ڪراڙ جا ڪنول
سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي آن لائين ڪتابي سلسلي جو هيءُ ٽيون ڪتاب پيش ڪندي، آئون نھايت خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان. هيءُ ڪتاب ٻارن لاءِ اصلاحي ۽ نصيحت آميز آکاڻين تي ٻڌل آهي، جيڪو ٻارن جي نامور اديب اياز پاٽوليءَ جو لکيل آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻارن جي ادب جي اشاعت ۽ واڌ ويجهه جي ڏس ۾ اياز پاٽوليءَ جو وڏو ڪم ۽ ڪردار آهي. هن ٽنڊي محمد خان ۾ ’اداره گلشن ادب‘ جي پليٽ فارم تان سنڌي ٻارن لاءِ سوين ڪتاب شايع ڪرايا، اهڙي ريت اياز پاٽولي ’بز م گلشنِ سنڌ‘ نالي ٻارن جي علمي ۽ ادبي تنظيم قائم ڪري، سنڌ ۾ ٻارن لاءِ وڏو ادبي ماحول پيدا ڪيو. هن ڪتاب ’ڪراڙ جا ڪنول‘ ۾ ٻارن لاءِ ڪي ڪھاڻيون، اياز پاٽوليءَ جون پنھنجون لکيل آهن، ته ڪي وري لوڪ ادب مان ورتيون ويون آهن. اسان سمجهون ٿا ته ڪنهن به ٻوليءَ جو ’ٻاراڻو ادب‘ ئي اُن ٻوليءَ جي واڌاري ۽ ترقيءَ جو اهم سبب هوندو آهي، جو ان ذريعي ئي ٻوليءَ جي نسل در نسل واڌو ويجهه ٿيندي آهي. اميد آهي ته هيءُ ڪتاب سنڌ جي ٻارن لاءِ هڪ سُٺو ادبي تحفو ثابت ٿيندو. ڪتاب کي ٻارن لاءِ دلچسپ بنائڻ لاءِ ڪهاڻين جي نسبت سان تصويرون پڻ شامل ڪيون ويون آهن ته جيئن سنڌي پڙهندڙ ٻار هن ڪتاب جي آکاڻين مان وڌ ۾ وڌ لطف اندوز ٿي سگهن.
- ليکڪ: اياز پاٽولي
- زمرو: اڻ ڇپيل ڪتابَ
- پبلشر: سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
- عالمي ڪتاب نمبر: 978-969-625-166-8
- ڇپائي جو سال: 0
- پي ڊي ايف ڊائونلوڊ: 15
- اي-پب ڊائونلوڊ: 2.2Kg


