ڪتاب جو نالو | وڌي جڏهن آءٌ وڏو ٿيندس |
---|---|
ليکڪ | اسرار شام |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-9098-86-4 |
قيمت | 100 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (488) PDF E-Pub |
انگ اکر | 22 October 2019 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 13003 ڀيرا پڙهيو ويو |
ائڪٽ- 1 جاءِ: رستو ڪردار: پيءُ، پُٽ ۽ ڳوٺاڻو پردو کُلي ٿو. ڏيک: پيءُ پنهنجي شاگرد پُٽ کي آڱر کان جهلي اسڪول ڇڏڻ لاءِ وٺي وڃي رهيو آهي. سندس مُٺ تي ٻيڙيءَ جا ڪش آهن. پُٽ جي هڪ هٿ ۾ ڇاتي لاتل ڪتاب آهن ۽ ٻئي هٿ سان بسڪوٽ به کائيندو اچي ٿو ته ساڳئي هٿ سان ٻيڙي جي دونهي تي کنگهڪار ڪري ٿوته بسڪوٽ پٽ تي ڪري پويس ٿو. ____________________ پُٽ: (جهڪي بسڪوٽ کڻندي) بيهو بابا سائين! پيءُ: (هٿ جهليندي) نه پُٽ نه، هيٺ ڪريل ڪابه شيءِ نه کڻبي آهي. پُٽ: (معصوميت وچان) ڇو نه کڻبي آهي بابا؟ پيءُ: (سمجهائيندي) ان ڪري ته پَٽَ تي ڪريل شيءِ گندي ٿي ويندي آهي، جيڪي به ٻار پَٽَ تي ڪِريل شيون ٻيهر کڻي کائيندا آهن، ته فوراً بيمار ٿي پوندا آهن. پُٽ: پر بابا، ڪي ماڻهو ته پَٽَ تي ڪِريل ٻيڙيون به ته چونڊي پيئندا آهن نه؟ پيءُ: اها ٻي ڳالهه آهي. دراصل اهي ٻيڙين کي نه، پر ٻيڙيون انهن کي پيئنديون آهن!! پُٽ: ٻيڙي جي دونهين سان ماحولياتي گدلاڻ ۾ به ته واڌارو ٿئي ٿو نه! پيءُ: بابا،تون اڃا ننڍڙو آهين. توکي ڪهڙي خبر ته دل جي ڪارخاني کي هلائڻ لاءِ وات جي چمنيءَ مان دونهين کي درگذرڪرڻو ئي پوي ٿو! پُٽ: بابا، توهان به ته ٻيڙيون پيئو ٿا نه، توهان ۽ توهان جهڙا ڪروڙين ماڻهو دونهون ڇڏيندڙ ڪارخانا بڻجيو هلن ته پيا، پر شهرن ۾ لڳل هزارين ڪارخانن مان نڪرندڙ زهريلي دونهين به انسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. پيءُ: (ڪن کان جهليندي) ڇورا! اهي پَٽيون توکي ڪنهن پڙهايون آهن؟ پُٽ: ڪمال آهي بابا! اخبارن، ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي گهوڙا گهوڙا لڳي پيئي آهي ته وڌ ۾ وڌ وڻ پوکي ماحولياتي گدلاڻ جو خاتمو آڻيو. پيءُ: (زور سان ڳالهائيندي) پوءِ تون ۽ آئون ڇا ٿا ڪري سگهون؟ پُٽ: گوڙ شور سان ڳالهائڻ ڪري به آلودگيءَ ۾ اضافو ٿئي ٿو. ها! توهان کي اهو به ٻُڌائيندو هلان ته تعليم کاتي طرفان سنڌ صوبي جي سمورن ثانوي اسڪولن ۾، ماحول جي تحفظ واري صوبائي اداري جي تعاون سان ماحولياتي ڪلبن قائم ڪرڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي. پيءُ: پوءِ اهي ڪلبون ڪهڙا ڦاڙها مارينديون؟ پُٽ: انهن ڪلبن تحت اسڪولن ۾ وڻ پوکڻ، صفائي رکڻ، پوسٽر تيار ڪرڻ ۽ مضمون نويسيءَ سان گڏ تقريري مقابلا به ڪرايا ويندا. پيءُ: (ٻي ٻيڙي دکائيندي) چوين ته سچ ٿو پُٽ! پر آئون انهيءَ سلسلي ۾ تنهنجي ڪهڙي مدد ڪري سگهان ٿو؟ پُٽ: چوندا آهن ته هر ڳالهه هميشه پنهنجي گهر کان شروع ڪرڻ گهرجي. پيءُ: منهنجا پيءُ توکي ڄڻي گهر کان ڳالهه ته شروع ڪري چڪو آهيان نه! پُٽ: نه بابا نه! ٻيڙيءَ کي فورًا وسائي عهد ڪريو ته اڄ کان وٺي وري ٻيڙيءَ کي هٿ نه لائيندؤ. پيءُ: حاضر بابا! ٻيڙي ته هينئر ئي وسايان ٿو، پر قسم ماڻهين جي سامهون کڻندس، جنهن مون کي هيرايو هو...! (پيءُ پير مٿي کڻي پادر هيٺ ٻيڙي وسائي ٿو ته ڌو اچي پٽ تي پوي ٿو) پٽ: ڇا ٿيو بابا؟ پيءُ: (چيلهه کي هٿ ڏيئي اُٿندي) وارو ڪر ٻچڙا! پُٽ: (هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي) پوءِ بابا! آئون ڇا ڪريان؟ پيءُ: (خار مان ڏسي) مون کي اٿار ٻيو ڇا؟ پُٽ: (بي سمجهيءَ سان) نه بابا نه، آئون اوهان کي ڪونه اُٿاريندس! پيءُ: (رڙ ڪندي) اڙي نڀاڳا، ڇا پيو چوين؟ پٽ: (معصوميت سان) سويل اوهان ئي ته حڪم ڪيو هو ته پَٽَ تي ڪريل ڪابه شيءِ کڻڻ نه گهرجي! پيءُ: (حيران ٿيندي) پيءُ سان پلاند پيوڪرين ڇا- ڇورا؟ پٽ: توهان جي هدايتن تي عمل پيو ڪريان. چڱو بابا! مون کي دير ٿي رهي آهي، آئون هلان ٿو اسڪول. (پُٽ out ٿي وڃي ٿو) پيءُ: (ڪِنجهندي) اڙي- اڙي ڳالهه ته ٻُڌ! (هدايتون: اوچتو هڪ گوڏ پاتل پٺيءَ اگهاڙو ڪلهي تي ڪوڏر کڻي داخل ٿئي ٿو ۽ ڊوڙ پائي پيءُ کي سهارو ڏئي ٿو) ڳوٺاڻو: سائين! ڇا ٿيو؟ پيءُ: (اُٿي، چيلهه تي هٿ ڏيئي ڊگهو شوڪار ڀريندي) يَر، تنهنجا ٿورا. ڳوٺاڻو: مڙوئي خير آ سائين، ان ۾ ٿوري جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ پيءُ: ٿوري جي ڳالهه ناهي ته، منهنجي ڇوري جي ڳالهه ضرور آهي. ڳوٺاڻو: ڇا ’مطبل‘؟ پيءُ: اوهان جو اسم شريف؟ ڳوٺاڻو: (مُنجهندي) مون اوهان جو ’مطبل‘ نه سمجهيو چاچا چڱا! پيءُ: (ڪُلهي تي هٿ رکندي) ڀائو؟ مون اوهان جو اسم شريف پڇيو هو؟ ڳوٺاڻو: (ڪَن کي آڱر ڪندي) ها ها! سائين سچ ڄاڻو ته ننڍپڻ ۾ اُڙيو ٿڙيو پڙهيو ضرور آهيان، پر اَن ڏيئي، ان ڪري اسم شريف ته ڪونه ٿو اچي، پر دُرود شريف ضرور ٿو اچي. چئو ته...؟ پيءُ: (اڌ مان ڳالهه ڪَٽيندي) ادا منهنجا، مون اوهان کان اوهان جو نالو پڇيو... نالو؟ ڳوٺاڻو: (ڪنڌ ڌوڻيندي) ائين چئو نه سائين- منهنجو نالو چڀڙ آهي چڀڙ. خدا جي فضل سان ٽي پٽڙا به اٿم. هڪڙي جو نالو عبدالڪريم، ٻئي جو نالو فضل ڪريم آهي ۽ خيرن سان ٽيون ٻچڙو ڪالهه ئي ڄائو آهي، سوچيان پيو ته ڪهڙو نالو رکانس؟ پيءُ: (آڱرين تي ڳڻيندي) هڪ جو نالو عبدالڪريم، ٻئي جو نالو فضل ڪريم، ته پوءِ ٽئين جو نالو رک آئس ڪريم! ڳوٺاڻو: (خوش ٿي هٿ ملائيندي) واهه سائين واهه، واهه جو ’ڦيشني‘ نالو ٻڌايو اٿوَ؟ بس پڪ ڄاڻو ته منهنجي ٽئين پٽ جو نالو آئسڪريم ٿيو! پيءُ: پوءِ ان کي پيوکائجانءِ ۽ چٽجانءِ! ڳوٺاڻو: (نه سمجهندي) ڇا ’مطبل‘؟ پيءُ: (اشارو ڪندي) مطلب کي هڻ گولي- هو ڏس منهنجو ڇوڪرو پيو اچي. اچي ويو ته آئسڪريم مان به گدلاڻ ڪڍي، ٻنهي جي گُڏ ڪڍندي ويرم نه ڪندو، ان ڪري ڀڄ ته ڀڄئون. (ٻيئي آئوٽ ٿي وڃن ٿا.) ___________ * پردوڪري ٿو*___________