سنڌي ٻولي (جون 2017ع )

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻولي (جون 2017ع )
ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN ISSN: 2519-9765
قيمت 120    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (924) PDF  E-Pub
انگ اکر

15 June 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     277505   ڀيرا پڙهيو ويو

    ڪتاب بابت


    ايڊيٽوريل
    اسان پنهنجي وت آهر ڪوشش ڪئي آهي ته ’سنڌي ٻولي‘ تحقيقي جرنل نه رڳو وقت تي ڇپجي پڙهندڙن تائين پهچي، پر ان جو معيار پڻ برقرار رهي. ان سلسلي ۾ ماهرن جي ڪميٽيءَ جا ميمبر به مڪمل سهڪاري آهن، جيڪي اسان طرفان موڪليل مقالن کي غور سان پڙهي وقت سِر پنهنجي ماهراڻي راءِ موڪلين ٿا. اسان وٽ ڪجهه مقالا اهڙا به اچن ٿا، جن جي مَتن يا خيال سان ماهر متفق ناهن هوندا، تنهن هوندي به انهن جو خيال آهي ته تحقيق ۾ نوان موضوع ۽ نوان لاڙا اچڻ گهرجن، ڇنڊڇاڻ ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪنهن کي اختلاف هوندو ته هُو انهيءَ موضوع تي ٻئي رُخ کان تحقيق ڪندو ۽ اسين موٽ ۾ ايندڙ اهو مقالو به شايع ڪنداسين، پر شرط اهو آهي ته اهڙو مقالو تحقيقي اصولن کي آڏو رکي لکيو وڃي. هن تحقيقي جرنل جي نئين سلسلي جو هيءُ ٽيون پرچو آهي، جنهن کان پوءِ اسين هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي رجسٽريشن واري مرحلي ۾ وينداسين ۽ پُر اميد آهيون ته ’سنڌي ٻولي‘ تحقيقي جرنل جو ايندڙ شمارو HEC وٽان رجسٽرڊ تحقيقي جرنل طور شايع ٿيندو.
    هن تحقيقي جرنل جي نالي مان ئي ظاهرآهي ته اهو سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۽ ترويج ۾ ڪردار ادا ڪندو، تنهنڪري اسان هن جرنل ۾ سنڌي ٻوليءَ بابت لکيل مقالن کي ترجيحي بنيادن تي شايع ڪندا آهيون، گڏوگڏ سنڌي ادب جي سڀني صنفن تي لکيل مقالن کي به جاءِ ڏني ويندي آهي. هن تحقيقي جرنل ۾ هر اسڪالر لاءِ لکڻ جا دروازا کليل آهن. خاص طور ايم. فل۽ پي.ايڇ.ڊي ڪندڙ شاگردن لاءِ هيءُ جرنل بهتر موقعو فراهم ڪري ٿو، جيڪڏهن ماهرن طرفان مقالن ۾ ڪا ترميم يا ضروري درستگيءَ جا رايا ايندا آهن، ته اسين مقالانگارن کي گهربل تبديلين لاءِ مشورا ۽ وقت ڏيندا آهيون، ته جئين وقت سر سندن مقالو شايع ٿي سگهي . سنڌ ۾ نوجوان اسڪالر تيزيءَ سان اڀري رهيا آهن. هلندڙ ڏهاڪي ۾ تمام گهڻا نوجوان اسڪالر ڪراچي يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي، شاهه لطيف يونيورسٽي ۽ وفاقي اردو يونيورسٽيءَ ۾ ايم. فل ۽ پي.ايڇ. ڊي ۾ رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن، جن ۾ گهڻا نوجوان محنتي ۽ مطالعي سان دلچسپي رکن ٿا، وٽن عزم، همت ۽ جوش آهي ، ته هو تحقيقي ميدان ۾ هڪ نئون روح ڦوڪين، نوَن موضوعن تي ريسرچ ڪن. اها مثبت تبديلي آهي، جنهن کي ڀليڪار ڪرڻ گهرجي. اسان جو هي ريسرچ جرنل اهڙن نوجوانن لاءِ اُتساهه جو سبب بڻجندو.
    هي تحقيقي جرنل اوهان اداري جي ويب سائيٽ www.library.sindhila.org تي آن لائين پڻ آسانيءَ سان پڙهي ۽ ڊائونلوڊ ڪري سگهو ٿا، اميد آهي ته سنڌي شاگرد، سنڌي اديب ۽ سنڌي ساڃاهه وند طبقو هن تحقيقي جرنل مان لاڀ پرائيندو.
    ايڊيٽر