سنڌي رسم الخط بابت مقالا ۽ مضمون

ڪتاب جو نالو سنڌي رسم الخط بابت مقالا ۽ مضمون
ليکڪ مختيار احمد ملاح
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-053-1
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (425) PDF  E-Pub
انگ اکر

12 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     4223   ڀيرا پڙهيو ويو

پنهنجي پاران


سنڌي رسم الخط جي باري ۾ اڄ ڪلهه ڪيترائي تبصرا، مباحثا ۽ اخباري خبرون پڙهڻ ۾ اچن ٿيون، انهن خبصرن ۾ الف ب جي تبديلي سميت، سائنسي محاورن ۽ اصطلاحن جي اڻاٺ، ڪمپيوٽر، انٽرنيت تي سنڌي لکت وارا سوال وغيره هوندا آهن. هن ڪتابب ۾ سمورا مضمون ۽ مقالا سنڌي رسم الخط جي باري ۾ آهن، جيڪي نالي وارن محققن جا لکيل آهن.

رسم الخط جي سلسلي ۾ ترتيب ٿيندڙ ڪتابن جا ڪيترائي جلي ٿي سگهن ٿا. مثال طور ديوناگري لپي وارا مضمون، عربي- سنڌي لپي وارا مضمون، سنڌي ٻوليءَ لاءِ رومن اسڪپرٽ وارا مضمون، انگريزن جي دور ۾ سنڌي الف ب جي ارتقا بابت مضمون، ڪلهوڙن جي دور ۾ يا اڳ ”سنڌين“ بابت مضمون يا مقالا وغيره وغيره.

هن ڪتاب جي سيهڙڻ وقت اهڙا کوڙ سارا بهترين مضمون هئا، جيڪي سنڌي لئنگئيج اٿارٽي طرفان شايع ٿيل مضمونن ۽ مقالن وارن جلدن ۾ اچي چڪا آهن. انهن کي به شامل ڪرڻ سان هيءَ ڪتاب اڃان به گهڻو معلوماتي ٿي سگهيو ٿي، بهرحال هن ترتيب ڏنل ڪتاب ۾ ڪيترن ئي نالي وارن عالمن ۽ اديبن جا مضمون ۽ مقالا مختلف رسالن، اخبارن ۽ ڪتابن تان کنيا ويا آهن. مان انهن سڀني ليکڪن، شايع ڪندڙ ادارن، پبلشرن ۽ ايڊيٽرن جو شڪرگذار آهيان. سندن ادبي شاهپارن کي گڏ ڪري عام پڙهندڙ ۽ ٻوليءَ جي محققن لاءِ سهولت ڪئي وئي آهي. جيئن هو آسانيءَ سان ان مان لاڀ حاصل ڪري سگهن.

سنڌي رسم الخط ۾ تحقيق ڪرڻ جي سلسلي ۾ مختلف مضمون ۽ مقالا ته تمام گهڻا لکيا ويا اهن پر ڪتابي صورت ۾ مڪمل ڪنهن هڪ محقق جو ٿيل ڪم ڪتابي صورت ۾ تمام گهٽ آهي. رسم الخط جي ميدان ۾ تحقيق جي لاءِ وڏو ميدان خالي آهي ۽ ضرورت به آهي، ڇو جو مستقبل جون تقاضائون پوريون ڪرڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ اڻ ٽٽر آهي.

هن ڪتاب جي شايع ٿيڻ جي سلسلي ۾ مان سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي سڀني آفيسرن ۽ ٻين ملازمن جو شڪرگذار آهيان، جن جي هٿان هي ڪتاب ڪمپوز ٿيو، پروف ٿيو، شايع ٿيو. سڀ کان گهڻو احسان مند آهيان ميڊيم ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ محترم تاج جويو صاحب جو، جن جي ڪري هي ڪتاب شايع ٿي سگهيو.

 

مختيار ملاح

ڪراچي

10- آڪٽوبر 2010ع