مدح نامه سنڌ

ناشر پاران <br> سنڌي ٻوليءَ جي قديم اسلامي ادب کي جديد ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ يا جديد صورتخطيءَ ۾ آڻڻ واري رٿا هيٺ هيءُ ڪتاب ”مدح نامه سنڌ“ شايع ڪري رهيا آهيون، جيڪو ڪلهوڙن جي دؤر جي مشهور عالم ۽ استاد مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ فارسيءَ ۾ لکيو هو، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو مولانا محمد ادريس ڏاهريءَ ڪيو آهي. هن ڪتاب جي اهميت نه صرف قديم هئڻ ڪري آهي، بلڪه هن ۾ سنڌ جي هڪ عالم جو پنهنجي محبوب وطن ۽ ان جي رهواسين جي لاءِ عميق احساس نمايان آهي. ڏٺو وڃي ته هونئن عام ماڻهوءَ کي عام حالتن ۾ پنهنجي ديس واسين سان محبت هئڻ جو ايترو احساس ڪونه هوندو آهي، پر جڏهن هو انهن کان پري هوندو آهي يا ڪا آفت ۽ مصيبت ايندي ڏسندو آهي يا وري ڪنهن غير کي انهن جي گلا ڪندي ڏسندو/ ٻڌندو آهي ته سندس حب الوطنيءَ جو جذبو جاڳي پوندو آهي ۽ سندس وطن جي وڻ وڻ سان واڳجي، وطن واسين جي ورونهن سان ٽمٽار ٿي، ان جي واکاڻ ۾ جهڙو ڪر اٿلي پوندو آهي. اهڙو ئي جذبو اسان کي هن ڪتاب ۾ محسوس ٿئي ٿو. سنڌ ملڪ ۽ سنڌ واسين جي ساراهه ۾ چيل هيءُ بيان، ڪنهن عام شاعر جو بيان ڪونهي، بلڪه هڪ عالمِ دين جو آهي، ان ڪري هن ۾ هو پنهنجي علم ۽ دانش کي مذهبي عقيدي کانسواءِ نظرياتي ۽ مسلڪ واري وابستگيءَ کي به شامل ڪري ٿو. ممڪن آهي ته ان سان ڪن کي اختلاف هجي، پر وطن جي واکاڻ ۾ لکيل هي ڪتاب بهرحال هڪ عالم جي جذبن ۽ احساسن جي ڀرپور عڪاسيءَ سبب وڏي اهميت رکي ٿو. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي همعصر هن بزرگ جي تحرير جو انداز ۽ متن ڀٽائيءَ کان يقيناً مختلف آهي، سندن مسلڪ به ڌار هئا، سوچ ۽ لوچ جو دائرو به بنهه الڳ هو، پر سنڌ ساڻيهه لاءِ جذبو جدا ڪونهي. ڀٽائيءَ، مارئيءَ جي زباني شاعريءَ ۾ پنهنجو اندر اوتي رکيو آهي ۽ ڪيترين ڳالهين ۾ سندس مخالفت ڪندڙ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ کان وري پنهنجي وطن ۽ وطن وارن خلاف ڪيل ڳالهه برداشت نه ٿي آهي، ۽ هن انهيءَ جو عالمانه انداز ۾ فارسي نثر ۾ جواب ڏنو آهي. اهو سنڌ جي ساراهه جو هڪ قديم انداز آهي، جيڪو اڄ جي پڙهندڙن کي ڏيکارڻ مقصود هو. اميد ته پڙهندڙن کي هيءُ ڪتاب پسند ايندو. <br> ڊاڪٽر فهميده حسين<br> چيئرپرسن<br> سنڌي لئنگئيج اٿارٽي

  • پي ڊي ايف ڊائونلوڊ: 15
  • اي-پب ڊائونلوڊ: 2.2Kg
قيمت

80 روپيا

ڊائونلوڊ ڪريو

ھارڊ ڪاپِي ۾ خريد ڪرڻ چاھيو ٿا؟ رابطو ڪريو

ناياب ڪتاب زمري جا ٻيا ڪتاب