سنڌي ٻولي (ڊسمبر 2016 )

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻولي (ڊسمبر 2016 )
ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 2519-9765
قيمت 120    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (732) PDF  E-Pub
انگ اکر

12 April 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     319535   ڀيرا پڙهيو ويو

    ڪتاب بابت


    ايڊيٽوريل سنڌي ٻولي تحقيقي جرنل جو تازو شمار توهان جي هٿن ۾ آهي، هن نئين سلسلي جو هيءُ ٻيو پرچو آهي، ٽيون پرچو اچڻ کان پوءِ اسان هن جرنل کي HEC کان رجسٽرڊ ڪرائينداسين، اسان ڪوشش ڪئي آهي ته هن جرنل جو معيار اڪيڊمڪ هجي ۽ منجهس شايع ٿيندڙ سڀئي تحقيقي مقالا عالمي معيار جا هجن، تنهن جي باوجود به تنقيد جا دروازا کليل آهن، ٿي سگهي ٿو اڃان توهان جي عالماڻي راءِ اسان جي رهنمائي ڪري. تحقيق نهايت ڏکيو موضوع آهي، تحقيق ڪرڻ لاءِ هڪ مزاج کپي، جاکوڙ ۽ فن کپي، تحقيق موضوعي دنيا کي معروضي ثبوتن سان جوڙي اهو نتيجو ڪڍي ٿي ته اسان جو انومان غلط آهي يا صحيح! ڇوته تحقيق ڪرڻ جو بنيادي مقصد نئين خيال يا هلندڙ راءِ ۽ نظريي جي تصحيح يا ترديد ڪرڻ آهي، ان ڪري ڪيترن مقالن جي نتيجي سان اسان جو اختلاف پڻ ٿي سگهي ٿو. ڪيترا اهڙا مقالا اسان وٽ اچن ٿا، جن جي تحقيقي نتيجي سان اسان متفق ناهيون هوندا، پر پوءِ به تحقيق جو بنيادي شرط ئي اهو آهي، ته توهان نون خيالن ۽ نون انومانن کي نئين سري سان ڏسو، متان ڪا ڳالهه توهان کان لڪل رهجي ويئي هجي. انهيءَ ڪري اسان انهن تحقيقي مقالن جو فن، مواد ۽ علمي اهميت متعلق مقرر ڪيل ماهرن کان راءِ وٺي پوءِ پڌرو ڪريون ٿا.
    هيءُ تحقيقي جرنل، سنڌي ٻوليءَ، ادب، تاريخ، ثقافت ۽ لوڪ ادب جي سڀني موضوعن تي مشتمل تحقيق شايع ڪري ٿو. تنهن ڪري هيءُ جرنل اسان جي سڀني تحقيقڪارن، استادن ۽ ريسرچ ڪندڙ شاگردن لاءِ هڪ وسيع ميدان مهيا ڪري ٿو، ته هو پنهنجي تحقيق هن جرنل ۾ شايع ڪرائي پنهنجي اڪيڊمڪ گهرجن کي پورو ڪري سگهن. اسان کي اڪثر اهڙا مقالا ملن ٿا، جن جو تت (Abstract) لکيل نه هوندو آهي يا وري حوالا درست طريقي سان ڏنل نه هوندا آهن، اهڙن مقالن کي شايع ڪرڻ اسان لاءِ ڏکيو هوندو آهي، تنهن ڪري تحقيق ڪندڙ انهيءَ ڳالهه کي ضرور نظر ۾ رکي ته مقالو HEC جي مقرر معيار مطابق هئڻ گهرجي.
    گذريل جرنل، جيڪو هن سلسلي جي پهرين ڪڙي هئي، انهيءَ کي گهڻن عالمن، اديبن ساراهيو ۽ خطن، ايس.ايم.ايس ۽ اي_ميل ذريعي اسان جي همت افزائي ڪئي، اسان سندن ٿورائتا آهيون.

    پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ
    ايڊيٽر