ڪتاب 1865ع ۾ شايع ٿيو. ڪراچي شهر جو مشهور اسڪول نارائڻ جڳنناٿ ونديه (NJV) هاءِ اسڪول هن صاحب جي نالي پويان آهي.

(6) ننديرام ميراڻ (1819-1875): هي صاحب سيوهڻ جو رهاڪو هو ۽ سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ترجماج جي عهدي تي مقرر هو. هن ڪاميٽيءَ جو انتهائي اهم رڪن هو. ڪيترائي درسي ڪتاب لکيائين يا ترجمو ڪيائين. سندس ادبي خدمتون ادبي تاريخ ۾ اهم جاءِ والارين ٿيون. جديد علمن جي اصلاحن کي يڪجا ڪرڻ سندس محنت جو ثمر آوار نتيجو آهي. اڄ به جاگرافي جاميٽري، رياضي ۽ ٻين علمن ۾ تيار ڪيل ڪتابن ۾ سندس جوڙيل اصطلاح مروج آهن.

(7) پريداس رامچنداڻي (1830-1881) هي صاحب سرڪاري اسڪول ۾ اسٽنٽ ماستر هو. سندس علمي قابليت کي ڏسندي الف- ب جوڙڻ واري ڪاميٽيءَ ۾ رکيو ويو. هن صاحب ڪيترائي ننڍا وڏا نصابي ڪتاب لکيا، جن ۾ سنڌي ٽيون ڪتاب (1853)، سنڌي چوٿون ڪتاب (1853)، تاريخ هندستان (1863) ۽ انگلينڊ جي تاريخ (1868) اهم آهن.

(8) اڌا رام ٿانور داس (1633-1883) اڌارام مير چنداڻي جو تعلق حيدرآباد سان هو. هو انهن سنڌين مان جن انگريزي ٻولي جو اڀياس ڪيو هو. پهريائين ڪمشنر جي آفيس ۾ منشي ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. پر جلد ئي پنهنجي مهارت سبب تعليم کاتي ۾ سنڌي ترجمان جي عهدي تي مقرر ٿيو. هن جي ادبي توڙ: نص3ابي لکڻين جو تعداد به چڱو خاصو آهي. ”راسيلاس“، ايسپ جون آکاڻيون“ ۽ ”طوطي نامه“ وغيره سندس دور جون اهم ڪاوشون ليکجن ٿيون.

هن ڪاميٽي جا اڪثر ميمبر يا ڪمشنر سنڌ جي آفيس جا مالزم هئا يا وري مختلف اسڪولن جا استاد هئا. سندن ڪم جي شرطن (Terms of References) ۾ اهي ڪم شامل هئا ته نئين صورتخطي ۾ اکرن جو تعداد وڌايو وڃي، پراڻن نسخن، ڪتابن تان اکرن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وڃي. نون اکرن لاءِ لفظن جو انداز مقرر ڪيو وڃي، نون اکرن لاءِ نشانين جي نشاندهي ڪئي وڃي. ڪاميٽيءَ جي ميمبرن ۾ ڪم جي ورهاست ٿيل هئي. ميمبرن مختلف شهرن ڏانهن به سفر ڪيو. خاص طور تي هالا، حيدرآباد، مٽياري وغيره. ان ڏس ۾ فورٽ وليم ڪاليج جي پروفيسرن سان پڻ لهه وچڙ ۾ آيا، جن اڳ ۾ اردو رسم الخط تي ڪم ڪيو هو. مخدوم ابو الحسن سنڌي جي الف ب ان سڄي پروگرام ۾ پيش پيش هئي. ڪجهه اکر ساڳيان رکيا ويا. ڪجهه اکرن جي نشانين ۾ ڦير گهير ڪئي وئي. مرڪب اکر ٺاهيا ويا. سمورا عربي آواز سنڌي ۾ ضم ڪيا ويا. اکرن تي نقطا وڌائي نوان آواز ٺاهيا ويا. مطلب ته نئين الف ب ترتيب ڏني وئي. نئين صورتخطيءَ ۾ اکرن جو تعداد ٻاونجهاهه ڪيو ويو. ايلس جي صدارت ۾ نئين الف ب تيار ٿي، جيڪا انگريز سرڪاري 1853ع ۾ منظور ڪندي، ان کي سنڌ جي سرڪاري ٻولي جو درجو ڏنو. تعليمي ادارا کوليا ويا، اشاعت گهر کوليا ويا. سرڪاري زبان طور سنڌي ڪورٽ، روينيو، پوليس ۽ ٻين محڪمن ۾ لاڳو ڪئي وئي. سنڌي ادب ايتري ترقي صدين ۾ ڪا نه ڪئي ه ئي، جيتري انگريزن جي دؤر ۾ ڪئي. شاهه لطيف جي رسالي کي به يورپي عالمن سنڌي صورتخطي ۾ شايع ڪرايو.

جيتوڻيڪ انگريز سرڪاري ديوناگري لپي کي سرڪاري طور منظور نه ڪيو، تڏهن به هندن جي جذباتي لڳاءَ جي ڪري، فيئر ديوناگري صورتخطي ۾ اصلاح جي منظور ڏني. ان سلسلي ۾ نارائڻ داس جڳناٿ کان مدد ورتي وئي. سال 1869ع ۾ بمبئي حڪومت خدا آبادي صورتخطي جي آڌار تي ديوناگري سنڌي ۾ اصلاح ڪيل صورتخطي جاري ڪئي وئي. پر اڳتي هلي ديوناگري هندن توڙي مسلمانن جي مقبول نه هئڻ سبب هلي نه سگهي.

سنڌي صورتخطي ۾  هڪڙو تقرار ته جارج اسٽيڪ ۽ رچرڊ برٽن ۾ ٿيو، جنهن جو ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي. ٻيو اهڙو تقرار وري ارنيسٽ ٽرمپ ۽ سر بي ايڇ ايلس بروز ۾  ٿيو. عربي سنڌي صورتخطي جو سڄو ڪم ايلس پنهنجي هٿن سان ڪرايو هو. سندس جفا ڪشيءَ ۽ خلوص جو اهو مقام هو ته صرف فقط هڪ سال اندر باب ناميءَ کان علاوه ڇهه ٻيا ڪارائتا ۽ بنيادي حيثيت جا درسي ڪتاب ڇپرائي ڇڏرا ڪرايا.

ارنيسٽ ٽرمپ (1886-1828) دراصل جرمن هو. هن کي هندستان جي ٻولين ۾ خاص دلچسپي هئي. هي پهريون يورپي دانشور هو، جنهن شاهه جي رسالي کي اهميت ڏني ۽ جرمني جي شهر مان رسالي کي شايع ڪرايو. سنڌي ٻوليءَ جي سلسلي ۾ هن ڪيترائي تحقيقي مقالا پڻ لکيا. 1853ع ۾ سنڌي صورتخطي سرڪاري طور منظور ٿي. جڏهن 1854ع ۾ سنڌ واپس آيو ته هن نه صرف عربي- سنڌي رسم الخط جي سخت مخالفت ڪئي. ايلس جي پاران تيار ڪرايل ۽ سڌاريل سرڪاري سنڌي الف ب کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو. ان سلسلي ۾ هن صاحب هڪ رپورٽ ٺاهي لنڊن ۾ پنهنجي هيڊ آفيس، ”دي پئرينٽ ڪميٽي آف دي چرچ مشينري سوسائٽي“ کي ڏيار يموڪلي. هن رپورٽ ۾ هن ڄاڻايو ته مسٽر ايلس سنڌي ٻولي کي بهتري ڏانهن وٺڻ بجاءِ رولي ڇڏيو آهي. ارنيسٽ ٽرمپ جو خيال هو ته سنڌي ٻولي لاءِ ديوناگري لپي هئڻ گهرجي. مسٽر ايلس پاڻ مٿان ٿيل تنقيد جو علمي ۽ تحقيقي جواب ڏنائين ۽ رپورٽ تيار ڪري ڪمشنرر فريئر جي معرفت بمبئي سرڪاري کي موڪليائين. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر الهه رکيو ٻٽ جو تفصيلي مضمون ان ڏس ۾ شامل ڪويو ويو آهي.

پاڪستاني دؤر ۾ سنڌي رسم الخط جي اعتراض، جديد ٽيڪنالاجي جي تناظر ۾ رسم الخط ۾ تبديلي جي صورت، عربي سنڌي رسم الخط جون خوبيون، رسم الخط جي تبديلي خلاف اٿيل سوالن جا جواب وغيره بحث ڪرڻ کان پهرين اچو ته موجوده رسم الخط جي ڪجهه خوبين جو ذڪر ڪيون.

(1) سنڌي الفابيٽ ۾ 52 اکر آهن، ان حساب سان دنيا جو ڪو به لفظ سنڌي ٻولي ۾ اچري به سگهجي ۽ لکي به سگهجي ٿو. مشهور اسڪالر ڊاڪٽر لئمبرڪ چيو هو ته سنڌي الف به سڀني زبانن کان بهتر آهي. ڇاڪاڻ ته ان ۾ هر قسم جي آواز لاءِ اکر موجود آهن.

(2) سنڌي ٻوليءَ جو تاريخي طور ۽ موجوده دؤر ۾ سياسي طور ٽن ٻولين سان ويجهو تعلق آهي. مثال طور عربي، فارسي ۽ اردو. سنڌي سميت لساني طور ٽنهي ٻولين جو رسم الخط جو طريقو ساڳيو آهي.

(3) سنڌي الف ب ۾ ڪي اهڙا لفظ ٺهن ٿا، جيڪي عربي ۾ به آهن. مثال طور طوطو، ظالم، حليم، وراثت، طريقو وغيره. جڏهن ته انگريزي ۽ ديوناگري صورتخطيون انهن جي پورائي نٿيون ڪري سگهن. ديوناگري ۽ انگريزي لکڻ ۾ ث، ح، خ، ذ، ط، ظ،  ع، غ، ف، ق ۽ ء ڪونهن. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي جا اهي اکر انگريزي ۽ ديوناگري ۾ اچارجي نه ٿا سگهجن. پر موجوده سنڌي الفابيٽ ۾ اچاري ۽ لکي سگههجن  ٿا. حزب الله سومري روزانه ڪاوش ۾ لکيل هڪ خط ۾ سنڌي ٻولي جي اقتصار واري خوبي لاءِ لکي ٿو ته ”انگريزي رسم الخط يا ديوناگري رسم الخط ۾ هروف علتت موجود آهن، جن کانسواءِ ڪو به لفظ نٿو ٺهي سگهي، پر موجوده سنڌي رسم الخط ۾ علت جا اکر نه آهن، حرڪات آهن، جنهن ڪري اکر ڊگهو نٿو ٿئي، پر ٻين لکتن ۾ اهي ڊگها ۽ گهڻي جاءِ والاريندڙ اکر ٿيندا. مثال طور انگريزي ۾ حرف علت (A,E,I,O,V) آهن، موجوده سنڌي ۾ اگر لفظ ٻاڦ لکبو تته ٽي اکر لکبا، پر حرف علت ڪري اهو لفظ انگريز لکت ۾ “PaaPha” يعني ڇهن اکرن سان لکبو، ان ڪري اهي اکر ٽي ڀيرا وڌڏيڪ جاءِ والاريندا. جنهن ڪري لکائي وڌندي، ٽي ڀيرا مس ۽ توانا صرف ٿيندي، جڏهن ته سنڌي جي موجوده عربي رسم الخط نهايت مختصر آهي، ٻيو ته اردو ۽ انگريزيءَ ۾ هي اکر مرڪب لکيا وڃن ٿا. ڀ (بهه:Bh) ٿ (تهه:Th) چ (Ch)، ڇ (چهه: Chh)، ڌ (ده: Dh) ڦ (پهه: Ph) ک (کهه:Kh) موجوده سنڌي اکر وڌيڪ مختصر آهن. اهو افتصار نه اردو ۾ آهي ۽ نه انگريزي ۾.

(4) سنڌي ۾ ڪجهه اهڙا اکر آهن، جيڪي ٺيٺ سنڌي آهن. جن ۾ ”ڀ“، ”ڄ“، ”ڃ“، ”ڏ“، ”ڳ“، ”ڱ“ شامل  آهن. هي اکر ڪو به غير سنڌي اچاري نه سگهندو. ڪجهه محققن جو خيال آهي ته اها سنڌي جي خامي آهي، ڇو جو غير سنڌي اهي اکر اچاري نه سگهندو.

(5) سنڌي الفابيٽ ۾ اهڙا چار اکر آهن،  جن کي اچارڻ سان هوا کي وات ۾ اندر ڇڪڻو پوندو آهي. انهيءَ ڪري لسانيات ج ا ماهر انهن کي چوسڻا آواز (Implosive sounds) چوندا آهن. هي آواز ”ٻ“، ”ڏ“ ”ڳ“ ۽ ”ڄ“ مان نڪرندا آهن. هنن اکرن جي خوبي اها آهي ته انهن جي جاءِ تي ڪو به حرف نعم البدل طور استعمال ڪري نٿو سگهجي. اکر ڪو ويجهو اکر استعمال ڪيو ته اچارن جي معنيٰ بدلجي ويندي، مثال طور:

(1) ٻ = ٻار، ب = بار

(2) ڏ = ڏسان، د =رسان

(3)ڳ = ڳلو، گ = گلو

(4) ڄ = ڄار، ج = جار

مٿين مثالن مان ثابت ٿئي ٿو ته اکر جي تبديليءَ سان ڪيڏو فرق اچي وڃي ٿو.

(6)سنڌي زبان جو قديم علم و ادب، عربي- سنڌي رسم الخط ۾ موجود هو. جنهن ۾ شاهه لطيف جي گنج کان وٺي مذهبي ڪتابن تائين سمورو ادب هن رسم الخط ۾ موجود هو.

(7) سنڌي رسم الخط ۾ ڪيترائي اهڙا اکر آهن، جيڪي ٻين ڪيترين ئي ٻولين ۾ ڪونهن، نه وري، اهڙيا آواز ٻين ٻولين جي رسم الخط ۾ آهن. مثال طور انگريزي زبان ۾ هي اکر يا آواز ڪونهن: ٻ، ت، ٺ، د، ڄ، ڃ، ڏ، ڊ، ڙ، ڳ، ڱ شامل آهن.

(8) سنڌي الفابيٽ ۾ ڪي اکر اهڙا آهن، جن سان ڪو به لفظ شروع نه ٿو ٿئي. مطلب ته اهي اکر ڪنهن به لفظ جي شروع ۾ استعمال نه ٿا ٿين. مثال طور: ڙ ، ڱ ، ڃ ، ڻ

 

ان کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي خوبيون موجوده رسم الخط ۾ موجود آهن. هاڻي اچو ته ڪجهه خامين ڏانهن نظر وجهون.

(1) سامي زبانون هميسه ساڄي هٿ کان لکيون وينديون آهن. جن لاءِ ماهر لسانيات جو خيال آهي ته سڄي هٿ کان شروع ٿيندڙ لکتن واريون زبانون گهڻي دور تائين هلي نه سگهنديون آهن. موجوده سنڌي رسم الخط به ساڄي هٿ کان لکي ونيدي آهي.

(2) ديواناگري لپي جي حامين جو چوڻ هو ته سنڌي ٻولي سنسڪرتي آهي، تنهن ڪري ان جي لپي ٻح سنسڪرتي هئڻ کپندي هئي. محض آدمشماري جي بنياد تي صدين جي لساني تعلق کي توڙڻ غير مناسب هو.

(3) حروفن جي ترتيب ۾ ساڳين اکرن کي نقطن جو اضافو ڪري نوان آواز ٺاهيا ويا. ڪن اکرن جا نقطا هيٺ وڌايا ويا ۽ ڪن جا مٿي. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ اهڙي عمل جي سخت مخالفت ڪئي هئي.

(4) وسرڳ حرفن (جن ۾ ”هه“ شامل هوندو آهي، جو استعمال انتهائي غير مناسب هو. ڪي وسرڳ چئن ٽٻنڪن سان ظاهر ڪيا ويا آهن، جيئن ڀ، ٿ، ڦ، ڇ. ڪي وسرڳ وري ٽن ٽٻڪن سان جوڙيا ويا. اهڙي ”هه“ ملائي مرڪب اکر ٺاهيا ويا. جيئن ج +هه= جهه، گ+هه= گهه ، اهڙو عمل رسم الخط جي معياري هجڻ لاءِ صحيح نه آهي.

(5) عربي، فارسي ۽ اردو ۾ ڪ لاءِ ک استعمال ڪيو ويندو آهي، پر سنڌي ۾ ک کي بلڪل نئون آواز ڏنو ويو.

(6) موجوده دؤر سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو دؤر آهي. ڪمپيوٽثر انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون جو دؤر آهي. پنهنجو ڪلاسيڪل ادب ويب سائٽن تي آڻڻ  جو دؤر آهي. دنيا کي پنهنجي علم و ادب، صوفي برزگن جي پيغام ٻڌائڻ جو دؤر آهي. اڄ اردو گوگل هلي رهيو آهي، اردو ۾ بيشمار علم و ادب ۽ تفريح جون ويب سائٽون کلي پون ٿيون. اسان جي سنڌي اسڪرپٽ سان سمورا لفظ نه ته عربي رسم الخط ۾ آساني سان هر عام و خاص لکي سگهي ٿو. نه وري رومن اسڪرپٽ يا بين الاقوامي صوتيات ۾ لکي سگهي ٿو. جيستائين ان کي معياري روپ ڏنو وڃي.

(7) شهرن ۾ سنڌي ميڊيم اسڪول بند ٿي رهيا آهن. سنڌي ماڻهو پنهنجي ٻارن کي اردو ۽ انگريزي ميڊيم اسڪول ۾ پ؟ڙهائڻ ۾ ترجيح ڏين ٿا. ڳوٺن ۾ تعليم جو معيار ڏينهون ڏينهن ڪري رهيو آهي. جنهن سان سنڌي لکڻ جو رواج گهٽ ٿي رهيو آهي. شابس آهي، سنڌي شاعرن، اديبن کي جيڪي ٻوليءَ جا محافظ لڳا پيا آهن. ان سلسلي ۾ حڪومتي سطح تي اپاءَ کڻن جي ضرورت آهي. سنڌي زبان تي ڌارين لفظن جو اثر تيزي سان وڌي رهيو آهي. سنڌي ۾ نوان لفظ ٻاهرينٻولين جا جيئن جو تيئن شاملٿي رهيا اهن. خاص طور تي سائنسي لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙا لفظ نج سنڌي مروج ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٻي صورت ۾ سنڌي صرف ڳالهائڻ واري ٻولي (Spoken Language) رهجي ويندي.

پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ سڀني پاڙيسري ٻولين ۾ شاهوڪار ادب سنڌي زبان ۾ هو. سنڌي ٻولي آزادي سان وڌي ويجهي رهي هئي. ان ۾ اشاعت جا جديد ذرائع ميسر هئا. ٽائيپ رائٽر ان وقت هندستان ۾ سنڌي زبان کانسواءِ ڪنهن به زبان ۾ نه هو. گهڻي ۾ گهڻيون پرنٽنگگ پريسيون به سنڌي کي هيون. جڏهن ته اردو سميت ڪيتريون لکڻيون اڃان ليٿو ۾ شايع ٿينديون هيون. سڀ کان وڌيڪ رسالا ۽ اخبارون سنڌي زبان ۾ نڪرندا هئا. سنڌي اسڪول جو شهرن ۾ وڏو ڄار وڇايل  هو. صوبي جي سرڪاري زبان سنڌي هئي. اڄ مٿين آيل مسئلن کان علاوه ادب ۾ فڪري لاڙا ۽ رجحان گهٽجي رهيا آهن. يونيورسٽي جي پروفيسرن جو تحقيق طرفان رجحان تمام گهٽ آهي. سنڌي زبان ۾ سائنسي، سماجي سائنسي مضمونن جي ڪتابن جو هئڻ اڻ لڀ ٿي پيو آهي. اهڙي طرح لغتن جو به فقدار نظر اچي ٿو. اخبارون ۽ رسالا ته اڄ به بيشمار شايع ٿي رهيا آهن، پر غير معياري ٻولي سان گڏوگڏ پروف ريڊنگ جي غلطين سان به ڀرپور نظر اچنٿا. اسان جو نوجوان ڪتابن جي پڙهڻ بجاءِ فلمن ۽ راندين ۾ وڌيڪ مشغول نظر اچي ٿو.

سنڌي ٻولي اختياري جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ سنڌي ٻوليءَ تي ڪافي تحقيقي ڪم ٿيو آهي ۽ ٻولي ۾ ٿيل تحقيق جي سهيڙ به ٿي رهي آهي. اصل لڪار آهي، موجوده سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي سنڌي ٻولي منتقل ڪرڻ جي، جنهن جو ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي. هتي مرحوم حليم بروهي جو ذڪر ڪرڻ به نهايت اهم آهي. هن صاحب ان دور ۾ سنڌي ٻولي لاءِ رومن اسڪرپٽ جي ڳالهه ڪئي هئي، جڏهن اڃان دنيا جي هن خطي ۾ ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ، ڪيبل سسٽم يا موبائيل فون جو استعمال شروع نه ٿيو هو. ان وقت سندس نئين نظرئي جي سخت مخالف ڪئي هئي. ڪن حلقن سندس نطرئي جي حمايت ڪئي. ڪيترائي سال رومن سنڌي اسڪرپٽ جو سوال اخبارن ۽ رسالن ذريعي زير بحث رهيو. رومن سنڌي اسڪرپٽٽ جو سوال اڄ به اسان لاءِ اهم آهي.

هاڻي مختصر طور تي هن ڪتاب جي سيهڙ لاءِ عرض آهي تههن ڪتاب ۾ شامل سمورا مضمون ۽ مقالا سنڌ جي نالي وارن عالمن ۽ اديبن جا آهن. ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي رسم الخط جي باري ۾ سهيڙيو ويو آهي،  جن ۾ مختلف دورن ۾ سنڌي اسڪرپٽ ۽ لپي جي باري ۾ تحقيق شامل آهي. اهڙي طرح انهن عالمن ۽ اديبن جو ذڪر به آهي، جن اهي لپيون جوڙيون ۽ سنڌي ٻوليءَ جي لکت واري عمل کي ترقي ڏيارڻ ۾ حصو ورتو. انهن عالمن ۾ ڏيهي به آهن ته پرڏيهي به آهن.

ڪتاب ۾ پهريون مضمون ”سنڌي صورتخطي جو بڻ بڻياد“، ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ جو لکيل آهي. هو نالي وارو محقق هو. خاص طور تي عربن جي دور ۾ سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ ادبي پسمنظر تي تمام سٺو ڪم ڪيو  اٿائين. ان سلسلي ۾ سندس ڪتاب پڻ شايع ٿيل آهي. هن مضمون ۾ پٺاڻ صاحب نشانين وسيلي ثابت ڪيو آهي ته سنڌي صورتخطي جو بنياد عربي رسم الخط تي ٻڌل آهي. هن اهو ٿابت ڪيو آهي ته ڪهڙا اکر پنهنجن آوازن سميت ڪٿان وجود ۾ آيا آهن.

ٻيو مضمون ”سنڌي الف ب جي ارتقا“، پروفيسر عبدالڪريم لغاري جو لکيل آهي، جيڪو سندس ساڳي عنوان واري ڪتاب تان کنيل آهي. اهو ڪتاب دراصل لغاري صاحب- ايم اي فائنل سنڌي جو (51-1962ع) ۾ پيش ڪيل منوگراف هو. هن مقالي ۾ لغاري صاحب قديم دؤر کان انگريزن جي دؤر تائين سنڌي رسم الخط جي ارتقا ۽ تشڪيل کي حوالن سان بيان ڪيو آهي.

ٽيون مضمون ”عربي سنڌي رسم الخط جي اوسر جو تاريخي پسمنظر“ ڊاڪٽر غلام محمد لاکي صاحب جو لکيل آهي. لاکي صاحب سان جڏهن منهنجو فون رستي رابطو ٿيو ته سائين ٻڌايو ته هن مقالي کي هنن اڃان به وڌايو ۽ سنواريو آهي. هن مقالي ۾ ڊاڪٽر صاحب ساهو سمورو پسمنظر بيان ڪيو آهي. جنهن سان سنڌي رسم الخط جي عربي اکرن مان راههه هموار ٿي ۽ مختلف دورن ۾ ان جي اوسر ٿي.

ڪتاب ۾ چوٿون مضمون ڊاڪٽر عظيم الشان حيدر جو آهي، ڊاڪٽر حيدر ڍاڪا يونيورسٽي مان تاريخ ۾ ايم اي ڪئي هئي ۽ ان کانپوءِ پي ايڇ ڊي لاءِ هيءَ ٿيسز لکيائين. ڪافي وقت تائين ڪراچي ٽي وي سان وابسطه رهيو. ڊاڪٽر صاحب سنڌي نه ڄاڻيندي به ايترو مطالعو ڪيو هو جو هي مضمون سنڌي ۾ لکيو هئائين. سندس پي ايڇ ڊي جو موضوع هو ته ”ڪراچي تعليمي ۽ اقتصادي پهلوئن جي خاص حوالن سان سن (1900ع-1839)“ . سندس هن مضمون ۾ جديد صورتخطي جي تياري جي سلسلي ۾  ٿيل تاريخي واقعن جو تفصيل ڏنل آهي. محترم مظهر يوسف سنڌي ۽ انگريزي ۾ سنڌي ٻوليءَ تي ڪيترائي مضمون ۽ مقالا لکيا آهن. هي مضمون ”برطانوي دور ۾ سنڌي رسم الخط جي ارتقا“ به هڪ بهترين آهي. هن مضمون ۾ به تاريخ ترتيب ۽ ادارن ۽ شخصيتن جي ڪردار کي بيان ڪيو ويو آهي. جن سنڌي رسم الخط جي ارتقا ۾ ڪردار ادا ڪيو.

”ٽرمپ- ايلس اختلاف راءِ ۽ سنڌي الف ب“ نالي واري محقق ڊاڪٽر الهه رکيو ٻٽ صاحب جو لکيل آهي. جنهن ۾ 1853ع کانپوءِ ٿيل ٻن ماهرن جي سنڌي ٻوليءَ جي رسم الخط تي اختلاف راءِ کي انهن جي ئي لفظن ۾ ٻڌايو ويو آهي.

ڊاڪٽر محمد اسحاق جمالي پنهنجي مضمون ۾ فن تحرير جي تاريخ سان گڏوگڏ سنڌي صورتخطي جو تاريخي پسمنظر به ڏنو آهي. اهڙي طرح انگريزن جي دور ۾ اهي ڪهڙيون حالتون هيون، جنهن جي ڪري انگريزن لاءِ سنڌي الفابيٽ ناگزير ٿي پئي هئي. اهي سڀ پنهنجي مضمون ۾ بيان ڪيو آهي. اهڙي طرح محترم نذر مهمد ڳاهو جي مضمون ”سنڌي ٻوليءَ جي رسم الخط ڪيئن ٺهي“. ۾ پڻ سنڌي عربي صورتخطي جي تاريخي تعلق ۽ رابطي سان گڏوگڏ انگريز سرڪار جي ڪردار کي بيان ڪيو ويو آهي.

”سنڌي ٻولي ۽ سنڌي صورتخطي“ جي عنوان وارو مضمون هڪ رٽائر استاد محمد يوسف ابڙي جو لکيل آهي. هن صاحب اسڪولن ۾ گرامر ۽ صورتخطي جي ڪرندڙ معيار تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ استادن ۽ شاگردن لاءِ خاص صلاحون ۽ گذارشون بيان ڪيون اٿائين ته ڪيئن، صحيح صورتخطي لکي سگهجي ٿي.هي مضمون موجوده حالتون سان ٺهڪندڙ آهي.

”سنڌي صورتخطيءَ جي بڻ بنياد تي عربيءَ جو اثر“ پروفيسر عبدالرحمان جسڪاڻي صاحب جو لکيل آهي. هي مضمون ڪلاچي جرنل ڊسمبر 2000ع تائين ورتل آهي. هي مضمون پڙڙهڻ کانپوءِ ائين ٿو لکي ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ جي ”سنڌي صورتخطي جو بڻ بڻياد“ جو اولڙو هجي.

”سنڌ ۾ خط نستعليق جو رواج“ ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري جو انگريزي ۾ لکيل مضمون هو، جنهن کي غلام محمد بلو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آهي. خيال آهي ته مڪليءَ قرآن شريف جي آيتن جي ڪنده ڪاري واسطو ٻاهرين صدي هجريءَ ۾ خط نستعليق استعمال ڪيو ويو. ارغونن ۽ ترخانن جي اچڻ کانپوءِ نظر اچي ٿو ته نستعليق جو استعمال تمام گهڻو وڌيو. اوائلي سنڌي ادب پڻ نستعليق ۾ لکيو ويو هو. ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاريءَ مڪلي جي ڪن فقرن جي تحقيق جي روشني ۾ هي مقالو لکيو آهي.

ڊاڪٽر هدايت پريم جو مضمون ”خدا واري لپي“ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هيءَ لپي خدا آباد ڏانهن منسوب آهي، جيڪا خدا آباد جا عالم اڪابر ۽ واپاري استعمال ڪند اهئا. انگريزن جي دور ۾ جڏهن سنڌي رسم الخط جو سوال اٿيو ته خدا واري لپي يا واڻڪا اکر به تجويز هيٺ آيا هئا. گنگارام سمراٽ سنڌ جو نالي وارو مؤرخ، محقق ۽ ماهر لسانيات ٿي گذريو آهي. سندس ڪتاب گيان سنڌ، مضمونن جو مجموعو آهي. مذڪوره مضمون ”هَت واڻڪي لپيءَ جو اتهاس ۽ پرمپرا“ سندس ڪتاب گيان سنڌي تان ورتو ويو آهي. مانواري محقق هن واڻڪي لپيءَ جي اهميت ۽ تاريخي پسمنظر کي شاندار نموني پيش ڪيو آهي. سندس تحقيق موجب هت واڻڪي جي ڀيٽ موهن جي دڙي واري لکت سان ڪئي ويندي آهي. هندو – سنڌي يعني هتائي لپي بلڪل براهمي ڍنگ ۽ سنڌ ماترائن سان لکي ويندي هئي. 19 صديءَ تان هت واڻڪا اکر ديوناگري ۾ لکيا ويندا هئا. ايتري قدر جو اسڪول جا سنڌي ٽيڪسٽ بوڪ ۾ به  ان لکپي ۾ لکيا ويندا هئا. ڊاڪٽر هدايت پريم جو مضمون ”سنڌي الف ب جي ارتقا ۾ سنڌي عالمن جو حصو“ ۾ مخدوم ابوالحسن کان وٺي ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌي عالمن جي سنڌي ٻولي جي لکت لاءِ ڪيل ڪوشش کي بيان ڪري واکاڻيو ويو آهي. سندس الف ب جي جوڙجڪ کي چارٽن وسيلي سمجهايو ويو آهي ۽ سندس شاعري مان حوالا ڏنا ويا آهن. ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ جو مضمون ”مخدوم ابوالحسن ٺٽوي“ انتهائي معلوماتي آهي. مخدوم  ابوالحسن کي سنڌي لپي جو  باني سمجهيو وڃي ٿو. ڊاڪٽر مانجهي صاحب مخدوم ابوالحسن جي حياتيءَ جي حوال سان گڏوگڏ سندس اولاد ۽ ٻولي ۽ تعليم جي سلسلي ۾ ڪيل گڏيل خدمتن جو جائزو ورتو آهي.

محترم آفتاب ابڙو صاحب، سنڌي رسم الخط جي ارتقا تي پي ايڇ دي ڪري رهيو آهي. ان سلسلي ۾ سندس ڪيترائي مضمون ۽ مقالي مختلف رسالن ۾ شايع ٿيندا رهندا آهن. هن ڪتاب ۾ سندس ٻه مقالا شامل آهن. جن ۾ يورپي عالمن ڪيپٽن جارج اسٽيڪ ۽ رچرڊ برٽن جون سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل خدمتون، اختلاف، ڪوششون، انتهائي تفصيل سان ڏنل آهن. اب؟ڙي صاحب ذاتي طور مون کي ٻڌايو ته هن پنهنجن انهن مضمونن کي وڌايو ۽ سنواريو آهي، جيڪي هن پاران جلد شايع ڪرايا ويندا.

”سنڌي ٻولي ۽ رومن رسم الخط“ نالي مضمون غلام محمد ڏيپر جو لکيل آهي، جيڪو هن هالال پاڪستان اخبار جي مدير جي لکيل هڪ ايڊيٽروريل جيو جواب ۾ لکيو آهي. روزانه هلال پاڪستان جي مدير ان زماني ۾ رومن اسڪرپٽ جي حق ۾ ايڊيٽوريل لکيو هو. هي اهو دؤر هو،جنهن ۾ رومن اسڪرپٽ تي تمام گهڻا بحث مباحثا ٿيا هئا. ڏيپرر صاحب  جو خيال آهي ته سنڌي زبان کي رومن اسڪرپٽ ۾ لکڻ نه گهرجي. ڇو جو اهو سنڌي ٻوليءَ جي مزاج جي خلاف آهي. هن صاحب مثالن سان ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ رومن اسڪرپٽ جي استعمال کي هاڃيڪار قرار ڏنو آهي. موجوده دفر جي گهرجن کي منظر رکندي محترم بدر ابڙي نئون خيال ڏنو آهي ته سنڌي ٻوليءَ بين الاقوامي صوتياتي الف ب متارف ڪرائجي. هن صاحب انٽرنيت وسيلي پنهنجي تهقيق جو دائرو ٺاهيو آهي ۽ مثال ڏيئي نئين الف ب جي سنڌي زبان لاءِ اهميت بيان ڪئي اٿائين.

ڪتاب ۾ آخري مضمون سلامتراءِ گرباڻيءَ جو لکيل آهي، جيڪو هڪ هندستاني رسالي تانکنيو ويو آهي. هن مضمون ۾ ان بحث تي تنقيدي جائزو ورتو آهي، جنهن ۾ هندستان جا سنڌي هڪ دفعو ٻيهر عربي ۽ ديوناگري لپي جي حق ۽ مخالفت ۾ دليل ڏئي رهيا آهن. مانواري ليکڪ کين عربي- سنڌي صورتخطي کي برقرار رکڻ جو مشورو ڏنو آهي.